Pages

26 June, 2022

وسيم

وسيم

سنڌي فلمن جو راجا

رکيل مورائي



سنڌي فلم ته ڪيترو عرصو اڳ مري چڪي آهي، پر ان جي جاهلائيندڙ ۽ ان جو مرتبو وڌائيندڙ ڪي شخص، پنهنجي پنهنجي اڪيلائي ڀوڳي، ڪي هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن ته ڪي اڃان تائين اڪيلائي جي اوندھ مان آجائي حاصل ڪرڻ لاءِ آخري ساھ کڻي رهيا آهن. اهڙن شخصن ۽ سنڌي فلم کي آبرو بخشيندڙ ن مان هڪ شخص وسيم راجا به هئو، جيڪو پنهنجي مفلسيءَ مان ڪالھ آجائي ماڻي آزاد فضائن ۾ اڏامي ويو.


وسيم راجا سنڌي فلمن جو اهڙو هيرو هئو، جنهن جي فلمن کي سنڌي ماڻهن وري وري ڏٺو، مشتاق چنگيزي ۽ وسيم راجا هڪ وڏو عرصو سنڌي ماڻهن جي دلين ۽ اکين تي پنهنجي اداڪاري ذريعي راڄ ڪندا رهيا. مشتاق چنگيزيءَ کانپوءِ وسيم سنڌي فلمن جي سڃاڻپ رهيو آهي.

وجيھ شڪل وارو نوجوان وسيم سنڌي فلم انڊسٽري پڄاڻي تي پهچڻ کانپوءِ گهڻين ڏکين حالتن مان گذريو، ڪيترن موقعن تي هو ثقافت کاتي ۽ ٻين ادارن کي مالي سهائتا لاءِ به چوندو رهيو پر ادارن ڏانهس گهربل ڌيان نه ڏنو ۽ هو مالي پريشانين ۾ گهيريل هجڻ سان گڏ مختلف بيمارين ۾ پڻ گهيريل رهيو.

سنڌي سينيما جو هڪ دور اهڙو به هيو جو هڪ هڪ فلم ڪيترا ئي هفتا هلندي رهندي هئي ۽ هائوس فل جو بورڊ ان جي گيٽ تي هر وقت لڳل هوندو هئو. ماھ پاره ۽ وسيم جي جوڙي سنڌ ماڻهن کان اڄ به نه وسري آهي، جن به وسيم جون فلمون ڏٺيون، اهي پڪ سان سندس وفات تي گهڻو دکي ٿيا هوندا. ٻيءَ طرح اسان جي نسل جو هو سنڌي فلمن جو پسند ايندڙ اداڪار هئو.

هڪ وقت اهڙو به هُئو جو اسان جا همعصر جڏهن وسيم جي ڪا به فلم ڏسي ايندا هُئا ته ڪپڙن ۽ وارن جو اهو اسٽائيل پنهنجو ڪري وٺندا هُئا، اهو ته سچ آهي ته سنڌي فلمن جو دائرو بنھ ننڍو رهيو آهي، تنهن هوندي به وسيم کي گهڻو گهڻو پسند ڪيو ويندو هئو. شايد ئي سندس فلم ڏسندڙ کيس وساري سگهيا هجن. جيتوڻيڪ هو جيئن فلمن کان جدا ٿيو ته هن شايد ڪنهن به چينل وغيره تي ڪم ڪرڻ کي اهميت ڪا نه ڏني، جنهن ڪري سندس چهرو سندس چاهيندڙن لاءِ اوپرو بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته هو وري ڪڏهن ۽ ڪنهن به اسڪرين تي ڏسڻ ۾ نه آيو.

ڪنهن به طرح وسيم جو وڇوڙو نه فقط سنڌي فلم انڊسٽري، جيڪا نه رهي آهي، لاءِ ڏکوئيندڙ ته آهي پر گهڻو ڏک انهن کي رسيو آ هي، جيڪي سندس چاهيندڙ رهيا آهن، جن مان هڪ مان به آهيان.

اسان جا فنڪار هڪ هڪ ٿي وڃي رهيا آهن. وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پر اسان جا ادارا ۽ حڪومتون انهن لاءِ اهڙو ڪجھ نه ڪري رهيون آهن، جهڙو سڌريل ملڪ ۽ قومون پنهنجي فنڪارن لاءِ ڪنديون آهن. اسان جي ملڪ۾ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ جيڪڏهن ڪو انڌو منڊو ادارو آهي به ته اهو ان لاءِ گهربل سهولتون رسائڻ کان قاصر آهي، سچ ته اهو آهي، خود جن ادارن ۾، چينلن ۾ اهي فنڪار پنهنجون سڀ قوتون ڏئي ڇڏين ٿا، اهي ادارا به سندن ڏکين ڏينهن ۾ پرگهور لهڻ کان پري ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ۽ پوءِ فنڪار جي بيوسي آهي ۽ پاڻ آهي. پڄاڻي تي سندس ياد ڪنهن اخبار جي هڪ ڪالمي خبر يا اڌ سيڪنڊ جي چئنل جي خبر ڏياري ٿي ۽ بس..!

ڏکوئيندر ڳالھ اها به آهي ته اسان جا فنڪار جڏهن سڀ ڪجھ هوندا آهن، سندن ڀاڳ پٺيان هوندو آهي، ناڻو سندن جهوليءَ ۾ پوندو آهي. ان وقت هو انهي جو قدر نه ڪندا آهن ۽ ان کي اجاين نمائشين ۾ اڏائيندا آهن ۽ جڏهن هو هٿين خالي هوندا آهن ته رحم جهڙا هوندا آهن. خاص طور سنڌي فنڪار ته مجموعي طور سنڌي ماڻهن جيان سدائين هٿين خالي ئي رهيو آهي. ان تي ڪهڙي ميار ڏجي. ميار ته ان موت تي ئي آهي، جيڪو انهن سان يا ڪنهن سان به ۽ ڪا به رعايت ڪرڻ وارو نه آهي ۽ هن اها رعايت وسيم سان به نه ڪئي. سڀاڻي ٻين سان به نه ڪندو. ان ڪري اڄ جي فنڪار کي پنهنجي لاءِ پاڻ به ڪجھ سوچڻ کپي، ڇو ته اسان ڪيترا ئي سنڌي فنڪار ڏسي رهيا آهيون، جيڪي چڱا پئسا ڪمائين ٿا پر سڀاڻ لاءِ ڪجھ بچائڻ لاءِ سوچڻ انهن جو ڪم نه آهي.

پئسو اچڻي وڃڻي شئي آهي، زندگيءَ جي ترتيب هر شخص لاءِ هڪ جهڙي آهي ۽ فنڪار لاءِ ته اها انتهائي اهم آهي، کيس اهو نه وسارڻ گهرجي ته هو جنهن قوم جو فنڪار آهي، اها قوم ئي جيئڻ جي جنگ ۾ جبيل آهي، اها کيس نيڪ خواهشن ۽ محبتن کان سواءِ ڪجھ ڏئي سگهي، اهو مشڪل آهي، پڪ سان اهي محبتون وسيم کي سنڌي ماڻهن ڏنيون آهن جو هو کيس به اڄ به وساري نه سگهيا آهن. جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪيترو ئي وقت وساري ويٺو هُئو، پر ڪالھ موت کيس سڀ ڪجھ ياد ڏياريو ۽ پاڻ سان وٺي وڃڻ به ياد ڏياريو ۽ کيس پاڻ سان وٺي به ويو.

وسيم

ماضيءَ جي ھڪ سپر اسٽار جو وڇوڙو

زيب سنڌي

عيد جي ٻئي ڏينهن تي پنهنجي بيشمار چاهيندڙن کي ڏکارو ڪري اهو شخص گذاري ويو، جيڪو پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڪٿي نظر ايندو هو ته نوجوان گهيرو ڪري سندس چوڌاري بيهي رهندا هئا، رستي تان گذرندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ عورتون هلندي هلندي بيهي رهنديون هيون ۽ ڪنڌ ورائي هن ڏانهن ڏسنديون هيون. سندس سونهن ۽ من موهيندڙ مُرڪ تي ڪيتريون ئي سُندريون ساھ ڏينديون هيون... سنڌي فلمن جو اُهو سپر اسٽار چاڪليٽي هيرو وسيم وفات ڪري ويو. سندس وفات جي خبر ٻڌي ڏک به ٿيو، سندس ڏٺل ڪجھ فلمون به ياد پيون ته ساڳئي وقت هن سان ٿيل ڪجھ مختصر ملاقاتن جا عڪس به اکين ۾ تري آيا... هن کي وسيم راجا به چيو ويندو هو. هن جي وفات جي خبر ٻُڌي مون انٽرنيٽ تي سندس پروفائيل پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنهنجي وقت جي ڪيترين ئي دلين تي راڄ ڪندڙ هن راجا جو پروفائيل مون کي انٽرنيٽ جي ڪنهن به سائيٽ تي نظر نه آيو! پنهنجي وقت جي سپر اسٽار بابت معلومات جي اڻاٺ وقت مون کي پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ محمود مغل جو ضخيم ڪتاب “سنڌ ٽاڪيز” ياد آيو. انهيءَ ڪتاب جي صورت ۾ محمود مغل سنڌي فلمن جي مڪمل تاريخ قلمبند ڪئي آهي، جنهن ۾ وسيم جو به جامع پروفائيل موجود آهي، جنهن مطابق وسيم ويهارو سنڌي ۽ پنج اردو فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو. پنهنجي دور جو هڪ سپر اسٽار، جيڪو سنڌي فلمن جو دور ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽي وي ڊرامن جي دنيا سان اڃا به وابسطا هيو، پر جديد دور ۾ انٽرنيٽ جي جهانَ ۾ هن بابت ڪا خاص معلومات نه ڏسي لڳو ته، حقيقت ۾ اسان هن کي وقت کان اڳ ئي، سندس جيئري ئي ڄڻ ته وسارڻ شروع ڪيو هو! هونءَ به اسان سنڌي فلمن جي فنڪارن کي وساري ئي چڪا آهيون. اسان جي نئين نسل کي اها خبر به ناهي ته ڪڏهن سنڌي فلمون به ٺهنديون هيون ۽ سنڌي فلمن جا فنڪار به سپر اسٽار سمجهيا ويندا هئا!

اها ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ جي ڳالھ آهي، جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي بلڊنگ اڳيان فوٽ پاٿ تي اڪيلي بيٺل هڪ شخص ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، مون پنهنجي ننڍي پُٽ شهريار کي چيو هو، “جيڪڏهن اڄ کان ٽيھ سال اڳ اهو شخص اتي بيهي ها ته هي روڊ بلاڪ ٿي وڃي ها!” منهنجي پُٽ هلندڙ گاڏيءَ منجهان ڪنڌ ورائي فوٽ پاٿ تي بيٺل انهيءَ شخص ڏانهن ڏسي مون کان پڇيو هو، “ڪير آهي اهو ماڻهو؟” وراڻيو هئم، “اڪيلو بيٺل اهو شخص پنهنجي دور ۾ سنڌي فلمن جو اميتاڀ بچن هو!” منهنجي پُٽ انتهائي حيرت سان پوئتي ڪنڌ ورائي فوٽ پاٿ تي بيٺل انهيءَ شخص ڏانهن ڏٺو هو، جيڪو پنهنجي دور جو سپر اسٽار مشتاق چنگيزي هو!

سنڌي فلمن جي ٻئي دور جي شروعات فلم “شهرو فيروز” سان ٿي هئي، جنهن جو هيرو مشتاق چنگيزي هو. “شهرو فيروز” جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ۾ مون ڪابه سنڌي فلم نه ڏٺي هئي، جو شايد انهيءَ کان اڳ جيڪي سنڌي فلمون ٺهيون هيون، اهي منهنجي سانڀر وارن ڏينهن کان اڳ جون هيون. منهنجي سانڀر واري پهرين سنڌي فلم “شهرو فيروز” لاڙڪاڻي جي رائل سئنيما ۾ لڳي هئي ته هڪ ڏينهن مان به فلم ڏسڻ لاءِ پهچي ويو هئس. سئنيما تي اهڙي رش هجي جو سئنيما جي گيٽ تائين پهچڻ ته ڇا، پر سئنيما جي اڳيان بيهڻ به مشڪل هو! ڪجھ ڏينهن کان پوءِ جڏهن رش ٿوري گهٽ ٿي، تڏهن به سئنيما جي اصطلاح موجب ڪيترن ئي هفتن تائين “کِڙڪِي توڙ هفته” واري حالت هئي. سو مان به اهڙي ئي ڪنهن کِڙڪِي توڙ هفتي واري هڪ ڏينهن وري ويس، پر تڏهن به ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ کِڙڪيءَ تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مون سئنيما مالڪ جي آفيس ۾ وڃي ٽڪيٽ لاءِ چيو هو، جنهن مون کي ٽڪيٽ گُهرائي ڏني هئي. پهريون ڀيرو اها فلم “شهرو فيروز” ڏٺم ته مشتاق چنگيزيءَ جو پرستار بڻجي پيس ۽ پوءِ مون اها فلم چار دفعا وري به ڏٺي هئي! جيتري قدر مون کي ياد آهي ته اها فلم انهيءَ سئنيما ۾ لڳاتار ويھ هفتا لڳل رهي هئي. لاڙڪاڻي جيان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به انهيءَ فلم ساڳئي ڪاميابي ماڻي هئي. سبب فقط اهو نه هو ته گهڻي وقت کان پوءِ ڪا سنڌي فلم ريليز ٿي هئي، پر ڊائريڪٽر شيخ حسن جي انهيءَ فلم جي ڪهاڻي، اداڪاري توڙي موسيقي بيشڪ ته لاجواب هئي. “شهرو فيروز” سان سنڌي فلمن جي نئين دور جي ابتدا ٿي ته مشتاق چنگيزيءَ کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ جيڪو ٻيو سهڻو هيرو نظر آيو، اهو وسيم ئي هيو. انهيءَ دور ۾ ڪيتريون ئي ڪامياب سنڌي فلمون ٺهيون، جن ۾ چانڊوڪي، گهونگهٽ لاھ ڪنوار، محبوب مٺا ۽ بادل جهڙيون يادگار فلمون به شامل آهن. انهن فلمن جا گانا ته اڄ تائين به مشهور آهن ۽ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا رهن ٿا.

سو مون ڳالھ پئي ڪئي سنڌي فلمن جي عروج واري دور جي ۽ انهيءَ دور جا سپر اسٽار هيا مشتاق چنگيزي ۽ وسيم. انهيءَ دور ۾ ئي مون لکڻ به شروع ڪيو هو ۽ ڪهاڻين سان گڏ سنڌي اخبارن ۾ فلمن بابت آرٽيڪل به لکندو هئس. هڪ ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ مشتاق چنگيزيءَ سان ملڻ لاءِ ايسٽرن فلم اسٽوڊيو هليو ويو هئس. تيسين سنڌي فلمن جي حوالي سان منهنجا پنج ڇھ آرٽيڪل ڇپجي چڪا هئا. هن سان تعارف ٿيو ته سپر اسٽار مشتاق چنگيزيءَ کڻي ڀاڪر وڌو، جيڪو سچ ته منهنجي لاءِ بيحد يادگار لمحو هو. انهيءَ ڏينهن مشتاق چنگيزي ۽ سندس زال چڪوريءَ سان ڊگهي ڪچهري ٿي هئي. موڪلائڻ مهل هن چيو هو، “جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿئي ته ضرور ملڻ اچجانءِ. ” پوءِ ته هن سان منهنجي دوستي ٿي وئي. جڏهن به منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو ته ايسٽرن اسٽوڊيو جو چڪر لازمي هوندو هو ۽ مشتاق چنگيزيءَ وسيلي ئي اداڪار وسيم، ڊائريڪٽر اي ڪيو پيرزادي ۽ ٻين سان به ملاقاتون ٿينديون هيون. ڇا ته عروج هو تڏهن سنڌي فلمن ۽ انهن اداڪارن جو! پوءِ وري اهڙو وقت به آيو، جو اَڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪَنگن... جنهن کان پوءِ سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي انهيءَ شاندار دور جي پڄاڻيءَ جو سفر شروع ٿيو، پنهنجي دور جا سپر اسٽار اداڪار ۽ ذهين فلم ڊائريڪٽر بيروزگار ٿي گمناميءَ جي غفائن ۾ هليا ويا... ڪي سال گذري ويا، هڪ ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي ڪي ايم سي بلڊنگ جي سامهون گذري رهيو هئس ته، فوٽ پاٿ تي ٽيبل ڪرسي رکي ويٺل هڪ ٽائپيسٽ تي منهنجي نظر پئي. سندس چهرو مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو، پر مان سندس ڀرسان گذري اڳتي هليو ويس. ٿورو اڳتي وڃڻ کان پوءِ مون کي ياد آيو ته، فوٽ پاٿ تي ويهي پيٽ گذر لاءِ ٽائيپسٽ جو ڪم ڪندڙ اهو شخص ماضيءَ جو مشهور سنڌي فلم ڊائريڪٽر اي ڪيو پيرزادو هو! موٽي وڃي مان ساڻس مليس ۽ فوٽ پاٿ تي بيٺي ئي ڪجھ گهڙيون هن سان ڪچهري ڪيم ته ماضيءَ کي ساريندي سندس اکيون ڀرجي آيون هيون. اي ڪيو پيرزادي جي فلمن جو هيرو مشتاق چنگيزي به پنهنجي زندگيءَ جي آخري سالن ۾ پنڌ ئي پنڌ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فوٽ پاٿ تي ايندي ويندي نظر ايندو هو، جو هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هڪ ڪانٽريڪٽ تحت فقط چار هزار رپيا مهيني تي ملازمت ڪندو هو! تازو وڇڙي ويل ماضيءَ جي سپر اسٽار وسيم به پنهنجي حياتيءَ جا آخري سال ڏاڍو مشڪل حالتن ۾ گذاريا. ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر شايد توهان به پڙهي هجي ته، سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي زوال کان پوءِ ماضيءَ جي هن سپر اسٽار کي ته پيٽ گذر خاطر مختلف پورهيا به ڪرڻا پيا. مون کي مليل ڄاڻ موجب سندس بيماريءَ جي وقتن ۾ هن جي علاج لاءِ سرڪار کي به اپيلون ڪيون ويون هيون، پر سندس واهر نه ڪئي وئي ۽ هو سدائين لاءِ اسان کان وڇڙي ويو!

No comments:

Post a Comment