نعيم اختر ڀٽو
وقت کان گهڻو اڳ وڇڙي
ويل
رضوان گل
وقت تيز رفتار گهوڙي تي سوار
آهي وقت جي دز ۾ ڪيترائي چهرا ڌنڌلا ٿيندا ٿا وڃن. اهي ماڻهو جن سان جيون جو وڏو
وقت گذريو هجي سي جڏهن اچانڪ وڇڙي ٿا وڃن ته ان وقت اعتبار ئي نه ٿو اچي ۽ پوءِ
وقت جي گذرڻ سان اهي ماضيءَ جو قصو ٿا بڻجي وڃن.
هي نعيم اختر ڀٽو آهي جيڪو وقت
کان گهڻو اڳ حياتيءَ جي تنڌ ٽٽي پوڻ سبب سدائين لاءِ وڇڙي ويو. اهو ماڻهو جيڪو
زندگيءَ سان ڀرپور هيو، سنگت ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو، هر محفل ۾ سندس موجودگيءَ سان رونق
اچي ويندي هئي، هو مصنوعي ماسڪ پائي چهري ۾ گهنج وجهي گهمڻ بجاءِ جيئن هيو تيئن ئي
سڀني سان ملندو کلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو هو. زندگيءَ جي سفر ۾ هن شخص وڏي محنت سان منزل
ماڻي، سندس والد محمد پناھ ڀٽو پرائمري استاد هو جنهن پنهنجي سڀني ٻارن کي پڙهايو،
نعيم اختر سندس وڏو فرزند هو. سامٽيه روڊ جي ڀرسان علي گوهرآباد ۾ سندن وڏو گهر
هوندو هو. محمد پناھ منهنجي پڦڙ امان الله مريءَ جو ڀيڻيوو هو انهيءَ ڪري اسان جو
ساڻن خانداني تعلق ۽ گهر ۾ اچڻ وڃڻ هو.
نعيم اختر ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن
خيرپور ۽ هري پور هزاره مان ورتي، کيس پي ٽي سي ايل ۾ سب انجنيئر طور نوڪري ملي،
ان زماني ۾ پي ٽي سي ايل جي نوڪري ملڻ وڏي ڳالھ هئي ٽيليفون وارن جي لئي هوندي
هئي، وقت کان اڳ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي آغا خان ليب ۾ نوڪري ورتائين. جيون کي سڦل بڻائڻ
لاءِ هن وڏا وس ڪيا. آخري سالن ۾ منهنجي ساڻس ادبي تقريبن ۾ ملاقات ٿيندي رهندي
هئي موسيقي جي محفلن ۾ وڏي شوق سان شريڪ ٿيندو هو، ادب، اديبن ۽ موسيقي سان کيس وڏي
دلچسپي هئي. اڪثر پروگرامن ۾ ساڻس گڏ سندس ويجهو دوست اشتياق علي شاھ هوندو هو.
سندس ننڍو ڀاءُ فهيم اختر به وقت کان اڳ وڇڙي ويو جنهن کانپوءِ نعيم اختر به جلد
ئي گذاري ويو.
نعيم خوش لباس ۽ پنهنجي گفتگو ۾
دلچسپ انداز رکندڙ هو، دوستن جي غم ۽ خوشين ۾ گڏ گڏ نظر ايندو هو. نهايت برجستو ۽
چست نظر ايندڙ ماڻهو جيڪو ٻين جي ڪم اچڻ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندو هو. ڪيتريون ئي ننڍپڻ
جون ڳالهيون ذهن تي تري ٿيون اچن جيڪي نعيم اختر سان لاڳاپيل آهن اهي فيملي فنڪشن
هجن، اوڙي پاڙي ۾ ٿيندڙ پروگرام هجن يا وري اسي واري ڏهاڪي ۾ جشن لطيف جون ٿيندڙ
تقريبون هجن. خاص موقعن تي فل سوٽ پائيندو هو جيڪو سندس شخصيت جي جاذبيت ۾ اضافو ڪندو
هو. اڄ نعيم اختر جو پراڻو فوٽو فيس بڪ تي نظر مان گذريو ته هڪ دور ياد اچي ويو.
ساڻس لاڳاپيل بي ترتيب ڳالهيون لکي ڇڏيون. هو هڪ اهڙو شخص هو جنهن سان عمر جي
پنجيتاليھ سالن جون يادون وابسته آهن.
(رضوان گل جي فيسبڪ پوسٽ ۱۰ مارچ ۲۰۲۶ع)
No comments:
Post a Comment