Pages

13 April, 2024

مير علي مردان ٽالپر

مير علي مردان ٽالپر

شاهواڻي ٽالپرن جي شهر ۾ شهلياڻي مير

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان شاهواڻي ٽالپرن جو شهر سڏجي ٿو پر ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ هڪ اهڙو خاندان رهائش پذير آهي، جيڪو خاندان ٽنڊو محمد خان جي ٽالپرن سان خانداني حوالي سان لاڳاپو نٿو رکي پر سندن ذاتي ۽ سماجي ناتا قائم ۽ دائم آهن، اهو خاندان مير علي مردان ٽالپر جو خاندان آهي، هي شهلياڻي ٽالپر آهن، جيڪي اصل ۾ ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ مانباڻ جا رهواسي آهن، مير علي مردان ٽالپر جي والد جو نالو مير درياءَ خان ٽالپر هو. مير درياءَ خان ٽالپر کي فقط ٻه پُٽ ٿيا، هڪڙو مير علي مردان ٽالپر ۽ ٻيو مير الھ بچايو ٽالپر، مير درياءَ خان ٽالپر جي ٻئي نمبر پُٽ مير الھ بچايو ٽالپر کي چوڏهن سالن جي عمر ۾ ذاتي دشمني سبب قتل ڪري سندس لاش کوھ ۾ اڇلايو ويو هو.


مير علي مردان ٽالپر ۱۹۲۷ع ڌاري ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي ڳوٺ مانباڻ ۾ جنم ورتو. ڪا به تعليم حاصل نه ڪري سگهيو هو، ان جي باوجود مال جي واپاري طور پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ قائم ڪيائين، مير علي مردان ٽالپر ۱۹۴۸ع ۾ پهرين شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو، سندس پهرين گهر واريءَ ۽ ان مان پيدا ٿيل نياڻي وفات ڪري ويون، جنهن بعد ۱۹۵۰ع ڌاري ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس چار پُٽ ۽ پنج نياڻيون ٿيون، سندس پُٽن ۾ پهريون پُٽ مير حاجي درياءَ خان ٽالپر (جنم: ۱۹۵۱ع)، ٻيو پُٽ مير حاجي الھ بچايو ٽالپر (جنم: ۱۹۵۳ع ۽ وفات ۱۹ ڊسمبر ۲۰۰۷ع)، ٽيون پُٽ مير الياس ٽالپر (جنم: ۱۹۶۱ع ۽ وفات: ۲۰۰۹ع) ۽ چوٿون پُٽ مير عبدالشڪور ٽالپر (جنم: ۱۹۷۱ع) شامل آهن، مير علي مردان ٽالپر واپار سانگي ڊسمبر ۱۹۷۵ع ڌاري پنهنجي اصل ڳوٺ مانباڻ مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. ۱۹۷۸ع ۾ سندس ٻي گهر واري به لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن بعد هن ۱۹۷۹ع ۾ وري ٽئين شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پُٽ جو اولاد ٿيو، ٽين گهر واريءَ مان ٿيل سندس پُٽ جو نالو (مير جنيد علي خان ٽالپر (جنم: ۱۹۸۸ع) آهي، جيڪو هن وقت ٽنڊو قيصر ضلعي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. مير علي مردان ٽالپر جي ڪرت نه رڳو زمينداري ۽ مال جو واپار هئي، پر هو هڪ بهترين سماجي ورڪر، انسان دوست، هڏڏوکي شخصيت جو مالڪ هو، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مسجدون جوڙائڻ، ڪاٺ جون پُلون تعمير ڪرائڻ نه رڳو سندس محبوب مشغلو پر انساني خدمت جو هڪ منفرد پهلو هو، مير صاحب صوم صلوات جو پابند ۽ سنڌ جي روايتن جو امين شخص هو، هن ۱۹۸۹ع ڌاري مسجد ۾ نماز جو فريضو ادا ڪندي وفات ڪئي، کيس ٽنڊو محمد خان جي سخي شاھ برهان قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مير علي مردان جي فرزندن مان سڀ کان وڏو فرزند مير حاجي درياءَ خان ٽالپر ۱۹۵۱ع ڌاري ڳوٺ مانباڻ ۾ جنم ورتو، سندس ڪرت به زمينداري ۽ مال جو واپار آهي، ۱۹۶۹ع ۾ پهرين شادي ڪيائين، جنهن مان کيس پنج نياڻيون ۽ چار پُٽ پيدا ٿيا، سندس پُٽن ۾ وڏو پُٽ غلام مصطفى هو جيڪو ٻالڪپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو، ٻيو نمبر پُٽ مير عبدالعزيز ٽالپر (جنم: ۱۹۷۴ع) ٽيون نمبر پُٽ مير عبدالوحيد ٽالپر (جنم: ۱۲ جنوري ۱۹۸۴ع)، چوٿون پُٽ غلام مرتضى هو، جيڪو هڪ سال جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، مير حاجي درياءَ خان ٽالپر پهرين گهر واريءَ جي وفات بعد ۱۹۸۷ع ۾ ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن پُٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، انهن پُٽن ۾ محمد نعيم ٽالپر، عبدالحسيب ٽالپر ۽ محمد مصيب ٽالپر شامل آهن. مير علي مردان جي فرزندن مان ٻيو نمبر فرزند مير حاجي الھ بچايو ٽالپر جو جنم ۱۹۵۳ع ڌاري ڳوٺ مانباڻ ۾ ئي ٿيو، ۱۹۷۰ع ۾ شادي ڪيائين، هو به مال جي واپاري طور سُٺي شهرت رکندڙ رهيو، کيس پنج پُٽن ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس پُٽن ۾ مير غلام رسول ٽالپر (جنم: ۱۹۷۱ع)، مير نور حسين ٽالپر (جنم: ۱۹۷۴ع) مير نياز حسين ٽالپر (جنم: ۱۹۷۶ع) مير عنايت الله ٽالپر (جنم: ۱۹۷۸ع) ۽ مير اقبال ٽالپر (جنم: ۱۹۸۴ع ۽ وفات آگسٽ ۱۹۹۷ع) شامل آهن. مير علي مردان جي فرزندن مان ٽيون نمبر فرزند مير الياس ٽالپر هو جنهن ۱۹۶۱ع ۾ جنم ورتو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ وفات ڪئي، کيس ٽن پُٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس پُٽن ۾ فياض احمد ٽالپر (جنم: ۱۹۸۷ع ۽ وفات: ۲۰۲۰ع)، علي مردان عرف مير حاجن ٽالپر ۽ مير اويس احمد ٽالپر شامل آهن، مير الياس ٽالپر جو واسطو به زمينداري ۽ واپار سان هو. مير علي مردان جي فرزندن مان چوٿون نمبر فرزند مير عبدالشڪور ٽالپر ۱۹۷۱ع ۾ جنم ورتو، ۱۹۹۴ع ۾ پهرين شادي ڪيائين، جيڪا جلد ئي علحدگي جو رُوپ اختيار ڪري وئي، جنهن بعد ۱۹۹۶ع ۾ ٻي شادي ڪيائين، کيس ٽن پۡٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، سندس پُٽن ۾ مير شهريار ٽالپر (جنم: ۱۹۹۷ع) مير نعمان ٽالپر (جنم: ۲۰۰۰ع) مير عبدالرحمان ٽالپر (جنم: ۲۰۱۴ع) شامل آهن، مير عبدالشڪور ٽالپر جو تعلق به مال جي واپار سان رهيو، هن ۱۹۹۱ع ۾ ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان ۾ سڀ کان وڏو مال واڙو قائم ڪيو، ان سان گڏوگڏ کيس ڪرڪيٽ راند سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي رهي، هن مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب قائم ڪئي ۽ هڪ وڏو عرصو ان جو ڪپتان رهيو، سندس قائم ڪيل ان ڪرڪيٽ ڪلب ۾ ٽنڊو محمد خان جي بهترين رانديگرن حصو ورتو. مير علي مردان جي فرزندن مان پنجون نمبر فرزند مير جنيد ٽالپر (جنم: ۱۹۸۸ع) جيڪو سندس ٽين گهر واريءَ مان آهي، مير علي مردان جي وفات بعد سندس ٽين گهر واريءَ، پنهنجي فرزند مير جنيد ٽالپر سميت ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان مان لڏي وڃي ٽنڊو قيصر (ضلعي حيدرآباد) ۾ رهائش پذير ٿي، اُتي ئي رهائش پذير آهن، مير جنيد ٽالپر کي ٻه پُٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. مير علي مردان ٽالپر جي هن خاندان جي ڪرت هن وقت به زميندار ۽ مال جي واپار سان آهي، سماجي ۽ ذاتي حوالي سان هي خاندان انتهائي شرافت جو پيڪر آهي، وڏڙن کان وٺِي هي خاندان هڪ وسيع سماجي ۽ ذاتي حلقو رکي ٿو، ٿرپارڪر جي بلالاڻي خاندان سان ارڙهين صديءّ کان وٺي هن خاندان جو عقيدت جو سلسلو رهيو آهي، جيڪو هن وقت به جاري آهي. عقيدت واري صدين جي ان رشتي کي هن وقت مير غلام رسول ٽالپر ولد مير الھ بچايو ٽالپر نڀائيندو اچي. شال هي خاندان پنهنجي وڏڙن جي روايتن جو امين ۽ پاسدار رهي.

No comments:

Post a Comment