محمد اعظم جروار
هم فقيرون سي دوستي ڪرلو
خالد حسين چنا
شيون هڪ جهڙيون ٿئي
سگهن ٿيون يا انهن جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو. پر انسان جهڙو هوبهو ٻيو انسان نه ٿو
ٿئي سگهي. شڪل، صورت يا سيرت ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته
هڪ انسان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ پاسا ٿين ٿا. هڪڙا ظاهري پاسا ته ٻيا لڪيل جيڪي
مشڪل سان ڪنهن کي خبر هجن. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن ماڻهو جي باري ۾ لکڻ کي حتمي يا
مڪمل چئي نه ٿو سگهجي. هڪڙن ماڻهن جي شخصيت ايتري ته سحرانگيز يا وشال ۽ وصعت واري
هوندي آهي جو صرف ان ماڻهو جي هڪ رخ تي به حقيقت ۾ انصاف سان لکي نه سگهبو آهي. هر
ماڻهو پنهنجي ذات ۾ گلشن آهي. شهدادڪوٽ ۾ محمد اعظم جروار انهن ڪيترن ئي اهڙن
ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي ماضي جي يادن ۾ پراڻن ناياب ڪتابن تي دز جيان اسان کي
صاف ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن ته جيئن ايندڙ نسل، انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهي.
اسان جي تر جي هن موکي تي وڌيڪ ان دور جا متارا ئي روشني وجهي سگهن ٿا. يا وري اهي
ماڻهو جن تي ڪنهن حڪمران، مير، پير ۽
وڏيري جو حڪم نه هلندو هو پر فقير محمد اعظم جروار جي پرشوق دلاسن تي پري پري کان
اچي هن وٽ حاضر ٿيندا هئا. هن سان گڏ سياسي سفر ڪندڙ دوست تي ٻڌائي سگهندا ته هن
جو سنڌ يا سيد سان ڪيترو عشق هو ۽ هن جي زندگي جو رومانوي داستان ته هن جا همراز
ئي ٻڌائي سگهندا ته هن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽڻ وارو پنڌ ڪيو يا
نه. هن جا يار ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ياري نڀائڻ ۾ اعظم جروار ڪيئن هو. هاسو سوڍي
جيئن هو جيڪو پنهنجي شادي جا ڦيرا وچ ۾ ڇڏي پنهنجي يار دودي سان گڏجي علاؤالدين
خِلجي سان مقابلي لاءِ شامل ٿيو. هن مضمون ۾ اعظم جروار صاحب جي زندگي جو مختصر
خاڪو ۽ سماجي طور تي ڪجهه ڪارگذاريون بيان ڪجن ٿيون.
فقير محمد اعظم
جروار ۱۹۴۵-۰۸-۲۵ تي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد محمد اسماعيل جروار قائداعظم
محمد علي جناح جون تقريرون ريڊيو تي ٻڌڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. جن کان متاثر ٿي
پنهنجي هڪ پٽ جو نالو محمد اعظم ۽ ٻئي جو محمد علي رکيائين.
محمد اسمائيل يا هن
جا وڏا معاشي طور تي پنهنجي زمينن ۽ دال
روٽي وارا خوشحال هئا. ڳوٺ گل محمد جروار شهدادڪوٽ کان ۱۴ ڪلو ميٽراتر طرف ڳڙهي خيرو روڊ تي واقع
آهي. هن ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو پڙهيا لکيا آهن. ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ سياستدان آهن.
ناليوارو وڪيل غلام حيدر جروار، هاري ڪاميٽي جو مرڪزي رڪن مولوي عزيزالله جروار،
جماعت اسلامي جو وڏو نالو ۽ هتان صوبائي اليڪشن وڙهندڙ ڊاڪٽر صوبدار جروار، وڏو
شاعر، حڪيم ۽ ميزان ڪتاب جو ليکڪ نذير احمد جروار، ڊاڪٽر محمد اسلم جروار، سرجن
معيزالدين جروار، ڊاڪٽر رضيه جروار وغيره هتان جون ڪجهه شخصيتون آهن.
محمد اعظم پنهنجي
ابتدائي تعليم چار درجا پنهنجي ڳوٺ جي ديني مدرسي ۾ حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان
هاڻوڪي اردو اسڪول ۾ شام جو هاءِ اسڪول هلندو هو اتان حاصل ڪيائين. اهڙي طرح اڳتي
وقت حالات جي ضرورت مطابق وڌيڪ ڪورسز ڪيائين.
تاريخ ۱۹۶۶-۰۷-۰۱ع تي، محمد اعظم جروار کي واپڊا حيسڪو ۾ بطور اسسٽنٽ
لائين مين نوڪري ملي. ان وقت واپڊا ۾ نوڪري جي وڏي حيثيت هوندي هئي. محمد اعظم
جروار پنهنجي خوش اخلاقيءَ جي ڪري، تر جي هر ماڻهو غريب امير، وڏيري ۽ آفيسر وٽ
عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هو دل جو کليل هو ۽ ماڻهو جي نفسيات جو ماهر هو.
ٿوري ئي عرصي ۾ هن ماڻهن سان پنهنجا واسطا
مضبوط ڪيا. هن جي شهرت جو هڪ سبب اهو به هو ته محمد اعظم جروار نه صرف واپڊا پر هو
پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ جي اليڪشن ۾ هر دفعي پنهنجا دوست کٽائيندو هو.
بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي حمايتي اميدوار حاجي سردار علي جروار کي بنا مقابلي
شهدادڪوٽ جو ناظم چونڊرايائين.
هن جو جانور پالڻ
جو شوق هوندو هو. واپڊا هائوس شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڪوارٽر جي پٺيان هن هڪ واڙو
ٺهرايو جتي هرڻ، مور، ڦاڙها ۽ گڊ رکيل هوندا هئا، جن سان دل وندرائيندو هو. هو
اڪثر ڪري صبح جو اٿي شاھ جو رسالو پڙهندو هو، جيڪو سندس سيرانديءَ کان پيو هوندو
هو. هو ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ احوال وٺڻ جو شوقين هوندو هو ۽ چاهيندو هو ته ماڻهن
۾ رهان. هن کي اڪيلو ويهڻ پسند نه هوندو هو. سنگت يارن سان پيو وقت گذاريندو هو.
مهمانوازي جو به شوقين هوندو هو. هن وٽ هر قسم جا ماڻهو ايندا هئا، ان ڪري علمي،
سماجي ۽ سياسي بحث پيا هلندا هئا جن ۾ هو پاڻ به دل کولي حصو وٺندو هو. هن جي محفل
۾ ڀٽائي جي بيتن کان وٺي مزاحمتي تحريڪن تائين سڀ موضوع هلندا هئا. کل مزاق ۽ چرچا
به پيا هلندا هئا. مطلب ته واپڊا هائوس تي ماڻهن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا.
جڏهن شام جو پاڇو
ورندو هيو ته واپڊا شهدادڪوٽ جي ميدان اندر چؤطرف ڪچهري لاءِ ڪرسيون لڳي وينديون
هيون ۽ هرڻن جي ڇالن، مورن جي جهمر ۽ گڊن ۽ ڦاڙهن جي سلامين سان ڪچهري شروع ٿيندي
هئي. مهمان نوازي ۾ هو ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو هيو. ڪافي دير تائين ڪچهري هلندي هئي.
واپڊا جي يونين جي صدر ٿيڻ کان زونل چيئرمين تائين پهتو ۽ عبداللطيف نظاماڻي ليبر
هال ٺهرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيائين ۽ هر عام واپڊا جي ملازمن جي حقن لاءِ آواز
اٿاريندو رهيو.
سماجي ڪمن جي حوالي
سان محمد اعظم جروار جون سگا شهدادڪوٽ طرفان اکين جي ڪئمپ ۾ تمام گهڻي مدد هوندي
هئي. ۱۹۹۴،۹۵،۹۶ ۽ ۱۹۹۷ واريون ڇهه ڏينهن لڳندڙ ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي رهائش ۽ ماني وغيره جو
گھڻو خرچ ٿيندو هو ۽ سگا شهدادڪوٽ جي رڪارڊ موجب ڪو به ماڻهو فقير محمد اعظم جروار جيتري مدد ڪو نه ڪندو هو.
سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين جي پروگرامن ۾ به مدد ڪندو هو. روشن تارا اسڪول گھوٽڪي جي
منتظمين سان ڪچهري مان معلوم ٿيو ته اسڪول جي مد ۾ اعظم جروار صاحب گھوٽڪي جي
ساٿين جي تمام سٺي مدد ڪئي هئي. هو شهدادڪوٽ شاخ جي اليڪشن جو چيئرمين به رهيو. سڀ
ساٿي محمد اعظم جي دل سان عزت ڪندا هئا.
هن جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پهرين شادي ٿي هئي، جنهن
مان هڪ ڌيءَ نالي فاطمه ۽ هڪ پٽ نالي محمد ايوب ڄائو، ڪجهه سالن کان بعد ٻئي هن
فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. بعد ۾ سندن ڪا به اولاد ڪا نه ٿي. تنهن هوندي به
سندن اولاد نه ٿيڻ جي ڪا به مايوسي ڪا نه هئي. هو پنهنجي ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن کي
پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو ۽ انهن جي پرورش اولاد وانگر ڪندو هو.
محمد اعظم جروار،
سائين جي ايم سيد کي نظرياتي ليڊر طور تسليم ڪندو هيو. شايد تنهن جي ڪري هن کي
سنڌي ماروئڙن سان ڏاڍو پيار هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو سائين جي ايم سيد جي شان
۾ ڪجهه طنزيا جملا ڳالهايا جنهن تي محمد اعظم جروار چيو ته پهريان وضو ڪري اچ بعد
۾ ان شخصيت جي باري ۾ ڳالهاءِ.
فقير محمد اعظم جروار ڪينسر جهڙي موذي مرض سان ٻه سال جنگ وڙهندي نيٺ ۲۰۱۰-۰۴-۰۹ تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس جنازي نماز ۾ سنڌ جي لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڏاڏوئي قبرستان گلاب شاهه جمالي چوڪي شهدادڪوٽ ۾ آهي.
سائين بھترين سوانح عمري لکي آھي. تمام محنت سان لکيو آهي.
ReplyDeleteمحمد سچل.