سنڌ جو سنت
حليم باغي
ڀڳت نيڻو رام ۱۹۰۱ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ گذاري ويو. اسلام ڪوٽ جي ننڍڙي ۽ خوبصورت ڳوٺ جو ويٺل، لوهاڻي ذات وارو هو.
وطن مالوف سنڌ جا مختلف رهاڪو “هندو” پوءِ کڻي مالهي هجن، سونارا هجن، ڪولهي هجن، ڀيل
هجن، ميگهواڙ يا اوڏ هجن.
اتر سنڌ جا ماڻهو هر
ذات واري هندو کي “ديوان” سڏيندا آهن پر ايئن ڪونهي. ننڍي کنڊ ۾ منو جي جيڪا
انسانيت ۾ تفريق وجهڻ جي روايت وڌي اُها تفريق ڏينهن ڏهوڻي ۽ رات ويهوڻي ترقي ڪندي
رهي ٿي. ذات قبيلي جو غرور، ڪُل ۽ ڪڙم جو گهمنڊ رهندو آيو آهي. عربيءَ ۽ عجميءَ جا
فرق ته تاريخ پاڻ ٻڌائي پئي. سنڌ ۾ جيڪي ڪڙم قبيلا، ذاتيون ۽ نسل رهن ٿا، انهن ڪڙمن
قبيلن مان واڻين جي ڪميونٽي به هڪ آهي.
پير علي محمد شاهه
راشدي (مرحوم) جي چوڻ مطابق واڻين کي به ٻن “وڙن” ۾ ورهايو ويو هو. واڻيا هڪڙا
عامل سڏبا هئا ۽ ٻيا وري ڀائي بند سڏبا هئا. واڻيو عامل هجي يا ڀائي بند هجي پر هو
ليکي چوکي جو ماهر، واپار ۽ ڪاروبار کي سمجهڻ وارو هوندو هو. سندن سنڌي ٻولي ماکي
جي لار جهڙي مٺي هوندي هئي. اهي واڻيا به “لوهاڻا” هوندا هئا.
راڻـي وٽـــــــان رات
نئــــــون نيــــــــــــاپو آئيـــــــو،
لڌي ســـــــون لطيـف
چوي، ڏاتر ڪنــــــان ڏات
ڪـونه پڇي ٿو ذات، جي
آيا سي اگهي ويا
”واڻيو” پُر امن، نيازمنديءَ ۽ عجز
سان ڀريل، ليکي چوکي ۾ ڪوڏيءَ ڪوڏيءَ جو وهنوار رکندڙ، سَنت ۽ صوفي، پُر اپڪاريءَ
جي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ سکيو ستابو قبيلو هو.
ســـــرور تــــرور
سنــــــت جن چـــــوٿا بــــرسن ميـهه
پُر اپڪاريءَ ڪي ڪارڻي
چارون ڌارين ديهه
هن ڍاٽڪيءَ ۽ مارواڙيءَ
دوهي جي معنيٰ آهي ته تلاءُ، وڻراهه، ساڌن سنتن جو اولاد ۽ مينهن چار اهڙيون شيون
آهن جيڪي ٻين ماڻهن کي آرام ڏيڻ جي لاءِ پيدا ٿين ٿا. پر انهن چئني پدارٿن Entities مان به “سنت جن” يعني ساڌو ۽ سنت
انسان ۽ ڪائنات کي آباد ڪن ٿا.
سنت نيڻو رام به اهڙن
سنتن ساڌن جي سٿ جو ماڻهو هو، سندس انساني خوبين مان ڪجهه خوبيون اهي هيون ته هو ڪوي
هو، شاهوڪار هو، پسوءَ پکيءَ ۽ انسان جو خيال رکڻ وارو هو. هندو جاتي ۾ ڪانٽيي
واري نندلال نندن مهيشوري پنهنجيءَ ڪوتا ۾ ڀڳت نيڻو رام جي آرتي لکي آهي. انهيءَ
آرتيءَ جا مهڙ جا شبد آهن ته؛
آرتـــــي نيڻــــــــــــو
رام جي ڳـــــــــايون
شــــــرڌا سان ٿــــــا
سيس نمـــــــــــــايون
سلام ڪوٽ جو وسڪاري
وارو صوبو رنگين، دلداري ڏيندڙ ۽ انسانيت جي لاءِ خوشخبري آڻيندڙ، مورن جي ٽهوڪن
سان ٻرندڙ، پکين جي چهه چهه، ڪانون جي ڪان ڪان، ۸۶ هزار ميل في سيڪنڊ جيءَ رفتار سان ايندڙ
روشنيءَ، ڏکڻ جي محجوب ۽ معطر هيرن، ماڻهن جون اکيون ٺاريندڙ ادائن سان سلام ڪوٽ
تي سج اڀرندو آهي، خليفي نبي بخش لغاريءَ نئين ڪوٽ واري فرمايو آهي ته؛
جهڙ ڦڙ جهور جهڪور سج
سرلي ڍڪيــــو
چڙهي ڏونگر چوٽيين ڏين
ٽهوڪا مــــور
اٺــــو آب
اتــــــــــــور، ڍٽ پٽ کنُهنبــــا ڍڪيــــا
ڀڳت نيڻو رام عجز ۽ نوڙت
جي نشاني هو. اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ آشرم ٺاهيائين. جتي ماڻهن جي لاءِ ڀنڊارو، پسوئن جي لاءِ
چارو ۽ پکين جي لاءِ چوڻ پاڻيءَ جو بندوبست هر وقت ٿيندو آهي.
عمرڪوٽ کان ۱۳۵ ڪلوميٽر ڏکڻ يا ڪاڇيل
طرف اسلام ڪوٽ، مير اسلام الدين ٽالپر ٺهرايو هو، هن پُر امن دل کسيندڙ ادائن وارن ماڻهن، مستي
۾ “پيها پيها” ڪندڙ مورن، وهين، ٻاٻيهن، تاڙن، ڊوڏن، سرڻين، ڪٻرن، ڪانون ۽ ٻين انيڪ
ڀانت ڀانت جي پکين جي ٻولين سان اسلام ڪوٽ جو ماحول Environment جاڳندو
آهي. ڀڳت نيڻو رام جو ميلو اسلام ڪوٽ ۾ اسوءَ مهيني
جي ٻئي هفتي ۾، ٽي ڏينهن لڳندو آهي. مون کي ته اياز چيو هو ته؛
ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳوليـــن ٿو،
هٿ ۾ گجرا، اک ۾ ڳوڙها، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
تـــون ئي تنها هڪڙو
پاڳل، ساري پاڳل
خاني ۾،
پــاڳل گڏجي تو تي کلندا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.
No comments:
Post a Comment