ادريس راجپوت
سنڌ جي پاڻي حقن جي
مضبوط دفاع جي موڪلاڻي
محمد احسان لغاري
ڪجهه موڪلاڻيون رڳو هڪ شخص جو
دنيا مان وڃڻ جو اعلان نه ڪنديون آھن، پر ھڪ عھد جي پڄاڻي ۽ نه ڀرجندڙ خال جو ڏس ۽
ڏک پڻ ڏينديون آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي وڇوڙي سان سنڌ اهڙي ئي لمحي مان
گذري رهي آهي. هو رڳو هڪ آبپاشي انجنيئر نه هو، نه ئي صرف سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري
آبپاشي ۽ پاڻي جو ماھر. هو اصل ۾ هڪ فرض شناس منتظم، ۽ اھڙا استاد هئا، جن واهن،
بندن، پاڻي جي وهڪرن، ٻوڏن، پڇڙي جي کوٽن، موسمياتي ڦيرگھير، ڊيلٽا لاءِ پاڻي، ڪالاباغ
جي نقصانن واري فني ٻولي کي عام ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندڙ بياني ۾ تبديل ڪيو.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي پاڻي
بابت بحث اڪثر نعرا بڻجي وڃن ٿا، يا فني اصطلاحن جي اوٽ ۾ لڪي پنھنجي معني وڃائي
سياسي شور ۾ گم ٿي وڃن ٿا، اتي راجپوت صاحب هميشه سادگي ۽ وضاحت تي زور ڏنو. سندن
يقين هو ته آبادگار، سياستدان، صحافي، انجنيئر ۽ عام شهري کي آبپاشي نظام بابت
سمجھ ھجڻ ضروري آھي۔ ته اھو نظام ڪيئن هلي ٿو ۽ ڪيئن ناڪام ٿئي ٿو۔ ايئن ڪرڻ سان
کين مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهو ئي يقين سندس سرڪاري زندگي ۽ لکڻين ٻنهي جو
بنياد رهيو.
سائين راجپوت صاحب انجنيئرنگ ۽
انتظام ڪاري کي فيلڊ ۾ سخت محنت سان پڪو ڪيو ۽ سوچ، بحث، سکيا ۽ تدبر سان اڳتي وڌيو۔
سائين واهن ۽ آبپاشي سرشتي کي صرف اڏاوتي گھاڙيٽو نه پر ھلندڙ ھڪ جيئرو نظام
سمجھيو، جن کي ھر وقت ڏسڻ ۽ سنڀالڻ جي ضرورت ھجي ٿي۔ واھ ريگيوليٽر، بند، بئراج،
ان سان لاڳاپيل دستاويز، رپورٽون، مينوئل، اڀياس، آفتن واري حالتن، ٻوڏ ۽ کوٽ ۾
انتظام ڪاري سندس ڪم، گفتگو، قلم ۽ فڪر جو حصو رھيا۔ سنڌ آبپاشي کاتي ۾ اعليٰ عهدن
تي رهندي به، هن ڪڏهن آفيس کي مشاهدي جو متبادل نه بڻايو. جن انجنيئرن سائين جي
ماتحتي ۾ ڪم ڪيو ته کين شفقت سان گڏ سختي، صحيح ڪم جي ترجيح، کاتي لاءِ فڪر مندي
جھڙا گُڻ سکڻ جو موقعو مليو۔ نوڪري ۾ ھوندي يا رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪنسلٽنٽ طور، سائيٽ
وزٽن، بندن جي طبعي جاچ، ۽ عملي ۽ آبادگارن سان ڊگھن بحثن سان ڪم جي معيار کي مقدم
رکيو . اھا سکيا اڄ جي نوجوان انجنيئرن کي ڏيڻ وارا سينيئر شايد ئي ڪي ھجن۔ سندن
عملي زندگي ھڪ اھڙو اھم سکيا جو مينوئل آھي جنھن جي سنڌ جي پاڻي سان لاڳاپيل
انجنيئرن ۽ فردن کي ڏسڻ جي ضرورت آھي۔
پر ھڪ اھم وصف ۽ گُڻ جيڪو کين ٻين
کان الڳ ڪري ٿو، اهو سندن پاڻي جي خشڪ ۽ ڏکئي موضوع تي آسان ۽ سمجھه ۾ ايندڙ لکڻيون
آهن۔ نوڪري ۾ ھوندي آبپاشي جا مينيوئل ۽ خاص ڪري رٽائرمينٽ کان پوءِ مسلسل ڪالم ۽
ليک! راجپوت صاحب اخبارن ۾ سادي سنڌي ٻولي ۾ ڪالم لکيا، ڪتاب لکيا، پمفلٽ، ۽
تجزياتي نوٽس تيار ڪيا۔ هنن آبپاشي کي ڪنهن ڳجهي سائنس طور پيش نه ڪيو، جيڪا رڳو
انجنيئرن لاءِ هجي، پر هڪ اهڙو عوامي نظام بڻائي پيش ڪيو، جنهن تي ماڻهن جو حق
آهي. بئراجن جي جوڙجڪ هجي، پاڻي جي ورڇ جي سياست هجي، يا پڇڙين علائقن کي نظرانداز
ڪرڻ جا خطرا، يا مٿي خطرناڪ منصوبا ھجن، هر موضوع تي سندن بنيادي ھڪ ڳالهه هئي: پاڻي
جي بدانتظامي ڪڏهن به اڻڌُري نٿي رهي؛ اهو هميشه ڪنهن نه ڪنهن کي نقصان پهچائي ٿي،
۽ اڪثر ڪري ڪمزور کي وڌيڪ ڇيھو رسائي ٿي۔
ڪالاباغ ڊيم بابت سندس تنقيد
جذباتي نعري بازي نه هئي۔ اها هائيڊرولڪس، تاريخ ۽ سنڌ جي واهن ۽ ڊيلٽا جي عملي
تجربي تي ٻڌل هئي. هن صبر سان وري وري سمجهايو ته وهڪرن ۾ گهٽتائي ڪيئن سامونڊي چاڙھ
وڌائي ٿي، زمين کي کارو ڪري ٿي، ماھيگيري کي تباهه ڪري ٿي، ۽ روزگار کي نقصان
پهچائي ٿي. اهڙي ريت هن سنڌ کي اهو شعور ڏنو ته هو پنهنجا خدشا نعرا نه، پر دليلن
سان پيش ڪري. اهو به اهم آهي ته راجپوت صاحب صوبي جي اندر انتظامڪاري سان گڏ، سنڌ
جي پاڻي جي قانوني حقن جو مضبوط دفاع ڪيو، پر ساڳي وقت اندروني ناڪامين تي به پردو
نه وڌو: ناقص سار سنڀال، سياسي بنيادن تي مقرريون، ٺيڪن ۾ گھٽ وڌائي، ۽ سينئر
آفيسرن جو فيلڊ کان پري ٿي وڃڻ جي معاملي تي کليل ڳالھايو۔ جڏھن به سنڌ حڪومت
سمجھيو، ته ھاڻ معياري ڪم ڪرڻو آھي، خاص ڪري ۲۰۱۰ جي ٻوڏن کانپوءِ جي ڪمن لاءِ سائين جي ايمانداري ۽ انجنيئري سمجھه جو ڪو
متبادل ڪو نه ھو۔ سندن صاف گوئي ڪيترن لاءِ اڻ وڻندڙ هئي، پر گهڻن لاءِ قابلِ
اعتبار پڻ. هن سنڌ کي ياد ڏياريو ته ٻاهرين ناانصافين جو مطلب اهو ناهي ته اندروني
بدانتظامي کي نظرانداز ڪيو وڃي.
اڄ جڏهن سنڌ موسمياتي تبديلي، وڌيڪ
شديد ٻوڏن، ۽ مرجھايل ڊيلٽا جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن راجپوت صاحب جي سوچ
۽ عملي زندگي جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اهڙن وقتن ۾ وڏن منصوبن جنھن جي نتيجي ۾ وڏا ٺيڪا
ھجن ۽ تڪڙن ۽ اڻ لاڳاپيل حلن جي ڳولا عام هوندي آهي، پر سندن زندگي هڪ مختلف سبق ڏئي
ٿي: جيڪڏهن فيلڊ جون زميني حقيقتون، طرزِ حڪمراني جون ناڪاميون، ۽ پڇڙي واري
علائقن جا آواز نظرانداز ڪيا ويندا، ته ڪا به ٽيڪنالاجي يا ڪو به وڏو پراجيڪٽ ڪامياب
نٿو ٿي سگهي.
سندن ورثي کي اڳتي وڌائڻ جو
مطلب رڳو ڪنهن روڊ يا هال جو نالو رکڻ ناهي. ان جو مطلب اداراتي تبديلي آهي. سنڌ
جي آبپاشي نظام کي اهڙن انجنيئرن جي ضرورت آهي، جيڪي حساب ڪتاب سان گڏ پڙهن به، ڊرائنگ
سان گڏ لکن به، ۽ آفيس سان گڏ واهن تي هلن به. تربيت ۾ فيلڊ جا دورا ۽ تنقيدي سوچ
کي ٻيهر مرڪزيت ملڻ گهرجي. جونيئر انجنيئرن کي همٿايو وڃي ته هو سائين جا لکيل ڪتاب
وري وري پڙھن ۽ انھن کي پنھنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن، سادي ٻولي ۾ لکڻ
پڙھڻ جي عادت وجھن ۽ ماڻھن سان لهھ وچڙ ۾ اچن۔ ساڳي وقت، طرزِ حڪمراني ۾ سڌارا
ضروري آهن. راجپوت صاحب وري وري چيو ته سيمون/ ليڪيج رڳو واهن ۾ نه، ادارن ۾ به
آهن. ناقص رٿابندي، ڪمزور نگراني، ۽ غيرشفاف ٺيڪيداري پاڻي ۽ پئسو ٻئي ضايع ڪن ٿا.
سندن ورثي جو احترام تڏهن ٿيندو، جڏهن انهن مسئلن کي ايمانداري سان منهن ڏبو: وڏن
منصوبن جي آڊٽ، حقيقي ۽ بھتر ماپون، پڇڙين وارن جو تحفظ، ۽ ڪارڪردگي کي طاقت کان وڌيڪ
اھميت ڏيڻ شامل آھي .
ڪالاباغ ڊيم بابت سندس تنقيد
جذباتي نعري بازي نه هئي۔ اها هائيڊرولڪس، تاريخ ۽ سنڌ جي واهن ۽ ڊيلٽا جي عملي
تجربي تي ٻڌل هئي. هن صبر سان وري وري سمجهايو ته وهڪرن ۾ گهٽتائي ڪيئن سامونڊي چاڙھ
وڌائي ٿي، زمين کي کارو ڪري ٿي، ماھيگيري کي تباهه ڪري ٿي، ۽ روزگار کي نقصان
پهچائي ٿي. اهڙي ريت هن سنڌ کي اهو شعور ڏنو ته هو پنهنجا خدشا نعرا نه، پر دليلن
سان پيش ڪري. اهو به اهم آهي ته راجپوت صاحب صوبي جي اندر انتظامڪاري سان گڏ، سنڌ
جي پاڻي جي قانوني حقن جو مضبوط دفاع ڪيو، پر ساڳي وقت اندروني ناڪامين تي به پردو
نه وڌو: ناقص سار سنڀال، سياسي بنيادن تي مقرريون، ٺيڪن ۾ گھٽ وڌائي، ۽ سينئر
آفيسرن جو فيلڊ کان پري ٿي وڃڻ جي معاملي تي کليل ڳالھايو۔
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳
ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
ادريس راجپوت
پاڻي ماهر جي لاڏاڻي تي
اسين سڀ سوڳوار آهيون
ايڊيٽوريل عوامي
آواز
سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ بلند
ٿيندڙ هڪ مضبوط ۽ باوقار آواز اڄ خاموش ٿي ويو آهي. درياهه جي وهڪرن کي سمجهندڙ،
پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جي تقدير لکيندڙ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس کي عالمي ۽ قومي سطح تي
دليلن جي ڏيهه تائين پهچائيندڙ شخصيت، محمد ادريس راجپوت جو وڇوڙو، رڳو هڪ فرد جي
وڃڻ نه آهي، پر اها هڪ علمي سرمايي، تجربي جي خزاني ۽ سنڌ جي درياهن سان سرشار
ضمير جي جدائي آهي. محمد ادريس راجپوت کي سنڌ ۾ آبپاشي ماهر طور وڏي عزت ۽ مڃتا
حاصل هئي. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري رهيو ۽ پنهنجي ملازمت دوران نه رڳو انتظامي
ذميواريون نڀايون، پر پاڻيءَ جي منصفاڻي ورهاست، آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ سنڌ جي
حصي سان ٿيندڙ اڻبرابريءَ خلاف هميشه واضع ۽ باهمت رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ جڏهن
گهڻا ماڻهو گوشه نشيني اختيار ڪندا آهن، اتي هن پنهنجي علم، تجربي ۽ مشاهدي کي
خاموش نه ٿيڻ ڏنو. هن پنهنجي قلم کي سنڌ جي وسيلن جو پاسدار بڻايو، عوام کي آگاهه ڪرڻ
کي پنهنجو قومي فرض سمجهيو ۽ سنڌ جي موقف کي واضح ۽ بيباڪ انداز ۾ پيش ڪيو. هو هر
فورم تي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس ٺوس دليلن، تاريخي حوالن ۽ فني ڄاڻ سان پيش ڪندو
رهيو. سندس تحريرن ۾ احساس به هو، آواز به هو، درد به هو ۽ حقيقت به. هو رڳو ماهر
نه هو، پر درياهه جو وڪيل هو، جنهن جو هر دليل سنڌ جي ڌرتي لاءِ محبت جو ثبوت
هوندو هو.
ادريس راجپوت جي شخصيت ۾ سادگي،
وقار ۽ بيباڪي هڪ ئي وقت گڏ هئي. هو نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن سنڌ جي پاڻيءَ
تي وار ٿيندو هو ته سندس لفظ فولاد بڻجي ويندا هئا. هو دليل سان ڳالهائيندو، انگن
اکرن سان سنڌ جو ڪيس پيش ڪندو ۽ تاريخي حوالن سان پنهنجي موقف کي مضبوط ڪندو هو.
سندس جذبات علم جي بنياد تي هوندا هئا، نعريبازيءَ تي نه.
پاڻيءَ جي مسئلي تي ادريس
راجپوت جو ڪم سنڌ جي جديد تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. هن انڊس ريوَر سسٽم، پاڻيءَ جي
ورڇ، انڊس واٽر ٽريٽي، ڊيمز، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن پيچيده معاملن کي عام
ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هو سيمينارن، ليڪچرن،
مضمونن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ عوامي فورمن تي سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهيو. ڪيترن ئي ماڻهن
لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو ادريس راجپوت کان پوءِ ئي واضح ٿيو. هو ان ڳالهه کي بار بار
اجاگر ڪندو رهيو ته سنڌ جو پاڻي گهٽجڻ صرف زرعي مسئلو ناهي، پر اها ثقافتي، سماجي
۽ وجودي تباهي آهي. ادريس راجپوت بار بار خبردار ڪندو رهيو ته جيڪڏهن سنڌ کي
درياءَ کان ڪٽي ڇڏيو ويو ته هي ڌرتي ريگستان بڻجي ويندي. هو ڪئنالن ۽ نون منصوبن
جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي بي نقاب ڪندو رهيو، ڀلي هن پاڻيءَ جي جدوجهد کي
سياسي نعري کان ڪڍي علمي، تجزياتي ۽ قانوني سطح تي آندو. هو عالمي تناظر ۾ سنڌ جو ڪيس
پيش ڪندو، وفاقي ڍانچي، آئيني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي روشني ۾ پاڻيءَ جي
مسئلي جي وضاحت ڪندو هو. ادريس راجپوت ڄاڻندو هو ته جذباتي تقريرون عارضي اثر ڇڏينديون
آهن، پر دستاويزي جدوجهد ئي مستقل نتيجا آڻي سگهي ٿي. هو سندن جدوجهد کي رڳو زباني
احتجاج ۽ جلسن تائين محدود نه رکي، پر مقامي ۽ بين الاقوامي فورمن تي رپورٽون،
مضمون، ليڪچرس، ۽ علمي بحث ذريعي سندن موقف کي مضبوط ڪري پيش ڪندو رهيو. سندس علمي
مهارت، تجزياتي سوچ ۽ اصولي بيهڪ کيس ٻين ماڻهن کان الڳ بڻائيندي هئي
سندس لاڏاڻي سان پاڻيءَ جو ڪيس
ناقابلِ يقين تلافي نقصان کي منهن ڏيندو. اڄ سنڌ وٽ ادريس راجپوت جهڙو ڪو آواز
ناهي رهيو، جيڪو بنا ڪنهن خوف جي سچ ڳالهائي سگهي. هو طاقتور ڌرين کي دليل سان للڪاريندو
هو، ۽ سندن غير موجودگيءَ ۾ اهو خال واضح طور محسوس ٿئي ٿو جتي علم، تجزيو ۽
ايمانداري گڏ هوندي هئي. سنڌ کي پاڻيءَ جو مسئلو اڪيلو سياسي يا انتظامي فڪر نه پر
سماجي، ثقافتي ۽ حياتياتي مسئلو آهي، جنهن کي ادريس راجپوت جي طرز تي وڙهڻ جي
ضرورت آهي.
هي به هڪ تلخ حقيقت آهي ته
ادريس راجپوت جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ سندن حياتيءَ ۾ اڪثر اڪيلائي جو شڪار
رهندا آهن. ادارا، يونيورسٽيون ۽ حڪمران طبقو سندن علم مان مڪمل فائدو وٺڻ ۾ ناڪام
رهندو آهي. جڏهن اهڙا ماڻهو وڇڙي ويندا آهن، تڏهن سندن اهميت جو احساس ٿيندو آهي،
پر تڏهن دير ٿي چڪي هوندي آهي. ادريس راجپوت جو وڇوڙو سنڌ لاءِ صرف هڪ موت نه، پر
هڪ خبرداري آهي. اها ياد ڏياريندڙ آهي ته جيڪڏهن اسان علم، سچ ۽ اصولن تي بيٺل ماڻهن
کي اڳتي نه آڻينداسين ته سنڌ جا ڪيس ڪمزور ٿيندا ويندا. پاڻيءَ جو مسئلو اڄ به
ايترو ئي سنگين آهي، جيترو ادريس راجپوت جي حياتيءَ ۾ هو، پر هاڻي ان کي وڙهڻ لاءِ
ادريس جهڙو فڪري سپاهي موجود ناهي. سندس ورثو البت زندهه رهڻ گهرجي. سندس لکڻيون،
وڊيوز، تقريرون ۽ تجزيا سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻجڻ گهرجن.
يونيورسٽين کي گهرجي ته پاڻيءَ جي مطالعي ۾ ادريس راجپوت جي ڪم کي نصاب جو حصو بڻائين.
سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين کي گهرجي ته سندس فڪر کي اڳتي وڌائن، رڳو تعزيتي لفظن
تائين محدود نه رهن.
پاڻي ماهر ادريس راجپوت جي لاڏاڻي
تي اڄ اسين سڀ سوڳوار آهيون پر اهو سوڳ جيڪڏهن شعور ۾ تبديل نه ٿيو ته هي لاڏاڻو
فقط هڪ ٻيو وسريل باب بڻجي ويندو. ادريس راجپوت جي جدوجهد جو سڀ کان وڏو سبق اهو
آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جا مسئلا صرف انتظامي يا سياسي سطح تي حل نه ٿي سگهن. اهي
علم، فڪر، قانون ۽ عوامي شعور جي بنياد تي ئي حل ٿي سگهن ٿا. سندس زندگيءَ مان اها
ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ماڻهن کي پنهنجي زمين ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ شعوري
جدوجهد ڪرڻي آهي ته اهي پنهنجي آواز کي مضبوط، دليل تي ٻڌل ۽ مستقل رکڻ جي ضرورت
آهي.
ادريس راجپوت اسان کي ياد ڏياريو
ته پاڻيءَ جو مسئلو رڳو زراعت يا معيشت جو ناهي، پر اهو ثقافت، تهذيب، انساني وجود
۽ مستقبل جو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها سمجھڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ جي
تحفظ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته اڄ جو سوڳ سڀني لاءِ دائمي تباهي ۾
تبديل ٿي سگهي ٿو. سنڌ اڄ سوڳوار آهي، پر شعور سان گڏ اهو سوڳ مستقبل لاءِ هڪ سبق
بڻجي سگهي ٿو. ادريس راجپوت کي سچي ڀيٽا اها هوندي ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ جي حق
لاءِ سنجيدگي، علم ۽ گڏيل شعور سان جدوجهد جاري رکي. سندس سوچ، اصول ۽ علمي جدوجهد
سنڌ جي عوام لاءِ روشنيءَ جو چراغ بڻجي سگهي ٿي، جيڪو مستقبل ۾ پاڻيءَ جي هر مسئلي
کي حل ڪرڻ ۾ رهنما ثابت ٿيندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳
ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
ادريس راجپوت
ناميارو پاڻي معاملن جو
ماهر لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌيار
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناميارو پاڻي
جو ماهر ادريس راجپوت ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد سومر ۲۲
ڊسمبر تي ۸۴ سالن
جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪافي مهينن کان ڪوما ۾ هو. ادريس راجپوت سنڌ جي
ايريگيشن کاتي جو سيڪريٽري به رهيو ۽ رٽائرمينٽ بعد پاڻي جي معاملن تي ڪالم به لکندو
رهيو ۽ سنڌ جو ڪيس تمام بهتر ۽ مدلل انداز ۾ وڙهندو رهيو. هن گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جي
لڳ ڀڳ پاڻي معاملن تي تحقيقي مضمون لکيا. سنڌ ۾ پاڻي جي معاملن تي هن کان وڌيڪ ڪنهن
جو به ڪم ٿيل ناهي. ڪالاباغ جي کلي مخالفت ڪندو هو. اڄ سندس وڇوڙي تي سنڌ هڪ محسن
کان محروم ٿي وئي. ادريس راجپوت ۲۰ نومبر
۱۹۴۱ تي ڀارت جي گڙ گائون ۾ ڄائو ۽
پاڪستان ٺهڻ بعد سندس وڏا لڏي آيا. سندس وڏا ان وقت جي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي قمبر
شهدادڪوٽ ۾ آباد ٿيا. ابتدائي تعليم قمبر مان حاصل ڪرڻ بعد هن اين اي ڊي يونيورسٽي
ڪراچي مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڪراچي ۾ رهيا. سندس ويجهي ساٿي فضل الله قريشي سنڌيار
کي ٻڌايو ته ويسٽ پاڪستان انجنيئرنگ سروس ۾ ۱۹۶۹ ۾ٽي سنڌ جا آفيسر ڪلاس ون ۾ سليڪٽ ٿيا جن ۾ ادريس راجپوت، علي گوهر شاهه ۽
عالم بلوچ شامل هئا، جيڪي ٽئي ايريگيشن جا سيڪريٽري رهيا. ادريس راجپوت سڄي ڪيريئر
۾ انتهائي ايماندار آفيسر طور مشهور رهيو. رٽائرمينٽ بعد هو ۲۰ سال ڪنسلٽينسي ڪندو رهيو. سندس جنازي نماز مغرب کان اڳ ادا ڪرڻ بعد تدفين ڊفينس
فيز ۸ جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۲
ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
ادريس راجپوت
سنڌيانا
محمد ادريس راجپوت آبپاشي ماهر
طور سڃاتو وڃي ٿو. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري به رهيو آهي، سندس ٻي وڏي سڃاڻپ رٽائرمينٽ
کانپوءِ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي، سنڌ جي نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي، مضمون ۽
مقالا لکڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي. هو مختلف موقعن سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪندو
رهي ٿو. محمد ادريس راجپوت ۲۰ نومبر
۱۹۴۱ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر،
ڀارت جي ضلعي ”گڙگائون“ جي هڪ ڳوٺ ”نُوهه“ (Nuh) ۾ پيدا ٿيو. هي اڃا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ
جي ورهاڱي سبب، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جنهنڪري سندس
خاندان پهريائين ٽنڊي الهيار، پوءِ ٺارو شاهه ۽ آخر قنبر ۾ اچي ويٺو. ننڍ پڻ ۾
ماءُ جي لاڏاڻي سبب، کيس ڏاڏيءَ پاليو. جنهنڪري مٿس ان جو ڪافي اثر رهيو.
هن ابتدائي تعليم ۱۹۵۵ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ ۱۹۵۹ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر سائنس
(مئٿميٽڪس) ۾ به ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد
مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي
هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ (۱۹۶۵ع ) ۾ بِي، اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل
ماڻي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي ۱۹۶۶ع ۾
آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، جتي ۱۹۷۰ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين. ۽ پوءِ ترقي ڪندي،
صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ ۱۹ نومبر
۲۰۰۱ع تي رٽائر ڪيائين. ان دؤران هي
مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو. ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ ۲۰۰۲ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون روزاني ”ڪاوش“
حيدرآباد ۾ پئي لکيا آهن. جن کي بيحد ساراهيو ويو آهي. مارچ ۲۰۰۳ع ۾ انهن مضمونن کي نوجوان اديب رياضت ٻرڙي، ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾
”گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ جي نالي سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو.
محمد ادريس راجپوت کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ اڪيڊمي پاران اپريل ۲۰۰۳ع ۾ ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ“ به ڏنو ويو. تصوف جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ
محمد ادريس راجپوت جي رهائش ۱۹۷۹ع کان
وٺي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ آهي.
(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا تان کنيل)
محمد ادريس راجپوت
سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو
محافظ وڇڙي ويو
اعجاز ممنائي
سنڌ اڄ سوڳوار ۽ هر اک آلي آهي ڇوته
سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهندڙ سنڌ امڙ جو صالح فرزند محمد ادريس راجپوت لاڏاڻو ڪري
ويو آهي. محمد ادريس راجپوت آبپاشي ماهر طور سڃاتو ويو. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري
به رهيو، سندس ٻي وڏي سڃاڻپ رٽائرمينٽ کانپوءِ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي، سنڌ جي
نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي، مضمون ۽ مقالا لکڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ هو. هو مختلف
موقعن تي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪندو رهيو. محمد ادريس راجپوت ۲۰ نومبر ۱۹۴۱ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر،
ڀارت جي ضلعي “گڙگائون” جي هڪ ڳوٺ “نُوهه” (Nuh) ۾ پيدا ٿيو. هي اڃا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ
جي ورهاڱي سبب، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جنهنڪري سندس
خاندان پهريائين ٽنڊو الهيار، پوءِ ساهتي پرڳڻي جي مشهور شهر ٺاروشاهه ۽ آخر قنبر
۾ اچي ويٺو. ننڍپڻ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي سبب کيس ڏاڏيءَ پاليو. جنهنڪري مٿس ان جو ڪافي
اثر رهيو. هن ابتدائي تعليم ۱۹۵۵ع ۾
مين پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ ۱۹۵۹ع ۾
ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر سائنس گروپ (مئٿميٽڪس)
۾ ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد
مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي
هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ (۱۹۶۵ع ) ۾ بِي اِي، اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل
ماڻي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي ۱۹۶۶ع ۾
آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، جتي ۱۹۷۰ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ترقي ڪندي،
صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ ۱۹ نومبر
۲۰۰۱ع تي رٽائر ڪيائين. ان دوران هي
مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو. ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ ۲۰۰۲ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون پئي لکيا آهن.
جن کي بيحد پذيرائي پئي ملي. مارچ ۲۰۰۳ع ۾
انهن مضمونن کي نوجوان اديب رياضت ٻرڙي، ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ “گريٽر ٿل ڪينال
۽ ڪالاباغ ڊيم” جي نالي سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو. محمد ادريس
راجپوت کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ اڪيڊمي پاران اپريل ۲۰۰۳ع ۾ “ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ” به ڏنو ويو. تصوف جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ
محمد ادريس راجپوت جي رهائش ۱۹۷۹ع کان
وٺي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ هئي سنڌ ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو محافظ ڪجهه
مھينا اڳ فرش تي ڪري پيو ھو، جنهن ڪري کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو. ڪافي علاج ڪرائڻ
باوجود سندس طبيعت بحال نه ٿي سگهي. ايتري تائين جو سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ به ختم ٿي
ويو. افسوس جو حڪومت وقت به سنڌ جي ھن سگھاري آواز پاڻي جي پاسبان جو پرڏيھه مان
سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرايو ۽ گذريل ڏينهن ۲۲
ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي سندس
ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ پاڻ هميشه لاءِ الوداع ڪري ويو. سندس جنازي نماز شفقت مسجد
۾ ادا ڪئي وئي.
محمد ادريس راجپوت ملڪ جي نامور پاڻي ماهر طور سڃاتو
ويندو هو ۽ سڃاتو ويندو. سنڌو درياهه جي پاڻي جي حقن جي جدوجهد ۾ سندس اهم ڪردار
سنڌ صوبي لاءِ جائز حصي جي حمايت ڪرڻ ۽ بين الصوبائي تڪرارن ۾ سنڌ جي موقف کي
اجاگر ڪندو رهيو. ادريس راجپوت هميشه سنڌ جي پاڻي وارن حقن جي آواز طور سامهون
آيو. جيئن ته سنڌ هيٺانهون علائقو (lower
riparian) آهي، تنهنڪري اڪثر جي پاڻي کوٽ جو شڪار ٿيندو
آهي. ادريس راجپوت بار بار ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته سنڌ جا پاڻيءَ جي ورڇ، ۽ نون مجوزه ڊيمن ۽ ڪينالن تي
اعتراض بلڪل جائز آهن. هن پنجاب صوبي پاران وڏن واهن جي اڏاوت تي سخت تنقيد جي
شروعات ڪئي. سندس خيال هو ته اهي واهه سنڌو
درياهه جو پاڻي مٽائي سنڌ جي جائز حق کي گهٽائين ٿا، جيڪو پاڻي ورهاست واري معاهدي
جي غلط تشريح آهي.
آبپاشي کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري
طور ادريس راجپوت پاڻيءَ سان لاڳاپيل معاملن تي ماهرانه راءِ ڏيندو رهيو . هو ڪيترن
ئي خبرن ۾ حوالو ڏنل آهي ۽ بحث مباحثن ۾ شرڪت ڪندو رهيو، جن ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ
جي ورهاست، بئراجن جي اڏاوت ۽ سنڌو درياهه سسٽم اٿارٽي (IRSA) جي ڪارڪردگي شامل آهن.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته شال رب پاڪ
محمد ادريس راجپوت کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ
مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين
۾ ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
محمد ادريس راجپوت
سنڌوءَ جو وڪيل- قلم جو
سپاهي
سڪندر گلاب سومرو
سنڌ ھر لحاظ کان نه صرف مختلف
رھي آھي پر لکين ڪروڙين ماڻھن جي لاءِ پيار، محبت، شفقت جي ھنج به رھي آھي. سنڌ جن
جن کي پنھنجي ھنج ۾ ورتو ۽ نپايو آھي، انھن به سنڌ سان، سنڌ جي ثقافت سان، سنڌ جي ٻولي
سان ۽ سنڌ جي رواداري سان اھڙو ته نڀايو آھي جو جڏھن اھي عالمي يا ملڪي فورمن تي
سنڌ جي مسئلن جا ڪيس پيش ڪن ٿا ته ھنن جي اصل طاقت ۽ اتساھ اھو جذبو آھي، جيڪو سنڌ
سان محبت جي بدولت ھنن کي فطرتي طور تي عطا ٿيل آھي. ھونئن به سچي عبادت ۽ حقيقي
محبت جو تعلق ڪنھن اعزاز يا انعام کي حاصل ڪرڻ ناھي ھوندو پر عبادت ڪندو رھجي،
محبت جاري رکجي. اھوئي سبب آھي جو لطيف سرڪار پنھنجي شاعري ۾ انھن کي ڳايو آھي جيڪي
ھر لوڀ، لالچ، انعام ۽ سک ۽ چين کان مٿانھان ٿي ڪري محبتون ڪندا رھيا. ھاڻي جڏھن
سنڌ جي موجوده تاريخ جي مطالعو ڪريون ٿا ته جتي اسان کي سنڌ سان محبت ڪندڙن ۽ نڀائيندڙن
جو انگ ڪاٿي کان ٻاھر ملي ٿو، اتي ان ڪاٿي ۾ ڀلا
اسان سنڌوءَ جي وڪيل ۽ قلم جي سپاھي سائين محمد ادريس راجپوت کي ڪيئن ٿا
وساري سگھون. سنڌ جي تاريخ رڳي اھڙن ماڻهن جي قربانين سان ڪانه جڙي آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ
تي ڄاوا ۽ وڏا ٿيا پر، اھڙن سان به جڙي آھي، جن جي سنڌ جنم ڀومي ته نه ھئي پر ھنن
سنڌ کي ئي پنھنجو دائمي مسڪن چونڊيو ۽ بڻايو. ھنن سنڌ کي، سنڌ جي اصل رنگ ۾ سمجهيو
۽ سنڌ جي لاءِ پاڻ کي سدائين جي لاءِ وقف به ڪري ڇڏيو. سائين محمد ادريس راجپوت اهڙن
ئي املھ ماڻهن مان هڪ هو، جيڪو نسلي متڀيد، ٻولين ۽ جنم ڀوميءَ کان مٿانهون ٿي ڪري
سنڌو درياھ، سنڌ جي پاڻي ۽ سنڌ جي حقن جو اھڙو ته سچو وڪيل ۽ قلم جو سپاھي بڻيل
رھيو، جو وقت جو حڪمران به ھن جي دليلن جي آڏو بي بس نظر آيو. ھي ھڪ زنده تاريخ جو
زنده مثال آھي.
۲۰ نومبر، ۱۹۴۱ع تي، ڀارت جي ضلعي گڙگائون (موجوده
گروگرام) جي ڳوٺ نوھ (اڳوڻو نالو: ميوات) ۾ جنم وٺندڙ محمد ادريس راجپوت جو خاندان
ورهاڱي کانپوءِ، لڏپلاڻ ڪري، سنڌ جي مٽيءَ سان رچي ويو. پھريان ٽنڊو الهيار، بعد ۾
ٺارو شاھ ۽ پوءِ وري قمبر (ھاڻوڪو قمبر – شھداد ڪوٽ ضلعو) ئي ننڍڙي ادريس راجپوت
جي شعور جا مرڪز ۽ سنڌ جا پھريان سپنا بڻيا. ننڍپڻ ۾، ابي امڙ جي وڇوڙي ۽ ڏاڏي جي
تربيت ھن جي شخصيت ۾ ھمت، بردباري، تحمل ۽ اصول پسندي جي اھڙي ته آبياري ڪئي، جو
ساڳي آبياري حقيقي آبياري (پاڻي سان دوستي) ۾ تبديل ٿي وئي. تعليم جي ميدان ۾ هو
شروع کان ئي محنتي ۽ نمايان رهيو. قمبر جي مين پرائمري اسڪول کان وٺي ميونسپل هائي
اسڪول قمبر تائين، هر مرحلي تي نمايان نمبرن ۽ پوزيشنز کي حاصل ڪندڙ هي ذهين شاگرد
جڏهن گورنمنٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيئيٽ ۾ پھرين پوزيشن کڻي اين اي ڊي
يونيورسٽي ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ گولڊ ميڊل جي اعزاز سان فارغ التحصيل ٿيو ته ھن
کي ڪھڙي خبر ھئي ته انجنئيرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ھن جي سامهون رڳو هڪ ڪامياب ڪيريئر
نه پر، سنڌ جي لاءِ هڪ اھم ذميواري ھن جو انتظار ڪري رھي آھي. آمريڪا جي مشھور
تعليمي اداري، يونيورسٽي آف منيسوٽا مان اسڪالرشپ جي آڇ به ٿي پر نوجوان انجنيئر
ادريس راجپوت پنھنجي ڏاڏي جي تربيت کي آڏو رکي سنڌ جي خدمت ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏني. ۱۹۶۶ع
کان آبپاشي کاتي ۾ بطور اسسٽنٽ انجنيئر جي نوڪريءَ سان شروعات ڪندڙ محمد ادريس
راجپوت مختلف عھدن تي رھندي ۽ اھم ذميوارين کي نڀائيندي اچي سيڪريٽري آبپاشي کاتو،
سنڌ بڻيو، جتان ۲۰۰۱ع ۾، رٽائر ٿيڻ بعد بہ، ھن پاران سنڌ جي خدمت ڪرڻ تان ڪڏھن به ھٿ
نه کنيو ويو. سرڪاري عھدن تي رھندي سنڌ جي پاڻي ڪيس کي وڏي بھادري سان وفاق آڏو
رکندو ۽ وڙھندو رھيو ۽ رٽائرمنٽ بعد قلم ھٿ ۾ کڻي عام ۽ ايندڙ ٽھي کي ساڳين خطرن
کان آگاھي ۽ شعور ڏيندو رھيو. ڪيڏي نه وڏي ڳالھ آھي ته اھم سرڪاري عهدن تي رھندي ۽
ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حساسيت جي ڄاڻ رکندي بہ، هن ڪڏهن به پنهنجي فڪري
آزادي تان ھٿ نه کنيو. ۽ ڪيڏي نه فخر جي ڳالھ آھي تہ: جتي سنڌ جا ڪيترائي سنڌي ڪامورا
سنڌ جي نالي وٺڻ کان ڪيٻائيندا رھيا ۽ رھيا آھن، اتي ادريس راجپوت جھڙو سنڌ جو گھڻ
گھرو ڪامورو سنڌ دشمن پاڻي منصوبن خلاف انگن، اکرن، دليلن ۽ مضبوط علمي سگھ سان
وقت جي آمرن ۽ حڪمرانن سان منھان منھن ٿيندو رھيو.
ھن ڳالھ کي به رڪارڊ تي آڻڻ
ضروري آھي ته پاڻ جڏھن آبپاشي کاتي ۾ رھيا ته سنڌ جي پاڻي ڪيس تي موقف کي سئو سيڪڙو
چٽو رکيائون پر جڏھن رٽائرمينٽ ٿي ته سائينءَ جو ڪردار وڌيڪ سگهارو ٿيو، ڇاڪاڻ جو
سرڪار جو ماڻھو ھوندي، ماڻھو ڪافي مصلحتن ۽ سمجھوتن جو شڪار رھي ٿو پر آزاد ٿيڻ
بعد جيڪي ماڻھو واقعي پنھنجي جنم ڀومي سان نڀائين ٿا، سائين محمد ادريس راجپوت
لاءِ چئي سگھجي ٿو ته رٽائرمنٽ بعد هن پاڻ کي مڪمل طور تي سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس
لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو. سندس لکڻيون، ڏھن کان مٿي لکيل ڪتاب، جذباتي لڳاءُ ثابت ٿو ڪري
ته سنڌ جو ھي ڪامورو صرف نالي جو نه پر اصلي، نسلي ۽ سچو ڪامورو ھو. سنڌ جي پاڻي ڪيس
تي سندس پاران ڪيل سڀ ڪم سرڪاري توڻي غير سرڪاري اسان سڀني جي لاءِ رھنمائي جو وڏو
ذريعو آھن. ”گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم“ جهڙو ڪتاب هجي يا ”سنڌو درياھ، انڊس ڊيلٽا
۽ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ“ بابت مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ھن جا ڇپيل آرٽيڪل:
سڀ جا سڀ سنڌ جي پاڻي ڪيس جا تاريخي دليلن جا مضبوط حوالا آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي سرڪاري
ذميواري ۽ ھن جو قلم ڪنهن جي خلاف نفرت جو حوالو ۽ اوزار نه هو پر، شعور جو ڏيئو ۽
صحيح راھ ڏانھن وک کڻڻ جو ڏانءُ آھي. پاڻ ثابت قدم، نرم گفتار، خوش لباس ۽ نفيس
طبيعت جا مالڪ ته ھئا ئي ھئا پر، سرڪاري ۽ فڪري محاذ تي به پهاڙ وانگر اٽل، چٽا ۽
سخت رھيا. ھن کي ڏسندي ۽ ٻڌندي لڳندو هو ته ھن ۾ ته سنڌو درياءَ پاڻ ئي ڳالهائي
رهيو آهي ۽ پنهنجي حقن جو ڪيس پاڻ ئي وڙهي رهيو آھي. ڪجھ سال اڳ آرٽس ڪائونسل آف
پاڪستان، ڪراچي ۾، اي اين جي عباسي واري پاڻي رپورٽ جي افتتاحي تقريب ۾، ھن جا چيل
لفظ مونکي اڄ به چڱي طرح سان ياد آھن. ھن پنھنجي تقرير ۾ چيو ھو: ”منھنجي ڌرتي
مظلوم آھي، بي سھاري ۽ ويچاري آھي. اسان جا حڪمران ڏاڍن آڏو ڪجھ به نٿا ڪڇن. جيڪڏھن
مان به ھن جو ڪيس وڙھي نه سگھيس ته مون تي حيف (اصل لفظ ٻيو آھي، ھت لکڻ مناسب نٿو
سمجھان) آھي.“ مون ڏٺو ته ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا. ۲۲ ڊسمبر، ۲۰۲۵ع تي، ڪراچي ۾،
سندس جي وفات سان سنڌ هڪ سگھاري آواز، هڪ مضبوط دليل ۽ هڪ ايماندار وڪيل کان محروم
ٿي وئي آھي پر، ھو اسان جي دلين، پنھنجين لکڻين، پنھنجن ڪتابن، پنهنجي جدوجهد ۽
پنهنجي پاڻي ڪيس واري مثال ۾ سدائين زنده رھندو. ايندڙ ٽھي جڏهن به سنڌ جي پاڻيءَ
جي ڪيس جي تاريخ پڙهندي ۽ وڙھندي ته ھن کي محمد ادريس راجپوت جو نالو هڪ باشعور، ھڪ
بااصول ڪاموري ۽ ھڪ بهادر فڪري سپاهي طور ضرور ياد ايندو. ادريس راجپوت ھڪ اھڙو سھڻو
ماڻهو ھو جيڪو سنڌ ۾ پيدا نه ٿيڻ جي باوجود به سنڌ جو هو ۽ سنڌي رھيو
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment