Pages

13 April, 2024

سردار شفيق احمد ڀٽي

سردار شفيق احمد ڀٽي

عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ – زڪوات ۽ عۡشر ڪميٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان جو ٻيو ڀيرو مقرر ٿيل نئون چيئرمين

اعظم ڀٽي



ٻالڪپڻ کان هڪ ئي پاڙي جا پيڪر هوندي، هُن سان شناسائيءَ جو سُندر رشتو ته رهيو آهي، اسانجي عُمر ۾ ڇهن سالن جي وڇوٽيءَ ڪا وڏي وِٿ به ناهي، نه ئي ڪو اسان هڪٻئي لاءِ ڪا اڻ ڀڳل ڳجهارت بڻيل رهيا آهيون، هُن جي مُڇن جي ساوڪ جو سفر به منهنجي نظرن کان اوجهل نه رهيو آهي، هُن جي پيار ۽ محبت جا داستان منهنجي آڏو اکين تان پَٽيون کولي بيٺل رهيا آهن، مون هُن کي ننڍي عُمر کان ننڍا ننڍا سماجي ڪم ڪندي ڪندي به ڏٺو ته وري سياسي جدوجهد جي ميدان ۾ سندس ڪردار کي هر وقت مُتحرڪ به پرکيو آهي. هُن قومپرست سياست جي ميدان ۾ شروعاتي بانبڙا به پاتا پر ڪن مجبورين سميت ڪردارن جي پرک ۽ پروڙ سبب هُو ان ۾ عملي طور اڳڀرائي ڪرڻ کان قاصر رهيو. جنهن لاءِ هُن وٽ پنهنجا تجربا ۽ دليل آهن.


نوي جي ڏهاڪي ۾ هُن ڦُوھ جوانيءَ ۾ مقامي سماجي تنظيم جي هڪ سرگرم رُڪن جي حيثيت ۾ سماجي خدمتن سان لنئون لڳايو ته وري صحتمند سرگرمين جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس جي يادگار تاريخ جي باب ۾ هُن جو بانيڪار وارو هڪ اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي. جنهن سندس سماجي توڙي سياسي سُڃاڻپ کي وڌيڪ اُجاري اڇو ڪيو. سندس شخصيت جي ان نِکار جي ڪري ئي دوستن کيس سماجي مانُ ۽ مرتبي تحت قبيلائي ريتن ۽ رسمن کان هٽي ڪري سردار جي لقب سان نوازيو، جيڪو لقب اڄ به سندس نالي سان سلهاڙيل آهي، هۡو ڪو قبيلائي سردار ناهي، پر ان نالي ۽ لقب سان اڄ به هُو پُوري ضلعي اندر سياسي توڙي سماجي حوالي سان سردار شفيق احمد ڀٽي جي نالي سان ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو. سندس جنم ۱۵ جولاءِ ۱۹۷۱ع تي ٽنڊو محمد خان جي پير محلي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام قادر ڀٽي آهي، جيڪو ڪرنل ڀٽي جي نالي سان مشهور هو، شفيق احمد ڀٽي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان، انٽر جي تعليم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪري، ان ئي ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، ڪاليج ۾ هُن قومپرست سياست ۾ پڻ ڪجھ وکون کنيون پر هن مڪمل طور عملي سياست جي شروعات مير مرتضي' ڀٽو جي شهادت جي ڪجھ عرصي بعد ۱۹۹۹ع ۾ پي پي شهيد ڀٽو جي پليٽ فارم تان ڪئي. بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو.

سال ۲۰۰۱ع جي اختيارين جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري مڪاني نظام ۾ هۡن پنهنجي چاچي مرحوم علي اڪبر ڀٽي جي اليڪشن ورڪ ۾ پنهنجي مقامي سياسي شخصيت کي وڌيڪ اۡڀاريو، ان وقت ٽنڊو محمد خان جي يو سي نمبر هڪ مان سندس چاچي علي اڪبر ڀٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، ان تسلسل ۾ وري شفيق احمد ڀٽي ۲۰۰۵ع ۾ اختيارين جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري نظام ۾ پي پي پي جي عوام دوست پئنل جي پليٽ فارم تان ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل نمبر هڪ جو نائب ناظم چونڊيو ويو، ۲۰۰۸ع پي پي پي يو سي ون ٽنڊو محمد خان جو صدر مقرر ٿيو، ۲۰۰۹ع ۾ پي پي پي ضلع ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو، ۲۰۱۰ع ۾ زڪوات ۽ عۡشر ڪميٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان جو چيئرمين چونڊيو ويو، ۲۰۱۵ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ٽنڊو محمد خان ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر ۶ تان وڏي اڪثريت سان جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد پي پي پي پاران کيس تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٽنڊو محمد خان جي وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو، جنهن عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو، ۳۰ آگسٽ ۲۰۱۶ع تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جي وائيس چيئرمين طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ڪم شروع ڪيائين. جيڪو مۡدو ۳۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي پۡورو ٿيو. شفيق احمد ڀٽي تمام مختصر عرصي ۾ شهر اندر پنهنجي سياسي ۽ سماجي حيثيت کي اهليت جي بنياد تي تسليم ڪرايو، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي قائدانه صلاحيتن جي ڪري شهر جي نوجوان طبقي ۾ هردلعزيز شخصيت طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، سندس خلوص، پيار ۽ محبت واري جذبي، سهپ، برداشت ۽ رواداري واري مادي جي موجودگيءَ جي ڪري شهر جي نوجوانن جو هڪ وڏو حلقو سندس خاص قربت جو باعث آهي، جنهن حلقي کي هو تسبيح جي داڻن جيان گڏي هلائڻ ۾ خاص مهارت رکي ٿو، سندس ان ادائن جي ڪري سندس دلي دوست مٿس جان فدا ڪرڻ لاءِ به هر وقت تيار رهن ٿا. هو عوامي خدمت واري جذبي تحت نه رڳو سياسي چادر ويڙهي هلي ٿو پر سماجي خدمت جي حوالي سان پڻ سندس نالو شهر جي بهترين سماجي شخصيتن ۾ شُمار ٿئي ٿو. ٽنڊو محمد خان شهر اندر نوجوان طبقي جي نمائندگيءَ ۾ تمام گهٽ اهڙا نوجوان آهن، جن تمام محدود ۽ مختصر وقت ۾ پنهنجي خدمت واري ٻُوٽي جي پاڻ آبياري ڪري، ان ٻُوٽي مان نوان نوان گُل جنميا آهن. توڙي جو هڪ وڏو عرصو اسانجي ذاتي، سماجي ۽ سياسي رفاقت جون راهون الڳ الڳ رهيون پر گذريل پنجن ڇهن سالن جي انتهائي گهِري ويجهڙائپ سندس گهڻين خُوبين ۽ گهٽ خامين سان مونکي مُکاميل ڪرايو آهي، جنهن سبب ڪري هُن جي شخصيت جي هر مُنفرد پهلو کان آئون نه رڳو واقف آهيان پر هُن جي شخصيت جي کوڙ سارن لمحن جو آئون نقاد به رهيو آهيان، هُن جي سهپ ۽ برداشت جا مادا، دوستن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ وارا قدم اسانجي ويجهڙائي جو هڪ وڏو ۽ اهم سبب به رهيا آهن، ضروري ناهي ته هر شخصيت هر فرد لاءِ پسنديده هُجي، پر هُن جي شخصيت جي پسنديدگيءَ جا مون وٽ کوڙ سارا مثال آهن، جن کي بيان ڪرڻ سان گهڻي طوالت پيدا ٿي سگهي ٿي ته ڪيترن ئي فردن لاءِ تڪليف جو سبب به بڻجي سگهي ٿي، ڪير ڪنهن جي لاءِ ڇا سوچي ٿو؟ اهو هر فرد جي پنهنجي سوچ تي نه رڳو منحصر آهي پر اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان هر فرد جو حق به آهي، تنهنڪري آئون نه ته ڪنهن جي اظهار جي آزاديءَ واري حق جي تلفي ڪرڻ چاهيان ٿو، نه ئي مثالن سان جُملن جو جهان جوڙي ڪنهن کي ڪا تڪليف رسائڻ چاهيان ٿو. بس مون جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ پرکيو آهي، ان جو مجموعي تَتُ اهو ئي آهي ته سردار سفيق احمد ڀٽي مجموعي طور انسان دوست، وطن دوست، يارن جو يار، ننڍن سان ننڍڙن جهڙو، وڏڙن سان وڏن جهڙو، ٻارن سان ٻارن جهڙو، پنهنجن توڙي پراون سان پيار ڪندڙ، دلين ۾ جايون جوڙيندڙ، همت افزائيءَ ۽ حوصلا افزائيءَ جهڙو وسيع دامن رکندڙ، هر ڪنهن جو سُک توڙي ڏُک ۾ ڀرجهلو بڻيل رهيو آهي. سندس ذات، شخصيت ۽ ڪردار کان نه ڪنهن کي ڪا تڪليف پهتي آهي نه ئي وري هُو اهڙي سوچ جو سرجڻهار به آهي ته ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچائي، ان مان لطف اندوز ٿيڻ جا لمحا دريافت ڪري، جڏهن هُن جي آڏو شڪايتن جون شڪليون ظاهر ٿين ٿيون ته هُو پاڻ کان ننڍن کي به پيرين پوَڻ ۾ دير نٿو ڪري، عارضي طور تي سندس روَيا ڀلي کڻي اعتراض جوڳا به هُجن پر دائمي ۽ دلي طور تي سندس مزاج ۾ ڪو به بغض، هَٺ، وڏائي يا تَڪبر جو ڪو تجلو گهر ڪري نه ويهي سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي اڄ به شهر جي نوجوانن جو هڪ وڏو حلقو ساڻس ايترو ئي پيار ڪري ٿو، جيترو پيار ڪنهن محبوب سان ڪرڻ گهرجي. انهيءَ پيار جو هُو حقدار به آهي، ايترو پيار هُو بنا ڪنهن شڪ جي لهڻي به ٿو. ڇاڪاڻ جو رت جي رشتن کان وڌيڪ هُن کي احساس جي رشتن گهڻيون رنگينيون ارپيون آهن ته هُن جي چئوطرف اعتماد جي خوشبوءَ جو جهان به جوڙيو آهي. شال سندس سِڪ، اُڪير، پيار ۽ محبت جي خوشبوءَ وارو اهو جهان دوستن لاءِ هميشه ڪۡشادو رهي. تازو ئي ۸ فيبروري ۲۰۲۱ع تي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن تحت کيس ٻيو ڀيرو تعلقي ٽنڊو محمد خان جي زڪوات ۽ عۡشر ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، اهو عهدو سندس لاءِ اعزاز بڻجي ٿو يا هۡو خۡود ان عهدي لاءِ اعزاز بڻجي ٿو، اهو فيصلو وقت ۽ تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي، يقينن تاريخ ڪنهن جي به ڪردار کي نٿي لڪائي، اميد ته هو پنهنجي عهدي جي مناسبت سان غريب، مسڪين، لاچار ۽ بي سهارا ماڻهن جو ڀرجهلو بڻجندو!!




سردار شفيق احمد ڀٽي

۱۵ جولاءِ / جنم ڏڻ مُبارڪ

اعظم ڀٽي

هڪ ئي پاڙي جا پيڪر هوندي، هُن سان شناسائيءَ جو سُندر رشتو ته ٻالڪپڻ کان رهيو آهي، اسانجي عُمر ۾ ڇهن سالن جي وڇوٽيءَ ڪا وڏي وِٿ به ناهي، نه ئي ڪو اسان هڪٻئي لاءِ ڪا ڳجهارت بڻيل رهيا آهيون، هُن جي مُڇن جي ساوڪ جو سفر به منهنجي نظرن کان اوجهل نه رهيو آهي ته وري هُن جي پيار، محبت ۽ عشق جا داستان منهنجي آڏو اکين تان پَٽيون کولي بيٺل رهيا آهن، مون هُن کي ننڍي عُمر کان ننڍا ننڍا سماجي ڪم ڪندي ڪندي به ڏٺو ته وري سياسي جدوجهد جي ميدان ۾ سندس ڪردار کي هر وقت مُتحرڪ به پرکيو آهي. هُن قومپرست سياست جي ميدان ۾ شروعاتي بانبڙا به پاتا پر ڪن مجبورين سميت ڪردارن جي پرک ۽ پروڙ سبب هُو ان ۾ عملي طور اڳڀرائي ڪرڻ کان قاصر رهيو، جنهن لاءِ هُن وٽ پنهنجا تجربا ۽ دليل آهن. نوي جي ڏهاڪي ۾ هُن ڦُوهه جوانيءَ ۾ مقامي سماجي تنظيم جي هڪ سرگرم رُڪن جي حيثيت ۾ سماجي خدمتن سان لنئون لڳايو ته وري صحتمند سرگرمين جي حوالي سان ٽنڊو محمد خان ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس جي يادگار تاريخ جي باب ۾ هُن جو هڪ اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو آهي. جنهن سندس سماجي توڙي سياسي سُڃاڻپ کي وڌيڪ اُجاري اڇو ڪيو. سندس شخصيت جي ان نِکار جي ڪري ئي دوستن کيس سماجي مانُ ۽ مرتبي تحت قبيلائي ريتن ۽ رسمن کان هٽي ڪري سردار جي لقب سان نوازيو، جيڪو لقب اڄ به سندس نالي سان سلهاڙيل آهي، ان نالي ۽ لقب سان اڄ به هُو پُوري ضلعي اندر سياسي توڙي سماجي حوالي سان سردار شفيق احمد ڀٽي جي نالي سان ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو. سندس جنم ۱۵ جولاءِ ۱۹۷۱ع تي ٽنڊو محمد خان جي پير محلي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام قادر ڀٽي آهي، جيڪو ڪرنل ڀٽي جي نالي سان مشهور هو، شفيق احمد ڀٽي، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان، انٽر جي تعليم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪري، ان ئي ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، ڪاليج ۾ هُن قومپرست سياست ۾ پڻ ڪجهه وکون کنيون  پر هن مڪمل طور عملي سياست جي شروعات ۱۹۹۹ع ۾ پي پي شهيد ڀٽو جي پليٽ فارم تان ڪئي، بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو، ۲۰۰۵ع ۾ اختيارين جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري نظام ۾ ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل نمبر ۱ جو نائب ناظم چونڊيو ويو، ۲۰۰۸ع پي پي پي يو سي ون ٽنڊو محمد خان جو صدر مقرر ٿيو. ۲۰۰۹ع ۾ پي پي پي ضلع ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. ۲۰۱۰ع کان وٺي ڪيترائي سال زڪوات ڪميٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي چيئرمين جا فرائض سرانجام ڏنائين، ۲۰۱۵ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ٽنڊو محمد خان ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر ۶ تان وڏي اڪثريت سان جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو. جنهن بعد پي پي پي پاران کيس تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٽنڊو محمد خان جي وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو، جنهن عهدي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ۳۰ آگسٽ ۲۰۱۶ع تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جي وائيس چيئرمين طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ڪم شروع ڪيائين. ميونسپل وائيس چيئرمين طور سندس مۡدو ۳۰ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي پۡورو ٿيو، ان بعد وري ۸ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ٻيو ڀيرو ٽنڊي محمد خان تعلقي جي عۡشر ۽ زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ٿيو، جنهن عهدي تي هن وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي. شفيق احمد ڀٽي تمام مختصر عرصي ۾ شهر اندر پنهنجي سياسي ۽ سماجي حيثيت کي اهليت جي بنياد تي تسليم ڪرايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي قائدانه صلاحيتن جي ڪري شهر جي نوجوان طبقي ۾ هردلعزيز شخصيت طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، سندس خلوص، پيار ۽ محبت واري جذبي، سهپ، برداشت ۽ رواداري واري مادي جي موجودگيءَ جي ڪري شهر جي نوجوانن جو هڪ وڏو حلقو سندس خاص قربت جو باعث آهي، جنهن حلقي کي هو تسبيح جي داڻن جيان گڏي هلائڻ ۾ خاص مهارت رکي ٿو، سندس ان ادائن جي ڪري سندس دلي دوست مٿس جان فدا ڪرڻ لاءِ به هر وقت تيار رهن ٿا. هو عوامي خدمت واري جذبي تحت نه رڳو سياسي چادر ويڙهي هلي ٿو پر سماجي خدمت جي حوالي سان پڻ سندس نالو شهر جي بهترين سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ شُمار ٿئي ٿو. ٽنڊو محمد خان شهر اندر نوجوان طبقي جي نمائندگيءَ ۾ تمام گهٽ اهڙا نوجوان آهن، جن تمام محدود ۽ مختصر وقت ۾ پنهنجي خدمت واري ٻُوٽي جي پاڻ آبياري ڪري، ان ٻُوٽي مان نوان نوان گُل جنميا آهن. توڙي جو هڪ وڏو عرصو اسان جي ذاتي، سماجي ۽ سياسي رفاقت جون راهون الڳ الڳ رهيون آهن پر گذريل پنجن ڇهن سالن جي انتهائي گهِري ويجهڙائپ سندس گهڻين خُوبين ۽ گهٽ خامين سان مونکي مُکاميل ڪرايو آهي، جنهن سبب جي ڪري هُن جي شخصيت جي هر مُنفرد پهلو کان آئون نه رڳو واقف آهيان پر هُن جي شخصيت جي کوڙ سارن لمحن جو آئون نقاد به رهيو آهيان، هُن جي سهپ ۽ برداشت جا مادا، دوستن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ وارا قدم اسانجي ويجهڙائي جو هڪ وڏو ۽ اهم سبب به رهيا آهن، ضروري ناهي ته هر شخصيت هر فرد لاءِ پسنديده هُجي، پر هُن جي ذاتي  شخصيت جي پسنديدگيءَ جا مون وٽ کوڙ سارا مثال آهن، جن کي بيان ڪرڻ سان هي لکڻي گهڻي طويل به بڻجي سگهي ٿي ته ڪيترن ئي فردن لاءِ تڪليف جو سبب به بڻجي سگهي ٿي، ڪير ڪنهن جي لاءِ ڇا سوچي ٿو؟ اهو هر فرد جي پنهنجي سوچ تي نه رڳو منحصر آهي پر اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان هر فرد جو حق به آهي، تنهنڪري آئون نه ته ڪنهن جي اظهار جي آزاديءَ واري حق جي تلفي ڪرڻ چاهيان ٿو، نه ئي مثالن سان جُملن جو جهان جوڙي ڪنهن کي ڪا تڪليف رسائڻ چاهيان ٿو. بس مون جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ پرکيو آهي، ان جو مجموعي تَتُ اهو ئي آهي ته سردار سفيق احمد ڀٽي مجموعي طور انسان دوست، وطن دوست، يارن جو يار، ننڍن سان ننڍڙن جهڙو، وڏڙن سان وڏن جهڙو، ٻارن سان ٻارن جهڙو، پنهنجن توڙي پراون سان پيار ڪندڙ، دلين ۾ جايون جوڙيندڙ، همت افزائيءَ ۽ حوصلا افزائيءَ جهڙو وسيع دامن رکندڙ، هر ڪنهن جو سُک توڙي ڏُک ۾ ڀرجهلو بڻيل رهيو آهي. سندس ذات، شخصيت ۽ ڪردار کان نه ڪنهن کي ڪا تڪليف پهتي آهي نه ئي وري هُو اهڙي سوچ جو سرجڻهار به آهي ته ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچائي، ان مان لطف اندوز ٿيڻ جا لمحا دريافت ڪري، جڏهن هُن جي آڏو شڪايتن جون شڪليون ظاهر ٿين ٿيون ته هُو پاڻ کان ننڍن کي به پيرين پوَڻ ۾ دير نٿو ڪري، عارضي طور تي سندس روَيا ڀلي کڻي اعتراض جوڳا به هُجن پر دائمي ۽ دلي طور تي سندس مزاج ۾ ڪو به بغض، هَٺ، وڏائي يا تَڪبر جو ڪو تجلو گهر ڪري نه ويهي سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي اڄ به شهر جي نوجوانن جو هڪ وڏو حلقو ساڻس ايترو ئي پيار ڪري ٿو، جيترو پيار ڪنهن محبوب دوست ۽ سڄڻ  سان ڪرڻ گهرجي، انهيءَ پيار جو هُو حقدار به آهي، ايترو پيار هُو بنا ڪنهن شڪ جي لهڻي به ٿو. ڇاڪاڻ جو رت جي رشتن سان گڏ هُن کي احساس جي رشتن به گهڻيون رنگينيون ارپيون آهن ته هُن جي چئوطرف اعتماد جي خوشبوءَ جو جهان به جوڙيو آهي. شال سندس سِڪ، اُڪير، پيار ۽ محبت جي خوشبوءِ وارو جهان سدا سلامت رهي ۽ هميشه دلبريون ماڻيندو رهي.

اڄ سندس ۵۰ هين سالگرهه آهي، گُلابن جي پنکڙين کي سندس وجود مٿان گهوري کيس دل جي گهراين سان سندس جنم ڏينهن جون مُبارڪون قبول پون.

اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

 ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۱ع

No comments:

Post a Comment