استاد غلام مصطفيٰ وڌو
خالد حسين چنا
سوچيان ٿو ٻين شهرن
جيان شهدادڪوٽ شهر ۾به هزارين لکين ماڻهو پيدا ٿيا هوندا ۽ فوت ٿيا هوندا پر انهن
مان ڪي ٿورڙا هوندا جن کي ياد ڪري سندن گڻ ڳائي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ ڪنهن به ماڻهو
جي باري ۾ سوچڻ ان ماڻهو جو جياپو آهي. يوناني مفڪر پارمي نائيديس الياطي چيو آهي
ته جنهن تي فڪر نه ٿو ڪري سگهجي، سمجهو اهو موجود ناهي. ايوب کوسو جي ڪتاب مري جي ڏٺو
سين ۾ لکيل آهي ته آئون آهيان ۽ نه آهيان جي وچ ۾ آهيان. هڪڙا ماڻهو دنيا ۾ آهن،
پر انهن جو هجڻ به ائين آهي ڄڻ اهي آهن ئي ڪو نه. اهي پيٽ پالڻ لاءِ ڪمائين ٿا، کائين
ٿا ۽ مري وڃن ٿا. بس انهن جي ايتري ئي ڪهاڻي آهي. ٻيا اُهي انسان آهن جيڪي ٻين
لاءِ، قومن لاءِ، عظيم نظرين لاءِ جيئن ٿا. ايجادون ڪن ٿا. شعور ڏين ٿا. پنهنجي ذات
لاءِ ذرو به مٿو نه ٿا کپائين. اهي ماڻهو ڪڏهن به مرڻا ناهن. انهن جو ڪردار زنده رهندڙ
حقيقت آهن. سنڌ سونهاري ۾ اهڙا ڪردار اسان
جي مجموئي سونهن ۽ حقيقي اتهاس آهن.
شهدادڪوٽ جي مٽي اهڙن
ڪيترن ڪردارن سان زرخيز آهي جتي انسانن جي ڪردار جا ايترا گهاٽا ۽ ڦلدار وڻ پوکيل
آهن جو اسان جو نئون نسل انهن جي عملن ۽ ڪردار مان اتساه وٺي پنهنجي شاندار مستقل
جي ساڀيان ڪري سگهي ٿو. اهڙن ئي ڪردارن مان هڪ مرحوم استاد غلام مصطفيٰ به آهي. مرحوم
استاد غلام مصطفيٰ وڌو ولد حاجي استاد محمد دائود وڌو ۱۸ جنوري ۱۹۳۹ع تي چاڪياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ان دور ۾ گهڻيون سهولتون ڪونه هونديون هيون.
نه بجلي، نه گئس، نه وري ٽرانسپورٽ اڄ جيان هوندي هئي. پوءِ به ماڻهو ڏکن بکن تي پڙهندا
هئا. سائين غلام مصطفيٰ پرائمري تعليم چاڪياڻي ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي
مان حاصل ڪيائين.چاڪياڻي شهر شهدادڪوٽ کان لڳ ڀڳ ۵ ڪلوميٽر پري رتوديرو روڊ تي واقع هڪ
نمايان ڳوٺ آهي جتان جا اڪثر ماڻهو پڙهيا لکيا، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل نوڪرين
وارا آهن. سائين غلام مصطفيٰ ۰۷ فيبروري ۱۹۵۷ع تي پرائمري استاد طور مين پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ
۾ پڙهائڻ جي شروعات ڪيائين. سال ۱۹۷۱ع ۾مڊل اسڪول چاڪياڻي ۾مقرر ٿيو. جيئن ته هو پاڻ به ڏکن
۾۽ محنت ڪري پڙهيو هو ان ڪري هو معياري تعليم جي حصول لاءِ هميشه ڪوشان رهيو ۽ سڄي
عمر غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مالي مدد ڪندو رهيو ۽ شام جي وقت ڳوٺ ۾ شاگردن کي مفت
تعليم ڏيندو هيو ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٻارن کي اتساهيندو رهندو هيو. ۱۹۷۴ع ۾ مڊل اسڪول چاڪياڻي مان بدلي ٿي ڳوٺ رئيس
اعتبار خان چانڊيي ۾مڊل اسڪول ۾استاد مقرر ٿيو ۽ اتي به سائين غلام مصطفيٰ وڌي
تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ شام جي وقت شاگردن کي مفت تعليم ڏيندو هو ۽ سندس لائق شاگردن
۾ڊاڪٽر غلام حسين وڌو، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو ۽ پروفيسر رشيد خانواهي قابل ذڪر آهن.
هن جي خاص خوبي
بطور استاد اها هوندي هئي ته جيڪو شاگرد نه ايندو هو ته هو ان جي گهر پهچي ويندو
هو. شاگرد تي يا انهن جي والدين تي پڙهڻ جي معاملي ۾ سختي ڪندو هو. شاگردن تي خاص نظر
رکندو هو. ايتري تائين جو ڪو به شاگرد فضول گهٽي ۾ نه گهمندو هو. هو شاگردن کي پڙهائي
وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو هو. هو
تعليم جي حصول جي معاملي ۾ڪنهن به وڏيري جي نه ٻڌندو هو. جيڪڏهن وڏيري جي پٽ
به ڪا غلطي ڪئي ته هو ان کي سخت سزا ڏيندو هو ۽ هن ائين ڪيو.
هن جو نه صرف تعليمي
پر سماجي ڪمن سان به عشق هوندو هو. ڪنهن غريب گهر جي فوتي وٽ پاڻ وڃي ڪفن پهچائيندو هو ۽ مالي معاونت ڪندو
هو. بيمار ماڻهو يا غريب ماڻهو جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو ۽ جيستائين
مسئلو حل طرف نه وڌي تيستائين سڪون سان نه ويهندو هو.
سنڌ گرجوئيٽس ائسوسيئيشن
پنهنجن ميمبرن کي ڳوٺ سڌار جو خيال ۱۹۷۹ ڏنو ۽ سنڌ جا اڪثر پڙهيا لکيا ماڻهو ان ڪم سان لڳي ويا تن ڳوٺ سڌريو ته سنڌ
سنوارجي ويندي. سگا جا مرڪزي اڳواڻ خاص طور تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محترم ولي
محمد روشن ۽ محترم خان محمد پنهور صاحب جن ماڻهن کي ٻڌايو ته پنهنجن ماڻهن کي
پنهنجن حقن وٺڻ جي جاڳرتا ڏيو ته جيئن اهي ٻڌي ڪري، محنت ڪري پنهنجي حالت کي بهتر ڪرڻ
لاءِ ڪوششون ڪن. اهڙي طرح ڳوٺ سڌار سنگتون ٺاهيون ويون. انهن سنگتن جي تنظيم دوران
ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا ۽ کين پنهنجا مسئلا پروڙڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو ڏانءُ
ايندو. پاڻ ۾ گڏ ويهڻ جو شعور پيدا ٿيندو ۽ قومي ٻڌي جو تصور اڀرندو.
ڳوٺ سڌار سنگت جا
ساٿي پنهنجي ڳوٺ جي مسئلن جو جائزو وٺي، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچين.
ڪجهه مسئلا اهڙا آهن جيڪي گڏجي حل ڪري سگهجن ٿا. جيئن ڳوٺ ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو انتظام
ڪرڻ، اسڪولن ۽ اسپتالن جي مالڪي ۽ سارسنڀال لهڻ، نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ،
تعليم بالغان شروع ڪرڻ وغيره شامل هئا. ان کان علاوه حڪومت جي نمائندن ۽ وس وارن
کان روڊ رستا، اسڪول اسپتالون ٺهرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون هيون. سگا جا ساٿي سائين محمد
اسلم شيخ، سائين محمد حسن پٺاڻ، سائين الهورايو قريشي ۽ ٻين ساٿين سائين غلام
مصطفي سان گڏجي چاڪياڻي سميت آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خير جا ڪم ڪيا. صحت جو ڪئمپون
۽ علمي ادبي پروگرام ڪرائيندا رهيا ۽ ساڳيو سلسلو اڄ به قائم دائم آهي.
هن پنهنجي ڀوُن کي ڀليرو
بڻائڻ ۾ لاتعداد ڪوششون ڪيون. ۱۹۸۲ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ چاڪياڻي ۾ڳوٺ سڌار
تنظيم جو بنياد رکيو. غلام مصطفيٰ وڌو هن جو مسلسل ۱۰ سالن تائين صدر رهيو. سال ۱۹۹۸ع ۾ ڳوٺ جي لاءِ ان وقت جي ايم پي اي محترم خداڏني
خان چانڊيو کان واٽر سپلا اسڪيم، هاءِ اسڪول، روڊ ۽ اسپتال منظور ڪرائي. سال ۱۹۹۸ع ۾شهدادڪوٽ ۾ پرائيويٽ پرائمري اسڪول دائود
وڌو ۽ قضبانو وڌو پرائيويٽ هاءِ اسڪول جو بنياد رکيو، جتان هر سال سوين شاگرد تعليم
پرائي اعليٰ تعليم لاءِ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو رُخ ڪن ٿا.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
جي ان وقت جي مرڪزي سيڪريٽري صحت محترم غلام حسين بلوچ ٻڌايو ته هڪ دفعي شهدادڪوٽ
۾ اکين جي مفت ڪيئمپ لاءِ اچڻو پيو. هو منهنجو حسراڻي پيٽرول پمپ تي انتظار ڪندو
رهيو پوءِ گڏجي ڪيئمپ تي ويا سي. ان وقت سگا شهدادڪوٽ جي سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪئمپ
هئي. پورا اٺ ڏينهن ڪئمپ هلي. ماڻهن جي رهڻ ۽ کائڻ جو الڳ بندو بست ٿيل هو. سنڌ
بلوچستان پري پري کان ماڻهو آيل هئا. هو هر سال اکين جي ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو وٺندو
هو. ٻين ساٿين کي همٿائيندو هو. ڪجه پاڻ ته وري ڪجهه ماڻهن کان مالي مدد وٺي خير جو
ڪم جاري رکندو هو. هن کي سگا ۾ عهدي وغيره جي ڪڏهن به لالچ نه رهي. بنا نالي ڳڻائڻ
۽ فوٽو ڪڍرائڻ جي هن ڪيترا ئي عظيم ڪم ڪيا
جن جي هڪ هن کي، ٻيو الله کي خبر هوندي. سگا شهدادڪوٽ جا ساٿي هن جي سماجي ڪمن ۽ محنتن
کي اڄ به ياد ڪري اتساهه حاصل ڪندا آهن. هر سال سگا شهدادڪوٽ جا ساٿي هن جي نالي
سان يادگار اکين جي مفت ڪئمپ جو سلسلو اڄ به جاري رکندا پيا اچن. چوويهه مفت اکين
جو ڪئمپون لڳائي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي.
پاڻ ۰۱-۰۸-۲۰۰۳ تي هن فاني جهان کي الوداع چئي، وڃي حقيقي مالڪ سان مليو.
سندس ڪيل خدمتون هيمشه لاءِ ياد رکيون وينديون. شال خدا پاڪ کيس جنت الفردوس ۾اعليٰ
جاءِ عطا فرمائي. آمين.
مرحوم سائين غلام مصطفيٰ وڌو کي ڇهه نياڻيون ۽ ٻه پٽ محمد ايوب اسٽاڪ اسسٽنٽ ويٽنري اسپتال شهدادڪوٽ ۽ خليل احمد وڌو مڪينيڪل انجنيئر سعودي عرب آهن.
No comments:
Post a Comment