سيف ٻنوي
ناميارو شاعر
۽ صحافي
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ شاهه لطيف جو رسالو حفظ ڪندڙ، سيف ٻنوي ۲۱ جون ۱۹۴۴ع تي تعلقي ميرپور بٺوري جي شھر ٻنون ۾ اک کولي. پاڻ ۱۹۶۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۲ع تائين، تعليم کاتي ۾ استاد رهيو. جڏهن ته ۱۹۷۴ کان ۱۹۷۶ تائين وفائي پرنٽنگ پريس ۾ مئنيجر طور ڪم ڪيائين.
سيف ٻنوي ۱۹۵۲ع کان شاعري جي شروعات ڪئي. پاڻ
سنڌي ادبي سنگت جي مونوگرام پاس ڪرڻ واري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪيائين. جڏهن ته پاڻ
ايوب جي مارشل لا خلاف سرگرم رهيو ۽ ضياءَ دور ۾ صحافين جي تحريڪ ۾ حيدرآباد ۾ پڻ
سرگرم رهيو.
هن ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۶ع تائين هاءِ ڪورٽ ۾
ٽرانسليٽر طور خدمتون ڏنيون.
سيف ٻنوي چنڊ جي هر ۱۳ تاريخ تي ٻنون ۾
لطيف ڪچهري ڪرائيندو هو. ان ڪچهريءَ ۾ لطيف جي شاعري پڙهي ويندي هئي ۽ لطيف جا
صحيح لفظ ڪيئن اُچارجن، اهو پڻ ٻڌايو ويندو هو. اڄ تائين اها ڪچهري هلندي پئي اچي.
زندگي غربت ۾ گذاريندڙ صوفي ازم جو پيروڪار سيف ٻنوي سنڌي، اردو، انگلش ٻولين تي
عبور رکندو هو.
هن ۱۹۷۶ع کان حيدرآباد ۾ هڪ سنڌي اخبار
۾ ڪم ڪرڻ سان صحافت شروع ڪئي. پوءِ ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪم
ڪندو رهيو. مرحوم پاڻ ۱۹۶۵ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سياست ۾ پڻ سرگرم ٿيو. سائين
جي ايم سيد جڏهن بزم صوفياءِ سنڌ ٺاهي ته ان جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ان وقت صدر ايوب
جو دور هو ۽ پهريون جلسو ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جو سيف ٻنوي ٺٽي ۾ ڪرايو هو. جڏهن ته
پاڻ سائين جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين ۾ رهيو آهي.
سيف ٻنوي ۲ سالن کان گڙدن ۽ ٻين موذي مرضن
جو شڪار رهندو آيو، پر هن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ ڪم ڪندو رهندو هو. ڪٿي به صوفياڻو
راڳ هجي يا مچ ڪچهري هجي يا شاه لطيف تي پروگرام هجي، ان ۾ پاڻ ضرور شامل ٿيندو هو.
سيف ٻنوي شاهه لطيف جو سچو عاشق هو، هر وقت پاڻ سان شاهه لطيف جو رسالو رکندو هو.
صوفي ازم جو هي پيروڪار ۵ جنوري ۲۰۱۰ع تي ڪراچي جي
اسپتال ۾ هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو.
سيف ٻنوي
شاعر ۽ ڀٽائي جو پارکو
ڪامران يوسف سومرو
سيف ٻنويءَ
جو اصل نالو محمد رحيم سومرو هو، هن محمد خان سومري جي گهر ۾ ۲۱ جون ۱۹۴۴ع تي ٻني شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي
تعليم ٻني شهر مان حاصل ڪئي. سندس والد محمد خان سومرو ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو،
تنهن ڪري هن زندگيءَ جو سمورو سفر پنهنجي مٿي تي کنيو. ننڍي هوندي کان ئي هن مختلف
قسم جو پورهيو ڪري زندگيءَ جي گاڏيءَ کي هلايو. محمد خان سومرو مزاج ۾ هٺيلو، محنتي،
کرو ۽ تيز هوندو هو. زندگيءَ جي ابتدا ۾ جهڙو واءُ وريو ان کي منهن ڏنائين. صرف
ابتدائي ۲ درجا پرائمري جا پڙهيل هئڻ
باوجود علم سان چاهه رکندڙ هوندو هو. ان زماني ۾ ميڊيڪل جي سائنس ڪا گهڻي ترقيءَ
نه ڪئي هئي، جنهن ڪري ڪيتريون ئي موتمار بيماريون پکڙجنديون رهنديون هيون. محمد
خان سومري جي باقي بچيل ۴ ٻارن
کي هن پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. هو ان دور ۾ پڻ نياڻين کي پڙهائڻ جو حامي هو. جنهن ڪري
ئي پنهنجي ٻنهي نياڻين ۽ ٻنهي پٽن کي تڏهوڪي تعليمي سهولتن مطابق تعليم ڏيارائين.
ان
زماني ۾ تعليم گهڻي ڏکي هئي، تعليمي ادارا ايترا نه هئا تنهن ڪري ان وقت ۾ ميٽرڪ
تائين تعليم پڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي.
سيف ٻنوي
پاڻ ٻڌائيندو هو ته هن ۱۹۶۲ع ۾
نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ تعليمي
ادارا ڪي گهڻا نه هئا ۽ تعليم بهرحال هڪ ڏکيو مرحلو هوندو هو. ۱۹۶۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس سيڪنڊري ٽيچر طور ملازمت ملي وئي. پنهنجي
ملازمت دوران اڪثر ماڻهو بدلي ڪرائي پنهنجي ڳوٺ يا ان جي ڀرپاسي ايندا آهن پر سيف ٻنوي
اهو شخص هو جنهن پنهنجي ڳوٺ ٻني مان بدلي ڪرائي، درياهه پار تاريخي شهر ”جهرڪ“ ۾
پنهنجي پوسٽنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ سندس بدلي ساڪري ٿي. سرڪاري ملازمن جي بدلي
رواجي ڳالهه آهي پر سيف ٻنويءَ جي پنهنجي ڳوٺ مان بدلي ڪري ٻئي شهر ۾ وڃڻ بابت
سندس چوڻ هو ته ٻني شهر جي دنيا محدود هئي، ٽرانسپورٽ جي سهولت بنهه گهٽ هئي، ان
جي ڀيٽ ۾ جهرڪ شهر نيشنل هاءِ وي تي هئڻ ڪري اتان ٺٽي، حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ
تائين وڃڻ آسان هو. تنهن ڪري هو جهرڪ ۾ بدلي ڪرائي آيو هو.
ڪچهرين
دوران پاڻ ٻڌائيندو هو ته، سندس والد کيس ننڍپڻ ۾ سنڌي لوڪ داستان جهڙوڪ سسئي
پنهون، عمر مارئي جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهندو هو، جنهن کان متاثر ٿي، هن
شاعريءَ شروع ڪئي ۽ ۱۹۵۰ع
دوران هن شاعريءَ طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو هو. سندس بقول تڏهوڪن رسالن، روح رهاڻ ۽
بادل ۾ هن جي شاعري شايع ٿيندي رهندي هئي. ايئن هن جي شعر و ادب سان شناسائي ٿي.
جهرڪ ۾
رهڻ دوران ڀٽائي جي شاعري ٻڌائڻ ۽ ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان ڀٽائي کي وڌيڪ سمجهڻ
۽ پرکڻ جو موقعو مليو. سيف ٻنويءَ ٻڌايو هو ته هڪڙي ڀيري جڏهن هن وٽ ياد ڪيل بيت هڪ
ڪچهري دوران کٽي/ختم ٿي ويا هئا ته ان کانپوءِ هن اسڪول جي لائبريري ۾ موجود شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جا سمورا رسالا پنهنجي نالي تي جاري ڪرايا هئا ۽ ڀٽائيءَ کي پڙهڻ
جو فيصلو ڪيو ان دوران هن کي سمورو رسالو
حفظ ٿي ويو ۽ ان جي سُرن، سَرن جي پس منظرن، هم عصر شاعرن، ڀٽائي جي استعمال ڪيل
لفظن، ان جي لهجن، رسالي ۾ ڪتب آيل ٻين ٻولين جي لفظن ۽ ان جي بنيادن کان آگاهي
ملي. هن نه رڳو ڀٽائيءَ کي پڙهيو پر ڪچي، ڪوهستان ۽ مختلف علائقن ۽ ڀاڱن جي پس
منظر ۾ استعمال ڪيل لفطن، محاورن ۽ پهاڪن کي عملي طور پڻ پرکيو ۽ سمجهيو. ڀٽائي جي
حوالي سان پاڻ نون پڙهندڙن کي علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي پڙهڻ جي صلاح
ڏيندو هو.
هو اڪثر
پنهنجن ٻن استادن سائين ساقي سجاولي ۽ سائين حيدر علي لغاري جو ذڪر ڏاڍي ادب ۽
احترام سان ڪندو هو. هن جو چوڻ هو ته سندس شخصيت کي سنوارڻ ۾ انهن استادن جي محنت
۽ ڪردار شامل آهي. سيف ٻنويءَ جو حافظو تمان گهڻو تيز هو ۽ جنهن ڪري اڪثر شاعرن جا
تمام وڏا ۽ ڊگها نظم کيس ياد هوندا هئا. ڀٽائي، اياز، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي،
احمد فراز، فيض احمد فيض، غالب توڙي علامه اقبال جي ڳچ شاعري کيس چٽي طرح ياد
هوندي هئي.
سندس اڪثر
ويجهن دوستن جو چوڻ آهي ته هو اهڙن ماڻهن مان هو جيڪو محفل ڄمائي ڄاڻندو هو، بلڪه
پنهنجي محفل پاڻ ڄمائي ڄاڻڻ جو به کيس وڏو ڪمال هو. بنا رنگ، نسل ۽ مذهب جي عام ماڻهوءَ
سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو. هوشيار شاگرد هئڻ ڪري استادن جو وڌيڪ ڌيان رهندو
هو. اهڙي طرح پاڻ به ڳچ عرصو استاد رهڻ ڪري بهترين طريقي سان پڙهائڻ توڙي سمجهائڻ
جو ڪمال رکندو هو.
پاڻ سرڪاري
ملازمت دوران به تڏهوڪي شاگرد سياست کان غافل نه هو، ابتدائي ڏينهن ۾ هو سائين جي
ايم سيد سان گڏ هو، جڏهن سائين جي ايم سيد بزمِ صوفائي سنڌ جي پليٽ فارم تان سنڌ
جي دوري تي نڪتو ته خاص طور تي سيف ٻنويءَ کي پاڻ سان گڏ رکيو هئائين. پاڻ ايوب خان
جي دور ۾ شاگرد تحريڪ سان به گڏ رهيو، سنڌي ادبي سنگت جي مونوگرام منظور ڪندڙ
اجلاس ۾ به شريڪ هو، ادبي سنگت جي تنظيم کي وڌائڻ ۽ سرگرم ڪرڻ ۾ به پاڻ پيش پيش هو.
سيف ٻنويءَ
جي سياسي ۽ ادبي طور سرگرم رهڻ دوران هن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو خيال
آيو ۽ هن ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي
جتي پڻ سياسي ۽ ادبي طور متحرڪ رهيو پر تعليم کي وڌيڪ جاري رکي نه سگهيو. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۶ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي
۾ مينيجر طور ڪم ڪيو ۽ ۱۹۷۷ع ۾
شيخ عزيز صاحب جي ايڊيٽر شپ ۾ ڊيلي سنڌ نيوز حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم شروع ڪيو.
اهو
جنرل ضياالحق جي مارشل لا جو دور هو ۽ ضيا خلاف پهرين تحريڪ صحافين شروع ڪئي هئي ۽
ان جا مرڪز حيدرآباد ۽ لاهور هئا. سيف ٻنويءَ پڻ ان تحريڪ جو حصو رهيو هو. باقي
زندگي صحافي طور ڪم ڪندو رهيو، هن ڪراچي جي مختلف اخبارن ۾ مترجم، سب ايڊيٽر، نيوز
ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، کيس سنڌي، اردو۽ انگريزي ٻولين تي دسترس هئي. ان کانسواءِ
فارسي ۽ عربي جي به ڪافي ڄاڻ هئي.
پاڻ ۵ جنوري ۲۰۱۰ع تي ڪڊني سينٽر ڪراچي ۾ گردن
فيل ٿيڻ ڪري گذاري ويو. انکان اڳ SIUT مان به سندس علاج هلندو رهيو پر پنهنجي بي ترتيب مزاج سبب علاج ۽
چيڪ اپ ۾ به پاڻ ڪافي لاپرواهي ڪندو رهيو هو.
هن
زندگي پنهنجي خواهش ۽ مرضي مطابق گذاري ۽ شايد گهڻن وسيلن هوندي پڻ ڪيترائي ماڻهو
اهڙي آزاد منشا موجب نه گهاري سگهندا آهن.
سندس تدفين صوفياڻي راڳ ۽ ڪلام سان ڪئي وئي. جنهن لاءِ هن پنهنجي دوستن کي وصيت ڪئي
هئي. هن کي ٻني ڀرسان سندس آخري ٿاڪ ”تيرهين“ ڀرسان دفنايو ويو آهي. صوفي مزاج هئڻ
ڪري سيف ٻنويءَ ٻني ۾ هر مهيني جي ”چنڊ جي تيرهين“ تي ميڙاڪو ڪرائيندو هو، جتي راڳ
رنگ ۽ لطيف خواني ٿيندي هئي.
سيف ٻنوي
استاد صحافي
زرار پيرزادو
اڄ جي تاريخ تي اسان جو ناليوارو
۽ پنهنجي شخصيت، سڀاءُ ۽ لکڻي جي حوالي سان نرالو صحافي، ڪالم نگار، اديب ۽ ڀٽائي جي
پارکو سيف ٻنوي صاحب جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو هو.
سيف ٻنوي جي حيثيت ۹۰
جي ڏهاڪي کانپوءِ واري سنڌي صحافت ۾ ”استاد“ جي هئي. هو انهن
صحافين مان هو جيڪي نوجوان ۽ سيکڙاٽ صحافين لاءِ هڪ وڏي درسگاهه جي حيثيت رکندا آهن.
هو نيوز ڊيسڪ تي ويهي خبرون به ٺاهيندو
هو ته صحافت، ادب، ٻولي، سنڌ ۽ دنيا بابت ليڪچر نما گفتگو به ڪندو هو ۽ ايئن نوجوانن
جي فڪري تربيت ته سينئرن جي اصلاح ڪندو رهندو هو.
ڇا ته سندس آواز هو، انداز هو، لهجو
هو، ٻولي هئي، ڇا ته سندس ويچار هُيا، ڇا ته سندس مطالعو هو.
سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ
ئي وقت دسترس هيس. اردو جو نثر هجي يا شاعري هو پڙهندو هو ته ضياءُ محي الدين ذهن تي
تري ايندو هو.
حقيقت ته اها آهي ته اُهو ماڻهو
۽ سندس گفتا ريڪارڊ ڪرڻ جهڙا هُيا. تمام وڏو مترجم به هو. ڏکيو ترجمو هميشه سيف ٻنوي
کان ڪرايو ويندو هو.
هو ڪالم نگار به هو. سندس ڪالمن
کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
سيف ٻنوي تمام سٺو شاعر به هو سندس
شاعري کي سهيڙي شعري مجموعو به آڻي سگهجي ٿو.
اهڙن شخصن کان ادارن کي جيڪو ڪم
وٺڻ گهربو هو سو کانئن نه ورتو ويو. جنهن جو ذاتي طور تي سيف ٻنوي کي گهٽ پر مجموعي
طور تي ادارن کي وڌيڪ نقصان رسيو آهي.
اهڙو ماڻهو ادارن ۾ هجي ها ته اهو
پنهنجي ڏات مان الائي ڪيترا سيف ٻنوي ٺاهي ڏئي ها ايئن جيئن هن اڻ ڳڻيا صحافي پيدا
ڪري ڏنا.
سيف ٻنوي تمام وڏو مترجم به هو.
ڏکيو ترجمو هميشه سيف ٻنوي کان ڪرايو ويندو هو. اشتهار ترجمو ڪندڙ ماڻهو هر وقت سيف
ٻنوي کان مدد وٺندا هُيا. ان لحاظ کان جيڪڏهن سنڌي اشتهارن جي ڊڪشنري ٺاهي ته ان ۾
ڪيترن انگريزي ۽ اردو لفظن جون معنائون سيف ٻنوي جون ڏنل ملنديون.
ان سيف ٻنوي کان اسان جا علمي ۽
ادبي ادارا وڏا وڏا عالمي ڪتاب ترجمو ڪرائي پيا سگهن.
ايئن سيف ٻنوي جي ڀٽائي تي لکيل
مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏجي ته هن جو ڀٽائي تي اختيار ڪيل نقطئه نظر ريڪارڊ تي اچي
ويندو.
اهڙيون شخصيتون جيڪي گهڻ رخيون
۽ گهٽ صلاحيتون هونديون آهن ۽ جيڪي پنهنجي ذات ۾ ادارا هونديون آهن تن کي ريڪارڊ ڪرڻ
لاءِ چيئرز، اڪيڊمون، ٽرسٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ان پليٽ فارم تان
سندن تخليقن کي سهيڙڻ جو هڪ جواز هوندو آهي.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته
سيف ٻنوي جي نالي تي خوش قسمتي سان ٽرسٽ جو ته بنياد پيل آهي پر بدقسمتي سان اُهو وري
فعال ناهي.
سيف ٻنوي
علم ۽ ادب جو تا
حيات سيلاني
ڪامران يوسف سيف
جيئن ئي جنازي پڙهائيندڙ امام سلام ورايو ته
هاءِ اسڪول جي ورانڊي ۾ فقراءَ صف جوڙي ڳائڻ شروع ڪيو؛
”وسامي الائي ڪڏهن زندگيءَ جو ڏيئو،
ڪريو قرب جاني اوهين شل جيئو:“
ڪورس ۾ فقراءَ جو آلاپ سياري جي هلڪڙي هوا تي
ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿي رهيو هو. جنازي ۾ شريڪ ماڻهو فوتي متعلق پنهنجا ويچار ونڊي
رهيا هئا. آخري ديدار وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني جو ورانڊو ڀرجي ويو هو. هر ڪانڌيءَ
جي من ۾ زندگيءَ ۽ موت بابت هورا کورا هئي. اڪثر ورهين کان وٺي هلندڙ روايت تحت ان
کي رب جي رضا قرار ڏئي رهيا هئا. جيڪو جيءُ جڙيو آهي، اهو ڊهڻو آهي. هي دنيا فاني آهي،
هر ڪنهن کي وڃڻو آهي. مرڻ پڄاڻا ماڻهو جو ڪردار ۽ سندس ساروڻيون ئي رهجي وينديون آهن.
ٻني هاءِ اسڪول ۾ سوين ماڻهو هن جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ آيل هئا. هي اهو ئي سيف
ٻنوي هو، جنهن جو مائٽن ڇٺي جو نالو ته محمد رحيم رکيو هو پر ادبي، سياسي، سماجي ۽
شاعريءَ واري دنيا ۾ کيس سيف ٻنويءَ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو.
هو ۲۱ جون ۱۹۴۴ع تي ڪڇي سومرن جي هڪ هيٺلي ۽ خوددار شخص محمد خان سومري جي گهر ۾ ڄائو
هو. پرائمري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻني مان حاصل ڪئي. تن ڏينهن ۾ سائين ساقي سجاولي
نوجوانن ۾ ادبي ذوق ۽ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ”ايوان ادب ٻنون“ جون گڏجاڻيون ٻني شهر ۾ ڪرائيندو
هو. بقول سيف ٻنويءَ جي ته هو انهن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ اهڙي طرح سان هن جي علم
۽ ادب سان ويجهڙائپ ٿي، انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي والد محمد خان سومري کان ٻڌل رومانوي
قصن کان متاثر ٿي سيف ٻنويءَ شاعري شروع ڪئي. ۱۹۶۲ع ۾ ٻني مان ٽن ڄڻن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. جن مان صرف سيف ٻنوي پاس ٿيو.
جڏهن ته مشهور ليکڪ عبدالحئي پليجو ۽ افضل
راجپوت سپليمينٽ جو امتحان ڏئي ڪري پاس ٿيا. هو ۱۹۶۲ع کان ۱۹۷۲ع تائين استاد رهيو.
کيس انگريزي ادب سان گهڻو چاهه هوندو هو. ٻهراڙيءَ جي روايت مطابق هر ماڻهو بدلي ڪرائي
پنهنجي ڳوٺ ڀرسان رهڻ چاهيندو آهي پر سيف ٻنوي ان روايت جي ابتڙ ٻني مان بدلي ڪرائي
جهرڪ شهر آيو. انهن ۱۰ ورهين جي
نوڪري دوران هو ٻين شهرن ۾ پڻ رهيو پر جهرڪ شهر سان کيس گهڻي انسيت هوندي هئي. جنهن
لاءِ سندس چوڻ هو ته ٻني شهر ۾ علمي ادبي ماحول نه هئڻ ڪري هو جهرڪ آيو. جتان حيدرآباد
يا ٺٽي تائين سفر جي سهولت به هوندي هئي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان شناسائي جي حوالي سان
هن ٻڌايو ته شروع شروع ۾ اسان به لطيف جا بيت نصابي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهياسين. جهرڪ شهر ۾ روايتي ڪچهرين ۾
لطف پيدا ڪرڻ لاءِ بيت ٻڌايا ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪچهري ۾ اهڙو ماڻهو آيو، جنهن کي تعداد
جي لحاظ کان وڌيڪ بيت ياد هئا ۽ کيس (سيف ٻنويءَ کي) جيڪي ياد هئا سي کٽي ويا. جنهن
کانپوءِ مون (سيف ٻنوي) جهرڪ هاءِ اسڪول جي لائبريري ۾ جيترا به شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جا رسالا هئا، پنهنجي نالي تي جاري ڪرايا. جن کي نه رڳو پڙهيم پر انهن جي سرن، پس منظر،
لفظن جي معنيٰ ۽ فڪر کي به سمجهڻ شروع ڪيو. ائين ڪجهه مهينن ۾ لطيف جو سمورو رسالو
مون کي ياد ٿي ويو. سندس حافظو ايترو ته تيز هوندو هو، جو ڪيترائي نظم ٻه ٽي ڀيرا پڙهڻ
کانپوءِ کيس ياد ٿي ويندا هئا. هو لطيف جي حوالي سان علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل
رسالي کي تسليم ڪندو هو ۽ ڀٽائي بابت علامه آءِ آءِ قاضي جي اڪثر خيال سان هم آهنگي
رکندو هو. هو اڃا استاد ئي هو جو انهن ڏينهن ۾ ادبي ماحول کان ترقيءَ پسند سياسي ماحول
طرف هليو ويو. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ پروگرام دوران ”شاعر ڏانهن“ عنوان هيٺ هڪ نظم
پڙهيو. جنهن پروگرام ۾ مکيه مهمان صدر ايوب خان هو. ان نظم کيس تڏهوڪي شاگردن ۾ وڏي
پذيرائي ڏياري. بقول سندس ته انهن ئي ڏينهن ۾ هو ون يونٽ خلاف سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو
وٺندو رهيو ۽ هن جو ترقي پسند سوچ رکندڙ حلقي سان تعلق جڙي ويو هو. هن جي اهڙين ئي
سياسي سرگرمين ڪري کيس ۱۹۷۲ع ۾ نوڪري مان ڪڍيو
ويو.
سيف ٻنويءَ ۱۹۷۲ع ۾ تعليم جي سلسلي کي ٻيهر جاري رکڻ جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي
ادب ۾ داخلا ورتي. تن ئي ڏينهن ۾ هو شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. ان دوران ئي هن جي
زاهد مخدوم، امداد اوڍي، ڄام ساقي، سهيل سانگي، آفتاب ميمڻ، ڊاڪٽر نياز جتوئي، سڀاڳو
خان جتوئي، يوسف علي مرزا، اشرف کهاوڙ ۽ ٻين سان ملاقات ٿي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن شيخ عزيز صاحب سنڌ نيوز اخبار حيدرآباد اچي سنڀالي ته کيس صحافت
۾ پير رکڻ جو موقعو ملي ويو ۽ هن سنڌ نيوز اخبار جوائن ڪئي. ضياءَ جي مارشل لاءِ خلاف
پهرين مزاحمت صحافين ڪئي ۽ هو ان دوران پڻ سرگرم رهيو. اهڙي طرح صحافت جي دنيا ۾ داخل
ٿيڻ کانپوءِ زندگيءَ جي آخري وقت تائين هن جي گذر بسر جو توڙي گهڻو تعلق لکڻ پڙهڻ سان
ئي رهيو.
هن سنڌي ادبي سنگت جي مونو گرام منظور ڪرائڻ
واري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان ۾ سرگرمي سان حصو ورتو هو. ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل
رهيو. شروع جي زماني ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان سنڌ جا دورا
ڪيا، تڏهن سائين جي ايم سيد کيس گڏ وٺي ويو.
ان دوران سياسي، ادبي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ هو مختلف پليٽ فارمن تي سرگرم رهيو. پاڻ حضرت علي رضه جو
اهو قول اڪثر ورجائيندو هو ته ”غريب اهو آهي جنهن جا مخلص دوست نه آهن“ دوستن کي وندرائڻ،
سندن مسئلن کي سمجهڻ ۽ هر ڪنهن سان همدردي ڪرڻ، ننڍي وڏي جي فرق کانسواءِ ئي کين عزت
۽ مان مرتبو ڏيڻ سندس مزاج جو حصو هوندو هو.
۱۹۹۰ع ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ۾
جڳاڙ ڪري سنڌي الفابيٽ تيار ڪئي وئي تڏهن کان سنڌي صحافت ۾ ڪيتريون ئي اخبارون شايع
ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. پاڻ ان دوران ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن ۱۹۹۶ع ۾ ٻني شهر ۾ لطيف خواني جي حوالي سان ”لطيف خواني تنظيم“ جوڙي ۽ صوفياڻي
مزاج کي ذهن ۾ رکي لطيف پڙهائڻ، اچار درست ڪرڻ، پس منظر سمجهڻ ۽ لطيف کي ڳائڻ جي حوالي
سان هر چنڊ جي ۱۳هين تاريخ تي ميڙاڪو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
جيڪو سلسلو ڳچ عرصو جاري رهيو.
زندگي جي لاهين چاڙهين دوران هو ڪڏهن به مايوس
نه ٿيو. ڏکي توڙي سکي ۾ کيس پنهنجي محفل مچائڻ
جو خاص فن هوندو هو. حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هو ڪراچي جي حاجي مريد ڳوٺ ۾ مسواڙ
تي هڪ ننڍري گهر ۾ رهندو هو. ان دوران جڏهن گردن جي تڪليف ٿي ته SIUT
۾ ڏيکاريوسين پر پاڻ دوائن تي گهڻو ڌيان نه ڏنائين. بيماري دوران تڪليف ٿيڻ تي جڏهن
کيس ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ جي لاءِ زور ڀريندا هئا سين ته پاڻ چوندو هو ته آخري ڏينهن ۾
ائين ٿيندو آهي. هن زندگي جي ڪنهن به موڙ تي لالچ نه رکي. هن ملڪيت ميڙڻ تي ڪڏهن به
ڌيان نه ڏنو. نياڻين کي به پٽن جيتري اهميت ڏيندو هو.
۱۳هين جي محفلن دوران
هن پنهنجي فقير فقراءُ دوستن کي ٻني ۾ تدفين جي لاءِ وصيت ڪئي ۽ کين اها پڻ هدايت ڪئي
هئي ته دفنائڻ دوران ڪو روڄ راڙو نه ڪيو وڃي، بلڪ صوفياڻي راڳن ۾ کيس دفنايو وڃي. زندگي
جي آخري ڏهاڙن ۾ هو غالب کي پڙهندو رهندو هو. پاڻ ۵ جنوري ۲۰۱۰ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو
ڪري ويو.
سيف ٻنوي
ناميارو اديب ۽ صحافي - منهنجو
بابا اسان جو دوست - ۲۱ جون تي جنم ڏينهن
يوسف سيف
اسان ان لحاظ سان
گهڻو ڀاڳ وارا رهيا آهيون جو منهنجي والد جو اسان سمورن ڀائرن ڀينرن سان دوستي
وارو تعلق رهيو آهي. جنهنڪري اسان جي، بابا توڙي ڀائرن ڀينرن وچ ۾ ڪافي ويجهڙاپ
رهي آهي.
بابا مون کي جڏهن
پهريون ڀيرو سگريٽ ڇڪيندي ڏٺو هو ته ان ڏينهن مون کي سمجهاڻي ڏيندي ايترو چيو
هئائين ته، سگريٽ ڀلي ڇڪ پر ياد رک ته اهي ڪنهن به ٻئي کان نه وٺجان ٻيو ته اهي
اُوچي برانڊ جا هئڻ کپن. مان سندس هڪ ڳالهه ئي پوري سگهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو اُوچو
برانڊ هاڻي گهڻو مٿي چڙهي ويو آهي.
اهڙِي طرح جڏهن
منهنجي ننڍي ڀاءَ اقبال سگريٽن سان گڏ ڪي ٻيا ٻه نشا شروع ڪيا ته مون شروع شروع ۾
ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو پر بابا چيو ته، ٻار جوان ٿي وڃي ته پوءِ هن کي اهڙيءَ طرح سمجهائڻ کپي جو ان جي انا مجروح نه ٿئي. ان
جي ڀيٽ ۾ منهنجو ڏاڏا سائين مزاج جو تمام گهڻو سخت هو، جنهن بابا کي مار ڪُٽ به ڪئي
هئي.
ڏاڏا سائين نج ٻهراڙيءَ
جو ماڻهو هو جنهن وري يتيمي به ڏٺي هئي. چئين ورهين جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري
ويو هو. اسان وٽ مارڪُٽ ڪري اولاد کي سڌارڻ وارو تصور پراڻو آهي پر بابا اهڙن سمورن
خيالن، تصورن کي رد ڪري ڇڏيندو هو. ها باقي بابا جو پُڇاڻو يا آڏي پڇا صفا وڪيلن
واري هوندي هئي. جنهنڪري اسان ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئاسين.
بابا اسان مان ڪنهن
به ڀاءُ ڀيڻ تي توڻي منهنجي امان تي ڪڏهن به هٿ نه کنيو. ان جي ڀيٽ م اسان وٽ اوڙي
پاڙي ۾ اهڙا واقعا عام هوندا هئا.
بابا جي اهڙين
سمورين ڳالهين جو اسان سڀني جي شخصيت تي نه رڳو اثر ٿيو بلڪه هاڻي به حوالي طور
سمورا ڀاتي ڪنهن به ڳالهه تي اهو ياد ڪندا آهيون ته بابا هيئن ڪندو هو يانه ۽ بابا
ايئن نه چوندو هو يا نه. اسان جي گهر ۾ سياست ۾ حصو وٺڻ به ڪو ڏوهه نه هوندو هو ۽
جي ڪو ادب سان چاهه رکي ٿو ته ان جي به ڪا ورڪ ٽوڪ نه هوندي هئي.
۱۹۹۰ کان پوءِ بابا، مان منهنجو ڀاءُ اقبال به مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندا رهيا سين،
بابا، ڪڏهن منهنجي انچارج شپ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ته وري ڪڏهن هو اقبال جي نيوز
ايڊيٽر هوندي، سندس ٽيم ۾ سب ايڊيٽر طور شامل رهيو. اهڙي ماحول ملڻ سان اسان ڀائر
به پاڻ ۾ سٺا دوست رهياسين. اقبال ۽ منهنجي عمر ۾ چئن ورهين کن جو فرق هو پر ان جو
روين تي ڪڏهن فرق پوڻ نه ڏنوسين.
اسان جا ڪيترا ئي
دوست اسان جي دوستي کي ڏسي حيران ٿي ويندا هئا. اسان بابا سان گڏ پنهجي گهر ۾ به ڪيتريون
ئي اهڙيون محفلون ڪيوسين جنهن ۾ بابا اسان کي صحافت، ادب ۽ سياست سميت، مزاجي ۽
حقيقي عشق، صوفي لاڪوفي، لوڪ ادب، سماجي روين، سان گڏوگڏ زندگيءَ جي هر شعبي بابت
پنهنجي علم ۽ معلومات موجب سمجهاڻي ڏيندو هو. بابا اسان کي تجويزون ۽ مشورا ته ڏنا
پر هن ڪڏهن به ڪا ڳالهه هروڀرو مڙهڻ نه چاهي.
جڏهن اڄ بابا جي ٻين
ڳالهين کي ياد ڪريان ٿو ته مونکي اهو به ياد ٿو اچي ته بابا مون سان ڪڏهن به منهنجي
نالي سان مخاطب نه ٿيو، هو روبرو يا فون تي مونکي، بابا چئي، مخاطب ٿيندو هو ۽ مان
وري، جي بابا، چئي ورندي ڏيندو هوس.
اسان جو يعني بابا
جو ۽ منهنجو گڏيل دوست امير ڪنڀار هر ڀيري مون کي اها ڳالهه ياد ڏياريندو آهي ۽ ان
جو هيئن اظهار ڪندو آهي ته يوسف ۽ سيف هڪٻئي کي بابا چوندا هئا.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سيف ٻنوي
منھنجو پھريون صحافتي
استاد. . . !
ھمسفر گاڏھي
سائين سيف ٻنوي ڪمال
ماڻھو ھو، لطيف جو پارکو، جاکوڙي قلمي پورھيت، سادو ۽ کرو انسان. ۹۰ع جي ڏھاڪي ۾ ساڻن شناسائي ٿي، منھنجي دوست
يوسف سيف جا والد ھجڻ ڪري ساڻن قربت ۽ احترام جو رشتو به رھيو. انھن ئي ڏينھن ۾
مان ڳوٺان ڪراچي اچي نڪتس، تڏھن عوامي آواز اخبار جي آفيس چاڪيواڙي ۾ ھوندي ھئي، روزگار
سانگي اخبار ۾ لڳي ته ويس پر ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ پڙھائي ھجڻ سبب ھي تجربو ڏکيو
ثابت ٿي رھيو ھو. تن ڏينهن۾ سب ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ انگريزي ٻوليءَ مان سنڌي۾ترجمو اچڻ
لازمي شرط ھوندو ھو جيڪو مون لاءِ تڏھن پھاڙ سر ڪرڻ برابر ھو. سيف ٻنوي صاحب کي تن
ڏينهن۾ ڪراچيءَ ۾ رهائش جو مسئلو ھو، مونکي چيائون ته ڪا ويجھي رھائش ملي وڃي ته چڱو،
منھنجو وڏو ڀاءُ ادا بشير احمد دوستن سان گڏ دريا آباد لياري ۾ رھندو ھو. مون اھا ڳالھ
ادا کي ٻڌائي. انھن سائين کي پاڻ سان گڏ رھائڻ جي حامي ڀري. ايئن پاڻ اتي رھڻ لڳا،
مون کين ھڪ ڏينھن پنهنجي انگريزي۾ ڪمزور ھجڻ جو ٻڌايو، چيائون ڪو مسئلو ناهي، اڳئين
ڏينهن مون لاءِ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري وٺي آيا، بس پوءِ سکيا شروع ٿي وئي. انگريزي
اخبار ڊان سائين مون لاءِ پڙھڻ لازمي ڪري ڇڏي. رات جو اخباري ڊيوٽي تان واپس ايندي
اي پي جي انگريزي ڪريڊ به مون لاءِ کڻي ايندا هئا. جيڏي مھل بھ ننڊ مان جاڳندا ھئا،
پھرين سوال اھو ڪندا هئا ته اڄ ترجمي ۾ ڪھڙو ڪم ڪيو اٿؤ. مون لاءِ لازم هو ته ھوم
ورڪ وانگر ڪجھ نه ڪجھ ڪيل ڪم ضرور ڏيکاريان. ڪيل ڪچي ڦڪي ڪم ۾ ڪميون ڪوتاهيون
ھونديون ھيون پر ھن شفيق ۽ مھربان انسان ھميشه مون کي ھمٿايو. ان سکيا ۽ اتساھ
منھنجي زندگي تبديل ڪئي. اھڙا بي لوث ماڻھو ئي ھن جھان جي وڏي وٿ آھن. صحافت جي
آزاديءَ واري ڏينهن تي پنھنجي پھرئين صحافتي استاد سائين سيف ٻنوي کي منھنجو سلام.
سيف ٻنوي
۲۱ جون جنم ڏينهن
حسن پٺاڻ
سيف ٻنوي اديب، شاعر،
سياسي ڪارڪن ۽ صحافي، سندس اصل نالو محمد رحيم آهي ۽ سيف تخلص اٿس. ٺٽي ضلعي جي ٻني،
شهر جو رهاڪو هجڻ ڪري ٻنوي سڏجي ٿو. هو ۲۱ جون ۱۹۴۴ع تي ٻنون ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ ۽
سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل
هاءِ اسڪول سعيدپور مان حاصل ڪيائين. ۱۹۶۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سيڪنڊري ٽيچر مقرر ٿيو. ڏهن سالن
تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد ۱۹۷۲ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين. ۱۹۷۲ع کان ۱۹۷۴ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ
جو شاگرد رهيو ۽ آنرس جا ٻه سال ڪرڻ بعد پڙهائي ڇڏي ڏنائين. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۷۶ع تائين وفائي پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ جو
مئنيجر رهيو. ۱۹۷۶ع ۾ روزانه ”سنڌ نيوز“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪا شيخ عزيز جي
ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي. ان بعد مختلف اخبارن هلچل وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس
سياسي وابستگي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهي ۽ هو ان پارٽي جي شاگرد تنظيم سنڌ
نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي شاعري شروع ڪيائين
۽ ان بعد هر آچر تي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت
ڪندو رهيو ۽ پنهنجي استاد ۽ نامياري شاعر ساقي سجاوليءَ کان رهنمائي وٺندو رهيو. سندس
شاعري پنهنجي دور جي مقبول رسالي روح رهاڻ ۾ به شايع ٿي، فري لانس صحافي طور ڪم ڪيائين.
سندس ٻه پٽ به صحافتي دنيا ۾ آهن. هن جا سائين جي ايم سيد سان به واسطا رهيا. سيف ٻنوي
ڪراچي جي اسپتال ۾ ۵ جنوري ۲۰۱۰ع تي ڪراچي وفات ڪئي.
No comments:
Post a Comment