Pages

14 April, 2026

مظهر الحق صديقي

مظهر الحق صديقي

سندس لاڏاڻو - هڪ انتظامي دور جي پڄاڻي

محمد احسان لغاري



فيبروري۲۶، ۲۰۲۶ تي سائين مظهر الحق صديقي جو لاڏاڻو پاڪستان جي ادارتي تاريخ ۾ هڪ ڊگھي انتظامي عهد جي پڄاڻي آهي. سندن تعلق سول سرونٽس/ نوڪرشاھي جي ان پيڙھي سان هو، جن لاءِ رياست ڪو تجريدي (ايبسٽريڪٽ) تصور نه پر هڪ زندهه ۽ متحرڪ بناوٽ هئي، جيڪا قاعدن، فائلن، مالي ضابطن ۽ تسلسل جي آڌار تي قائم رهندڙ آھي. سندن حياتي پاڪستان جي بيوروڪريسي/افسرشاھي جي اعليٰ عھدن، يونيورسٽين جي ڏُکيرن لاهن چاڙهن ۽ هڪ وڏي خانگي ميڊيا اداري (ھم) جي سربراهي تائين پکڙيل هئي. ھڪ مقصد ڀري، ڪامياب عملي زندگي گذاريندي، ھنن اهڙا نقش ڇڏيا آهن جيڪي اڄ به سنڌ جي انتظامي ۽ تعليمي اڏاوت (آرڪيٽڪچر) تي اثرانداز ٿي رهيا آهن.


صديقي صاحب نه ته ڪو عوامي مقبوليت جو گھُرجائو اصلاح پسند هو ۽ نه ئي وري نظرياتي منشورن جو پؤلڳ ڪو دانشور. هو پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڪلاسيڪي انتظامي ماهر (ايڊمنسٽريٽر) ۽ ادارتي اڳواڻ هو، جنهن جو پختو ويساهه هو ته ادارا رڳو جذباتي اتساهه سان نه پر نظم ۽ ضبط (ڊسيپلن) سان ئي قائم رھي سگهندا آهن. هڪ اهڙي رياست جتي ادارا طاقتور ڌرين جي دٻاءُ سبب ھر موسم ۾ ڌوُڻبا رهيا آهن، ھنن جو ڪيريئر هڪ اڻلڀ مثال آهي ته ڪيئن بيوروڪريٽڪ/ افسري صلاحيت، طاقت ۽ اڳواڻي مختلف حڪومتن ۽ حالتن ھوندي پاڻ کي مستحڪم رکي ٿي ۽ وقت آهر پاڻ کي نئين سر جوڙي ٿي.

تخليقي سال ۽ مستقل رياست جو مزاج

سال ۱۹۳۵ ۾ پيدا ٿيندڙ صديقي صاحب جي ذهني اوسر نوآباتي / بيٺڪي دور جي پڄاڻي ۽ پاڪستان جي شروعاتي سماجي ۽ سياسي لوڏن واري دور ۾ ٿي. انھي تاريخي پسمنظر هڪ مخصوص انتظامي مزاج کي جنم ڏنو ھو، جنهن جو بنياد ان يقين تي هو (۽ ڪي قدر اڄ پڻ آھي) ته سياست هڪ اچڻي وڃڻي شي آهي جڏهن ته سول سروس / افسر شاھي رياست جو "مستقل پيل پاوو” آهي. ۱۹۵۷ ۾ اِنڪم ٽيڪس کاتي ۾ شموليت کين نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي مالي مرڪز ۾ آڻي بيهاريو، جتي اختيار جو استعمال ڳالھين يا تقريرن جي بجاءِ قانوني طريقيڪار، آڊٽ ۽ قاعدن جي سخت پيروي ڪندي ۽ ڪرائيندي ڪيو ويندو هو.

مالياتي انتظاميا جي انهيءَ تجربي سندس ان يقين کي وڌيڪ پختو ڪيو ته مالي نظم ۽ ضبط ئي حڪمرانيءَ جوڪرنگهي جو هڏو آهي. اهو ئي سبب هئو جو اڳتي واري پنڌ ۾ ھُنن يونيورسٽين کي اهڙي سرڪاري اداري طور ڏٺو جن کي انتظامي هم آهنگي ۽ مالي استحڪام جي سخت ضرورت هئي.

روينيو انتظاميا کان صوبائي اختيارن تائين

ٽيڪس جي شعبي ۾ صديقي صاحب جي نوڪري ۾ اڳڀرائي، پاڪستان جي ان دور ۾ ٿي جڏهن رياست جي سرپرستي ۾ صنعتي واڌاري جون ڪوششون ٿي رهيون هيون. پر سندن شخصيت ۾ سڀ کان اهم موڙ تڏهن آيو جڏهن هنن سنڌ جي صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ قدم رکيو، جتي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري سروسز طور خدمتون سرانجام ڏنيون.سيڪريٽري تعليم طور هنن سنڌ جي تعليمي نظام ۾ موجود گوسڙو ادارن، سياسي رنگ ۾ رڱيل ڪيمپسز ۽ انتظامي جمود جهڙن بحرانن جو مقابلو ڪيو. انڪري ئي سندن نظر ۾ تعليمي زوال جو بنيادي ڪارڻ علمي صلاحيت جي کوٽ نه، پر طرز حڪمرانيءَ جي ناڪامي هئي. اها ئي تپاس اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندن تعميري ڪردار جي بنياد بڻي.

ڄامشورو: نظم، اختيار ۽ يونيورسٽي

صديقي صاحب جي وائيس چانسلر طور پهرين مقرري جنرل ضياءُ جي سخت آمريت (۱۹۸۴-۸۸) واري دور ۾ ٿي، جڏهن ڪيمپس اڳي ئي سخت نگرانيءَ هيٺ هئا ۽ شاگرد سياست کي لتاڙيو ويو هو. يونيورسٽي ۾ شھيد احسان ميمڻ جو واقعو ٿي چڪو ھو، جمھوريت جي بحالي/ ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي چڪي ھئي، ٽوڙھي ڦاٽڪ وارو واقعو، ھاسٽلن کي ديوارون ۽ ٻيا ڪئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ شاگردن سان لاڳاپيل خطرناڪ واقعا ٿيا۔ اھڙين سالن ۾ يونيورسٽي جي اڳواڻي ڪندي سندن بنيادي مقصد اصلاحات بجاءِ استحڪام هو، کين اھڙين ڳنڀير حالتن ۾ يونيورسٽي کي ھلائڻو ھو، بنيادي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻو هو۔

صديقي صاحب جو يونيورسٽي وارو ٻيو دور (۲۰۰۱-۲۰۰۸) وڌيڪ تبديليءَ وارو ثابت ٿيو. اعليٰ تعليم جي ملڪي سطح تي واڌاري سان گڏ، هن دور ۾ يونيورسٽين کي بھتر بجيٽون مليون، اڏاوتي ڪم ٿيا، ۽ فيڪلٽي جي ترقيءَ لاءِ نظام جوڙيو ويو. سندن نگرانيءَ ۾ ڪيمپس جو وڌاءُ، فيڪلٽي/ استادن ۾ واڌارو ۽ ٻاهرين ملڪ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جهڙا پروگرام ادارتي شڪل اختيار ڪري ويا، جنهن يونيورسٽيءَ جي علمي نقشي کي ايندڙ وقت لاءِ بدلائي ڇڏيو.

ان دور سندن ڪيريئر جي بنيادي عملي گھاڙيٽن جي چٽن اثرن کي آڏو آڻي رکيو. استادن/ فيڪلٽي ميمبرن ايئن اعتراض اٿاريا ته سائين بيوروڪريٽڪ / افسرشاھي حڪمن (Fiat) ذريعي انتظام هلائي رهيو آهي ۽ علمي وھنوار کي رڳو انتظامي پورائي تائين محدود ڪري رهيو آهي. اها ڇڪتاڻ ذاتي نه پر ساختي/ اسٽرڪچرل هئي، جيڪا هڪ انتظامي ماهر جي منطق ۽ خودمختياري چاهيندڙ علمي برادريءَ جي وچ ۾ هڪ ڳوُڙھو ٽڪراءُ هو.

وفاقي بيوروڪريسيءَ ۾ ڪردار

ڄامشورو جي ھوائن کانسواءِ، صديقي صاحب جو وفاقي ڪيريئر رياست جي حساس کاتن جي ادارتي اڳواڻي تي ٻڌل هو. سائين سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ طور سول سروس ۾ مقررين، ترقين ۽ ڪيريئر جي فيصلن تي اھم اثر وڌا۔ ان کان پوءِ اڪانومڪ افيئرز، ايجوڪيشن، اسٽيٽسٽڪس ۽ يوٿ افيئرز ڊويزن جي سربراهي ڪندي هنن عالمي ترقياتي ماليات، آدمشماري جي انتظام ۽ بين الصوبائي پاليسي سازيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صديقي صاحب لاءِ حڪمراني ڪڏهن به نظرياتي وابستگي جو معاملو نه هئي. اهو انتظامي صلاحيت ۽ رياست جي مشينريءَ کي مسلسل سياسي لاهن چاڙهن باوجود فعال رکڻ جو نالو هو ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو.

اعزاز، مڃتا ۽ ادارتي اعتبار

جيتوڻيڪ مظهر الحق صديقي شهرت جو گهُرجائو نه هو، پر سندن ڏھاڪن تي ٻڌل خدمتن کي قومي سطح تي مڃيو ويو. پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۽ اعليٰ تعليم ۾ سندس مستحڪم ڪردار جي اعتراف ۾ کيس ۲۰۰۵ ۾ پاڪستان جي اعليٰ شهري اعزازن مان هڪ "ستارهِ امتياز” سان نوازيو ويو. جنھن جي سرڪاري تقريب ۲۰۰۶۾ ٿي۔ پر اعزازن کان وڌيڪ، سندس اصل مڃتا "ادارتي اعتماد” ۾ هئي. کيس ورائي حساس وفاقي کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو، سياسي طور تي ٻرندڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور ذميواريون ڏنيون ويون، ۽ کين قانوني سرچ ڪميٽين جو مستقل رڪن بڻايو ويو. اهڙي مڃتا رياست جي اعليٰ سطح تي گهري اعتماد کانسواءِ ممڪن ناهي. سنڌ جي يونيورسٽين پاران پڻ ادارتي استحڪام ۽ انتظامي سڌارن ۾ سندس ڪردار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.

ادارتي تسلسل: سرچ ڪميٽيون ۽ ساختي جٽاءُ

ريٽائرمينٽ کانپوءِ به صديقي صاحب جو اثر علمي يا عملي طور گهٽ نه ٿيو. وائيس چانسلرن جي چونڊ لاءِ جوڙيل سرچ/ ڳولائو ڪميٽين جي مستقل رڪنيت ذريعي سائين سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي حڪمرانيءَ کي ترتيب ڏيڻ جاري رکيو. وقت سان گڏ، خالص علمي شخصيتن جي بجاءِ انتظامي صلاحيت رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ملڻ لڳي، جنهن يونيورسٽي جي اڳواڻي کي آهستي آهستي بيوروڪريٽڪ / افسري رنگ ڏنو. اهو لاڙو آخرڪار ۲۰۲۵ جي "سنڌ يونيورسٽيز امينڊمينٽ بل” جي صورت ۾ قانون بڻجي سامهون آئي، جنهن تحت سينئر آفيسرن لاءِ وائيس چانسلر بڻجڻ جا رستا قانوني طور کلي ويا. شايد ڪنهن سي ايس ايس يا پي سي ايس آفيسر جي ذهن ۾ هي مٿانهون احساس هجي ته "اسين ئي سڀ کان بهتر آهيون”، پر حقيقت ۾ هن قانون ڪو نئون ماڊل ايجاد نه ڪيو، بلڪه ان انتظامي منطق کي قانوني شڪل (Codify) ڏني جنهن جي صديقي صاحب ڏهاڪن کان نمائندگي ڪئي هئي.

خانداني ادارو ۽ ڪارپوريٽ حڪمراني: ‘هم نيٽ ورڪ

صديقي صاحب جي ‘هم نيٽ ورڪ ليمٽيڊ’ ۾ ڪردار کي ان جي صحيح خانداني گھاڙيٽي ۾ سمجهڻ ضروري آهي. هم نيٽ ورڪ هڪ خانداني ادارو هو، جنهن جو بنياد سندن ڀيڻ سلطانه صديقي صاحبه وڌو ۽ ان جي تخليقي اڳواڻي ڪئي. مظهر الحق صديقي صاحب جي چيئرمين طور موجودگي ڪنهن نئين راھ جي بجاءِ تسلسل جي علامت هئي. اهو رياستي بيوروڪريٽڪ ڊسپلن/ افسرشاھي کي خانداني ڪارپوريٽ فضا ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل هو. صديقي صاحب جي ڪردار اداري کي انتظامي استحڪام، قانوني تعميل ۽ ادارتي ساک فراهم ڪئي، جڏهن هي نيٽ ورڪ هڪ پبلڪ لسٽيڊ ميڊيا آرگنائيزيشن طور اڀريو. هي ترتيب پاڪستان جي اشرافيه خاندانن ۾ هڪ وسيع لاڙي جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي انتظامي، مالي ۽ ثقافتي سرمايو هڪ ئي خانداني نيٽ ورڪ ۾ گڏ هوندو آهي.

هڪ انتظامي دور جي پڄاڻي

مظهر الحق صديقي جي وفات پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ واري بيوروڪريٽڪ مزاج جي آخري پاسبانن مان هڪ جو لاڏاڻو آهي. صديقي صاحب پنهنجي علمي ۽ عملي ورثي ۾ انتظامي منطق سان جڙيل يونيورسٽيون، پنهنجي فيصلن سان اثرانداز ٿيل سول سروس، ۽ حڪمرانيءَ جا اهڙا گھاڙيٽا ڇڏيا آھن جيڪي ڳالھين کان وڌيڪ نظم ۽ ضبط کي مقدم سمجهن ٿا. سندس ورثو هميشه مختلف پاسن کان پرکيو ويندو. ڪن لاءِ هو هڪ غير يقيني حالتن کي منھن ڏيندڙ رياست ۾ استحڪام جي علامت هو، ته ڪن لاءِ هو علمي ۽ فڪري زندگي کي بيوروڪريٽڪ/ افسرشاھي بڻائڻ جو محرڪ ڏٺو ويو. پر تاريخ کين ساختي اثرن جي حساب سان پرکيندي. صديقي صاحب صرف ادارن جو هڪ منتظم نه هو، پر هو خود ادارتي شڪل جو هڪ معمار هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

مظهر الحق صديقي

هڪ ٻهڳڻو تعليمدان

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

هي ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي جي آخري سال جي ڳالهه آهي، لڳ ڀڳ ۱۹۷۹ع جو سال هوندو. مان تڏهن مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي صاحب وٽ ڊائريڪٽر پلاننگ ايند ڊولپمينٽ هيس. يونيورسٽي جي اسڪيمن جي منظوري لاءِ اسلام آباد جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ وڃڻو پوندو هو. ڇو ته ان وقت يونيورسٽيون وفاق وٽ هيون ۽ ڊولپمينٽ فنڊنگ لاءِ وفاقي حڪومت ئي پئسا منظور ڪندي هئي. اهڙي ريت يونيورسٽين جون مختلف اسڪيمون پڻ وفاق حڪومت طرفان منظور ٿينديون هيون. سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي بار بار اسلام آباد وڃڻو پوندو هو. اتي رهائش لاءِ مختلف جڳهيون هونديون هيون پر سنڌ جي آفيسرن جي رهائش لاءِ سنڌ هائوس ٺهيل هو جنهن ڪري آئون اڪثر ڪري سنڌ هائوس ۾ رهندو هوس.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مان سنڌ هائوس جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺو هوس ۽ چانهه پئي پيتم ته منهنجي سامهون واري صوفي تي هڪ سهڻو ۽ قداور شخص جنهن جا اڳيان ڪجهه وار اڇا هئا ۽ بهترين ڊريس پاتل هئس اچي ويٺو ۽ چانهن جو آرڊر ڏنائين، مون کيس ڪونه سڃاتو ۽ نه ئي هن مون کي سڃاتو، ڇو ته اڳ ڪابه واقفيت نه هئي پر جڏهن هن ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته مان پنهنجي سيٽ تان اٿي کيس جهڪي مليس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. پاڻ انتهائي بهترين نموني سان اٿي مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته مان مظهر آهيان. مون تفصيل پڇيمانس ته ٻڌايائين مظهر الحق صديقي سيڪريٽري فنانس سنڌ گورنمينٽ. گڏ ويٺاسين سائين سان سٺي ڪچهري ٿي. سندس نالو ته ٻڌل هو ۽ اها به خبر هئي ته پاڻ اصل ۾ سيوهڻ جي سڪي لڌي شخصيت آهي. هو سي ايس ايس ڪري انڪم ٽيڪس جي کاتي ۾ ڪمشنر ٿيو پوءِ سندس شخصيت ۽ خدمتن کي ڏسي سنڌ حڪومت هن کي پاڻ ڏي کڻي آئي. مون کيس ٻڌايو ته مان به اصل سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ بختيارپور جو قريشي آهيان. تفصيلي ڪچهري کانپوءِ هڪ ٻئي کان موڪلايوسين پر مان سائين جي انتهائي سهڻي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس. سندس ڳالهين مان محسوس ٿيو ته سائين کي نه صرف انتظامي معاملن جي ڄاڻ ۽ قابليت آهي پر سندس شخصيت ۾ هڪ انتهائي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت انسان هجڻ جي جهلڪ پڻ ڏسڻ ۾ آئي.

ان ملاقات کان پوءِ ڪافي وقت گذري ويو پر ساڻس وري ملاقات نه ٿي سگهي. ان دور ۾ مان سگا ۽ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي ۾ سرگرم هوس، جنهن ڪري سنڌ جي صورتحال تي سوچ ويچار، صلاح مشوري ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنهنجي سينيئر رهنمائن جهڙوڪ؛ محترم محمد ابراهيم جويو، سيد غلام مصطفي شاهه، سراج الحق ميمڻ، نذر ميمڻ، پروفيسر عمر ميمڻ، فضل الحق قاضي، غلام رباني آگرو، فضل الله قريشي، مهتاب راشدي، فهميده حسين ۽ ٻين سان رابطي ۾ رهندو هوس.

هڪڙي ڏينهن اوچتو محترم فضل الله قريشي (جيڪو تن ڏينهن ڪراچي ۾ سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ هو) جو فون آيو ته سڀاڻي رات جو مون وٽ هڪڙو اهم مهمان اچي رهيو آهي، چار پنج دوست سڏيا اٿم ۽ تون به حيدرآباد مان اچي ان گڏجاڻي ۾ شامل ٿي. مان ٻئي ڏينهن منجهند جو ڪراچي پهتس، پوري اٺين وڳي فضل الله قريشي صاحب جي گهر ڪلفٽن پهتس. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، نذر ميمڻ، فضل الله قريشي ۽ هڪ ٻه دوست شامل هئاسين.

پنج ڏهه منٽ بعد ڊاڪٽر سليمان شيخ، نذر ميمڻ ۽ هڪ ٻه ٻيا دوست اچي سهڙيا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ قداور شخص جنهن جا اڳيان وار اڇا هئا، بلو شلوار قميص ۽ سينڊل پاتل اچي نڪتو، سڀ اٿي سائين سان قرب سان ملياسون، پاڻ به پيار، محبت ۽ پاٻوهه سان مليو ۽ سندس اچڻ کان اڳ ئي فضل الله صاحب اهو ٻڌايو ته هي آهي مظهر الحق صديقي صاحب جنهن کي اڄ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿن، اچو ته سائين سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪيون. جيئن ته سائين سان سڀني جي سٺي ملاقات هئي پر کيس اهو ياد نه هو ته مان سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد آهيان جيئن مٿي ذڪر ڪيم ته منهنجي ساڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي تڏهن مان مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ هوس. فضل الله صاحب سڄي سنگت جو تعارف ڪرايو، خاطر تواضح ڪئي ۽ اها گڏجاڻي ۲ ڪلاڪ هلي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ سائين سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي وي سي جي چارج ورتي. انهي وچ ۾ سنڌ جو هڪ صدورو انسان پروفيسر محمد الياس ابڙو جيڪو وي سي هو سو مظهر صاحب کي چارج ڏئي روانو ٿيو. مظهر صاحب هڪ تمام گهڻ پڙهيو ماڻهو هو. پاڻ انگريزي، سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. مان ان وقت، سنڌ يونيورسٽي جي اقتصاديات شعبي ۾ اسسٽنٽ/ايسوسيئيٽ پروفيسر هوس ۽ الياس ابڙي جي دور ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي ڪلاسن جو انچارج مقرر ٿيل هوس. مظهر صاحب اچڻ کانپوءِ يونيورسٽي جي هر شعبي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ کيس خبر پئي ته هتي، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جو شعبو هلي رهيو آهي ۽ شام جو يونيورسٽي جي پراڻي ڪئمپس جا ڪلاس هلن ٿا، جنهن جو انچارج اعجاز قريشي آهي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ مون کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو ۽ ڪلاسن بابت بريفنگ لاءِ چيو ويو. مان ڏنل وقت تي بريفنگ تيار ڪري سندس آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پهتس جتي مظهر صاحب سان گڏ يونيورسٽي جو رجسٽرار ڊاڪٽر محمد بخش لاشاري، ٻيا استاد ۽ ڪيترائي آفيسر موجود هئا، مون ڪلاسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پوءِ ڪافي سوال جواب ٿيا. مظهر صاحب به سٺا سوال ڪيا ۽ منهنجي سڄي ڪارڪردگي مان مطمئن ٿيو ۽ مون کي اڳتي ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين. اهڙي طرح مان ڏهه سال ان شعبي جو انچارج رهيس ۽ روزانو شام جو چئين وڳي کان اٺين وڳي تائين اتي موجود هوندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن مظهر صاحب اچي ڪلاس چيڪ ڪندو هو ۽ ليڪچر ڏيندو هو.

ڏٺو وڃي ته علامه آءِ آءِ قاضي، حسن علي عبدالرحمان ۽ سائين غلام مصطفى شاهه جي وائيس چانسلري وارن دورن کان پوءِ مظهر الحق صديقي صاحب جو دور پڻ هڪ سونهري دور هو، ڇاڪاڻ ته سائين مظهر صاحب اچڻ سان سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي توڙي تدريسي معاملن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جون هاسٽلون ڏوهاري ۽ غير واسطيدار ماڻهن جي قبضي هيٺ هيون جنهن ڪري پڙهڻ لکڻ ۽ تعليم سان دلچسپي رکندڙ هوشيار شاگرد نهايت خوف جو شڪار هئا، جنهن ڪري يونيورسٽي جو تعليمي ماحول متاثر ٿي رهيو هو. مظهر صاحب ان سموري صورتحال کي چڱي طرح جاچي ورتو ۽ پوءِ نهايت همت ۽ جرئت سان اپاءَ وٺڻ شروع ڪيائين. هن پاڻ وڃي هاسٽلن جو معائنو ۽ دورو ڪيو. استادن، ملازمن ۽ شاگردن سان ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪيائين، صلاح مشوري کان پوءِ اهم فيصلا ڪيائين جنهن ۾ شاگردن لاءِ خوشگوار تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ، ٻاهرين ماڻهن جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي کي چوڌاري ڀتيون ڏيارڻ خاص طور شامل هئا. ان وچ ۾ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردن جي شهيد ٿيڻ وارو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن کي درست رخ ۾ حل ڪرڻ لاءِ مظهر صاحب جون ڪوششون نهايت اهم هيون، ڇاڪاڻ ته اهو ضياءَ مارشلا جو قهري دور هو، مظهر صاحب نهايت بهادري ۽ ڏاهپ سان انتظاميه تي دٻاءُ وڌو جنهن ڪري جلد ئي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ گرفتار ٿيل بي گناهه شاگرد آزاد ٿيا.

جيئن مٿي ٻڌايم ته مظهر صاحب هڪ عالم پر گڏوگڏ عملي انسان هو. اندر ۾ سچو، ڪوڙ کان پري، ايماندار، محنتي، با اخلاق ۽ وقت کي سٺي نموني استعمال ڪندڙ شخص هو. صبح جو ساڍي اٺين کان نوَ جي وچ ۾ پهچندو هو ۽ شام جو ڇهين ستين تائين ڪم ڪندو هو. سندس ڪوشش هئي ته سنڌ يونيورسٽي کي مٿي کڻي اچي، ۽ اها ڪوشش ڪجي ته علامه آءِ آءِ قاضي جي رستي تي هلجي. هو علامه صاحب جو شاگرد هو. مظهر صاحب سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جو هڪ آئيڊيل تعليمي ادارو بنائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي وٽ فنڊ تمام گهٽ هئا، پر مظهر صاحب جيئن ته وفاقي حڪومت ۾ رهيو هو انهيءَ ڪري هن وفاقي حڪومت مان سنڌ يونيورسٽي لاءِ گهڻو فنڊ ورتو ۽ ساڳي ريت سنڌ گورنمينٽ کان به چڱي رقم ورتي.

مظهر صاحب ٽي دفعا سنڌ يونيوسٽي جو وائيس چانسلر رهيو ۽ کيس چوٿون دفعو به ڏنو ويو پر هن قبول نه ڪيو. انهن ٻارنهن سالن ۾ هن حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي ته يونيورسٽي کي سڌارجي ۽ هن مٿي ڄاڻايل شخصيتن علامه آءِ آءِ قاضي، سيد غلام مصطفى شاهه جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي.

مظهر صاحب جي هڪ خاص خوبي اها هئي ته هو هر هفتي مختلف شعبن جو معائنو ڪندو هو. پاڻ وڃي هر شئي ڏسندو هو، استادن توڙي شاگردن جا مسئلا ترت حل ڪندو هو. مان شروع ۾ اقتصاديات شعبي ۾ استاد ٿيس ۽ پوءِ اڳتي هلي منهنجي دل ۾ اقتصاديات شعبي کي وسيع ڪرڻ ۽ جديد طريقن سان اڳتي وٺي وڃڻ جو خيال آيو. مون سوچيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ جديد طرز تي اقتصاديات جو هڪ مرڪز قائم ڪجي، جنهن تحت تحقيق ڪجي ۽ سنڌ جي لاءِ ترقي جا نوان رستا ۽ راهون ڳولهجن. مون اقتصاديات جي هيڊ پروفيسر مرحوم غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين استادن سان مشورو ڪري هڪ رٿا ٺاهي پر گهڻن ان جي مخالفت ڪئي ۽ پهرين ته مرحوم الياس ابڙي به مخالفت ڪئي. سندس وڃڻ کانپوءِ مون هڪ رٿا ٺاهي ڪجهه نوجوان استادن کي گڏ ڪري مظهر صاحب وٽ ويس. رٿا کي ڏسي هو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ ان کي هڪدم منظور ڪيائين ۽ چيائين ته سڀاڻي اڪانامڪس شعبي ۾ استادن سان گڏجاڻي رکو جنهن ۾ مان هن رٿا جو مقصد ٻڌائيندس. ٻئي ڏينهن پاڻ آيو ۽ ٻه ڪلاڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سڀ استاد موجود هئا. اداري جي باقاعدي منظوري ڏني وئي، جنهن جو نالو سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر رکيو ويو. ان جا پئسا به منظور ڪندي، فرنيچر، آفيس اي.سي ۽ ريسرچ لاءِ هڪ گاڏي به مظهر صاحب منظور ڪئي ۽ منهنجي ڊائريڪٽر طور آرڊر ڪيائين پر مون انڪار ڪندي چيو ته سينيئر موجود آهن توهان محترم غلام حسين خاصخيلي کي مقرر ڪريو جيڪو ان وقت پروفيسر هو، جيڪا ڳالهه هن قبولي. مون کي وري ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيائين. ان کانسواءِ ڊاڪٽر اقبال پنهور کي ايڊيشنل ڊائريڪٽري (ٽو) مقرر ڪيائين.

منهنجو مظهر الحق صديقي صاحب سان يونيورسٽي واري دور کان پوءِ به سندس وفات وارين گهڙين تائين تمام سٺو تعلق رهيو. اها سندس شفقت ۽ محبت هئي جو اڪثر فون ڪري مختلف معاملن ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ مونکي سڏيندو هو. سندس آتم ڪٿا ”ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي” جي لکڻ کان وٺي ڇپائڻ تائين هر ڪم مظهر صاحب منهنجي حوالي ڪيو. مظهر صاحب هڪ فرض شناس انسان هو، جنهن ڪري هن نوڪري جي حوالي سان جنهن به شعبي ۾ رهيو اتي نهايت ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪيائين. ساڻس گڏ جنهن به ڪم ڪيو اهو کيس اڄ به سٺن لفظن سان ياد ڪري ٿو ۽ کيس دعائون ڏئي ٿو. مظهر صاحب سنڌ جي انهن ڪجهه ماڻهن مان هڪ هو جن جي شخصيت، ڪردار ۽ جدوجهد کي مثال بڻائي ۽ سندن نقش قدم تي هلي اسين اڄوڪي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ ترقي جي منزلن تي پهچي سگهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)



مظهر الحق صديقي

هڪ مثالي انسان

احسان لغاري

انڊس هوٽل جي هڪ هال ۾ سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ انتظامي عملدارن تي مشتمل تقريب هئي. موضوع هيو ته سائين انعام شيخ صاحب جي سنڌي ادبي بورڊ مان سيڪريٽري شپ جي خاتمي کي روڪجي، ڪو ٺهراءُ پاس ڪري وزيراعلي کان گهُر ڪجي ته جيئن شيخ صاحب کي وڌيڪ مدو ڏنو وڃي. واري واري سان وڏيون جذباتي تقريرون ٿيون، ماحول به گهڻو جذباتي ٿي چڪو هو ۽ حقيقت به هئي ته انعام صاحب کي جنهن حالت ۾ بورڊ مليو هو، چارج ڇڏڻ کان پهرين هن اها حالت گهڻي تبديل ڪري ڇڏي هئي، يعني اداري کي پيرن تي بيهاريو هو، ڪيترائي اڻ لڀ ڪتاب ٻيهر ڇپجي سگهيا هيا. ان جذباتي ماحول ۾ هڪ ماڻهو اسٽيج تي آيو، جنهن وڏي ڌيمي لهجي ۽ سهڻن لفظن سان موتي پوئڻ شروع ڪيا، اهو هو سائين مظهر الحق صديقي، جنهن انعام صاحب جي ڪم جي نه رڳو واکاڻ ڪئي، پر اهو باور ڪرايو ته هو هڪ سٺي انتظامي عملدار کان وڌيڪ سٺو استاد آهي، جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ انعام صاحب شڪر ڪري جو کيس استادي پيشي کي جاري رکڻ جو ٻيهر سٺو موقعو ملي رهيو آهي، ۽ هو جلد يونيورسٽي واپس جوائن ڪري. آئون سندس ڀرپور آجيان ڪندس. صديقي صاحب جنهن انداز سان ڳالهه پيش ڪئي ۽ جنهن نموني ان کي مڪمل ڪيو، جنهن کانپوءِ ان جذبات پڻي جو ڪو جواز نه پئي جڙيو، ڊاڪٽر بلوچ سميت ٻيا شريڪ ڪار ان ڳالهه سان گهڻي قدر متفق پئي نظر آيا. بهرحال سائين مظهر الحق صديقي صاحب ان ڏينهن منهنجي دل ڄڻ ته کٽي ورتي. دل جي حضور سان کيس سلام ڪندو رهيس.

...

سال ۲۰۰۳ع ۾ مون ٻارن جو رسالو "گلستان" شايع ڪرائڻ شروع ڪيو، جيڪو ناز سنائي صاحب جو هو، پر گهڻن سالن کان بند هو. آئون رسالي جي ڪاپي سائين مظهر الحق صديقي صاحب کي موڪليندو رهندو هئس. ساڻس ڪڏهن آفيس وڃي ملاقات نه ڪيم، پر هڪ دفعي ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ جڏهن آيو ته مون پنهنجو تعارف ڪرايو، رسالي جو حوالو ڏنو، ان کان اڳ هو، مونکي ڊاڪٽر صاحب جي گهر جو محض ملازم سمجهندو هو، پر ان تعارف کان پوءِ جڏهن به مليو ته ڪلهي تي هٿ رکي حال احوال به وٺندو هو ته پٺي ٺپي همت افزائي به ڪندو هو.

مون هڪ دفعي کيس خط لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ايجوڪيشن فيڪلٽي ۾ "ٻاراڻي ادب" لاءِ ڪو ادارو کولي ته آئون گهٽ بجيٽ م گهڻو ڪم ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

هڪ دفعي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي "ڊڪشنري آفيس" ۾ ڪم ڪندڙ محترم مختيار بلوچ مون وٽ آيو، وڏا ڀاڪر پائي مونکي چيائين ته هل توکي يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي نوڪري وٺي ڏيان، منهنجي لاءِ غنيمت هئي، آئون تيار ٿي ساڻس گڏ ويس. اسان ٻئي ايجوڪيشن فيڪلٽي جي ڊين آفيس پهتاسين، جتي ڊاڪٽر پروين منشي صاحبه (اڳوڻي وائيس چانسلر صوفي يونيورسٽي، ڀٽ شاهه) ويٺي هئي، جنهن مونکان پڇا ڪئي ته "احسان لغاري اوهان آهيو؟" چيم جي. چيائين "سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڪير آهي، خبر آهي توکي؟" چيم: سائين مظهر الحق صديقي. چيائين " تون ڪيئن سڃاڻين". چيم "هڪ ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب وٽ ايندو رهندو آهي، ٻيو ته آئون ٻاراڻو رسالو شايع ڪندو آهيان، کيس موڪليندو آهيان. "

پوءِ منهنجو اهو خط ڏيکاريائين، جيڪو مون سائصن مظهر الحق صديقيءَ کي لکيو هو.

پوءِ چيائين ته "تون ڇا ڪندين، ڪيئن ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪندين." کيس بريفنگ ڏين شروع ڪيم. منهنجي ڳالهه مڪمل نه ٿي هئي ته مختيار بلوچ چيو "مئڊم، هي ڪمپوزنگ ڪندو، ٻاراڻي ادب تي ڪم پاڻ ڪندس. ان بهاني هن غريب جي نوڪري ٿي ويندي."

مون کيس چيو "توکي ٻاراڻي ادب جي ڪهڙي خبر ۽ جڏهن وائيس چانسلر صاحب منهنجي نالي چيو آهي ته آئون ئي ڪم ڪندس."

هن چيو ته مون هيترا سال ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ڊڪشنري آفيس ۾ شاهه جي رسالي ۽ ٻين پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو آهي، تو ته رڳو ٻهاري ڏني آهي.

بهرحال اسان ٻئي جذباتي ٿي وياسين. منهنجي عمر ننڍي هئي، مختيار اتي ڪلرڪ هو. منشي صاحبه چيو ته مطمئن ٿي اچو، ته ڪجهه ڪجي. ٻئي ڊاڪٽر صاحب جا ماڻهو آهيو، ائين ڪجهه نٿي ڪري سگهان.

اسان ٻئي ڪاوڙجي نڪتاسين، هن گهڻو مطمئن ڪيو ته نوڪري ملي ويندي توکي يونيورسٽي ۾. مون چيو اهڙي نوڪري نه ڪبي.

ان بعد آئون سڄو پراجيڪٽ/ خاڪو ٺاهي کڻي ويس. ڊاڪٽر صاحبه کي پسند به آيو، پر چيائين ته توهانجي تعليم ۽ عمر گهٽ آهي، ڪا وڏي ذميواري نٿي ڏئي سگهجي. توهان ۽ مختيار بلوچ مطمئن ٿيو ته پوءِ ڪجهه ڪجي.

اسان ٻئي نه ٺهياسين، ٽئي دفعي ملڻ ويس ته ڊاڪٽر صاحبه چيو ته ادا مون رفيوز ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ڪم آرٽس فيڪلٽي ڪري.

آئون به مايوس ٿي ويهي رهيس.

هي واقعو لکڻ جو مقصد ته سائين مظهر الحق صديقي ٻاراڻي ادب جي فروغ لاءِ به دلي خواهش رکندڙ هو.

...

مون ٻاراڻو رسالو شايع ڪيو ته عيد تي مختلف ادارن جي سربراهن کي عيد ڪارڊ موڪليندو هئس، انهن مان ڪجهه سربراهه سائين انعام شيخ (سنڌي ادبي بورڊ) سائين شوڪت حسين شورو (سنڌيالاجي) ۽ ٻين سميت سائين مظهر الحق صديقي جوابي خط موڪليندو هو. ڇاڪاڻ ته اهو دور خط لکڻ ۽ جواب ڏيڻ جو هو، پر وائيس چانسلر جهڙي وڏي ۽ مصروف ماڻهوءَ لاءِ اهو ضروري ڪو نه پر سلام آهي، جو پاڻ هر محبت ڏيندڙ کي محبت جي موٽ ڏيندا هئا. سچ ته اهي خط وڏي همت افزائي ۽ آٿت ڏيندا هئا. باغ بهار ڪري ڇڏيندا هئا.

سچ ته اهڙا وڏا انسان ئي اسان جهڙن نوجوانن جي همت افزائي جو سبب بنيا ۽ اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ همت نه هارڻ جو ڄڻ ته ان سڌي ريت ڏس ڏنائون.

سائين مظهرالحق صديقي جي وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي، الله سائين کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي.

 

(احسان لغاري جي فيسبڪ پوسٽ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي رکيل)


 

مظھر الحق صديقي

جبران زيب

مون پهريون دفعو مظهر الحق صديقي صاحب کي ۲۰۰۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بايو ڪيمسٽري شعبي ۾ ڏٺو هو، ان وقت مان بايو ڪيميسٽري شعبي جي پهرين سال جو شاگرد هيس. صديقي صاحب جي شخصيت کي ڏسندو رهجي ويس ۽ جڏهن پاڻ ويجهو پهتا ته مٿي تي هٿ رکي مسڪرائي چيئي ينگ مين خوش هجو. جناب مظهر الحق صديقي صاحب ڪنهن تعارف جو محتاج نه هو، پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي سان ادارن جو سربراه ٿي رهيو ۽ پنهنجي دور ۾ وڏا وڏا ڪم ڪيا. جناب مظهر الحق صديقي جو تعارف اڳي ئي مون ٿيل هو ڇاڪاڻ ته منهنجو والد صاحب مونکي ڪيترائي ڀيرا پاڻ سان گڏ ادي سلطانه صديقي صاحبه وٽ وٺي ويندو هو، جيڪا پاڻ مظهر الحق صديقي صاحب جي ڀيڻ آهي. جڏهن اڃان هم چينل جي شروعات ئي نه ٿي هئي ته ميڊيم سلطانه صديقي ڊرامن جي پراڊڪشن جي حوالي سان مومل پراڊڪشن کي متعارف ڪرايو، جنهن لاءِ بابا سائين اردو ڊرامو انجاني راستي لکيو جيڪو پاڪستان ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. مظهر الحق صديقي صاحب سان منهنجي ٻي ملاقات سندس ئي ڀيڻ ميڊيم سلطانه صديقي صاحبه جي گهر ٿي ۽ اتفاق سان منجهند جي ماني گڏ کائڻ وقت مظهر الحق صديقي صاحب مون کان پڇيو نوجوان ڇا ڪندو آهي، جنهن جي جواب مون چيو سائين مان اوهان جي يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهيان. بابا سائين، جناب مظهر الحق صديقي صاحب کي چيو سائين هي منهنجو وڏو پٽ آهي ۽ اوهان کان ڏاڍو متاثر آهي. اها حقيقت آهي ته مان مظهر الحق صديقي صاحب کان تمام گهڻو متاثر هيس، جڏهن ته مان تمام گهٽ ماڻهن کان ائين متاثر ٿيندو آهيان، بهرحال وقت تيزي سان گذري ويو ۽ جڏهن آخري سال ۾ پهتاسين ته الوداعي پروگرام ۾ مظهر الحق صديقي صاحب کي خاص مهمان طور دعوت ڏني وئي. انهي پروگرام جي ڪمپيرئنگ منهنجي حوالي هئي ۽ جڏهن اسٽيج تي ڳالهائڻ لاءِ مون مظهر الحق صديقي صاحب جو مڪمل تعارف پيش ڪيو ته صديقي صاحب مونکي حيرت سان ڏسڻ لڳا، پاڻ اسٽيج تي اچي چيئون ته مونکي حيرت آهي ته هي نوجوان مونکي ايترو ڪيئن ٿو سڃاڻي. جنهن جي جواب ۾ مون چيو سائين مان زيب سنڌيءَ صاحب جو پٽ آهيان ته کلندي چيئون ها پوءِ تو منهنجو بلڪل صحيح تعارف ڪرايو آهي ۽ مونکي اوهان جهڙن نوجوانن تي فخر آهي. ان کان پوءِ منهنجي ڪيترائي ڀيرا مظهر الحق صديقي صاحب سان مختلف پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي رهي، پاڻ هميشه جيان مسڪرائي ساڳيو جملو ڳالهائيندا هئا ته ينگ مين سلامت هجو. اڄ مظهر الحق صديقي صاحب جي وڇوڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٿيل ملاقاتون ياد اچي ويون.

 

(جبران زيب جي فيسبڪ پوسٽ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۶ع تي رکيل)


 

مظھر الحق صديقي

حفيظ ڪنڀر

سنڌ يونيورسٽي جو قداور وائيس چانسلر سائين مظهر الحق صديقي به گذاري ويو. صديقي صاحب جڏهن به شاگرد گڏ ڪري انهن سان مخاطب ٿيو ته ٻچا لفظ سان مخاطب ٿيو. منجهس انتظام ڪاري جون اڻ ميون صلاحيتون هيون. هن جي يونيورسٽي سان حساسيت جي حد تائين attachment جو ھڪ واقعو ٿو ٻڌايان... مون سنڌ تي وي لا سندس انٽرويو ڪيو، کيس سندس هڪ تقرير جو حوالو ڏيندي پڇيم ته "توهان کي اهو طعنو ڪنهن ڏنو هو ته اوهان ته ڌاڙيلن جي يونيورسٽي جا وي سي آهيو" صديقي صاحب جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هن آواز ڀرجي ويو ۽ هن مون کي هڪ ميٽنگ جي ڳالھ ٻڌائي ته ڪيئن ڪنهن صاحب اها ڇٿر ڪئي هئي.

آئون اڄ سوچيان پيو ته سڄي پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ ان وقت ضيا شاهي جماعت اسلامي جا غنڊا ويهاري کين آڳ واڳ جو ڌڻي ڪري چڪي هئي ڪراچي يونيورسٽي کان وٺي جامع پنجاب لاهور تائين هاسٽلون جميعت جي نگراني ۾ اسلحي جا ڍير بڻيل هيون. ڪوبه ليفٽ جو شاگرد، ترقي پسند قومپرست جهموريت پسند شاگرد ان ماحول ۾ هلي نه سگهندو هو. ان دور جا ستايل اسٽوڊنٽ اڃان به موجود آهن. جميعت حڪومتي سرپرستي ۾ پنجاب جي يونيورسٽين سميت ڪراچي يونيورسٽي جي اڇي ڪاري جي ڌڻي هئي. ڇوڪرا روز مٿا ڦاڙائي نڪرندا هئا. پر ڌاڙيلن جي يونيورسٽي جو مهڻو فقط سنڌ يونيورسٽيءَ جي لاءِ مخصوص ڪيل هو.. اها مهرباني ڪهڙي مائنڊ سيٽ جي هئي؟ ڪهڙي ڌر ايتري پروپئگنڊا ڪئي هئي.. اهو ئي دور هو جڏهن تي وي ڊرامن ۾ اجرڪ پاتل ڌاڙيلن جا ڪردار زور شور سان لکبا ۽ ڏسبا هوا.. ۽ پوءِ ڪراچي کان ٻاهر سنڌي ڄڻ ته هرهنڌ ڌاڙيل ئي ڌاڙيل هئا.. اها پروپئگنڊا اڃان به جاري آهي..

 

(حفيظ ڪنڀر جي فيسب پوسٽ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي رکيل)


No comments:

Post a Comment