Pages

13 April, 2024

عبدالحڪيم ميرجت

عبدالحڪيم ميرجت

پنج مارچ/ جنم ڏڻ مبارڪ

اعظم ڀٽي



ٻالڪپڻ کان هن جو چهرو ڏسندو اچان، سندس سادي طبعيت، نرم مزاج، گلن جهڙي گفتار، يارويسي، عاجزي، نوڙت جو نقشو ڪڏهن به دل ۽ دماغ کان ڌار ناهي ٿيو، جڏهن به ملندو آهي خود بخود مرڪن جا پوپٽ اڏامڻ لڳندا آهن، سندس پيشاني تي ڪڏهن به غصي جي لڪير نه ڏٺي اٿم، هميشه سندس کلمک چهرو ئي هر وقت ۽ هر جڳھ پسيو اٿم، ان ڪري ساڻس هجتن جي موسم ۾ ٽهلندو به رهيو آهيان. هي ادب شناس به آهي ته ادب ذوق به آهي، ڪو وقت هو جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سفر ۾ سندس پيرن جا نشان چٽا رهيا. اوچتو ئي اوچتو اهي پيرا الاءِ ته ڪيئن ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويا. شايد ان جا وٽس ڪي معقول جواز هجن. سندس پيرن جي انهن نشانن کي نظر ۾ رکي، آئون ڪيترن ئي سالن پڄاڻان کيس سنڌي ادبي سنگت جي قافلي ۾ شامل ٿيڻ جون نه رڳو بار بار دعوتون به ڏيندو رهيو آهيان پر سندس هاڪاري رويي جي بدولت ناڪاري موٽ تي کيس اڻ ڳڻيون ميارون به ٺوڪيندو رهيو آهيان. هي آهي جو بس اسانکي ويسر جي ور چاڙهيندو رهي ٿو. ان ويسر جي موٽ ۾ سندس سالگرھ به مون کان ان تسلسل ۾ ئي وسري ويندي آهي. آئون پنهنجي ادبي سرگرمين ۾ مصروف هئس جو اچانڪ رات لڙيءّ جي پاڇن ۾ سوشل ميڊيا تي سندس جنم ڏڻ جي مبارڪن جون پوسٽون نظر چڙهي ويون. سوچيم ته روبرو ته کيس کوڙ ميارون مٿي ۾ هنيون اٿم. اڄ کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون ڏيندي، انهن ميارن کي به لکت جو رُوپ ڏئي ڇڏجي.


هو الاءِ ته ڇا سوچيندو ۽ ڪهڙو ردعمل ڏيکاريندو، اهو سڀ ڪجھ پاسي تي رکي سندس تعارف ڪرائيندو هلان ته کيس عبدالحڪيم ميرجت جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، سندس جنم ۵ مارچ ۱۹۶۴ع تي ٽنڊو محمد خان جي يوسي الهيار ترڪ جي ڳوٺ راوت ميرجت ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو محمد مٺن ميرجت آهي. ۱۹۷۳ع ۾ ڳوٺ مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر جي نصير آباد محلي ۾ ويٺا، جتان بعد ۾ ۱۹۹۵ع ۾ ڪولاچي محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائون، عبدالحڪيم ميرجت پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، ۱۹۷۸ع ۾ رمضان ميموريل مڊل اسڪول مان مڊل جي تعليم حاصل ڪري، ۱۹۸۰ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ۱۹۸۴ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مان انٽر ۽ ۱۹۹۲ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين، ۲۰۰۰ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جي ڊگري ورتائين، ۱۹۸۳ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو، ۱۹۹۶ع ۾ ترقي ماڻي جي ايس ٽي بڻيو، جنهن بعد ۲۰۰۶ع ۾ وري ترقي کانپوءِ ايڇ ايس ٽي ٿيو، ۲۰۱۳ع کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سعيد خان لُنڊ ۾ انچارج هيڊ ماستر طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين. هن وقت به تعليم جهڙي مقدس شعبي سان سلهاڙيل آهي، ماضي ۾ سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان پڻ رهي. حڪيم ميرجت ٻالڪپڻ کان علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ رهيو آهي، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس تخليقون شايع ٿي چڪيون آهن، مضمون نويسي تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۸ع تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر پڻ رهيو. ٻن مقامي اخبارن هفتيوار آزادي ۽ هفتيوار عوامي نيوز جي انتظامي سٿ ۾ شامل رهيو، هن وقت مڪمل طور سياسي ۽ ادبي سرگرمين کان ڪناره ڪش آهي. سندس سياسي سرگرميون ته پڄاڻي جو پنڌ پڄائي چڪيون پر الاءِ ڇو مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته سندس ادبي سفر پڙهڻ جي حد تائين محدود ته ضرور آهي پر عملي طور اٿل ضرور کائيندو، ان ڪري جڏهن به ملندو آهي ته آئون کيس اهو ئي چوندو رهندو آهيان ته “تون اسانجو آهين ۽ اسان ڏانهن ئي موٽندين “، الاءِ ڇو مون پاران کيس هر ڀيري ملندڙ اها ميار، مونکي وڌيڪ پڪ ڏياريندي رهندي آهي ته هو ضرور موٽندو، سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي قافلي ۾ سندس سندر ساٿ جا لمحا ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ساوا ٿيندا، ڪالھ سندس جنم ڏينهن هو، ڄڻ ته سندس ويسر جو رنگ مون تي به چڙهي ويو، جنهن ويسر سبب سندس جنم ڏينهن وارو سج به لهي ويو، خير مبارڪن جون موسمون محدود يا مخصوص به ناهن هونديون، کيس دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏيندي، وري به اهو چوندس ته؛ “سائين! تون اسانجو آهين، موٽندين، هڪ ڏينهن ضرور موٽندين، اسان ڏانهن ئي واپس موٽندين. بس ان ڏينهن جو انتظار رهندو، جنهن ڏينهن تنهنجي آمد تي اسانجي هٿڙن جا گلاب ٻهڪي اٿندا!“

 

(اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment