علي نواز ٻٽ
کيس جيئن مون ڏٺو
غلام سڪينه ٻٽ
اسان جي خاندان ۾ ڪل
ٽي ٻار هيا سون، آءٌ، منهنجو وڏو ڀاءُ نياز حسين ۽ علي نواز. علي نواز اسان کان وڏو
هيو، خاندان ۾ ٻي ڇوڪري نه هئي ان ڪري آءٌ هنن سان ئي راند کيڏندي هيم.
علي نواز جيئن ته
لاڏلو هيو ان ڪري هر وقت ڪونه ڪو نقصان ڪندو هيو، گهر ۾ ٿوري ٿوري ڳالھ تي ڪاوڙجي
پوندو هيو، اگرچه اسان جي مائٽن طئي ڪري ڇڏيو هيو ته علي نواز ۽ غلام سڪينه جي
شادي ڪرائينداسون، پر اسان کي خبر نه هئي. آءٌ اڃا چوٿين ڪلاس ۾ هيس ته منهنجو بابا
سائين، گل حسن ٻٽ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو ۽ پنجين درجي کان پوءِ منهنجو پڙهڻ
بند ڪيو ويو ۽ پابندي لڳائي وئي ته گهر کان نه نڪرنديس. هاڻ منهنجو ڀاءُ ۽ علي
نواز آيا هيا ڇو ته آءٌ سندن پيڇو نه ڇڏيندي هيس.
علي نواز مئٽرڪ ۾
هيو ته اسانجي شادي ٿي ۱۳ ذوالحج جي شام جو نڪاح ٿيو رات جو اسان لائون لڌيون. مئٽرڪ وارو سال علي نواز،
سوجهرو ڳورڙ ۾ رهندو هيو جتي ادا نظير احمد ۽ هي گڏ پڙهندا هيا ۽ محترم چاچا الهرکيو
ڳورڙ کان رهنمائي وٺندا هيا.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ
علي نواز لاڙڪاڻو ڊپلومه ڪرڻ ويو ۽ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ رهيو، ڇنڇر آچر ڳوٺ ايندو هيو.
هڪ ڏينهن منهنجي سهري محمد پريل جو ڪو دوست آيو، جنهن ٻڌايس ته ”هو لاڙڪاڻي ويو
هيو، اتي علي نواز ساڻس مليو هٿ ۾ ڪهاڙي هيس هڪ وڏو شاگردن جو جلوس هيو، پوليس شاگردن
کي لٺيون هنيون خبر ناهي ته صورتحال ڇا ٿي. “
ٻئي ڏينهن منهنجو
سهرو پنهنجي هڪ ٻن سان گڏ لاڙڪاڻي ويو، هاسٽل تي علي نواز سان مليا ۽ واپس آيا. ٻڌايائون
ته “شاگردن جو احتجاج هيو، خير آهي.” علي نواز ان وقت پولي ٽيڪنڪ جي شاگرد يونين جو
صدر هيو ۽ جيئي سنڌ جو سڏائيندو هو، شايد ۱۹۷۲ع جو سال آهي، ڪنهن ماڻهوءَ منهنجي سهري کي اطلاع ڪيو ته
لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جي جهيڙي ۾ علي نواز زخمي ٿيو آهي، اسان ڏاڍا پريشان ٿياسون، منهنجي
سس (پڦي) حاڪمزادي علي نواز جي والده تمام گهڻو پريشان ٿي، وري منهنجو سهرو محمد
پريل، ڏاڏو غلام محمد ۽ ماما روشن ٻٽ گڏجي لاڙڪاڻي ويا ۽ موٽي آيا علي نواز کي به وٺي
آيا، هن کي کٻي ٻانهن ۾ ڇرو لڳل هيو، ٽاڪا لڳل هيس. ٻئي ڏينهن واپس ويو جو سندس امتحان
هلندڙ هيا. لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي دوران آخري سال ۾ علي نواز بيمار ٿيو، سندس ٻه سال علاج
هليو هن جي طبعيت ڪافي بهتر ٿي وئي، ڳوٺ ۾ رهائش دوران ڪو مسئلو ٿيو جنهن تي علي
نواز جذباتي ٿي ويو، نقصان ڪرڻ کان بچي ويو. پر جيڪا صورتحال ٿي اها ناظم جوکيو جي
خاندان جهڙي هئي، سمورن مائٽن مٽن انهيءَ ۾ بهتري سمجهي ته رات پيٽ ۾ علي نواز ۽ سندس
والد ڳوٺ ڇڏي وڃن. هو رات جو گهر نه آيا ۽ سوجهرو ڳورڙ هليا ويا، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ
علي نواز جو والد آيو ۽ سمورن گهر ڀاتين کي وٺي ويو، اسان هڪ سال ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ
۾ رهياسون. چاچا محمد صادق اسان کي ڌار گهر ٺاهڻ نه ڏنو ۽ پاڻ سان رهايائين. علي نواز
جو والد مينهون ۽ ان به کڻائي آيو، محمد صادق ان جي منع ڪئي ۽ چيائين ٻيهر نه کڻي اچج،
هو تمام قربائتو هيو، سرائي ڳورڙن سان اسانجي وڏن جو گهريلو رستو هيو/آهي، ڀائرن جهڙو
آهي علي نواز جي والد کي تمام گهڻو ڀائيندا آهن ۽ هاڻ علي نواز سان به ساڳيو تعلق قائم
اٿن. هڪ سال کانپوءِ ٺاھ ٿيو ۽ اسان واپس، پنهنجي گهر آياسون.
علي نواز ننڍي هوندي
تمام ڏنگو هيو، پر وڏو ٿيو ته صفا ٿڌو ٿي ويو، هو پنهنجي والد سان هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو
هيو، رونبو، لابارو، ڳاھ، مال چارڻ، گاھ ڪرڻ. سڀ ڪم ڪندو هيو.
ڳوٺ کان ٿرڙي محبت اٺين
جماعت تائين پنڌ ايندو ويندو هيو، ميهڙ بس ۾ ايندو ويندو هيو، مئٽرڪ وارو سال ڳورڙن
۾ رهيو. جنهن جو مون ذڪر ڪيو.
علي نواز ننڍو هيو
ته سندس ننڍو ڀاءُ وفات ڪري ويو، سندس والد ۽ والده مخدوم بلاول تي باس باسي ته پٽ
ڄمندو جوڙو ٿيو ته پاڃاري ۾ جوٽي سکان ڏينداسون ۽ پوءِ اها سکا ڏني وئي هئي. علي
نواز مئٽرڪ جي امتحانن وڏن ڏينهن ۾ ميهڙ هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ نظير احمد سان گڏ
رهندو هيو ۽ امتحان جي تياري ڪندو هيو، انهيءَ عرصي دوران سندس ننڍي ڀيڻ وفات ڪري وئي
جنهن جي منهن ڏسڻ تائين نه پهچي سگهيو ۽ پوءِ تمام گهڻو رنو هيو.
علي نواز لاڙڪاڻي
مان ڊپلومه ڪري آيو ته کيس فريدآباد ۾ انسٽرڪٽر ڪري رکيائون پر منهنجي ڪوشش هئي ته
ڪنهن ٽيڪنيڪل اداري ۾ ملازمت وٺاءِ پوءِ ڪي اي ايس سي ۾ ۱۹۷۵ع ۾ لڳو، هڪ ٽريننگ کان پوءِ ۱۹۷۶ع ۾ سپروائيزر ٿيو. آءٌ ڳوٺ هيس، هي مهيني تي
پگهار وٺي ايندو هيو، ڪجھ سالن کانپوءِ ادا، نادر علي کي به ڪراچي۾ نوڪري ملي وئي،
ادا خادم حسين (مختيار) کي به ڪراچي ۾ نوڪري ملي ته علي نواز ۽ نادر علي آيا ۽ پنهنجي
والد ۽ والده کي چيائون ته اسان ٻار وٺي وينداسون ۽ پوءِ اسان ڪراچي ۾ رهڻ لڳاسون.
اسان ڪراچي آيا سون ته علي نواز اڳ ۾ ئي جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌي پورهيت سنگت ۾ متحرڪ
هيو، خاص طور آچر جو سڄو ڏينهن هو تنظيم جي ڪم سان هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن
به هليو ويندو هيو، اسنا جڏهن ڳوٺان آياسون ته علي نواز وارا صاحبداد ڳوٺ ۾ مسواڙي
جاءِ ۾ رهندا هئا، اها جاءِ ڇڏيائون ته ملير مندر پويان دولت رام بلڊنگ ۾اچي رهائش
اختيار ڪيائون، ۱۹۸۳ع جي تحريڪ دوران اها جاءِ ڇڏيائون ۽ ليبر اسڪوائر ۾ هڪ فليٽ ۾ اچي رهيا جيڪو
پوءِ خريد ڪيائون. ۱۹۸۸ع جي فسادن کانپوءِ ڪي اي ايس سي ڪالوني ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون، هتي
علي نواز وٽ ٻه ڪوارٽر هيا هڪ پنهنجي نالي تي ۽ ٻيو سندس دوست جي نالي تي.
پهرين آڪٽوبر ۱۹۸۹ع تي جهنڊو ڪيس ٿيو. سائين جي ايم سيد ۽ ان
جي ڪيترن ئي ساٿين کي ۹ آڪٽوبر تي گرفتار ڪيو ويو، علي نواز به گرفتار ٿي ويو ۽ ۱۴ مهينا سکر ۽ خيرپور جيلن ۾ گذاريائين جتي اسان ڪيترا دفعا ملاقات لاءِ وياسون.
سندس آزادي کانپوءِ ته ڪي اي ايس سي ۾ ماڻهن جا ميڙا هوندا هيا، روزانو ۴۰ کان پنجاھ ماڻهن کي چانھ پياريون، اضافي گهر
هئڻ ڪري ڪيترا ته رهيا پيا هوندا هئا، سائين عبدالواحد آريسر، گهرواري سميت ايندو
هيو، ناري تحريڪ جون ڪئي ۽ ميٽنگون ٿيون جنهن ۾ ادي سلطانه، ادي صبحانه، امڙ منيره
اڪرام ۽ ٻيون عورت اڳواڻ اينديون هيون. آءٌ گهر گهر وڃي عورتون گڏ ڪندي هيس پوءِ هي
تقريرون ڪنديون هيون. سائين آديسي، ادا عبدالخالق، سائين سرور، ادا فيض الله جوڻيجو،
به مختلف وقتن تي اچي عورتن کي سمجهاڻيون ڏيندا هيا.
علي نواز جي نوڪري
دوران مون کي عوروتن چونديون هيون ته فلاڻو گهٽ نوڪري وارو آهي ان جو گهر ڏسو
سامان سان ڀريو پيو آهي، ٻٽ صاحب ته آفيسر آهي ۽ يونين جو به اڳواڻ آهي پوءِ توهان
ڇو سادگي ۾ ٿا گذاريو؟ مون اها ڳالھ علي نواز سان ڪئي چيائين ته اهي جيڪو ڪم ڪن ٿا
اهو ڪم چوين ته ڪريان، مون ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي ۽ چيو ته اسان کي حق حلال گهرجي، هن زندگي
سادگي سان گذاري، پر ڪوشش ڪيائين ته ٻار پڙهائي، پاڻ تنظيمي ڪمن ۾ مصروف ٻارن جي خبر
ئي نه هوندي هيس ته ڪهڙي ڪلاس ۾ آهن. پر پوءِ به پنهنجي پٽ ۽ ڌيئن کي يونيورسٽي تائين
پهچايائين، وڏي ڌيءَ زولاجي ۾ پي ايڇ ڊي آهي، پٽ محمد لائق ۽ ٻه ڊبل ايم اي آهن. اڃا
نوڪريون نه مليون اٿن، محمد لائق خانگي اداري ۾ ڪندو آهي، الله ۾ آسرو آهي ته ٻار ڪٿي
نه ڪٿي روزگار سان لڳي ويندا، هي پگهار ٽي حصا ڪندو هيو، حصو والد کي، حصو گهر ۽
حصو پاڻ رکندو هيو جيڪو تنظيمي ڪمن تي خرچ ڪندو هيو.
علي نواز ۲۰۱۱ ۾ رٽائر ٿيو ته ڪي اي ايس سي ڪالوني ڇڏيائين.
هاڻي گلشن حديد ۾ رهائش آهي. سندس مشغلو ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ آهي. سندن جماعت ٽٽي وئي
پر ڪجھ دوستن سان کنڊرات تي ٿڏو وڇايو ويٺو آهي، هاڻي اڳي وارو جوش ڪونهي عمر وڏي
عمر ٿي وئي اٿس، پر سيد سان ساڳي محبت اٿس، ڪئي ماڻهو آيا جن چيس ته اسان سان شامل
ٿي پر هن جواب ڏنو، ته سيد جي نظريئي لاءِ ڪجھ ڪري نٿو سگهان پر بي وفائي نه ڪندس.
هو هاڻ به پنهنجن ٻارن کي پڙهڻ جي هدايت ڪندو آهي. ڏيڍ مهيني کان بيماري جي حالت ۾
گهر ۾ آهي، نه ته مهيني ۾ ڪجھ ڏينهن ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري ويندو هو. منهنجي دعا
آهي ته خدا کيس صحت ڏئي. نوٽ: مون ٻارن جي اصرار تي مختصر قصو کين ٻڌايو جيڪو هنن
قلم بند ڪيو آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
علي نواز ٻٽ
هڪ شفيق پيءُ ۽ قومي
سياستدان
ثريا ٻٽ
بابا سائين تي لکڻ
لاءِ لکان ته ڪتابن جا ڪتاب لکي وڃان ۽ قلم ۾ مس جو ذرو نه ڇڏيان، بابا سائين علي
نواز ٻٽ جي باري ۾ ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته سڄي خاندان ۾ بابا سائين پهريون ٻار هو
بابا کان اڳ ڪوبه ٻار نه هيو انڪري سڄي خاندان جا لاڏلا هئا. بابا سائين جڏهن وڏا ٿيا
ته نه صرف تعليم حاصل ڪئي پر ان سان گڏوگڏ ڏاڏا سائين سان ڪم ڪار (ٻنين جو) پڻ ڪندا
هئا. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ (ٻٽ سرائي) مان حاصل ڪيائون مئٽرڪ ميهڙ مان ۽
پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ سندن کي لاڙڪاڻو موڪليو ويو جيئن ته بابا لاڏلو هيو ان ڪري
گهڻو جذباتي هو. پر خاندان جي تربيت ۽ سياست ۾ اچڻ جي ڪري سائين جي ايم سيد جي
صحبت جو بابا سائين تي ايترو اثر ٿيو جو پوءِ بلڪل ٿڌي ۽ نرم طبيعت جا مالڪ ٿي ويا.
لاڙڪاڻي شهر ۾ بابا سائين جو سياسي سفر شروع ٿيو. سال ۱۹۷۲ع ۾ اسٽوڊنٽس يونين جا صدر ٿيا. ۱۹۷۵غ ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪري مليس ته دوستن سان گڏجي
سائين جي ايم سيد سان پهريون ڀيرو ملاقات ڪيائون. بابا لاڙڪاڻي کان پاڻ کي جيئي سنڌ
جو سڏائيندو هيو امڙ ۽ ڏاڏي ٻڌايو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس غير سنڌي شاگردن حملو ڪيو
هيو ۽ بابا ڇرو لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا هئا. اها خبر ٻڌي ڏاڏا سائين لاڙڪاڻي ويو هو.
ڪراچي ۾ اچڻ کان
پوءِ پنهنجو پاڻ کي جيئي سنڌ سان باضابطه وابسته ڪيائون. اسان جيڪو باباکي ڏٺو ته
سائين جي. ايم سيد جي تحريڪ ۾ رهندي بابا سائين ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ سان گڏانسان
ذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو نمايان رهيو. پاڻ جڏهن سروس ۾ هيا ته اسان ڏسندا هيا سين
ته بابا جا جيڪي مهمان ايندا هيا انهن ۾ هر زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو هونداهئا. جنهن ۾
سنڌين جي گهڻائي هوندي هئي پر اردو، پشتون، بلوچ، پنجابي ۽ هزاري وال ڳالهائڻ وارا
شامل هوندا هئا. بابا سائين انهن جا مسئلا ٻڌي ۽ سندن مدد ڪندا هئا.
بابا سائين ٻهراڙين
۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻو ويندا هئا. اڄ تائين ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جا ڪئي ماڻهو بابا
سائين وٽ ايندا آهن ۽ بابا سائين انهن جي غمي خوشي ۾ ويندا آهن. اهڙن ڪيترن ئي
دوستن وٽ بابا سائين اسان کي به وٺي ويندا آهن اسين جڏهن ننڍا هئاسين ته بابا سائين
سکر ۾ جهنڊو سڙڻ ڪري ۱۹۸۹ع ۾ سائين جي ايم سيد سان گڏ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ويا ته اسان گهڻو روئيندا
هياسين انهن ڏينهن ۾ اسان جو مرحوم چاچا نادر علي جنهن کي اسان بابو بادشاهه چوندا
هياسين ان جي به ڪراچي مان بدلي ٿي وئي ۽ چاچا غلام قادر تڏهن پڙهندو هو پولي ٽيڪنيڪل
انسٽيٽيوٽ ۾ پوءِ ڏاڏا سائين جي صلاح سان بابو بادشاهه اسان کي ڳوٺ ڇڏي آيو ۽ بابا
جي آزاد ٿيڻ تائين اسان ڳوٺ ۾رهياسين باباجي جيل وڃڻ جي ڪري اسان جي امڙ اسان کان
لڪي لڪي روئيندي هئي اسان ڪڏهن ڪڏهن ڏسي وٺندا هئاسين پر اسان جو ڀاءُ محمدلائق
تمام گهڻو روئيندوهيو. اسان جي ڏاڏي ۱۴مهينا ننڊ نه ڪئي ۽ ڏينهن رات بابا سائين جي آزادي لاءِ
دعائون گهرندي رهندي هئي.
بابا سائين آزاد ٿيو
ته ماڻهن جو هجوم ساڻس ملڻ لاءِ آيو چاچا روشن ڪلهوڙو، چاچا آزاد قاضي، چاچا حاجي
يعقوب کوسو چاچا محمد هاشم کوسو، چاچا عبدالخالق جوڻيجو، چاچا امر جوڻيجو ۽ ٻيا ڪجهه
دوست اسان جي گهر آيا. اسان جي امڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏا سائين مهمان نوازي ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي.
بابا سائين سان گڏ چاچو قيوم منگي ۽ چاچا رجب خاصخيلي آزاد ٿيڻ کان پوءِ بابا سائين
سان گڏ اسان جي ڳوٺ آيا هيا. اسان جي گهر به آيا هئا سچ پچ ته انهن ڏينهن ۾ بابا
جي ايترن دوستن کي ڏسي اسان جا سڀ ڏک دور ٿي ويا ۽ اسان کي گهڻي خوشي ٿي. ان کان
پوءِ بابا اسان کي جلد ئي ڪراچي واپس وٺي آيا. بابا سائين سياست جي ڪري گهڻو ٻاهر رهنداهئا
پر پوءِ به پنهنجي خاندان کي پوئتي نه ڇڏيائون پاڻ سان گڏوگڏ اڳتي آڻيندا رهيا بابا
سائين نه صرف پنهنجي ڀائرن، ڀينرن پر خاندان جي هر فرد کي تعليم ڏيارڻ جي جستجو ڪئي
اڄ اهي سڀ سٺين پوسٽن تي آهن.
بابا سائين اسان سڀني
ڀاءُ ڀيڻن کي اعليٰ تعليم ڏياري ۽ هر اها خواهش جيڪا اسان ظاهر به نه ڪنداهياسين
اهي به پوريون ڪيون آهن بابا سائين اسان کي اهڙي ماحُول ۾ تعليم ڏياري جتي ڇوڪرين
جو پڙهڻ لازم نه سمجهيو ويندو هو عزيزن بابا کي منع ڪئي ته ڇوڪريون نه پڙهاءِ پر بابا
سائين اسان کي تعليم ڏياري انهيءَ ڪري رشتا به ٽٽي ويا بابا سائين اسان جي وڏي ڀيڻ
کي Ph. D
ڪرائي ۽ اسان جي به تعليم اڃا هلندڙ آهي. بابا
جي خواهش آهي ته اسان به Ph. D ڪريون. ائين ئي سڄي
خاندان جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو جذبو پيدا ڪيو ۽ اڄ سڀن جون نياڻيون تعليم يافته
آهن.
اسان جو بابا امن
پسند قوم دوست ۽ انسانيت دوست آهي. بابا سائين جو مزدورن لاءِ وڏيون خدمتون آهن سڄي
سنڌ ۾ مختلف ادارن ڪارخانن جي مزدورن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. بابا سائينءَ
هڪڙو مهمان خانو ٺاهي رکيو هيو جيڪي به سنڌ جي ٻهراڙي کان نوڪري جي تلاش ۾ ايندا هئا
اهي ان ۾ رهندا هئا. جن جي خدمت اسان جي مرحوم امڙ ۽ مرحوم بابو بادشاهه ۽ سندن
گهرواري امان ننڍي مانيون پچائي خدمتون ڪندا رهيا. ڪي ۲،۳ مهينا ته ڪي وري ۲،۲ سال رهيا ۽ جڏهن نوڪرين سان لڳا ته پوءِ پنهنجا مسواڙ
تي گهر وٺي وڃي رهيا. بابا سائين هڪ شفيق پيءُ هڪ سٺو دوست ۽ عوام جو درد رکندڙ
انسان آهن. بابا جو رويو اسان (اولاد) سان نهايت ئي محبت شفقت ڀريو آهي. اڄ بابا
سائين کي ۷۳ سال پورا ٿيا ۽ ۷۴ سال شروع ٿيو. هر سال اسان بابا سائين جي سالگرهه ملهائيندا
آهيون پر گذريل سال کان بابا روڪي ڇڏيو ته سالگرهه نه منائيندا آهيون. گذريل سال
بابا روڪي ڇڏيو ته سالگرهه نه ملهائينداسين ڇو جو گذريل سال ۲۱نومبر تي بابا سائين جي عزيز دوست چاچا اقبال
جوکيو وفات ڪري ويا ۽ هن سال بابا جا به انمول پيارا ساٿي اسان جي امڙ غلام سڪينه
۽ بابو بادشاهه (نادرعلي) هي فاني دنيا ڇڏي ويا!. جنهن جو بابا تي وڏو اثر پيو.
اثر ته اسان سڀني
تي پيو پر بابا سائين پاڻ کي اڪيلو ٿو سمجهي ۽ سندس طبيعت ناساز ٿي رهي پوءِ به پنهنجي
تنظيم جي خاص ميٽنگن ۾ ضرور ويندوآهي. بابا کي چاچا اقبال جوکيو جي وفات جو به گهڻو
صدمو پهتو ڇو ته هو ڏک سک جو ساٿي هيو. ڪراچي ۾ سندس جماعت جا شروعاتي دوست چاچا عبدالخالق،
چاچا محمد هاشم کوسو هيا پراهي الڳ ٿي ويس ته سندن اچڻ به گهٽجي ويو. سندس دوست چاچا
در محمد عالماڻي عبدالمالڪ مهر وفات ڪري ويا. سنڌي پورهيت سنگت ۾ چاچا روشن ڪلهوڙو
جيتوڻيڪ ٻي جماعت ۾ هليو ويو پر اڄ تائين پنهنجو رستو قائم رکيو اچي، چاچا ولي محمد
سهرياڻي اڃا تائين ساڻس تنظيم ۾ گڏ آهي ۽ گهرو رستو آهي. ڪراچي ۾ چاچا بهاول الدين
پيرزادو، چاچا اصغر شاهه، چاچا مقبول راڄپر، چاچا انور نوناري، چاچا غلام نبي ڏاهري،
چاچا عبدالحميد شيخ، چاچا نظير ڪنڀر، چاچا حاڪم، چاچا ضمير سومرو ۽ ڪجهه ٻيا جن جا
نالا ياد نه ٿا پون اڃا تائين تنظيم ۾ گڏ آهن. بابا سائين جو گهڻو وقت ڪتاب پڙهڻ ۽
لکڻ ۾ گذري ٿو. اسان کي ڪتابن جي ضرورت پوندي آهي ته ڪافي ڪتاب بابا وٽان ملي
ويندا آهن منهنجي دعا آهي ته بابا کي خدا وڏي ڄمار ڏي ته جيئن اسان جي رهنمائي ڪندا
رهن.
(ليکڪا علي نواز ٻٽ جي نياڻي آهي)
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
علي نواز ٻٽ
وڇوڙو - سنڌ هڪ قومي
آواز کان محروم ٿي وئي
ايڊيٽوريل
سنڌ جي تاريخ ۾
ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ کي ذاتي مفادن، آرام ۽ آسائش
بدران پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم، پنهنجي ٻولي، علم ۽ فڪر جي خدمت لاءِ وقف ڪري
ڇڏيندا آهن. اهڙن ماڻهن جي وڇوڙي سان رڳو هڪ خاندان يا دوستن جو حلقو سوڳوار نه
ٿيندو آهي، پر سماج پنهنجي هڪ فڪري سرمايي کان محروم ٿي ويندو آهي. قومي دانشور،
ليکڪ ۽ فڪر جي دنيا سان وابسته علي نواز ٻٽ جو لاڏاڻو به سنڌ جي علمي، ادبي ۽ قومي
حلقن لاءِ اهڙو ئي ڏکوئيندڙ واقعو آهي. علي نواز ٻٽ انهن ماڻهن مان هو، جن قومي
شعور کي رڳو نعري تائين محدود نه رکيو، پر ان کي علم، تاريخ، فڪر ۽ دليل سان ڳنڍڻ
جي ڪوشش ڪئي. سندس لکڻين ۾ سنڌ، سنڌ جي تاريخ، قومي وجود، سياسي شعور ۽ سائين
جي.ايم.سيد جي فڪر بابت سنجيده بحث ملن ٿا. سندس هڪ مشهور مضمون ”جي.ايم.سيد جو
نظريو ۽ اڄ جي عالمي صورتحال“ سندس مطالعي، فڪري دلچسپي ۽ سنڌ جي قومي سوال کي
عالمي تبديلين جي تناظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش جو عڪس آهي.
سندس شخصيت جو هڪ
اهم پاسو اهو به هو ته هو رڳو پڙهڻ يا لکڻ وارو ماڻهو نه هو، پر عملي قومي جدوجهد
سان به وابسته رهيو. مختلف موقعن تي سندس نالو جيئي سنڌ محاذ ۽ فڪرِ سيد سان
لاڳاپيل سياسي ۽ قومي سرگرمين ۾ اڳواڻي ڪندڙ ساٿين سان گڏ نظر اچي ٿو. اها ڳالهه
سمجهڻ ضروري آهي ته قومي سوچ سان وابستگي جو مطلب رڳو سياسي سرگرمي نه آهي. سندس
لکڻين کي ڏسجي ته سنڌ جي قومي مسئلي کي هو تاريخ جي پسمنظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو
هو. سنڌ جي قديم تهذيب، ان جي تاريخي حيثيت، سياسي سفر ۽ جديد دور جي مسئلن کي هڪ
ٻئي کان الڳ ڪري ڏسڻ بدران هو انهن کي هڪ تسلسل طور سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي
فڪري روش جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو اڄ جي تيز رفتار دور ۾ سماجي ۽ سياسي
بحث گهڻو ڪري نعري، جذبات ۽ فوري ردعمل تائين محدود ٿي رهيا آهن. علي نواز ٻٽ جو
وڏو علمي ورثو اهو ئي آهي ته هن سوال اٿارڻ، پڙهڻ ۽ سوچڻ جي روايت کي اهميت ڏني.
سندس فڪري لکڻين مان اهو احساس ملي ٿو ته سنڌ جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ
۽ دنيا جي تبديل ٿيندڙ سياسي حالتن ٻنهي جو مطالعو ضروري آهي.
سنڌ جي قومي تحريڪ
جي تاريخ تي نظر وجهجي ته ان ۾ ڪيترائي اهڙا ڪردار نظر اچن ٿا، جن پنهنجي سياسي
جدوجهد سان گڏ علمي ۽ فڪري ڪم به ڪيو. علي نواز ٻٽ به اهڙي ئي روايت جو حصو هو.
ڪراچي جهڙي شهر ۾ قومي ۽ فڪري سرگرمين سان وابسته رهڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اڄ
سنڌ کي اهڙن ئي علم دوست ۽ فڪر ڪندڙ ماڻهن جي وڌيڪ ضرورت آهي. سماج ۾ سياسي اختلاف
ضرور هجڻ گهرجن، پر اختلاف کي علم ۽ دليل سان گڏ هلائڻ جي ضرورت آهي. قومي سوالن
تي بحث جذباتي نعريبازي بدران تاريخ، قانون، سياست، معيشت ۽ عالمي حالتن جي
روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي. علي نواز ٻٽ جي فڪري سفر مان اهو سبق ملي ٿو ته قومي شعور کي
مضبوط ڪرڻ لاءِ علم ۽ مطالعو بنيادي حيثيت رکن ٿا. سندس زندگيءَ جو هڪ اهم سبق
نوجوان نسل لاءِ پڻ آهي. نوجوانن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ سان گڏ پنهنجي
ڌرتيءَ جي تاريخ پڙهڻ گهرجي. قوم سان وابستگيءَ سان گڏ دنيا کي به سمجهڻ گهرجي.
پنهنجي ٻوليءَ سان محبت سان گڏ ٻين ٻولين ۽ علمن کان به سکڻ گهرجي. ڇو ته مضبوط
قومي شعور اهو آهي، جيڪو پنهنجي سڃاڻپ تي اعتماد رکڻ سان گڏ علم جي وسيع دنيا سان
به لاڳاپو قائم رکي.
علي نواز ٻٽ جي
شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو به اهم آهي: هو قومي تنظيم سازيءَ ۽ عملي سرگرمين ۾ به حصو
وٺندو رهيو. ڪراچيءَ ۾ قومي سياسي سرگرمين کي منظم ڪرڻ ۾ سندس نالو ٻين ساٿين سان
گڏ اچي ٿو. هڪ تاريخي جائزي ۾ کيس انهن ماڻهن مان شمار ڪيو ويو آهي، جن جيئي سنڌ
محاذ جي ڪراچيءَ واري تنظيم ۽ سرگرمين ۾ اهم ساٿ ڏنو. انهيءَ پسمنظر ۾ سندس وڇوڙي
کي رڳو هڪ فرد جي موت طور ڏسڻ مناسب نه ٿيندو. هي هڪ اهڙي نسل جي فڪري سفر جو هڪ
وڌيڪ باب بند ٿيڻ آهي، جنهن سنڌ جي قومي مسئلن کي پنهنجي دور جي سياسي ۽ سماجي
حالتن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اها نسل اختلافن، سياسي ڏکيائين ۽ مختلف نظرين جي
ٽڪراءَ جي باوجود پنهنجي فڪر سان وابسته رهي.
سنڌ اڳ ئي ڪيترن ئي
وڏن اديبن، شاعرن، دانشورن، محققن ۽ قومي ڪارڪنن جي وڇوڙي جو صدمو برداشت ڪري چڪي
آهي. هر اهڙي وڇوڙي سان سنڌ جي فڪري سفر ۾ هڪ خال پيدا ٿئي ٿو. پر قومن جي عظمت
اها آهي ته اهي پنهنجي وڃايل ماڻهن کي صرف ڳوڙهن سان ياد نه ڪنديون آهن؛ انهن جي
فڪر کي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪنديون آهن.
اڄ علي نواز ٻٽ جي
وڇوڙي تي سنڌ جو علمي ۽ قومي حلقو ڏک ۾ آهي، پر اهو ڏک هڪ عزم ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي.
اهو عزم ته سنڌ جي علمي روايت کي ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪتاب پڙهيا ويندا، تاريخ
کي محفوظ ڪيو ويندو، قومي مسئلن تي سنجيده بحث جاري رکيو ويندو ۽ قلم کي سماج جي
فڪري تعمير لاءِ استعمال ڪيو ويندو. علي نواز ٻٽ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو
آهي، پر ڪنهن به قلمڪار ۽ دانشور جي اصل زندگي سندس جسم سان ختم نه ٿيندي آهي.
سندس لکڻيون، سندس خيال، سندس سوال ۽ سندس فڪري ڪم کيس ايندڙ نسلن سان ڳنڍيندا
رهندا آهن. جيڪڏهن سندس فڪر کي پڙهيو ۽ سمجهيو ويو ته سندس قومي ۽ علمي سفر جاري
رهندو، پر گڏوگڏ اهو به چونداسين ته علي نواز ٻٽ اهڙين شخصيتن مان هڪ آهي جنهن جون
اسان کي زندگيون ملهائڻ گهرجن جنهن جي اڄ کان اڃان وڌيڪ ضرورت آهي.
(ڏھاڙي عوماي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
علي نواز ٻٽ
منهنجو والد - سنڌ جو بي لوث خادم
محمد لائق ٻٽ
دنيا ۾ ڪيترائي
رشتا آهن، پر پيءُ جو رشتو سڀ کان مقدس آهي. پيءُ ڇانوَ آهي، پيءُ همت آهي، پيءُ
پهريون استاد آهي. الله جو شڪر آهي ته هن مون کي سائين علي نواز ٻٽ جهڙو والد عطا
ڪيو. هو منهنجي لاءِ صرف پيءُ نه پر هڪ مڪتب ۽ هڪ تحريڪ هو. سندس سڄي زندگي خدمت،
سادگي ۽ قرباني جو نالو هئي.
علي نواز ٻٽ جو جنم
ضلعي دادو جي ڳوٺ ٻٽ سرائي جي هڪ عزت واري گهراڻي ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ
مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ميهڙ مان مئٽرڪ ۽ لاڙڪاڻي پولي ٽيڪنڪ مان فني تعليم مڪمل
ڪئي. ننڍي عمر کان ئي سندن اندر مظلوم جو درد ۽ قوم جي خدمت جو جذبو هو. ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن هو شاگرد يونين جا صدر هئا ته سنڌ
جي حقن لاءِ جلوس جي اڳواڻي ڪندي مخالفن جي گولي/ خنجر جو وار کاڌائون. پر ان زخم
سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو .
بابا نوجواني کان
ئي قوم لاءِ پاڻ پيش ڪرڻ جو عهد ڪيو هو. مزدورن جو اڳواڻ سماجي خادم ۱۹۷۵ع ۾ ڪي اِي ايس سي ۾ نوڪري اختيار ڪئي ۽
محنت سان سپروائيزر جي عهدي ائين اڳتي اسسٽنٽ مئنيجر تائين پهتا. پر هنن ڪڏهن به
عهدي کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو.
بابا سنڌي پورهيت سنگت جا بنياد وجهندڙ اڳواڻن مان هئا. هزارين ڪي اِي ايس
سي مزدورن جا مسئلا، پگهار، ترقيون ۽ حفاظت لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪيائون. پنهنجي
تنخواه مان بي وس ساٿين جي مدد ڪندا رهيا.
سندن گهر ۲۴ ڪلاڪ کليل هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ شاگرد، پورهيت ۽ مسافر اتي ماني
کائي، آرام ڪري دعا ڏئي ويندا هئا. ڪيترن ئي شاگردن سندن گهر ۾ رهي ڊاڪٽر، استاد ۽
انجنيئر بڻيا. بابا سائين جي ايم سيد جي فڪر کان تمام گهڻو متاثر هئا جهڙوڪ بابا
سائين سيد جي سيڪيولر، انسان دوست ۽ سنڌ دوست نظريي کي پنهنجو مشن بڻايو
۱۹۸۹ع ۾ جهنڊي واري ڪيس ۾ سائين جي
ايم سيد سان گڏ گرفتار ٿي ۱۴ مهينا سکر ۽ خيرپور جي جيلن ۾ گذاريا. جيل جي سختي،
مار ۽ تڪليفن به کيس سندس اصولن تان نه هٽائي سگهيو. جڏهن جيل مان آزاد ٿيا ته وري اڳ کان وڌيڪ جوش
سان قوم جي خدمت ۾ لڳي ويا. بابا سائين صبر ۽ استقامت سان هر آزمائش کي منهن ڏنو.
بابا تمام گهڻا شفيق آهن. بابا اسان کي هميشه بهترين ڳالهيون سيکاريون ته محنت
ڪريو، حلال رزق ۾ برڪت آهي، انسان جي خدمت ڪريو اها ئي اصل عبادت آهي
بابا اسان ڀائرن
ڀينرن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. اڄ اسان جي هڪ ڀيڻ پي ايڇ ڊي ڪري قوم جي خدمت ڪري
رهي آهي، اها سندن تربيت جو نتيجو آهي. اسان جو سر فخر سان بلند آهي ڇو ته هنن ۵۰ سال ڪنهن به لالچ کان سواءِ سنڌ جي خدمت ڪئي.
آخر ۾ مان فخر سان چوان ٿو ته مان علي نواز ٻٽ جو فرزند آهيان. سندس زندگي اسان
نوجوانن لاءِ پيغام آهي ته سياست جو نالو اقتدار نه پر خدمت آهي. عظمت جو نالو
دولت نه پر دل آهي. بابا سائين هڪ مهينو اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ ڪالهه جسماني طور
اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس سياسي، قومي، عوامي ۽ هڪ آدرشي والد وارو
ڪردار هميشه اسان سان گڏ هوندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:
Post a Comment