پروفيسر شيامداس جوشي
مٺي جو وڏو ودوان، ترجمي
نگار، ليکڪ
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
پروفيسر شيام داس جوشي جي من ۾
سامي وانگر ويدانتي واڻي ڌرتي جي ڊگهي تاريخ ۽ پراچين دور کان به آڳاٽي سڀيتائي سوچ
ويچار جو پڙاڏو بڻجي گونجندي هئي پر هن ڪڏهن سامي کان سام نه ورتي. هو سنڌ جي ‘سئنڌ
ورڻيه’ برهمڻن جي انهي شاخ سان تعلق رکندو هو، جنهن کي ‘پشڪرڻا برهمڻ’ به سڏيو
ويندو آهي. هن جا وڏا صدين جي سفر ۾ ننگر ٺٺي کي ڇڏي عمرڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان
سوڍن جي صاحبي دوران عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ وهري وٽ ‘برهم ڀوجن ’جي آڙ ۾ ‘برهم هتيا’ جي
واقعي تي سوڍن جي ‘گرو يجماني’ جو بائيڪاٽ ڪري مٺي پهتا. واري جي دڙن جي وچ ۾ آباد
مٺي جي شهر هن جي هر پيڙهي کي پيار ڏنو، مان ۽ مريادا سان پنهنجائپ ارپي پنهنجو ڪيو.
پروفيسر شيام داس جوشي صحرا جي
سانجهي ۾ آڪاش ڏانهن نهار وجهندو هو ته اڀ جا نو لک تارا ڏيئن وانگر ٻرندي محسوس ٿيندا
هئا ۽ ڀرسان سهائي پک ۾ چندرما پرڪرتي جو پوڄاري لڳندو هو. هن جي تحت الشعور ۾ تري
ايندي هئي قديم ديو مالائي ڪٿا جنهن موجب چنڊ کي به مانس ديهي هوندي هئي، هو ‘پرش
۽ پرڪرتي’ جا گيت سرجيندڙ ڪوي هوندو هو پر ڪنهن ڳالهه تان هن کي پاروتي سراپ ڏنو، انهي
کان پوءِ مانس ديهي مان گرهه بڻجي ڀٽڪي رهيو آهي. هو پرهه ٽاڻي مندر جو گهنڊ وڄائي
آرتي جو آرنڀ ڪرڻ کان اڳ ۾ پاريهر جي ڳٽ ڳٽ ۽ مورن جا ٽهو ڪا ٻڌندو هو. ڳيرن جي
‘گهگهوگهو’ هن کي روي شنڪر جي ستار کان به مٺي لڳندي هئي. پرڀات جي پاڪ پويتر
منظرن سان هن جي سيتل آتما ۾ هڪڙي تازگي ۽ توانائي واري تحرڪ پيدا ٿي پوندي هئي.
هو پنهنجي من جي سانوريئي جي سار ۾ ‘گوپي گيت’ ڳائيندو ‘پوڄا پرڻام ’ ڪرڻ جي لاءِ
پنڌ پوندو هو، هن جي پراٿنا جا پهرين ٻول هوندا هئا ته؛
‘تمسو ما جيوتر گميه’
‘مون کي انڌڪار مان ڪڍي پرڪاش ڏانهن
وٺي هل’.
پروفيسر شيام داس جوشي نه رڳو ڪوي
ڪاليداس ۽ ڀرتري هري جي ڪوتا جي ٻولي سنسڪرت کي ڄاڻيندو هو پر ڀڳتي تحريڪ جي ڪوي
سنت تلسيداس جي ٻولي‘ اوڌي ڀاشا’، سنت سورداس ۽ بهاري لال جي ٻولي ‘برج ڀاشا، نرسي
مهتي جي ٻولي گجراتي، ميران ٻائي جي ‘راجسٿاني’، وديا پتي جي ٻولي ميٿلي، جئديو جي
ٻولي هندي، وليم شيڪسپيئر جي ٻولي انگريزي، امير خسرو جي ٻولي ريخته ۽ مرزا غالب
جي ٻولي اردو سميت مختلف ٻولين تي پوري ريت دسترس رکندو هو. هن مختلفن ٻولين مان پنهنجي
پسند جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪري سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وجهڻ سان گڏ پنهنجي وسيع
مطالعي ۽ مشاهدي سان طبعزاد ڪتاب پڻ لکيا. هو پنهنجي دور جو وڏو ڌرمي اسڪالر،
مترجم، ليکڪ، تعليمدان، ماحول دوست ۽ سماج سڌارڪ هو.
پروفيسر شيام داس جوشي روايتي پنڊتن
وانگر رڳو ‘ڌرم جي ڪڙي’ ۾ بيهي شاسترن جي ‘سمتو يوگ’، ‘ڪرم يوگ’، ‘وشو ڀاونا، ‘لوڪ
هت’ ۽ ‘شيل’ جي سکيا تي زور نه ڏيندو هو پر جديد دور جي علمن جي آرسي ۾ ماڻهو جي
ذهني سگهه، سماج جي صورت ۽ بين الاقوامي ڀائيچاري بابت ودوانن جي ويچارن کي مطالعي
هيٺ آڻڻ جي لاءِ پنهنجن پڙهندڙن ۽ شاگردن کي اتساهيندو هو. پروفيسر شيام داس
پنهنجي مزاج ۾ ٿورو سخت ضرور هو پر پنهنجي سوچ ويچار ۽ نقطا نظر سان اختلاف راءِ
رکڻ جي کليل دل سان اجازت ڏيندو هو ۽ موٽ ۾ پنهنجو موقف به مناسب لفظن ۾ پيش ڪندو
هو. هڪ انسان جي حيثيت سان زندگي جي سفر ۾ ڪميون ڪوتاهيون پروفيسر شيام داس جوشي
کان به ٿيون هونديون پر مجموعي طور تي هو مرياده ۽ ماڻهپو رکندڙ با اخلاق انسان هو.
پروفيسر شيام داس جوشي کي ڪاليداس
کان وٺي ڀڳت ڪبير تائين، ڀڳت ڪبير کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين ننڍي کنڊ جي
اوچ ڪوٽي ڪوين جي ڪوتا ۾ هڪ ئي پريم جو پيغام مليو. هو پنهنجي ڪل ڄمار جي پورهئي ۽
پنڌ سان پيار ڪري شيخ اياز جي ٻولن ۾ چوندو هو ته؛
وڃان ٿو
وينجهار، ڏئي موتي اڻ ميا،
صديون
پيا سنجهبا، جن جا ڍير هزار،
ٻڏي
سوچ ويچار، پرکندا مون پارکو.
پروفيسر شيام داس جوشي ڀڳتي
تحريڪ جي هُن ڪوي جي جڳ مشهور تخليق ‘رام چرت مانس’ جو سنڌي ترجمو ڪيو، جنهن جو هڪ
دوهو صدين کان وٺي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سوني وانگر چمڪندو رهيو آهي ته؛
تلسي
ايسي پريت نه ڪريو، جيسي لمبي کجور،
ڌوپ
لگي تو ڇائون نهين بوک لگي تو ڦل دور.
هن رام چريت مانس جي ٻن ڀاڱن
سان گڏ سنت موراري ٻاپُو جي رامائڻ جي اڀياس کي سنڌي ويس ڍڪايو، پر هن جي نامياچاري
شريمد ڀڳونت گيتا جي انهي ترجمي سان ٿي، جنهن ترجمي ۾‘شريمد ڀڳونت گيتا جو اصل سنسڪرت
وارو شلوڪ سنڌي لپي ۾ ڏيئي هيٺ ترجمو ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.
پروفيسر شيامداس جوشي ڄاڻيندو
هو ته ڀڳت ڪبير اها سٽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ چئي آهي ته؛
نرگن ڪي
آگي سرگن ناچي، باجي سوهنگ تورا
پر پاڻ ‘سرگن’ ڀڳتي جو شيوڪ هو،
ميران ٻائي وانگر نند گوپال جي نيهن ۾ بي چين تي آلاپيندو هو ته؛
اي اوڌو!
همين شيام سُندر ملا دي، شيام همري جان هي.
شيام
همري هرديه بست هي، شيام همرا پِراڻ هي.
مٺي جي هن وڏي ودوان، تر جمي
نگار ۽ ليکڪ پروفيسر شيام داس جوشي ۱۵ مئي ۱۹۳۰ع تي مٺي ۾ پُشڪرڻا برهمڻن جي پراشر گوتر سان تعلق رکندڙ اَمولک داس چهوٽيا
جوشي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي اَباڻي شهر مٺي مان حاصل ڪئي پر
مئٽرڪ جو امتحان هن بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيو. هن کي پهرين سرڪاري نوڪري روينيو
کاتي ۾ ملي هئي پر هن وڌيڪ ‘پڙهڻ ۽ پڙهائڻ’ کي اوليت ڏيندي اتي گهڻو وقت ٽڪا نه ڪيو.
گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص،لاڪاليج حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريگيولر شاگرد رھي
ايم ايس سي، ايل ايل بي، ايم اي اڪانامڪس ۽ ايگريڪلچر اڪنامڪس ۾ ايم اي جون ڊگريون
حاصل ڪري اچي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۾ اسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، اتان وري سنڌ
گورنمينٽ جي سنڌ يونيورسٽيءَ سان جڙيل ڪاليجن ۾پروفيسر مقرر ٿيو، پهرين گورنمينٽ ڪاليج
ٽنڊو جان محمد ۽ پوءِ گورنمنيٽ ڪاليج مٺي بدلي ٿي آيو. مٺي ڪاليج ۾ پرنسپال
ذميواري ڏني ويئي. مٺي ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ علم جي آبياري ڪرڻ سان گڏ ڪاليج
جو وسيع پلاٽ مخصوص ڪرائي وڻن جون قطارون پڻ لڳرايون. ۱۹۸۲ع ۾ هن مٺي ڪاليج جي پرنسپال جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائرمنٽ ورتي پر
هن عملي طور پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن ‘رٽائر’ محسوس نه ڪيو. هن پنهنجي ‘سيڪنڊ جاب’ طور سماجي
اڳواڻ نند لال نندن ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ سان گڏجي سماجي سڌاري جي جستجو ڪرڻ ۽ ڌرمي گيان
ڌيان جي پرچار ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ ۾ اڳي کان اڳرو ٿي خدمتون ارپڻ شروع ڪيون. ڊاڪٽر
هرچند راءِ جڏهن مٺي ايندو هو تڏهن پروفيسر شيام داس جوشي سان ضرور ملندو هو.
آئون جڏهن هاءِ اسڪول مٺي ۾ پڙهندو
هوس تڏهن پروفيسر شيام داس جوشي مٺي جي ڪرشنا مندر ۾ شريمد ڀڳونت گيتا جو گيان ڏيندو
هو.. انهن ڏينهن ۾ ارجن ڀڳت به مٺي ۾ متعارف ٿيو هو ۽ ‘پريا درشي اشوڪا’ جو به مٺي
۾ ليڪچر رکايو ويو هو، جنهن جو گهڻن ڏينهن تائين تذڪرو پيو هلندو هو.اشوڪا کي ننڍي
کنڊ جي ڪلاسيڪل شاعري گهڻي ياد هئي. سائين پروفيسر شيام داس جوشي جي گيان ڏيڻ جو
پنهنجو رنگ هوندو هو پروفيسر شيام داس ڪلاسيڪل شاعري سان گڏ ڌرمي پشتڪن جا حوالا ڏيئي
چوندو هو ته ‘پهرين انسانيت سان پيار ڪريو، پوءِ شيوا ڪريو، انهي کان پوءِ اپديش ڪريو.
هر ڪنهن جي لاءِ ديا ڪرپا ۽ آشيرواد رکو، پوءِ پاڻ کي پاڻ ٺاهيو.
منهنجي پروفيسر شيامداس سان
پهرين ملاقات مٺي جي ڪرشنا مندر ۾ ٿي هئي پر تفصيلي ڪچهري هن جي گهر ٿي هئي. انهن ڏينهن
۾ مون تازو ايس ايس ساردا ۽ دليپ بوس جو لکيل ڪتاب ‘گيتا هڪ اڀياس’ پڙهيو هو، جنهن
جو سنڌي ترجمو سائين وليرام ولڀ ڪيو هو، هن ڪتاب ۾ ‘شريمد ڀڳونت گيتا’ جي حوالي
سان ڪڙي تنقيد ٿيل هئي. ڪچهري ۾ مون انهي ڪتاب ۾ اٿاريل نقطن جي حوالي سان ڪيترائي
تکا سوال ڪيا هئا پر سائين پروفيسر شيام داس جوشي انتهائي پيار، پنهنجائپ شائستگي
سان جواب ڏنا. هن ٻڌايو ته انهي تنقيد جي جواب ۾ مون هڪ ليک به تيار ڪيو آهي. موڪلائڻ
وقت هن ‘ گيتا هڪ اڀياس’ جي جواب ۾ پنهنجي تنقيدي ليک سان گڏ ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي
جي ٿري ٻولي تي ٿيل تحقيق (پي ايڇ ڊي مقالي جي ڇپيل ڪتاب) ‘سنڌي ۽ ٿري‘ جي ڪاپي ڏني.
پروفيسر شيام داس جوشي ناليواري
عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت مختلف سنڌي اديبن عالمن سان هندي،
ديوناگري ۽ سنسڪرت سميت مختلف ٻولين ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذايب، ادب ۽ آرٽ بابت لکيل
مواد کي سنڌي لپي ۾ اتارڻ ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ وڏو سهڪار ڪيو. خاص طور قاضي قاضن جو ڪلام
جيڪو ديو ناگري لپي ۾ مليو هو. ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۸ع تائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پروفيسر شيام داس جوشي سان خط و ڪتابت رهي. نامياري
اديب تاج جويي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري شپ دوران مختلف وقتن تي پروفيسر
شيام داس جوشي کان ضرورت پوڻ تي سنسڪرت، هندي ۽ ديوناگري جي حوالي سان مدد ورتي، پروفيسر
شيام داس تاج جويي کي خط لکي سنڌي ٻولي جي حوالي سان صلاحون به ڏيندو هو.
۲۰۱۱ع ۾
سائين تاج جويو، پيارو احمد سولنگي، مٺڙو رکيل مورائي گڏجي چيلهار آيا، اسان گڏجي مٺي
وياسين. مٺي ۾ سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعر پروفيسر سائينداد ساند سان ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ
سائين پروفيسر شيامداس جوشي سان ملياسين. احمد سولنگي اتي پراڻي مندر تذڪري وارو پنهنجو
نظم ٻڌايو؛
هڪڙي
مالها سوري
ڏور
پُراڻي هُن مندر ۾،
سوچون،
سندر سپنا گهوري،
هڪڙي
مورت پوڄي پڳلي،
هڪڙي
مالها سوري!
هڪڙي
من – موهن لئه هُن جا، ڇُلڪن نيڻ ڪٽورا،
ڪنهن
پل هُن کي چينُ نه آهي، هر پل هورا کورا،
ريجهائي
ٿي ڄاڻي پوءِ به، هينئڙو هوري هوري،
هڪڙي
مالها سوري
ڪهڙي
گيانيءَ ۽ اگيانيءَ، ماڻيو من جو موتي،
هڪ پل
آهي جيون- مايا، هڪ پل جيون جوتي،
هڪڙي
پل ۾ ڪير کڻي ٿو، سُک ۽ دُک کي توري،
هڪڙي
مالها سوري!
پروفيسر شيام داس جوشي نه رڳو
احمد سولنگي جو نظم غور سان ٻڌو پر هن هندي شاعري ۾ پرم مارگ جي باني ملڪ محمد جائسي
جي سنگار رس ۾ سرجيل ‘پدماوت’ جا شعر ۽ سنسڪرت ڪوي جئديو جي ‘گيت گووندا’ جا ٻول ٻڌائڻ
سان گڏ شو جي ٽانڊو ناچ تي تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٽانڊو ناچ جا ڪيترا انگ، ڪيترا
نمونا ۽ ڪيترا اصول آهن. ٽانڊو ناچ جو انگ رُدرا ٽانڊوَ، موت جي ناچ ڏانهن ڇو
منسوب آهي ؟ ۽ هن ناچ جي مکيه ستن انگن ۾ ردرا ٽانڊو، انندا ٽانڊو، تري پردا ٽانڊوَ،
سنڌيا ٽانڊوَ سمهارا ٽانڊوَ ڪالي با ڪالڪا ٽانڊوَ، اما ٽانڊو ۽ گهوري ٽانڊو جا رنگ
ڪهڙي ريت ادا ٿيندا آهن. ڀرت رشي جي جڳ مشهور ڪتاب ‘نٽ شاستر ’ جي ڪهڙي باب ۾ ٽانڊو
ناچ جا ڪهڙا ۳۲ انگ ۽ ۱۰۸
نمونا ڏنل آهن. نٽ شاستر ۾ ڪرن يا ڪرنا جي معني ڇا آهي.
ناچ دوران هٿن جي اشارن جو پيرن جي کڄڻ سان ميلاپ ڪهڙي اهميت رکي ٿو. هن ناچ جي
اصولن ۾ ڪهڙو اصول شرشٽي (تخليق يا ارتقا) شيٽي (سنڀال، سهاري ) سمهارا (تباهي تروڀوا
(نظربندي/ نظر جي دوکي) ۽ انوگرها (ڇوٽڪاري) جي نمائندگي ڪري ٿو. شو کي ريجهائڻ
لاءِ پاروتي ديوي ٽانڊو ناچ جي ڪهڙي رمت رمندي هئي. لسيا (Lasya) ٽانڊو ناچ کي جرين لسيا ۽ يو واڪا لسيا جي نمونن ۾ ڇو ورهايو ويو
آهي. لسيا (Lasya) ٽانڊو ناچ جا ڪهڙا انگ
شائستگي، شانتي، دل آويزي جو روپ آهن.
پروفيسر شيام داس جوشي جوتش وڌيا جو ڄاڻو هو،
مون کي خبر نه آهي ته، ڪيترن ماڻهن ستارن جي علم ذريعي هن کان جنم ڪنڊليون تيار ڪرايون؟
هن پاميسٽري جي اک سان ڪيترن ماڻهن جي هٿ ريکائن کي ڏٺو؟ پر هن سنڌي ٻولي ۾ جوتش
جي حوالي سان ‘ گهريلو جوتش جي نالي سان هڪ آسان ٻولي ۾ بهترين ڪتاب لکيو جنهن جي
آڌار هڪ عام پڙهندڙ ستارن جي علم جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن شادي مرادي جي
رسمن تي ‘وواهه پدتي ’ جي نالي سان سنسڪرت جي شلوڪن ۽ ودي بابت ڪتاب لکيو، جيئن
عام ماڻهو انهن منترن ۽ رسمن کان آگاهه ٿي سگهي. يوگ جي موضوع تي هن يوگيندر
وگياني جي جڳ مشهور ڪتاب مها يوگ وگيان جو سنڌي ترجمو ڪيو اهڙي طرح ‘پشپ واٽڪا’،
‘منتر ا ولي،‘ ڀجنا ولي’، ‘شبدا ولي’ ‘هندو ڌرم تي ڪجهه مضمون’، ‘شريمد ڀاڳوت پراڻ’
‘هندوئن جا ورت ۽ تهوار’، ‘نتيه نيميتڪ ڪرم، ‘هند ۽ سنڌ ۾ مسلمانن جي آمد ۽ اسلامي
حڪومت جو آغاز’ سميت ۴۰ کان ڪتاب
پڙهندڙن کي ڏنا.
پروفيسر شيام داس جوشي ‘سوڍن جي
صاحبي‘ تي ‘سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جهلڪ’ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو
پروفيسر شڪتيڏان چارڻ جي ڪتاب ‘سوڍائڻ’ جي آڌار لکيو، جنهن ۾ ڪوي چمن چارڻ ۽ بانڪيداس
چارڻ جي ڪوتائن جو به تذڪرو آهي.
پروفيسر شيام داس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ
کان وٺي کيرٿر کان کيرٿل، اروڙ کان اجنا تائين ننڍي کنڊ جي سنياسي ساڌوئن، سنتن ۽
صوفين جي آستانن تائين جيڪي پنڌ ڪيا، جيڪي اوجاڳا ڏٺا، جيڪي خوشيون، غميون سٺيون، جيڪي
تلخيون پاند ۾ پاتيون، انهن سميت جيون جا سمورا رنگ روپ دک، سک، سنگ سفر پنهنجي
آتم ڪهاڻي جي ڪتاب ‘منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني’ ۾ قلم بند ڪيو آهي.
سناتن ڌرم جي ڌرمي سکيا موجب ماڻهو
جي لاءِ چار آشرم ٿيندا آھن. پھريون برھم چاريه آشرم (جيڪو گهڻو تڻو شاگردي وارو
زمانو هوندو آهي) ٻيو گرھست آشرم (گھرو زندگيءَ جو حصو) ٽيون وان پرست آشرم (اڪيلائي
۾ نِرنجن واس جو وقت) چوٿون ۽ آخري سنياس آشرم (سڀ ڪجھه تياڳڻ). آئون هن کان گرهست
آشرم جي باري ۾ گهڻو پڇندو هوس، ‘هر ماڻهو گهر ۾ وڏو ٿئي ٿو، گهر ماڻهو جو آڌي ۽
اناديءَ پاٺشالا آهي. ان ڪري چئني آشرمن ۾ گرهست آشرم کي ڪهڙي حيثيت ڏنل آهي؟ سائين
پروفيسر شيام داس جوشي منهنجن اڻ کٽندڙ ۽ تيز تکن سوالن تي به مرڪي جواب ڏيندو هو.
هڪ ڀيري گرهستي جيون جي حوالي سان ٻڌايو ته ‘گرهستي جيون ۾ پتي ۽ پتني (زال مڙس)
جا ڇهه اهم فرض آهن. اهي انهن کي ضرور پورا ڪرڻ گهرجن. (۱) وڏڙن جي سار لهڻ، (۲)
بکايلن کي کارائڻ، (۳) پاپ
کان نفرت ۽ پاپي کان ڪڏهن نه، انهي جي سٺي تربيت ڪرڻ (۴) انڌي کي رستو ڏيکارڻ، (۵) ڪمزورن
جو خيال رکڻ. (۶) روڳ کان احتياط ڪرڻ ۽ روڳي جي
سنڀال ڪرڻ.’ انهن فرضن جي پالنا ڪريو.
يجر ويد جي هڪ منتر ۾ آهي ته؛ ‘جنهن جو جيترو پنهنجي
من تي ضابطو هوندو، اوترو ئي تپ ڪري سگهندو.اهي ئي ڀومي جا سپوٽ آهن، جيڪي ماڻهو جي
جيون جي لاءِ ‘اکيه پرڪاش’ پردان ڪن ٿا.
جيڪي منش جي جيون جي لاءِ لاڳيتو
جوتي پروان ڪندا رهن ٿا، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي، جوتي دان سڀ کان اتم ۽ سڀ کان وڌيڪ
قيمتي آهي. پرڪاش دان جي برابر ڪو ٻيو يگيه ڪونهي، جيڪي انسان کي جوتي پردان ڪري انسانيت
جي رکشا ڪن ٿا، سچ اهي مهان انسان آهن.
پروفيسر شيام داس جوشي عمر جي
پوئين حصي ۾ هولي جي ٿلهي جي ڀر سان مٺي ۾ ‘وان پرست’ آشرم ٺهرايو، شانتي نڪتين اڀياسي
جوڙي. آئون وان پرست آشرم جي ڀر سان ڪيترائي ڀيرا گذريس، پر منهنجو ڪڏهن اتي وڃڻ
نه ٿيو، مون جڏهن هن کي آخري ڀيرو ڏٺو هو، تڏهن پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، هڙڪ هلي
رهيو هو. وان پرست آشرم ۾ رهندي طبيعت جي ناچاڪي سبب هن وڏي پيڙا ڀوڳي پر هن جو پنهنجي
من تي وڏو ضابطو هوندو هو. ڪڏهن عليل ٿي اداس نه ٿيو.
جيستائين ممڪن ٿي سگهيو،
تيستائين آتمڪ سچاين ۽ وجود جي رچنا جي معني تلاش ڪري ذهنن کي جلا بخشيندو رهيو.
سوچ سمجهه ۽ ڏاهپ جي بي بها هيرن موتين کي پرکي روحانيت جي رمز ۾ ورهائيندو رهيو. مارچ
مهيني ۾ ۲۰۲۳ع تي ساهه جي ڏوري ٽٽي پئي.
يجر ويد جي چالهين اڌياه ۾ چيو
ويو آهي ‘جيڪو گيان ۽ ڪرم جي گڏوگڏ پيروي ڪري ٿو، اهو ڪرم جي عمل سان موت کي پار ڪري
گيان دوارا موکش امرت جيون پراپت ڪري ٿو.
ڀٽ ڌڻي چيو آهي ته
مرڻا اڳي
جي مئا، مري ٿيا نه مات،
هوندا
سي حيات، مرڻ جني مهڻو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment