Pages

14 June, 2022

عبدالقادر منگي

عبدالقادر منگي

شير مھراڻي



سائين عبدالقادر منگي صاحب سان منهنجي روبرو پهرين ڪلفٽن ۾ سندس فليٽ تي ٿي. آئون انهن ڏينهن ۾ سوجهري جو جوائنٽ ايڊيٽر هوس. تاج بلوچ صاحب هڪ ڏينهن چيو ته “شير! ادا عبدالقادر منگي جو انٽرويو ڪرڻو آهي.” ۽ مونکي منگي صاحب جو نمبر ڏيندي تاج صاحب چيو ته “کانئن وقت وٺو ته هلون.” (تاج صاحب منگي صاحب کي هميشه ادا ڪري مخاطب ٿيندو هو) مون منگي صاحب کي فون ڪيو ته انتهائي پاٻوهه مان چيائين “ڀلي اڄ شام ئي هليا اچو.” آئون، مختيار ابڙو صاحب ۽ تاج صاحب گڏجي منگي صاحب جي گهر پهتاسين. ٽي چار ڪلاڪ مسلسل ڪچهري/انٽرويو ٿيو. وچ وچ ۾ کائڻ پيئڻ جو دور به هلندو رهيو. مون کي هڪ پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيو ته هي منگي صاحب سان ڪا پهرين ملاقات آهي. مون جڏهن کين ياد ڏياريو ته”سائين اوهان اسان جي ڳوٺ اچي چڪا آهيو” ته پهريان حيران ٿيو پوءِ مون کين ياد ڏياريو ته “جڏهن ارلي نائينٽيز ۾ اوهان ڊي سي سکر هئا ته اسان جي ڳوٺ ۾ راڄپر پڻهيار تڪرار ٿيو هو.” سائين کي هڪدم ياد اچي ويو ۽ چيائين ته “انهن ڏينهن ۾ بئريسٽر ضمير گهمرو مون وٽ اي سي هيو.”


 سوجهري ۾ انٽرويو شايع ٿيو ته ڪجهه ڪاپيون کڻي سندس گهر ويس تڏهن به تفصيل سان ڪچهري ٿي. ان کان پوءِ به منگي صاحب ڪڏهن ڪڏهن فون ڪري ڪچهري لاءِ چوندو هيو. ڪافي ملاقاتون به ٿيون. منگي صاحب زندگيءَ ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا، پر سندس بردبار شخصيت سبب هو مونجھارن کي مڙسي سان منهن ڏيندو رهيو. ۽ هڪ ڪامياب ڪامورو ثابت ٿيو.

علم ادب سان سندس چاهه غير معمولي هو. مون دوستن جي ذاتي لائبريرين ۾ صرف منگي صاحب ۽ اڪبر لغاري صاحب جن جون لائبريريون اهڙيون ڏٺيون آهن جن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. منگي صاحب سرڪاري ڪامورو پنهنجي جاءِ تي هو، پر هو هڪ اديب، ادب پرور ۽ ڏاهو شخص پڻ هو. شيخ اياز جي ڪتابن واري رٿا مدد علي سنڌي صاحب جي مدد سان سي ايم سنڌ کان منظور ڪرايائين. ٿر تي وڏو ڪم ڪيائين، وتائي فقير تي ڪم ڪيائين ۽ پنهنجي آٽو بايوگرافي لکي هڪ ٻيو وڏو ڪم ڪيائين. مون کي پنهنجي آٽوبايوگرافي وارو ڪتاب ڏنائين ۽ کلي ڪري چيائين ته جن ٿورن ماڻهن سان آئون پنهنجو گهاٽو تعلق سمجهان ٿو ۽ انهن جون تصويرون مون هن ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، انهن ۾ تون به شامل آهين. مون چيو؛ “سائين اهو مون لاءِ اعزاز آهي.” ڪجهه ڏينهن سندس ڏنل ڪتاب پڙهي مون منگي صاحب کي فون ڪئي ته سائين ڪتاب ته تمام گهڻو خوبصورت لکيو اٿئو، جيڪو اڳتي هلي تاريخي حيثيت ماڻيندو پر سائين ان ۾ پروف جون چُڪون آهن. ٽهڪ ڏئي چيائين يار اهي ليکا نه ڪر، بلڪه ڀلائي ڪري اهي چڪون ساري مون کي ڪتاب ڏجان ته جيئن ٻئي ڇاپي ۾ درستگيون ڪجن. اهڙي ريت سائين منگي صاحب سان تمام گهڻي ويجهڙائي ٿي.

اڄ سندس ڪمهلي وڇوڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي.

مولا پاڪ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.. .

لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي (شاهه سائين)

 

(شير مھراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ جون ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


عبدالقادر منگي

بي وقار سماج مان هڪ باوقار شخص هليو ويو

رکيل مورائي

عبدالقادر منگيءَ صاحب عملداريءَ ۾ ڪيترا مرتبا ماڻيا ۽ پنهنجي سموري نوڪريءَ جي دور ۾ سنڌ کي ۽ ادارن کي ڇا ڏنو ۽ سنڌ کيس ڇا ڏنو اهو سڀ اڄ کانپوءِ سهيڙيو ويندو ۽ ممڪن آهي ته سندس زندگيءَ بابت پڻ ڪيترو مواد ڪٺو ڪيو وڃي جيڪو مواد سهيڙ کانپوءِ شايد سندس هٿ اکر لکيل ۽ اعليٰ نموني ڇپيل ڪتاب “مان جوئي آهيان، سوئي آهيان” کان به هڪ وڏو ڪتاب بڻجي وڃي پر ان سموري ڪتاب هڪ ڳالهه ته دنيا جي ادب ۾ شخص بابت ۽ اديب بابت لکيل انهن سوانحي ڪتابن وانگر چٽي ٿي بيهندي اها هيءَ ته انهن ڪتابن ۾ عبدالقادر منگيءَ بابت سمورو سچ جنهن کي نج سچ ڪوٺجي ٿو اهو نه هوندو.

انهيءَ ۾ اهو سڀ به شامل هوندو جنهن جو هڪ حصو منگي صاحب جي زندگيءَ سان لاڳاپيل هوندو، هڪ حصو سندس نوڪريءَ سان لاڳاپيل هوندو هڪ حصو سنڌي ۽ سنڌي ادب بابت سندس ڪيل خدمتن جو هوندو، هڪ حصو ساڻس ان سموري ڪيل عمل جي تعريف بابت هوندو ۽ هڪ حصو اهڙو هوندو جيڪو سندس زندگيءَ کان مختلف توڻي الڳ هوندو، اهو حصو انهن سمورن لکندڙن جو چاهيل هوندو ته اهو به منجهس هجي ها! اها انهن مڙني لکندڙن جي چاهيل خواهش هوندي، جيڪي سمورا منگي صاحب سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍيل هوندا هئا، پر ادب ۾ توڻي ادب کان الڳ شخصي زندگيءَ ۾ منگي صاحب جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ اهو آهي، جيڪو هن پنهنجي هٿن سان پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. ڇو ته اها سندس جيئري ئي ڇپي، ان تي سهمتيءَ طور توڻي اسهمتيءَ طور تمام گهڻو ڳالهايو به ويو ته لکيو به ويو هاڻ ان مان شخصن/ لکندڙن جي چاهڻ باوجود پنهنجي منشا/خواهش موجب ڪجهه الڳ ڪري پڙهي نٿو سگهجي ۽ اول آخر اهو سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ گهرجي.

ان کان ٻاهر اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو الڳ الڳ لکندڙن وٽ الڳ الڳ اظهار ماڻيندو ۽ لکڻ ۾ ايندو، اهو طئي آهي ته ان جو گهڻو حصو نيڪ خواهشن تي ٻڌل هوندو، ڇاڪاڻ ته منگي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا نيڪ (مذهبي دائري ۾) ڪم ڪيا جيڪي نه فقط سندس آتم ڪٿا ۾ ڄاڻايل آهن پر ان کان ٻاهر هڪ جيئرو جاڳندو وجود رکن ٿا. جيڪي منگي صاحب جي ڇهن فوٽن جي ننڍڙي قبر کان ٻاهر ڪيترو ئي وڏو دائرو رکندڙ آهن ۽ پڪ سان ان سموري دائري کي جڏهن لکت ۾ آندو ويو ته منگي صاحب جو چهرو وڌيڪ چٽو ظاهر ٿيندو ۽ سندس نيڪ /عملي ڪم جو قدر، سندس موجود بيهڪ ۾ سڀ کان گهڻو وڏو نظر ايندو.

هڪ ليک طور مون (شخصي) کان سندس اهو عمل ڪيئن وسري سگهندو ته مونکي صاحب هجڻ ڪتاب جو اعزاز بخشڻ وارو منگي صاحب هئو ۽ سنڌي شاعراڻي ادب جي تاريخ ۾ ممڪن آهي ته ڪن کي خبر نه هجي پر سنڌي جا پڙهندڙ نه وساريندا مها ڪوي شيخ اياز کي اعليٰ نموني محفوظ ڪرڻ واري اسڪيم لاءِ ڏوڪڙ سنڌ حڪومت جي خزاني مان ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڏنا هئا ۽ ان سموري اسڪيم کي خوش اصلوبيءَ سان مڪمل ڪرڻ وارو شخص سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي هلائيندڙ عبدالقادر منگي صاحب هئو جڏهن ان اسڪيم جي پهرئين جلد جي مک درشن تقريب ٿي رهي هئي ته، وزير به ٻيا هئا ته مشير به ٻيا هئا. وقت ۽ تاريخ ان سموري ميرانجهري ماٺار تان پاڻ ئي دز اڏائي ان کي چٽو ڪري بيهاريندي اهو اوس ٿيڻو آهي. اهو سمورو سندس ڪو نه هئو وقت جو آهي جيڪو سڀاڻ اچڻو آهي.

۽ منگي صاحب ان سڀ کان اڳ پنهنجا پنج ٻارڙا ۽ هڪ سگهڙ پڙهيل لکيل گهر واريءَ کي ڇڏي، سندن هر تعلق کان پري هليو ويو. ياد رهي ته اهو وڇوڙو ڪنهن به شخص جي عمر سان واسطو رکي ٿو. زندگي لڳاتار هلڻي آهي ۽ جيستائين زندگي هلندڙ آهي منگي صاحب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان وسري سگهي وقت کي شايد اهڙو قت نصيب نه ٿئي. عمر جي ڳڻپ ۾ منگي صاحب چوويهه نومبر اوڻويهه سؤ ستيتاليهن ۾ جنم ورتو ۽ ٻارهين جون ٻه هزار ٻاويهن ۾ ڪالهه اسان کان هن جڳت کان ڪڏهن به نه ملڻ لاءِ موڪلايو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ٿر ۽ عبدالقادر منگي

اسحاق مڱريو

هونءَ به اسان وٽ ڪنهن نئين ضلعي جي واڌ انتطامي معاملن جي بدران سياسي ايڊجسمينٽ جي بنياد تي ٿيندي آهي. ان ڪري جڏهن ٿرپارڪار ضلعو، هوندو هو. جنهن ۾ عمرڪوٽ به شامل هو ۽ ان جو هيڊڪواٽر ميرپور خاص هوندو هو. جڏهن ٿر جا ارباب ميرپور خاص واري ضلعي سياست ۾ وڌيڪ عرصو ايڊجسمنيٽ نه ٿي سگهيا ته، انهن “ٿر” جي نالي سان الڳ ضلعو منظور ڪرايو. (پوءِ اهو ضلعو ٿر مان پارڪر ڪيئن ٿيو، ان جو ذڪر اڳتي ايندو) ان ضلعي جو پهريون ڊي سي ته در محمد ڀٽي هو. عبدالقادر منگي ٿر جو ٻيو نمبر ڊي سي ٿي آيو هو. ان کان اڳم ٿر واسين وٽ مختيارڪار ئي وڏا صاحب هوندا هئا. جن کي مختيارڪار نه پر خانبهادر چوڻ جو رواج هوندو هو. ٿر ۾ جيڪڏنهن ڪنهن وڏيري وٽ ڪڏنهن خانبهادر جي منزل ٿي هوندي، ته اهو وڏيرو، وڻ گهوڙي نه جهلائيندو هو.

هونءَ ته عبدالقادر منگي گهڻن ئي ضلعن ۽ شهرن ۾ ڪامورو ٿي رهيو، پر الائجي ڇو ٿرپارڪر جي ماڻهن سمجهو، ته هو اسان جي پتي جو هو.هو جڏهن گذاري ويو ته ڪئين ماڻهن ان جي تعزيت ٿر جي ماڻهن سان ڪئي هئي. هو ڪو شايد ٽي سال کن عرصو مٺي ۾ ٿر جو ڊي سي رهيو. پر هن پنهنجي ايامڪاريءَ تي به فقط ٿر ۾ گذاريل ڏينهن جي يادگيرين وارو ڪتاب لکيو. ٿر ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته هتي جيڪو آفيسر ايندو آهي، ته به روئندو ايندو آهي ۽ ويندو آهي ته به روئندو ويندو آهي. فيس بوڪ جو ته اسان جي ماڻهن وٽ اڃان تصور به نه هو، اهو زمانو نه موبائل فون وارو هو ۽ نه سيلفي ڪلچر ايجاد ٿيو هو. پر هن وٽ اهڙو جادو هو، جو هڪڙي پروگرام جي زريعي واه واه ٿي وئي هئي. هن ۱۹۹۲ ۾ مٺي ۾ ٿر سيمنار ڪرائي اديبن، دانشورن، ليکڪن شاعرن ۽ صحافين کي ٿر ۽ پارڪر گهمايو هو. هن جي ڪيل سادي ۽ پيار واري ميزباني جي ڪري هو جلدئي وڏو پاپولر ٿي ويو هو. پر ٿر جي عام ماڻهن وٽ پاپولر ٿيڻ لاءِ هن کي ٿورو ٽائيم لڳو هو. هن جڏهن “گاڏيو لڪ” جي چاڙهي ۽ لاهي ٺهرائي هئي. ٿر جي عام ماڻهوءَ کي ڪنهن نئين ڊي سي اچڻ جي خبر تڏنهن پئي هئي. نئون ڪوٽ کان مٺي ويندي مٺيءَ جي ويجهو وڏي چڙهائي وارو گاڏيو لڪ ايندو آهي. ٿر ۾ ڪيڪڙي جي ڊرائيورن لاءِ پهريون امتحان گاڏيو لڪ تي ڪيڪڙو چاڙهڻ هوندو هو. جڏهن ٿر ۾ عام ۽ خاص لاءِ سواري ڪيڪڙو هوندي هئي ته، مسافرن ۽ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ننگرپارڪ جي شهرن ۾ سامان کڻي ايندڙ دوڪاندارن لاءِ وڏو آذار گاڏيو لڪ جي چڙهائي هوندي هئي.. عام طور تي ڪيڪڙن وارا سامان گاڏئي لڪ جي چڙهائي کان پهرين لاهي ڇڏيندا هئا ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن وري ٿاڻي بولا خان جي لڪ وانگر سواري به لهرائي لڪ ٽپي پوءِ ٻيهر ڪيڪڙي ۾ چڙهڻ لاءِ چوندا هئا. پر سامان وارن مسافرن کي ڊبل ڪرايو ڏئي پنهنجو سامان کڻائڻو پوندو هو. ٿر جي ماڻهن کي لوڪ داستان وانگر گاڏئي لڪ جي چاڙهي ڊهرائڻ وارو قصو ياد آهي. چيلهار جي ٺيڪيدار کي ڪم مليو، چيلهار جي ڪچي روڊ ٺهرائڻ جو. پر ڊي سي منگي صاحب ان ٺيڪيدار کي پهرين گاڏيو لڪ جي لاهي ٺهرائڻ جو پابند ڪيو. پوءِ جڏهن گاڏيو لڪ ٺهي ويو. پوءِ ته هر ڪيڪڙو بنان بريڪ جي پان پان، هارن وڄائيندو گاڏيو ٽپڻ لڳو هو. اهو ڏينهن ٿر جي عوام وٽ منگي، منگي ٿي ويو. هاڻ ته ٿر موٽري جهڙن روڊن وارو علائقو بنيل آهي، پر ٿر جي ماڻهن کي ان زماني کان ڊي سي منگي ياد آهي.”

علي احمد بروهي چواڻي: ڪامورو هئڻ سندس گذر سفر جو هيلو هو ۽ خلق خدمت جو وسيلو. باقي علم، ادب ۽ ثقافت آهي، سندس سڃاڻ ۽ شغل. پير ڏاڍو سدورو اٿس، جتي به وڃي پڙاءُ وجهندو ته، اتي جهنگل ۾ منگل ٿي ويندو. گهاري ۾ اي سي ٿيو، ته ڀنڀور تي سيمنار ڪرايائين، وري جو ٽنڊو الهيار ۾ بدلي ٿيو ته وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن وارين ڳالهين کي سهيڙڻ لاءِ کڻي سيمنار ڪرايائين. وري جو ٿر ويو ته “واريءَ کي وارو آيو”. ان کان سواءِ عبدالقادر منگي عملي طور اهو، اهم ڪم ڪيو ته، سڀني سيمنارز ۾ پڙهيل مقالن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو. (ٿر بابت پڙهيل مقالن واري “ٿر” ڪتاب جو ٽيون ڇاپو ڇپجي چڪو آهي) ٽنڊي الهيار ۾ وتايو لائبرري به جوڙائي. ته ساڳي ريت مٺيءَ ۾ شاه لطيف لائبرري قائم ڪيائين.”

هڪڙي دفعي حيدرآباد جي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ نصير مرزا چيو ته عبدالقادر منگيءَ جي حوالي سان مون وٽ ڪيترائي ماڻهو ڪمن ڪارين لاءِ اچن ٿا، پر آئون اهڙن سڀني ماڻهن کي چوندو آهيان، ته منگي صاحب منهنجو دوست ڪونهي. جنهن جي جواب ۾ عبدالقادر منگيءَ چيو هئس ته نصير سائين نوڪري اچڻي وڃڻي آهي. تون دوستي نه ٽوڙ،صدر مشرف هوئين ڪمشنريون ختم ڪري ڇڏيون آهن.”

۱۹۹۲ ۾ ٿر سيمنار جي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٿر ضلعي جي وضاحت ڪندي پارڪر جي تاريخي اهميت جو ذڪر ڪيو هو. ٿر ۾ پارڪر جو علائقو ارضياتي ۽ ٽاپوگرافي جي لحاذ سان هڪ الڳ خطو لڳندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهيءَ سيمنار ۾ چيو: هن ضلعي جو نئون نالو ٿر ضلعو، ٻيا ضلعا ٺهيا ته نالا به ساڳيا رهيا. جيئن نوشهرو فيروز، شڪارپور وغيره. پهرين هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر هو. بدليل نالو ٿر به سٺو نالو آهي. ان تي ڪو اعتراض ڪونهي.پر جيڪڏنهن ڪجهه سوچبو ته جاگرافي جي لحاذ سان يا سياسي لحاذ کان هن نالي ۾ وڏي اوڻائي آهي. ٿرپارڪر نالي جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪڙو ٿر، ٻيو پارڪر. ٿر واريءَ واري ڀاڱي کي چئبو “ڍٽ” ۽ پارڪر واري کي “پٽ”. لطيف چواڻي : “ڍٽ ڍري پٽ پيون، پاسي پارڪر”. ميين عنات چواڻي: اوريون ٿر اوري رهيو، پريون پارڪر.” انگريزن جي دور ۾ ٿر ۽ پارڪر ٻه الڳ ضلعا هئا. ۱۸۴۷ کان ۱۸۵۶ تائين ۹ سال اهي ٻئي ضلعا رهيا. هڪ سنڌ جي انتطام هيٺ ۽ پارڪر ڀڄ جي انتطام هيٺ.پارڪر ضلعي جو انتظام ريڪس ڀڄ جي گورنر جي ڪنٽرول ۾ ڏنل هو. ان مان ائين ڀانيو ويو ته هي ڪڇ جو حصو آهي. خود گورنر ريڪس پارڪر بابت لکيو ته غلط فهمي پيدا ٿي پئي آهي، ته هي شايد ڀڄ وارن جو حصو آهي.نه نه هي ڀڄ جو علائقو ڪونهي، پر پارڪر سنڌ جو حصو آهي.” ان ڪري جيڪڏنهن اسان پاڻ ٿر ضلعي جي نالي مان پارڪر ختم ڪري ڇڏينداسين، ته اهو شبهو پيدا ٿي پوندو ته پارڪر هن ضلعي جو ڀاڱو نه رهيو آهي. ان ڪري سرحدي علائقو آهي، ان ڪري جيئن اصلي ضلعو ٿرپارڪر هو، ان کي ان نالي سان قائم رهڻ ڏنو وڃي. ڊاڪٽر بلوچ جي انهيءَ تجويز کي عبدالقادر منگي ڊي سي طور سنجيده ورتو ۽ ٿر ضلعي جي اسٽيشنري جو خرچ ضايع ڪري ٻيهر ٿرپارڪر ضلعي وارو نالو سرڪار کان منظور ڪرايو.

ٿر قدرتي طور تي وڏي ڪشش وارو خطو رهيو آهي. ٿر جي ٽاپوگرافي فطري ميوزم وانگر لڳندڙ آهي. شيخ اياز هڪ دفعو ۱۹۶۷ ۾ ٿر ويو. پر سندس چواڻي ان جو سارو منظر منهنجي دل تي نقش ٿي ويو هو ۽ بار بار منهنجي شعر ۾ جهلڪندو رهيو آهي. جڏهن ڪارين راتين ۾ واريءَ جي ڀٽن تي ستارا ٽمڪندا آهن.ته واري ائين لڳندي هئي، جيئن ڪوئي ڪاري ايراني قالين کي ڇنڊي رهيو آهي. پوءِ ان ۾ ڪهڙي حيرت جي ڳالهه ته عبدالقادر منگيءَ کي اهو ٿر ڪيئن نه سڄي نوڪريءَ جي عرصي ۾ سندس دل تي بيٺل رهيو هجي. اهوئي سبب هو جو هن پهريون دفعو جڏهن نئون ڪوٽ قلعو ٽپي ٿر جي وارياسي واديءَ ۾ داخل ٿيو هو ته بي اختيار واتان نڪري ويو هوس، او بيوٽيفل!

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريش حيدرآباد ۾ ۲۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


عبدالقادر منگي

جنھن کي اسان ڊيل ڪارنيگي چوندا ھئاسين

احمد سلطان کوسو

سرڪاري نوڪري دوران سنڌ جي جن ادب سان واڳيل ڪامورن سان منهنجو واسطو پيو انهن ۾ سيد انوار حيدر جيڪو ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۶ع تائين لاڙڪاڻي جو ڪمشنر رهيو ۽ اردو ادب جو هڪ تمام وڏو نالو آهي. ان کان علاوه شمس جعفراڻي صاحب جيڪو لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو. گل محمد عمراڻي صاحب جيڪو سال ۲۰۰۱ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر شڪارپور رهيو. اڪبر لغاري صاحب جيڪو سال ۲۰۱۵ع ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو رهيو ۽ جيڪو پاڻ ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو آھي ۽ ادب ۾ تنقيد جهڙي ڏکي شعبي سان وابسته آهي ۽ محترم عبدالقادر منگي صاحب جيڪو ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ شروع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل ۽ بعد ۾ ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو رهيو. (بلڪل اهو ئي ساڳيو عهدو جنهن تي ويهين گريڊ ۾ گورنمينٽ آف سنڌ جو سيڪريٽري ٿيڻ کان اڳ راقم الحروف مقرر ٿيل هيو) جيڪو منهنجي اڄوڪي هن مضمون جو موضوع پڻ آهي. عڀدالقادر منگي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات سال ۱۹۸۸ع جي آخر ۾ ٿي جنهن زماني ۾ لاڙڪاڻو نئون ڊويزن مقرر ٿيو هيو ۽ آئون ان زماني ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ سنڌ سيڪريٽيريٽ ڪراچي ۾ ملازم هيس ۽ مونکي اها سرڪاري نوڪري سال ۱۹۸۷ع ۾ ملي هئي ۽ ان زماني ۾ سيڪريٽري سروسز اي ڊبليو قاضي صاحب هوندو هيو ۽ اي ڪي لوڌي صاحب اسان جو چيف سيڪريٽري مقرر ٿيل هيو. منگي صاحب سان منهنجي ملاقات جو سبب اهو هيو ته مان پنهنجي بدلي لاڙڪاڻي ڪرائڻ پئي چاهي ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ منهنجي پگهار هڪ هزار ٽي سؤ ستر رپيا هئي ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهڻ ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هيو. بهرحال منهنجي بدلي لاڙڪاڻي ٿي وئي ۽ مان ۳۰ مئي ۱۹۸۹ع تي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي اچي جوائن ڪيو ۽ ان وقت سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڪنور ادريس صاحب هيو ۽ ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر بهترين سي ايس پي آفيسر سائين ڪي بي رند صاحب هيو جيڪو پاڻ ھڪ ذهين ۽ شفيق انسان آهي جيڪو بعد ۾ جڏهن سردار علي محمد خان مهر (مرحوم) سنڌ جو وڏو وزير ٿيو هو ته ان دور ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ مقرر ٿيا هئا. هينئر ڪي بي رند صاحب ملازمت تان رٽائر ٿي چڪا آھن دعا آھي ته مولا کيس صحت ۽ سلامتي واري وڏي ڄمار عطا ڪري ڇاڪاڻ ته مونکي ڪراچي مان بدلي ڪرائي لاڙڪاڻي گهرائڻ ۾ ڪي بي رند صاحب جي خاص مهرباني شامل هئي.

هاڻي اچون ٿا موضوع طرف-

منگي صاحب جي شخصيت پرڪشش سحرانگيز خوش پوشاڪ ۽ خوشگفتار رهي هئي. ڳالهائڻ جو انداز شفيقانه ۽ اديبانه هيس ۽ منهنجي خوشنصيبي جو منهنجي اٽيچمينٽ به منگي صاحب سان ٿي هئي ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊيولپمينٽ پراگريس ۽ ڪوآرڊينيشن کي مان سنڀالڻ لڳس ۽ ان وقت وزير اعظم شھيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هئي. منگي صاحب پنهنجي اسٽاف جي لاءِ آفيسر هئڻ سان گڏ هڪ سکيا ڏيندڙ اداري جو به ڪم ڪيو جنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو مون سميت تقريبن ۲۰ سنڌ جا موجوده آفيسر منگي صاحب جي شاگردي مان پرائي سترهين ارڙهين ۽ اڻويهين گريڊ تائين پهتا آهن ۽ راقم الحروف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز آهي جيڪو سندس ڪنهن به ڪارنامي کان گهٽ نه آهي. منگي صاحب هر ماڻهو جي نفسيات پڙھي وٺندو هيو ۽ جيڪو ماڻهو کيس هڪ دفعو ملندو هو ته سندس سحرانگيز شخصيت جو ايترو اثر ٿيندو هيس جو اهو ماڻھو منگي صاحب سان بار بار ملڻ چاهيندو هو ۽ اسان منگي صاحب جي ان خاصيت جي ڪري پرپٺ کيس ڊيل ڪارنيگي سڏيندا هئاسين جيڪو هڪ مشهور ماهر نفسيات ٿي گذريو آهي.

هاڻي اچون ٿا منگي صاحب جي ادبي ڪاوشن جي پاسي ڏي-

عبدالقادر منگي جڏهن ٽنڊوالهيار جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ته هن اتي وتايو فقير تي هڪ سيمينار ڪرايو ۽ وتائي فقير جي زندگي جي حال احوال کي خوبصورت انداز ۾ سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ۽ وتائي فقير کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن سجاول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور مقرري ٿي ته اتي ڀنڀور تي هڪ وڏو سيمينار ڪرايائون. جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرري ٿي ته اتي به وڏا وڏا ادبي ميڙاڪا منعقد ڪرايائون ۽ تقريبن هر هفتي شاعرن اديبن سان خصوصي گڏجاڻيون ۽ ڪچھريون ڪندا رهندا هيا. شاعرن اديبن جي هڙان وڙان مدد به ڪندا رهيا. واجد منگي جهڙي شاعر کي پڻ ڪافي سپورٽ ڪيائون ان حد تائين جو ان کي پاڻ سان گڏ ٿر وٺي ويا ۽ پنهنجي حال سارو ان سان مدد ڪندا رهيا مدد به ان طريقي سان جيئن ان جي عزت نفس به مجروح نه ٿئي ڪڏهن ان کي عارضي نوڪري جو آرڊر ڏئي ان کي ڪانٽيجنسي مان پگهار کڻائيندا هيا ته ڪڏهن ان کي ڪنهن لوڪل ڪائونسل مان پگهار کڻائيندا هيا. واجد مرحوم پنهنجي خيال وارو ماڻهو هوندو هيو ۽ اڪثر ٿوري گهڻي ڳالهه تي منگي صاحب کان ناراض ٿي لاڙڪاڻي هليو ويندو هيو ۽ منگي صاحب ڳولي هٿ ڪري وري واجد کي ٿر وٺي ويندو هيو. عبدالقادر منگي صاحب ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر مقر ٿيڻ سان ئي ٿر تي هڪ وڏو سيمينار ۽ ميلو ڪرايو ۽ سنڌ جي سڀني سڄاڻ ڌرين شاعرن ۽ اديبن کي مدعو ڪيو ۽ ٿر جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن کي ڪافي متعارف ڪرايو ۽ ٿر سان کيس خاص محبت انس ۽ رغبت رهي. منگي صاحب پنهنجي تمام يادن کي سهيڙي هڪ شاندار آتم ڪٿا `مان جوئي آهيان سوئي آهيان` شايع ڪرائي ڪمال ڪري ڇڏيو. ڪتاب مان جوئي آهيان سوئي آهيان تقريبن سوا ڇهه سؤ صفحن تي مشتمل آهي ۽ همعصر تاريخ جو هڪ ڪارآمد دستاويز آهي. منگي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ سڄو حال احوال پنهنجي پوري سچائي سان ڏنو آھي. مصنف جتي وڏن وڏن ماڻهن وزيرن سفيرن جو ذڪر ڪيو آهي ته اتي لاڙڪاڻي جي جمعي فقير جهڙي درويش صفت انسان جو به ذڪرڪيو آهي جنهن منگي صاحب جي آتم ڪٿا کي عوامي رنگ بخشي ڇڏيو آهي. هونئن ته منگي صاحب جي ڪتاب جي مهورت ڪراچي ۾ ٿي هئي جنهن جي صدارت سينيٽ جي ان وقت جي چيئرمين رضا رباني صاحب ڪئي هئي ان باوجود به اسان ان ڪتاب جي حوالي سان ئي هڪ تقريب لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو لائيبرري هال ۾ رکي هئي جنهن جي ميزباني جا فرائض راقم الحروف ادا ڪيا ۽ اهو پروگرام سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو شاخ جي پليٽ فارم تان منعقد ڪيو ويو هو ۽ آئون ان وقت سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو شاخ جو سيڪريٽري هيس ۽ ان پروگرام جي صدارت مرحوم نثار احمد صديقي صاحب جن ڪئي جيڪي ان وقت IBA يونيورسٽي سکر جا وائيس چانسلر هئا ۽ ان پروگرام ۾ ڪتاب تي ڳالهائڻ وارن ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر احسان دانش، محمد علي پٺاڻ، پروفيسر ڄام جمالي، پروفيسر مختيار علي سمون، جيئل اوڏ، رئوف عباسي، ميڊم ناياب سرڪش، رضوان گل، انجم قاضي ۽ منظور علي منگي جن شامل هئا جن منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا ۽ منگي صاحب جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. ان کان علاوه عبدالقادر منگي صاحب جي ڪتاب ´ٿر` جو تازو ئي چوٿون ايڊيشن به شايع ٿي ويو آهي جيڪو روشني پبليڪيشن وارن جاري ڪيو آهي۔

عبدالقادر منگي صاحب هڪ ڪامياب سرڪاري آفيسر رهيو پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر, ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر , ڪمشنر ۽ سيڪريٽري شپ جهڙن وڏن عهدن تي رهيو جيترو سرڪاري نوڪري ۾ ڪامياب ۽ ڪامران رهيو اوتروئي ادبي دنيا ۾ به ڪامياب رهيو. تازو ئي ۱۲ جون ۲۰۲۲ع تي پنهنجي گهر وارن عزيزن دوستن ۽ مون ناچيز جهڙن عقيدتمندن کي وڇوڙي جو درد ڏيئي مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو الله تعاليٰ جي در اها دعا آهي ته مولا کيس درجات بلند ڪري ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ لواحقين خصوصن منگي صاحب جي وڏي فرزند انيس منگي صاحب کي صبر ِ جميل عطا ڪري۔.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا آن لائين ميگزين ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

Post a Comment