محمد سانوڻ
مثالي استاد ۽ سگھڙ
ڀارومل امراڻي
ڍاٽ جي دڙن تي ڳوٺ “حاجي
توڳي جو تڙ” آباد ڪندڙ مورا نک جا نهڙي، راڄ ڀاڳ ۾ ڀلا ڀنور ٿي رهيا آهن. تن ۾
لولواڻي ڪڙم جي پوري ٿر ۾ نامياچاري رهي آهي. لولواڻي ڪڙم ۾ لال صديق نهڙي جي گھر ۾
جنم وٺندڙ سائين محمد سانوڻ مثالي، استاد، سگھڙ سياڻو، راڄ جي رکوالي ۾ رواداري جي
ريت جو راڻو هو. جنهن کي ساري اڄ به راڄن جون اکيون اشڪبار ٿي پونديون آهن. دل جي
چپن تي ڀٽائي جو بيت تري ايندو آهي ته؛
مٿي ٿر رهي، ويا گذاري
ڏينهڙا
وٽان تن نه آئيو، ڪو
پنهوارن پيهي،
ويا سي وهي، جنب گذاريم
جن سين.
سائين محمد سانوڻ
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ چيلھ بند جي سيد محمد حسن شاھ جي مدرسي
۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ٿر جي نامور استاد محمد مراد جوڻيجي وٽ فائينل جو
درجو پاس ڪيو. ۱۹۶۵ع ۾ سائين محمد سانوڻ کي پرائمري استاد جو آرڊر مليو. پهرين مقرري گورنمينٽ
پرائمري اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ ٿي. هن جيئندل شاھ لڪياري، راهوڙيار، حاجي توڳي جو تڙ،
چرڪاري، دلواڻي، ولاسرو، گونگيو، ڏبڙڇا جي اسڪولن ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
ڪنهن ڏاهي چيو آهي
ته؛ هڪ سال جي منصوبابندي ڪرڻي آهي ته ٻني پوکيون، جيڪڏهن ڏھ سال جي رٿابندي ڪرڻي آهي
ته وڻ پوکيون پر جيڪڏهن سو سالن جي لاءِ سوچڻو آهي ته ماڻهن کي تعليم ڏيون. سائين محمد
سانوڻ انهي سوچ ۾ سراپا محب وطن استاد ثابت ٿيو، هن جي اکين ديس جي ڌارتي جا لالئون
لال سپنا ڏٺا. تن جي ساڀيا جي سو سڳنڌن جي لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو
جستجو ۾ صبح و شام جا ٽآڻا وسري ويا. وطن جي محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي علم جي لاءِ
تڙپ ڏسي هن جي ذهن ۽ ضمير ۾ پنهنجي ڌرتي جو پُر اميد تصور جڙي پيو. هن چاهيو ٿي ته
ٿر جي چوئنرن ۾ اونداھ جي بدران روشني جي سندر روپ هجي واري جي دڙن تي مارو ماڻهو
ڏک پيڙا م پچي ملڻ جي بدران ٽهڪن سان ٽڙي ملن. هن سانگيڙن جي سپنن کي پنهنجي نيڻن ۾
سانڍي علم جي ڳالھ سان جهالت جي وايو منڊل کي ريٽي مستقبل جي آئيني ۾ ٿر جي اجري صورت
کي موتي وانگر جرڪائيندي هو. پر علم جي ويري وڏيرن کان اهو برداشت نه ٿيو، پٽيلن
مقامي سطح جي معاملن ۾ الجهائي پڙهائڻ جي ڪم کان روڪڻ جي ڪوشس ڪئي. علم کي عام ڪندڙ
هن سٻاجهي استاد کي اغوا ڪرايو ويو. پر هن مانجهي مرد کي انڌ جي گهوڙي تي سوار جهالت
جي جوڌن جو جبر جهڪائي نه سگهيو، هن بهادر انسان جي شعوري زندگي ماحول جي پيچيدگين
۾ ڪٿي نه گهٻرائي، هن لڪن ۾ سج جي لهي وڃڻ کان پوءِ ڀٽن تي باهڙي ٻاري اونداھ سان ويڙھ
جاري رکي. علم حاصل ڪرڻ جي امنگ کي هڪ نسل کان ٻي نسل تائين رسائڻ ۾ پوري ريت پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو. مشهور مسيحا ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي، نامور استاد ڪرمچند، گروئومل،
چوني لال سوٽهڙ ۽ ٻيا سائين محمد سانوڻ جي شاگردن ۾ شامل آهن، جن سائين محمد سانوڻ
کان ابتدائي تعليم حاصل ڪري زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. ٿر جي ترقي ۾ هن
جي آڏاڻي جي اڻت نياري آهي.
صديون اڳ گونگا ذات
جي ماڻهن پاران آباد ڪيل ڳوٺ وقت جي وير ۾ ڪن سببن جي ڪري ويران ٿي ويو. سوڍن جي
صاحبي دوران ڪسل ڪوٽ جي معرڪي ۾ ڀائرن جي ڀومي ڇڏي ساڏور سوڍن جي سرويچ هيمر سنگھ
سوڍي گونگن جي ڇڏيل گوئاڙي ٻيهر آباد ڪري “تڙ همير” جي نانءُ سان پنهنجو راڄ قائم ڪيو.
سوڍن سان گڏ ميگهواڙ ۽ سوٽهڙ برادري جا ماڻهو به اچي ويٺا. ۱۹۷۰ع ڌاري “حاجي توڳي جي تڙ” جي نريش نهڙين سان
گڏ سائين محمد سانوڻ به گونگيو جو گام وسايو.
ٿر هن جي لاءِ مايا
نگر هو. ٿر کان ٻاهر هن کي سک نه ٿيندو هو. ڏڪار جي اداس راتين ۾ برکا جي برسڻ جون
دعائون گهرندو هو. پن ڇڻ جي رت هن کي روئاري وجهندي هئي. پر جڏهن گهنگهور گهٽائن
کي گونگيو جي ٻانهياري ڀٽ تي چمڪندي ڏسندو هو ته هن جي روح ۾ راحت جي هير ڳهلي پوندي
هئي. اهڙي ڪيفيت ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگهي ڪوي ڪاليداس کان پڇندو هو ته ميگھ دوت تنهنجو
نياپو ڇو نه ڏنو؟ هن کي پتو هو ته اونداهي آڪاش ۾ وڄ جي وراڪن سان گڏ وڏڦڙي جو واڪو
ڪيئن ٿيندو آهي.! هن کي سورج مکي کيتن کان ٻاجهر واريون ٻنيون وڻنديون هيون. سونف جي
واڙين کان موٺ جو داڳو دل تي اڪريل هوندو هو.
هن اهل دل انسان پنهنجي
مختصر زندگي ۾ مختصر دوست رکيا. پر جن سان روح جو رشتو جڙيو تن سان توڙ تائين
نڀائين. سيد محمد حسن شاھ جو فرزند علي محمد شاھ عاجز محمد سانوڻ سان گڏ پڙهيو. سائين
محمد سانوڻ جو علي محمد شاھ عاجز سان پيار پنهنجائپ ۽ عقيدت جو رشتو ساھ جي آخري
هچڪي تائين رهيو. عاجز صاحب جي شاعري وڏي پاٻوھ سان پڙهندو هو. منهنجي چاچي هيمراج
سوٽهڙ سان به دل جو ڌرميلو هو. چيلهار ڏي جڏهن به سائين محمد سانوڻ جو اچڻ ٿيندو هو،
چاچي هيمراج وٽ سدائين رهاڻ رس رهندي هئي. سائين محمد سانوڻ اسان کي چاچي هيمراج
جيان ڀائيندو هو. اسين سائين محمد سانوڻ کي چاچو چوندا هئاسين. مون کي چٽو ياد آهي
ته سائين محمد سانوڻ پرڪشش پوشاڪ ۾ ڀلي گهوڙي تي چڙهي چاچي هيمراج جي وڏي فرزند
هالجي جي شادي ۾ شريڪ ٿيو هو. تڏهن چاچي هيمراج سگهڙائپ جي هڙوٽڙي مان ٿري لوڪ دوهو
ڏيندي چيو هو ته؛
پاتر پهرڻ، ڀل چڙهڻ،
ڀوم تريان اتم ڪل،
لالچ ڪيڻي نه لڀڻا،
ڍولا لکيا لاڀيا ول.
(اي ڍولا! نازڪ
نفيس ڪپڙا پهرڻ ۽ چڙهي جي لاءِ ڀليون گهوڙيون جن جو بڻ روءِ زمين تي بڻن ۾ اتم آهي،
اهي سڀ لالچ ڪندي نه ملن، پر هي ته لکئي جو نصيب آهن.)
سائين محمد سانوڻ
تمام گهڻو نفاست پسند هو. ڳالھ جي اجائي ڊيگھ ويڪر به نه وڻندي هئي. ذهني طور جڏهن
ٿڪجي پوندو هو ته ٿر ۽ بئراج جي ڪس جي ڳوٺ چيلھ بند سائين علي محمد شاھ عاجز ڏانهن
هليو ويندو هو. چيلھ بند جي سفر ۾ سوٽ فضل اڪثر طور گڏ هوندو هو.
سائين محمد سانوڻ
چوندو هو ته، سدائين سچ ڳالهايو، ايترو سچ جو ڪڏهن ڪنهن ڳالھ جو ويساھ ڏيڻ جي لاءِ
قسم کڻڻ جي ضرورت نه پوي. سچ سان هن جي ياري هئي. نئين ڏينهن سچ جي نئين سبق سان
اميدن جا نوان سج اڀاري زندگي جو نئون پيغام ڏنو. ظالم خلاف نفرت جي لاءِ عام ماڻهو
کي اتساهيو، نئين نسل کي سچ سيکارڻ جي ڏوھ ۾ ڪيترا ئي ڏک ڏٺا پر سچ جو ساٿ نه ڇڏيو.
ڏکين حالتن ۾ شيخ اياز جو نظم جهونگاريندو هو ته؛
جنهن جي من ۾ کاٽ
هڻي ٿو
تنهن جو سارو چين
کڻي ٿو
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو
آهي،
پر تو ائين ڪڏهن ڄاتو
آ،
ڪنهن سان تنهنجي ياري
آهي؟
سچ وڏو ڏوهاري آهي.
سائين محمد سانوڻ ڪردار
جو ڪنول گل هو. پر هن جي خيالن جي خوشبوءِ پوري ريت اڃان پکڙي نه هئي، سچ، سونهن، مڌرتا
۽ منورٿ جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي ريت روايت ۾ هن جا سارا رنگ اڃان رچيا نه هئا. ته
اوچتو ۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي وڇوڙي جا وڍ ڏيئي هن فاني دنيا مان هليو ويو. سائين محمد سانوڻ جي وڇوڙي
تي گونگيو ۽ آس پاس جي راڄن ۾ روڄ راڙو ٿي پيو، تڏي تي آيل هر ماڻهو ٿڌا ساھ ڀري ماڌو
لال حسين جي ڪافي سان پنهنجا لڙڪ اگهي رهيو هو ته؛
پياري لال! ڪيسا ڀروسا
دم دا
اُڙيا ڀنور ٿيا
پرديسي جون موتي شبنم دا.
سائين محمد سانوڻ
جي خاندان سان پنهنجي وڏڙن وانگر روح جو رشتو جڙيل آهي. امير حمزو اعليٰ تعليم حاصل
ڪري سنڌ جي ماحولياتي کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، عباس تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ آهي، شهاب
دين ريڊيو پاڪستاني مٺي تي گيسٽ پروڊيوسر جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي ۽ ننڍڙو
نياز علي تعليم حاصل ڪرڻ جي پنڌ ۾ آهي. امير حمزو ۽ شهاب نوجوان ٽهي جا نمايان شاعر
آهن. امير حمزي جا ڍاٽڪي ۾ چيل گيت: “جائي ڪهي مانهجي بالم نا سڪ تانهجي لاگي ري”،
“مانري گلاب را گلڙا گونگهٽيو هٽاءِ” ۽ ٻيا وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. فوزيه سومرو،
الهڏنو جوڻيجو، شمن ميرالي ۽ ٻين امير حمزي جي گيتن کي ڳايو آهي. شهاب دين جي
شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ڪريم فقير، انب فقير، هيرو لوهار ۽ ٻيا شهاب
جي غزلن کي ڳايو آهي.
سائين محمد سانوڻ جي اولاد ۾ سائين محمد سانوڻ جون جهلڪيون آهن. راڄ ڀاڳ سان ساڳي ريت نڀائي رهيا آهن.
استاد محمد سانوڻ نهڙيو
صاحب
(هڪ آدرشي انسان - ڪي ماڻهو
تاريخ ٿين ٿا)
حفيظ چانديو
هن دنيا ۾ انيڪ
انسان آيا ۽ ويا آهن، پر سڀ انسان نه ڪنهن کي ياد آهن، نه ئي تاريخ جا ورق کين سنڀالي
سگهيا آهن، هر انسان ڌرتيءَ تي ڄمڻ کان وڇوڙي تائين هڪ عملي ڪردار جي اُجري تاريخ
اڏيندو آهي، اڄوڪي ڏينهن ۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ اعلٰي آدرشي انسان
، نامور اُستاد ۽ سماج سيوڪ سائين محمد سانوڻ نهڙيو جن وڇڙي ويا، يقينن سندن وڇوڙي
واري خبر ساڻس پيار ڪندڙ ماڻهن مٿان وڄ جيان ڪڙڪي هئي، سندس وڇوڙي تي آسپاس جا هڙئي
پڙهيا، ڳڙهيا ماڻهو،سياسي ۽ سماجي ڌريون سندس پونئرن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيا، ۽ کين
پنهنجائپ جو احساس پڻ ڏياريو، سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو صحتمند سماج اڏڻ لاءِ پنهنجي سموري ڄمار امن ۽
محبت جي امين طور گُذاري، نوجوان نسل ڏانهن هڪ شاهڪار پيغام ڏنو ته ڌرتيءَ کي سهڻو
هيئن بڻائي سگهجي ٿو، امن ۽ انسانن جي سلامتي سندن نصب العين هيا، هو هڪ آدرشي
انسان ۽ لطيف سرڪار جو هڪ سُچيت پيروڪار هو جنهن سماج ۾ رهندڙ هڙني ماڻهن کي
پنهنجائي، هڪ مالها ۾ پوئڻ ٿي گهريو، کين سماجي رُتبي ڏيارڻ ۾ هميشه هڪ متحرڪ وجود
بڻجي ڪوشان رهيو، هن جي ڪوشش هئي ته سنسار مان هڙني نفرتن کي ڌڪاري ڪڍجي، تنهنڪري
هن هميشه پيار ۽ محبت جي تلوار سان نفرتن کي مات ڏيڻ ٿي گهري، سائين ”استاد محمد
سانوڻ نهڙيو“ چاهيو پئي ته سندس چوڌاري سوجهرو ٿئي ۽ گهگهه اونداهيءَ جو مڪمل
خاتمو اچي، اهو ئي سبب هو جو نوجوانن کي هميشه پيار ۽ پاٻوهه ڏئي روشن مستقبل ڏانهن
متوجهه ڪندي کين علم، ادب ۽ آرٽ
جي عملي تصوير بڻجڻ لاءِ سندن شعوري آبياري پڻ ڪئي هئي، سائين پنهنجي ذات
منجهه هڪ مفڪر، هڪ حساس دل رکندڙ سماج سيوڪ انسان هو، آسپاس جا ٻڍا توڙي ٻار سندن
وڏي عزت ڪندا هيا، ڇاڪاڻ ته هو هر ڪنهن سان ڀلائي ڪندڙ پيار جو اعلٰي مثال ٿي سندن
سامهون هو، .هن پنهنجي دور جي هڙني مسئلن کي مڙسيءَ سان نبيرڻ ٿي گهريو، بنيادي
سهولتن کان انساني حقن جي حاصلات تائين آسپاس جا ماڻهو هن معزز شخص کان سهڪار لاءِ
سندس اڱڻ مهڪائيندا هيا، هن ابنِ الوقت لالچي ۽ خود غرض ماڻهو کائنس خوفزدهه هوندا
هيا، هن ڪڏهن به ڏاڍ آڏو هاريو نه! هن ڏاڍ جي نظام کي پيار ۽ پنهنجائپ سان ڀورا ڀورا
ڪري ڇڏيو، هن وٽ پيار ۽ محبت کان وڌ ڪو هٿيار ئي نه هو، هن زندگيءَ جا دلڪش پل
انساني ترقيءَ ۽ ڀلائي ۾ گذاري ڇڏيا، سائين جن جو چوءَنرو نوجوانن لاءِ بهترين
درسگاهه ثابت ٿي هئي، جتي هنن ٿريلي ماحول ۾ رهندي مورن جي ٽهوڪن جي فطري حسناڪيءَ
جي اهميت کي سمجهندي فطرت سان پيار ڪرڻ گهريو ۽ سندس رهنمائيءَ کي ماءُ جي هنج چيل
ٻاجهه ٻول جهڙن نصيحتون سمجهي سماج ۾ بهتري لاءِ جاکوڙيو، وٽس انسانن جي برابري
وارو تصور به ڪمال جو هو، هو ذاتي ،نسلي يا قبيلائي بنيادن کي ٺهيل اتحادن کي قومي
وحدت تي وار سمجهي کين هدايتون ڪندو هو ته ” مايوس نه ٿيو، هڙئي هُڪ ٿي وڃو“. پاڻ
۾ ايڪي ۽ اتحاد قائم ٿيڻ سڀ ڏُک ۽ ڏُوجهرن جو خاتمو اچي ويندو تنهنڪري پاڻ ۾ وڌيل
هڙني ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ سندس نصيحتون ان دور جي انسانن کي اڄ به ياد ضرور
هونديون،
اڄُ پنهنجي پياري
پرين شاعر دوست شُهاب نهڙيو جي والد ” سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو“ جن جي
سالياني ياد آهي، کيس ياد ڪندي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي، سچ پچ سائين استاد محمد سانوڻُ
نهڙيو جي ڪيل سماجي ۽ تعليمي خدمتن کي ورجايون ٿا جيڪي ڪنهن کان وسرڻ جهڙيون ناهن،
پنهنجن قومي شخصيتن کي سندن وئي پڄاڻان زندهه قومون ان ڪري ياد ڪنديون آهن ته جيئن
هو پنهنجي قومي هيرن ، سماج جي اجرن ۽ مثالي ڪردارن جي ڪيل پورهئي بابت نئين نسل
کي آگاهي ڏين، اڄ جڏهن سندس وڇڙي کي ارڙهن سال گذري چڪا آهن تنهن باوجود به سنڌ جي
ماڻهن پنهنجي پياري رهنما ۽ رهبر کي ناهي وساريو، هو ساڻس اڄ به بي پناهه پيار ۽
محبت ڪن ٿا، سندس اجري ڪردار کي ياد ڪندي اوچو ڳاٽ ڪندي سنسار کي سهڻو ڏسڻ گهرن ٿا،
سائين استاد محمد سانوڻُ نهڙيو جهڙا مانجهي انسان سچ ته اسان لاءِ اسان جي ايندڙ
نوجوان نسلن لاءِ قيمتي اثاثو آهن، اسان کي سندن پڄاڻان سندن صالح اولاد سان ملي
محسوس ٿيو ته سندن شاندار تربيت يقينن ڪنهن مانجهي انسان ڪئي آهي، ساڻس ملندي
سائينءَ جون سِڪون لاهي سگهون ٿا، سندس صالح اولاد سندس ڇڏيل واٽ ئي رنڊا روڙي رهي
آهي، ”سائين محمد سانوڻ جو وڏڙو پٽ پيارو امير حمزو جيڪو سهڻو شاعر پڻ آهي، سندس ڪلام
سنڌ جي اڪثر فنڪارن پڻ ڳايو آهي، ۽.ننڍڙو پٽ شھاب نهڙيو آهي، هي ٻئي پيارا سنڌ جا
سهڻا شاعر پڻ آهن، ادبي کيتر ۾ شهاب سنڌيءَ
جي نالي سان هو پنهجو قلمي پورهيو سنڌ ۾ وسندڙ وطن واسين تائين پنهنجون نڪور
تخليقون پهچائيندو ٿو رهي ۽ ان سان گڏ هو ريڊيو پاڪستان مٺيءَ ۾ گيسٽ پروڊيوسر طور
پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. اڄ پاڻ ٿر جي هڪ ڌرتيءَ جي اُجري ڪردار کي
سندس ورسيءَ تي جڏهن ساريون ٿا سندس ڪيل خدمتون ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪيل ڪمن کي ڏسندي
پاڻ کي جيتامڙو ٿا سمجهون، سندس ڪيل انساني خدمتن عيوض سندس عظمت کي سلام پيش ڪندي،
ساڻس وچن ٿا ڪريون ته سائين محمد سانوڻ نهڙيو صاحب! اوهان جن اصولن تي زندگي گهاري
،انسانيت جو مانُ مٿاهون ڪري هڪ اهڙو روشن دڳ ڇڏي ويا آهيو جنهن تان گذرندي وکَ وک
تي اوهان کي ياد ضرور ڪبو.
ڏاڍو سايندين،
مُنهنجي مئي کانپوءِ تون!
(حفيظ چانڊيو
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
No comments:
Post a Comment