Pages

20 June, 2022

سھيل ابڙو

سھيل ابڙو

ساروڻيون- موت نه ماريا ڪاپڙي

فقير حاجن نظاماڻي




بي بقا زندگيءَ ۾ موت ھڪ تلخ حقيقت آھي، جيڪو ھر ڪنھن روح کي ھڪ جھڙو ملي ٿو، وقت ۽ حالتون تبديل ضرور ھونديون آھن، اھو وقت ھر روح کي جسم کان الڳ ڪري ٿو، پر ڪي روح جسم سان گڏ فنا نٿا ٿي سگھن، اھڙن ماڻھن ۾ سھيل احمد ابڙو به ھڪ ھو، ڀٽ شاھ ۽ ھالا شھر علمي ادبي سونھن جا شھر۽ مرڪز رھيا آھن، جتي ھر دور ۾ روشن ستارا اُڀرندا رهيا آھن، سھيل جي سونھن انھن جيان ھئي، جيڪا سندس نوجواني واري دور کان وٺي ڀٽ شاھ ۽ ھالا جي شھرن مٿان چمڪي رھي ھئي، سھيل سان منھنجي سڃاڻپ ۱۹۹۷ع ڌاري ٿي، جڏھن ھالا جي باشعور شھرين منشيات جي خلاف سگھڙن ۽ شاعرن جو گڏيل مشاعرو ڪرايو ھو، ان محفل جي صدارت بابا فقير غلام حيدر نظاماڻي ڪئي ھئي، ان محفل جي اسٽيج سھيل سنڀالي ھئي، سھيل جي آواز جي جادو جو ذڪر بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي سندس دوستن سان اچي ڪيو ھو، چون ٿا ته ڳالھائڻ جو فن به ھر ڪنھن ماڻھوءَ وٽ نه ھوندو آهي، اهو فن ڪنھن ڪنھن خدا جي ٻانھي کي رب سائين عطا ڪندو آھي، انھن مان سھيل ھڪ هو جنھن جي آواز ۾ ھڪ اھڙو اثر ھو جيڪو ٻڌندڙن جي ذھنن تي نشي وانگر سحر طاري ڪري ڇڏيندو ھو.



ڪي اَوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اُوڏا سپرين،

ڪي چڙھن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،

جئين مينھن ڪنڍيءَ پور، تئين دوست وراڪو دل ۾.

 لطيف سائين جو هي بيت اڄوڪي منافقي واري دور جي عڪاسي ڪري ٿو، ڪي اھڙا ماڻھو جيڪي ھر وقت اوھان سان گڏ ھوندي تمام گھڻا پري ھو ندا آھن، ڪي وري اھڙا ماڻھو ھوندا آھن جن کي ياد ڪندي ياد نٿا اچن، ته ڪي پري ھوندي به وري دل تان بلڪل نٿا لھي سگھن، جئين مينھن ڪنڍي جو پور ھوندو آھي يعني سنڱن ۾ ور يا وراڪو ھوندو آھي، تئين دوست دل ۾ وري وري ياد پون ٿا، ويجھي ھوندي ڪي ماڻھو ڪيترا ميل پري رھن ٿا، ته ڪي وري سوين ڪوھ پري ھوندي به ۾ گڏ ھوندا آھن، اھي نه صرف انسان ھوندا آھن پر اُھي ماڻھو ڪردار ھوندا آهن، جيڪي اندر ۾ رھن ٿا، موت جسماني ڪا وڏي ڳالھ ناھي پر ڪردار کي حياتي ۾ موت اچي سگھي ٿو، جنھن جو وڏو نقصان ھوندو آھي پر اعلى ڪردارن کي موت نه ايندو آھي، پر چون ٿا ته ڪي ڪردار ھميشه زندھ رھڻا آھن، انھن جي خوشبو ھانءُ ۾ ھڳاءُ وانگر رھي ٿي، شاعر سائل لاکي جي ياد ۾ ٿيل پروگرام جيڪو اسان جي آستاني تي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ٿيو ھو، ان پروگرام جي اسٽيج کي به سھيل ھلائي رھيو ھو، اڄ به اُھو آواز سھيل جو ڪنن ۾ گُونجي رھيو آھي، (چُوڙو نه چُوڙو، خواب اڌورو ڪوڙو ھو)، زندگي جو چُوڙو ته ڪوڙو ئي لڳي ٿو، ھزارين ھليا ويا ڇڏي شان شاھي، ھلي ڪان دنيا ۾ ڪنھن جي ھميشه بادشاھي، ماري موت ڇڏيا ڪئي راڻا، وڃي پھتا ڪاري ڪلر ۾ جيڪي ھئا ھميشه سيجن تي سيباڻا ھئا، رب سائين جو نظام ته ھلڻو آھي، فقير چون ٿا ته اسان ھن دنيا جا واسي نه آھيون اسان ھتي رھي نه رھيا آھيون، اسان ھن دنيا مان گذري رھيا آھيون، چون ٿا ته انساني روح ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري آيو آھي، اڃان سفر اڳتي ڪرڻو اٿس.



رڻ پسيو رونشا ڪرين، گورا گراڻو،

ڪُٽينديئي ڪامن سين، راھ مٿي راڻو،

ھيڪر ھالاڻو، تنھنجو ڪرھا ٿيندو ڪاڪ تي.

لطيف سائين ھن بيت ۾ اسان کي ھدايت ڪئي آھي ته تنھنجو روح تنھنجي اختيار ۾ ناھي ٿورو خيال ڪر ھل، ھن دنيا ۾ مسستيون نه ڪر، ھڪ ڏينھن تنھنجي حساب جو مقرر آھي، ھڪ دفعو تون پنھنجي آخري منزل ڏانھن روانو ٿيڻو آھين، ان گھڙي جي لاءِ به تياري ڪري وٺ، ڪا نه ڪا بيماري، ڪو نه ڪو اوچتو حادثو تنھنجي انتظار ۾ آھي جيڪو توکي ھن دنيا مان وٺي ويندو، قليل زندگي جي ڌارائن ۾ حياتي پنھنجي انجام تي پھچڻي آھي پر ڪي ماڻھو ھميشه جي لاءِ ھن دنيا ۾ گھاٽي وڻ جيئان ھوندا آھن، انھن جي ڇانءُ ھوندي، ھر ڪنھن کي آسيس ڏيندا آھن، انھن مان پنھنجائپ محسوس ٿيندي رھي ٿي، اسان جو ساٿي سھيل به ڪجھ اھڙي ريت ھو، جنھن جو روح ھميشه پيار ۽ محبت سان ڀريل ھوندو ھو، کلندو رھندو ھو، ٻين ۾ مسڪراھٽون پکيڙڻ وارو ھي سلڇڻو دوست اسان کان ائين اوچتو ھليو ويندو، بلڪل ان جو اندازو نه ھيو ته، لطيف سائين جي نگري ۾ ھلندڙ ريديو ايف ايم تي سھيل جو پروگرام دلي سڪون ڏيندو ھو موسيقي ھلڪي ھلندي ھئي پر سھيل ڳري آواز ۾ خوشبو ڦھلائيندو رھندو ھو، خوشبو جي سنگ، سنگ، پرگرام ۾ به ائين، محسوس ٿيندو ھو ته سھيل جي خوشبو اسان تائين اچي رھي آھي.

جَر تي ڦوٽو جئين، لڳي لھر اڌ ٿئي،

تون پڻ آھين تئين، ڪو دنيا ۾ ڏينھڙو.

لطيف سائين جن فرمايو آھي ته جئين برسات يا ندي جو، درياهه جو پاڻي ھيٺ ڪرندو آھي ان مان بلبلا نڪرن ٿا، انھن بلبلن جي مٿان وري پاڻي اچي ٿو اُھي بلبلا ڦاٽي پون ٿا، وري ٻيا ٺھن ٿا، اسان کي به لطيف سائين ائين سمجھايو آھي ته تون ڪا گھڙي ھتي آھين، ٿوري دير لاءِ آيو آھين، سنڌ سڄي موذي مرضن کي پالي رھي آھي، جنھن ۾ ڪاري سائي، جگر جا مرض، ڪينسر جھڙا لاعلاج مرض عام آھن، پاڻي جيڪي جر جي پاڻي جي تبديل ٿيڻ ڪري عام ٿي ويا آھن، ھر ڳوٺ، شھر، پاڙي، گھر ۾ اھڙا مريض عام آھن، افسوس ٿيو جو اسان پيارو دوست سھيل ابڙو جيڪو جگر جي مرض جي ڪري اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو، جنھن جي روح کي رب سائين اعلى جنت ۾ مقام عطا ڪري، سھيل ابڙو جي گھڻ رُخي شخصيت جا سڀ پاسا انمول ھئا، استاد ھئڻ سان گڏ شاعر، ڪمپيئر، سان گڏ دوستن وٽ ميلا مچائڻ جو سھيل وٽ ھڪ فن ھو، ھرڪنھن کي ھلڻو آھي ھن دنيا مان، اسان جي زندگي به قليل آھي، پر ڪو ڪم اھڙو ڪري وڃجي ته جئين اسان جي ڪردار رنگ ڪي گھڙيون قائم رھي، ھميشه رھڻ واري ذات رب سائين جي آھي، ان کانسواءِ ھر شيءِ جو وجود فنا ٿي ويندو پر ڪي زنده دل انسان ھميشه ماڻھن جي دلين ۾ باقي رھجي ويندا آھن.

جوڳئيڙا جھان ۾، نوري ۽ ناري،

ٻري جن ٻاري، آئون نه جئيندي ان ريءَ.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment