Pages

13 April, 2024

مير ڪاظم رضا ٽالپر

مير ڪاظم رضا ٽالپر

شاهواڻي ٽالپرن جي خانداني روايتن جو پاسدار - ۱۱ سيپٽمبر / جنم ڏينهن مۡبارڪ

اعظم ڀٽي



ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته؛ “آئون مخالفن جو حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هۡو خۡود کان وڌيڪ مون تي سوچيندا آهن. “سندس ڪردار ۽ شخصيت بلڪل ان قول جي عڪاسي ڪري ٿي، پنهنجن توڙي پراون لاءِ ته وٽس محبتن جا جهول ڀريل آهن پر ھۡو ذاتي زندگيءّ کان وٺي سماجي، سياسي توڙي مذهبي لڳ لاڳاپن جي دنيا ۾ مخالفن جو به حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شخصيت لاتعداد سوچن جي محور ۾ گۡهمندي رهي ٿي، توڙي کڻي جو هۡو هڪ شاهي خاندان جو چشم و چراغ آهي، جنهن خاندان جي تذڪري جا اڻڳڻيا حوالا ۽ نالا قابل تحسين به آهن ته تاريخ جو حصو به آهن.


هۡو ٽنڊي محمد خان جي بانيڪار مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر جي اٺين پيڙهي ۾ مير علي احمد ٽالپر جاگيردار جو آخري نمبر فرزند آهي. جنهن جو اصل نالو ته وڏڙن جي ئي نسبت سان مير ڪرم خان ٽالپر آهي پر سندس وجود سان واڳيل ذاتي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي حلقا کيس مير ڪاظم رضا ٽالپر جي نالي سان ڄاڻين ۽ سۡڃاڻين ٿا. سندس اصل نالي جي مهڪ مون لاءِ تاريخي طور دل لۡڀائيندڙ رهي آهي، ڇاڪاڻ جو شاهواڻي ٽالپر خاندان ۾ هي ٽيون مير ڪرم خان آهي، پهريون مير ڪرم خان ٽالپر، جيڪو مير شاهو خان جو فرزند ۽ مير محمد خان اول (باني ٽنڊو محمد خان) جو چاچو هو، ٻيو مير ڪرم خان ٽالپر، ٽنڊي محمد خان شهر جي باني، مير محمد خان ٽالپر اول جو فرزند ۽ مياڻي جي جنگ جي سپھ سالار شهيد مير غلام شاھ ٽالپر جو والد هو. ان نسبت سان نالن جي ڇڪ ۽ گاڏڙ ساڏڙ خۡوبين جي ڪافي خۡوشبوءّ سان سندس وجود به معطر بڻيل آهي ته وري انهن نالن يا ڪردارن جي تاريخي وارثي ۽ عملي جاکوڙ جو تاج به قدرت سندس سر تي ئي اچي سجايو. سوشل ميڊيا جي جديد ٽيڪنالاجيءّ واري دور ۾ فيس بۡڪ ئي هاڻي فردن جي جنم ڏينهن جون يادگيريون ڏياري ٿو، ياد جي گهۡلندڙ ان هوا ۾ مبارڪن جون پوسٽون ۽ رايا ڏسندي ڏسندي فيس بۡڪ ۽ واٽس اپ گۡروپن جي زينت بڻجي وڃن ٿا. اها مثبت ۽ خوش آئند ڳالھ آهي ته خوشيءّ ۽ مۡسرت جا ڪجھ لمحا هن نفسانفسي جي وقت ۾ ڪي مۡرڪون ضرور وکيرين ٿا، اندر جي خوشيءّ جو هڪڙو ننڍڙو جهان جۡڙي ٿو، جيڪو ڪيترين ئي اڪيلائين کي مات ڏيڻ جو سبب بڻجي ٿو. سو ڪجھ سال پهرين جي يادن کي ڦلورجي ٿو ته فيس بۡڪ جي دنيا ۾ اسانجي هن هميشه مۡرڪندڙ محبوب مير ڪاظم رضا ٽالپر جو جنم ڏينهن ۱۱ سيپٽمبر بڻيل هو، وري ٿيو ائين سندس اها فيس بۡڪ آء ڊي ختم ٿي ته ان جي جاء تي نئين ٺاهيل آء ڊي ۾ سندس جنم جي تاريخ ۸ سيپٽمبر لکجي وئي، جيڪا گذريل ٻن ٽن سالن کان ۸ سيپٽمبر طور ئي جنم ڏڻ جيان ياد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مير ڪاظم رضا ٽالپر جي شناختي ڪارڊ سميت سمورن تعليمي ڪاغذن ۾ وري سندس جنم ڏينهن ۳۰ آڪٽوبر ۱۹۷۵ع درج ٿيل آهي، جنهنکي هۡو خۡود به دۡرست نٿو سمجهي ۽ ان ڳالھ جي تصديق ڪري ٿو ته سندس جنم ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۷۴ع آهي. هن شروعاتي تعليم حمايت الاسلام حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جنهن بعد جلد ئي وري سينٽ بوناوينچر حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. بعد ۾ خانگي طور هۡن انٽر پاس ڪيو، وڌيڪ عملي تدريسي تعليم بجاء هۡو سمجهي ٿو ته هۡن سماج، ماحول، رهڻي ڪهڻي، اۡٿڻي ويهڻي، خانداني روايتن، ويجهن همدرد، دوستن، علمي ۽ ادبي حلقن مان جيڪو ڪجھ پرايو، جيڪو ڪجھ حاصل ڪيو، سو ڪنهن اعلي' تعليم کان ڪنهن به صۡورت ۾ گهٽ ناهي. سندس سکيا جو اهو سفر اڃا تائين به جاري آهي، سندس خيال موجب ڪڏهن ننڍن ٻارڙن کان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجھ پلئه پئجي ويندو آهي ته ڪڏهن وري تمام وڏن ماڻهن مان ڪي ننڍيون پر لاڀائتيون شيون سکڻ جو موقعو به ملي ويندو آهي، جيڪي شيون زندگيءّ جو شاندار تجربو بڻجي وينديون آهن. هۡو اڪثر طور زندگيءّ جي تجربن جي بٺيءّ کي ٻاري ئي رکڻ جو قائل آهي، ڇو جو وٽس زندگيءّ جو فلسفو، سکڻ، سيکارڻ ۽ عمل جي چرخي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي ئي هۡو زندگيءّ جو ڏانءۡ ۽ ڏات به سمجهي ٿو. مير ڪاظم رضا ٽالپر جي والده پنهنجي وصيت موجب ايران ۾ امام علي رضا جي صحن ۾ مدفون آهي. سير وتفريح سميت مذهبي فريضن، عقيدي ۽ مسلڪ جي لحاظ کان زيارتن جي حوالي سان هۡو سعودي عرب، ايران، عراق، شام ۽ دبئي گۡهمي چڪو آهي. جتي جي معاشرن، ريتن رسمن ۽ سماجي انفراديت کان پڻ تمام گهڻو متاثر آهي. خانداني روايتن توڙي ذاتي دلچسپي سبب هۡو شڪار واري شوق جو به شيدائي آهي، ان حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي کوڙ سارن شڪار وارن جڳ مشهور علائقن، جڳهين توڙي ماڳن تي وڃي شڪار واري شوق جي سڪ پۡوري ڪندو رهيو آهي. سندس شادي سنه ۲۰۰۰ع ۾ حيدرآباد جي شهداداڻي ٽالپر خاندان جي ماضيءّ جي سنڌ جي حڪمران گهراڻي مان ٿيل آهي، جنهن مان کيس هڪ پۡٽ جو اولاد آهي، سندس فرزند جو نالو مير علي احمد ٽالپر آهي، جيڪو نالو به سندس والد جي نالي جي ئي نسبت سان رکيل آهي، مير ڪاظم رضا ٽالپر اڃا چئن سالن جو ٻالڪ هو ته سندس والد جاگيردار مير علي احمد ٽالپر ۹ جولاءِ ۱۹۷۹ع تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري ذاتي زندگيءّ کان وٺي سياسي زندگيءّ تائين، تربيت جي لوازمات جي انفراديت کيس انتهائي تلخ تجربن سان روشناس ڪرايو، توڙي جو سندس والد مير علي احمد خان ٽالپر، مير محلا يونين ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي محمد خان جو وائيس پريزيڊنٽ رهيو، پر سندس والد جا اهي سياسي تجربا، ٻالڪپڻ سبب سندس رهنما نه بڻجي سگهيا پر هڪ شاهي ۽ سياسي خاندان جي نوجوان جي حيثيت ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جي تاڃي پيٽي کيس سياست جي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن کان واقف ڪيو. ۲۶ سالن جي ڦۡوھ جوانيءّ واري عۡمر ۾ هۡو عملي سياست جي ميدان ۾ قدم رکي چۡڪو هو ۽ ۲۰۰۱ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي متعارف ڪرايل مڪاني حڪومتن جي هيٺين سطح تائين منتقلي واري نظام ۾ تعلقي ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل سعيد متو جو ناظم چونڊيو ويو، جنهن دوران پنهنجي وس ۽ وت آهر هۡن علائقي جي عوام جي خدمت لاءِ نه رڳو پاڻ پتوڙيو پر مڪاني حڪومت وارين اسيمبليءّ اجلاسن ۾ سندس آوا ز هميشه عوامي مسئلن خاطر گۡونجندو رهيو، جنهن بعد وري ۲۰۰۵ع ۾ ٽنڊي محمد خان ضلعي جي قيام بعد ساڳئي مڪاني نظام تحت هۡو پنهنجي ساڳي يونين ڪائونسل سعيد متو جو ناظم چونڊجي ويو. سياسي منصب وارو اهو مۡدو ۲۰۰۹ع ۾ پۡڄاڻي تي پهتو، توڙي جو سندس سياست جي شروعات کان وٺي سندس نالي سان شناسائي رهي هئي پر سندس عملي وجود، ڪردار ۽ گۡفتگۡو سان منهنجي مڪمل آشنائي ۲۰۰۹ع ۾ ئي ساڻس ان وقت ان تقريب ۾ ٿي هئي، جيڪا تقريب مخمور مهيري جي لکيل ڪتاب “ٽنڊي محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر “جي ضلعي حڪومت جي انتظام هيٺ ضلعي اسيمبليءّ هال ۾ ڪتاب جي مهورت لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي، جنهن تقريب جي ڪمپيئرنگ جا فرائض منهنجي حوالي هئا. ان تقريب ۾ سندس مختصر ۽ جامع گۡفتگۡو، مونکي هن ڳڀرو خانداني فرد جي زندگيءّ جي مختصر پهلوئن کان واقف ڪيو هو، جنهن ۾ تجسس جا ڪيترا ئي ڪڻا رهجي ويا هئا، وقت سان گڏ ان تجسس جا تاڪيا به کۡلندا رهيا، سندس ذات، ڪردار، عزت، احترام، عمل، جۡستجۡو، مستقل مزاجيءّ، همدردي، وقت جي احساس، پنهنجي شهر جي اوني واري سوچ، پنهنجي وڏڙن جي تاريخ، خانداني روايتن، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ورثي جي وارثيءّ واري خيال مونکي سندس صفا ويجهو آڻي بيهاريو، جنهن جي وچ ۾ اۡميد ۽ توقع جو نئون جهان جۡڙڻ اسان ٻنهي لاءِ عجيب اتفاق هو، جيڪو اتفاق هاڻي حقيقتن جون ڪيتريون ئي منزلون پار ڪري چڪو آهي. اهو احساس هاڻي اسان لاءِ ڄڻ ته هڪ ئي خاندان جي فردن واري حيثيت جو حامل بڻجي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جا بنيادي ڪارڻ ڪجھ ٻيا به هۡجن پر سوچن جي هڪجهڙائي جو محور وڏڙن جي تاريخ کي نکارڻ ۽ قديم ثقافتي ورثي جي مالڪيءّ وارو احساس گهڻن ٻين سببن کان ڳرو آهي. اهو احساس جو رشتو ان وقت مضبوط بنياد جو سبب بڻيو هو، جڏهن مسلسل ۳۷ سالن جي وقفي کانپوءِ درگاھ لواري شريف عام زائرين لاءِ کۡلي هئي، ۳۱ جنوري ۲۰۲۰ع تي اسان سندس سربراهيءّ ۾ هڪ وفد جي صۡورت ۾ درگاھ لواري شريف پهتا هئاسين، جيڪو رستو ۸۰ سالن جي عرصي بعد کۡليو هو، ڇاڪاڻ جو درگاھ لواري شريف ۽ شاهواڻي ٽالپرن جي رفاقت جو بنياد يارهين هجري صديءّ پڇاڙي ڌاري يا ٻارهين هجري صديءّ جي شروعات ڌاري مير شاهو خان جي حياتيءّ ۾ پيو هو، پيريءّ مريديءّ کان وٺي جاگيرن جي عنايتن تائين شاهواڻي ٽالپرن ۽ درگاھ لواري شريف جو تمام گهاٽو ۽ گهرو لاڳاپو ويهين عيسوي صديءّ جي وچ ڌاري تائين قائم هو، جيڪو پوءِ جاگيرن جي واپسي واري سوال تي ۱۹۴۰ع ڌاري مير حاجي حسين بخش خان ٽالپر جي طفيل بلڪل منقطع ٿي ويو هو، جنهن واٽ کي ۸۰ سالن کانپوءِ بحال ڪرڻ جو اعزاز مير ڪاظم رضا ٽالپر جي سر تي سۡونهين ٿو. نه رڳو اهو پر منهنجي خيال ۾ درگاھ لواري شريف جي احاطي ۾ مدفون شاهواڻي ٽالپرن جي مهندارن مير غلام الله ٽالپر، مياڻي جي جنگ جي سپھ سالار شهيد مير غلام شاھ شاھواڻي ٽالپر، آنريبل مير الھ بخش خان شاهواڻي ٽالپر ۽ ٻين جي آخري آرامگاهن تي به لڳ ڀڳ هڪ صديءّ کانپوءِ حاضري ڀري، گۡل نڇاور ڪرڻ ۽ قۡلن جا نذرانا پيش ڪرڻ واري وارثي جو سهرو به مير ڪاظم رضا ٽالپر جي مرهون منٿ آهي ته وري تاريخ جو منفرد باب به آهي، اهو سلسلو شروع ٿيو ته وڏڙن جي تاريخ ۽ ثقافتي ورثن سان محبت جو هڪ نئون باب به کۡلي پيو ۽ اسان سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ ' فتح باغ ' ۽ اتي موجود ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان ٽالپر جي قديم مقبري جي مرمتي ڪم جي وارثيءّ واري وٽ سوري ورتي، جنهن قدم کي سموري سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائيءّ پلئه پئي. ان کانپوءِ ۱۷ فيبروري ۱۸۴۳ع تي مياڻي جي جنگ ۾ “مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون” جون صدائون بۡلند ڪري شهادت جو عظيم رۡتبو ماڻيندڙ مير غلام شاھ شهيد کي سۡرخ سلام پيش ڪرڻ جي مسلسل روايت جو بنياد به مير ڪاظم رضا ٽالپر قائم رکيو، جيڪو اعزاز شاهواڻي ٽالپر خاندان جو تاريخي ورثو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ان سموري تاريخ جي وارثيءّ ڪندڙ فرد معمولي نه پر غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ آهي، هۡو پنهنجي انهن سمورين خۡوبين کي نه رڳو پنهنجو فرض سمجهي ٿو پر ان سموري ڪاروهنوار ۾ حصو ڳنڍيندڙ اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جي حوصلا افزائي واري جوهر کي به جرڪائيندو اچي. سندس اهو ڪارنامون به ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ۱۸ مئي ۲۰۲۱ع مطابق ۶ شوال ۱۴۴۲ هجري تي ٽنڊي محمد خان شهر جي باني مير محمد خان جي ۲۰۹ ورسي تقريب ۽ مشاعرو، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سندس ئي ڀرپور سهڪار ۽ تعاون سان منعقد ٿي، تمام گهٽ فردن کي اها ڄاڻ آهي ته مير ڪاظم رضا ٽالپر جي نه رڳو شاعري سان دلچسپي آهي پر هۡو گهٽ ۽ ڪچي ڦڪي شاعري پڻ ڪري ٿو. سندس اهڙن کوڙ سارن تاريخ ساز ڪمن تي کيس جيترو به خراج پيش ڪجي سو گهٽ آهي. ۴۷ سالن جي ڄمار ۾ اڄ ۱۱ سيپٽمبر تي سندس جنم ڏينهن آهي، تاريخ جي تارازيءّ ۾ سندس ڄمار کان وڌيڪ سندس ڪردار ۽ عمل ڳرو، تمام ڳرو آهي، اچو ته هٿڙن جا گۡلاب ٺاهي، ٻانهۡن کي هار بنائي کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيون! شال! سندس عملي ڪردار کي اڃا به چنڊ جهڙي چانڊوڪي ۽ ستارن جهڙي دلرۡبائي نصيب ٿئي.

 

(اعظم ڀٽي، پير محلا ٽنڊو محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي رکيل/کنيل)

No comments:

Post a Comment