Pages

22 September, 2019

مٺو فقير ڍير وارو


مٺو فقير ڍير وارو
سنڌ جو فرهاد
استاد لغاري
اسان ايران جي مشهور عشقيه لوڪ داستان، “شيرين فرهاد” جو قصو، بچپن کان وٺي ٻڌندا ۽ پڙهندا آيا آهيون. ليڪن اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي البيلي عاشق جو صفا سچو ۽ حقيقي قصو پڙهنداسين، جنهن ڪاٺيءَ جي پهوڙيءَ سان يا ٽيڪم سان، ڪنهن به پهاڙ يا جبل جو سينو ته ڪو نه چيريو، پر هن تغاريون، ٽوڪرا ۽ ڏلها کڻي، مٽيءَ جو هڪ وڏو ڍير (پهاڙ وانگر اوچو دڙو) جوڙيو. جنهن تي چڙهي، پنهنجي مٺڙي محبوب جي شهر جي ڏيئن ڏسڻ جو شوق پورو ڪيائين. هن البيلي عاشق جو نالو “مٺو فقير” هيو، جنهن کي “سنڌ جو فرهاد” به سڏيو ويندو آهي.


مٺو فقير ولد بڊو فقير، ذات جو لُنڊ بلوچ هيو. جيڪو اندازن ۱۱۵۰ هجريءَ ڌاري، ۱۷۳۷ع ۾، ڦلهڏيون شهر کان ٿورو ڏکڻ طرف، تعلقي کپري ۽ ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس مادري ٻولي سرائيڪي هئي. مٺي فقير جي خاندان وارا، اندازن يارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾، ضلعي دادو جي ڪاڇي واري علائقي مان لڏي، هتي اچي آباد ٿيا. مٺي فقير ٽي شاديون ڪيون. هڪ پنهنجي خاندان مان، ٻيءَ جي لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اها ذات جي ٺڪر هئي ۽ ٽين هئي اها اوڏڻ، جنهن جي عشق ۾، اهو اوچو ۽ عاليشان دڙو، يعني مٽيءَ جو ڍير جوڙيائين. انهن گھر وارين مان کيس يارنهن پٽ ٿيا، جيڪي سڀ جا سڀ درويش ۽ فقير بنيا.
سنڌ جي فرهاد، مٺي فقير جو حقيقي قصو ۽ عشقيه داستان هن ريت آهي، ته “هن کي هڪ نان مسلم (اوڏڻ) ڇوڪريءَ سان عشق مجازيءَ جي چوٽ لڳي، ته پاڻ جنون، حال ۽ عشق حقيقيءَ واري ڪيفيت ۾ هليو ويو”. هڪ روايت هيءَ به ملي ٿي، ته “مٺي فقير هن ڍير يا دڙي کي ٺاهڻ جي لاءِ، انهن اوڏن کي مذدوريءَ تي لڳايو، ته جيئن اهي اوڏ هتان کان لڏي، ڪنهن ٻئي طرف هليا نه وڃن ۽ آئون پنهنجي مٺڙي محبوب ۽ دل گھريي دوست جو ديدار ۽ درشن ڪندو رهان”. ليڪن اهڙي ديدار ۽ درشن خاطر، غريبن جي گھرن ۽ ڪکن ڏانهن، جو اچ وڃ ۽ آڻي تاڻي لاتائين، ته انهن مسڪينن کي، اهو عمل ناگوار ۽ ڏکيو لڳو. چون ٿا ته ڇوڪري نهايت ئي حَسين و جميل هئي، البت اها اکين جي نُور کان محروم ۽ نابين هئي. اوڏن کان ان رشتي جي طلب ڪيائين، جيڪا نامنظور ٿي. آخرڪار اهي اوڏ ويچارا، عمرڪوٽ جي طرف لڏي هليا ويا. ٻي روايت هن ريت به بيان ڪئي وڃي ٿي، ته “اوڏ ويچارا، رات جو لڏو کڻي روانا ٿي ويندا هئا، ته فقير صاحب جي ڪرامت سببان، صبح جو ڏسندا هئا، ته ساڳي جاءِ تي ويٺا آهيون”. ايئن انهن اوڏن ڪافي راتيون ڪوشش ڪئي، پر ٻئي پاسي وڃي ڪو نه سگھيا. آخرڪار فقير صاحب کان اجازت وٺي، پوءِ عمرڪوٽ جي طرف لڏي ويا. جيئن ئي اوڏ هتان کان لڏي هليا ويا، ته فقير جي عشق ۽ جنون ڀڙڪو کاڌو ۽ پوءِ پنهنجي مٺڙي محبوب جي شهر، عمرڪوٽ جا ڏيئا، ڏور کان ڏسڻ خاطر، اڪيلي سر تغاريون، ٽوڪرا ۽ ڏلها کڻي، هڪ وڏو دڙو ٺاهڻ شروع ڪيائين. مٽن، مائٽن، عزيزن، قريبن، پنهنجن، پراون، يارن، دوستن، ننڍن، توڙي وڏن، کيس منٿون ۽ عاجزيون ڪيون ۽ گھڻو ئي سمجھايو، پر پاڻ بس ڪو نه ڪيائين. ساندھ ست سال، ست مهينا ۽ ست ڏينهن اهو ڍير ۽ دڙو ٺاهيندو رهيو. مٽيءَ جا ڏلها کڻي کڻي، مٿي ۾ مَلا ۽ ڪيڙا پئجي ويس. اگر ڪو به ڪيڙو هيٺ ڪري پوندو هيو، ته ان کي کڻي وري واپس پنهنجي مٿي ۾ وجھي ڇڏيندو هيو.
مٺي فقير جي اها حالت ۽ ڪيفيت ڏسي، سندس مائٽ مخدوم ميان عبدالرحيم گرهوڙي رحه جن کي وٺي آيا، ته اچي فقير صاحب کي بس ڪرائي. مٺي فقير جو ڏٺو، ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه اچي ويو آهي، ته ڊوڙي وڃي ان جي گھوڙي جھليائين ۽ پنهنجي گھر ننگر فنگر جو چئي ڇڏيائين. گرهوڙي رحه، مٺي فقير کي چيو، ته “اچو ته مسجد شريف ۾ نماز پڙهي اچون”. فقير وراڻيو، ته “سائين! توهان هلو، آئون وضوءَ ڪري، اچان ٿو”. گرهوڙيءَ رحه مسجد شريف جي اندر داخل ٿيو، ته فقير پويان وري ڏلها کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. گرهوڙي رحه نماز پڙهائي جڏهن ٻاهر آيو، ته مٺو فقير يڪدم هٿ ڇنڊي ويهي رهيو. گرهوڙي رحه، مٺي فقير کي فرمايو، ته “مٺا فقير! تنهنجو ننگر فنگر واپرائڻ اسان کي جائز ڪونهي، ڇو جو تون بي نمازي آهين، هاڻي اسان هلون ٿا”. ليڪن فقير صاحب جي التجا ۽ اڳتي نماز پڙهڻ واري واعدي تي، گرهوڙي رحه سندس ننگر پاڻيءَ واپرايو. هتي عقيدت منديءَ جي آڌار تي، ڪجھ ٻيون به روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جن جو تعلق تحقيق سان تمام ٿورڙو ۽ بنھ گھٽ آهي. البت اهي روايتون، اسان مٺي فقير جي ڪنهن ٻئي احوال ۾ شامل ڪري آيا آهيون، جن کي منهنجي ڪتاب “جي ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪڪوريا” (شخصيتون) تان ڏسي، مطالعي هيٺ آڻي سگھجي ٿو. بعد ۾ گرهوڙي رحه، مٺي فقير کي فرمايو، ته “مٺا فقير! آ ته تيڪون تيڏي محبوب دي شهر دي ڏيوي ڏکلايان”. ايئن چئي فقير کي سندس ئي جوڙيل، دڙي جي چوٽيءَ تي وٺي وڃڻ بجاءِ، هيٺ اُن اُونهيءَ کڏ ۾ وڃي بيهاريائين، جتان کان فقير مٽيءَ پيو کڻندو هو. گرهوڙي رحه پنهنجي اشهد آڱر، عمر ڪوٽ طرف اُڀي ڪري چيو، “وو او ڏيک! تيڏي محبوب دي شهر دي ڏيوي”. چون ٿا ته فقير کي ڪي ڏيئا ڏسڻ ۾ آيا، ته کڻي هميشه جي لاءِ بس ڪيائين. گرهوڙي رحه کيس وڌيڪ تاڪيد ۽ نصيحت ڪندي فرمايو، ته “اگر دل ۾ سچي محبت، لگن ۽ طلب موجود هجي، ته دڙي جي چوٽيءَ تي چڙهڻ بجاءِ، هيٺ گهري کاهي ۽ اُونهيءَ کڏ ۾ بيهي به، مٺڙي محبوب جي شهر جا ڏيئا ڏسي سگھجن ٿا”.
ڪجھ عرصي بعد، اهي ساڳيا اوڏ ويچارا، وري واپس لڏي آيا ۽ تقدير جي لکيي موجب، مٺي فقير کي رشتو ڏيئي ڇڏيائون. فقير صاحب ان عورت کي اول مسلمان ڪيو ۽ بعد ۾ان سان نڪاح ڪيو، جنهن مان کيس ڪافي اولاد به ٿيو. مٺي فقير اندازن ۱۲۲۰ هجري موجب، ۱۸۰۷ع ڌاري، ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مزار مبارڪ، پنهنجي ئي جوڙيل مٽيءَ جي دڙي، يعني ڍير تي موجود آهي. سنڌ جي فرهاد، مٺي فقير جو جوڙيل، ڏيڍ کان ۲۰۰ فوٽ اوچو دڙو، “ڍير مٺو فقير” جي نالي سان گھڻو مشهور آهي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ، ڏورانهن علائقن جا محبتي ماڻهو ۽ عاشق، هتي هر روز ايندا رهن ٿا.

(شڪريه ڊيلي جيجل ۽ مهراڻ، خميس ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۱۹ ع.)

No comments:

Post a Comment