الياس ٿري
ڌرتي ۽ سرتي جو عاشق
ڀارومل
امراڻي سوٽهڙ
داغستان جي البيلي
شاعر رسول حمزه توف چيو آهي ته؛ قلم جا ڌڻي قومن جي باه جا رکوالا هوندا آهن. لطيف
سائين به فرمائي ٿو ته؛ اندر جنين باه، سڌ سڀڪا تن کي.
الياس ٿري اهڙن
فردن جي فهرست ۾ شامل آهي، جن قومن جي باه جي رکوالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. الياس
ٿري منهنجو پيارو دوست رهيو آهي، اسان ڪيترائي ڏهاڙا گڏ گذاريا آهن، خانصاحب عبالڪريم
پلي چوندو هو ته “مون کي لفظ غير جانبداري سمجهه ۾ نٿو اچي، اها ڪهڙي بلا آهي؟ ڇا
ماڻهو به غير جانبدار ٿيندو آهي؟ اسين طرفدار آهيون سنگت جا، ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪريون
وري به دوستن جو پاسو کڻي وينداسين، ڪمي ڪوتاهي تي ڍڪ رکي وينداسين.”
آئون هن جي شخصيت
توڙي تخليق، تحقيق ۽ صحافتي ڪم ڪار کي فٽ پٽي سان ماپي نٿو سگهان، مکڻ مان وار ڪڍڻ
وارو ڪم ڪو ٻيو ڪري سگهي ٿو. آئون الياس ٿري لاءِ ڪجهه ڳالهيون دل جي دفتر مان
اوريان ٿو، الياس ٿري هڪ صحافي سان گڏ شاعر ۽ سياسي سماجي ورڪر پڻ آهي،
۲۱ مئي ۱۹۷۳ع ۾ نيو ڇور ۾ حاجي اڪبر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ الياس پنهنجي مختصرعمر ۾ وڏو
پنڌ ڪيو آهي، هن سانوري نوجوان نيوڇورمان اخباري رپورٽرطور سنڌي صحافت ۾ پير رکيا
پوءِ تعلقي، ضلعي جي فيلڊ کان وٺي اخباري ادارن تائين پهتو، سڄي سنڌ ۾ هڪ جاکوڙي
صحافي طور سڃاڻپ ڪرائي. هر هنڌ پنهنجي پيشي سان نڀائيندي محنت ڪئي آهي. سنڌي صحافت
جي دنيا پنهنجي ماضي کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪنهن به اخبار ۾ اها خبر نٿي
ڇپجي ته حد جي صوبيدار کي چنڊ جهڙو پٽ ڄائو آهي. انهي منزل تي آڻڻ ۾ الياس جهڙن
چند چرين جي محنت آهي، هڪڙو دور هوندو هو جنهن ۾ امداد سومري جي لفظن ۾ “اخباري
ادارن جي مالڪن پاران روزگار کان محروم نوجوانن جي مجبوري مان فائدو حاصل ڪرڻ، ڪارڪن
کي ٿورو پگهار گهڻا دڙڪا ملڻ، صحافين جو ڊي او کان وٺي وزير تائين پي_آر ٺاهڻ، منٿلي
۽ خرچي جو خانو فٽ ڪرڻ، ايڊيٽر پاران ايڊيٽوريل نه لکڻ، پگهار نه ملڻ تي فون فيڪس
۽ رڪارڊر چوري ڪرڻ، ماکي ۽ آچار جا تحفا تاڙڻ جهڙو وهنوارهلندو هو.” اتي چند آڳرين
تي ڳڻڻ جيترا نوجوان آيا، جن پيشوراڻا اصول جوڙي سنڌي صحافت کي نئين صورت ڏني. پر
ساڳي وقت پنهنجو ايمان سلامت رکيو ته عشق به سلامت رکيو.
گهڻن دوستن جو چوڻ
آهي ته الياس ٿري پنهنجي صلاحيتن سان تمام تيزي سان ترقي ڪئي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي
۾ پنهنجا پير ٽڪائي نه سگهيو. وڏا موقعا مليا پر هن واپس ڳوٺ ڏانهن موٽ کائيندي ڪڏهن
دير نه ڪئي آهي. شايد پويان ڪنهن ماروئل جي ميار ماري وجهندي آهي ته؛
ڍولا تين سين ڍور ڀلا
چري جهنگل روگاس،
ڏن انٿوئي سانجهه پڙي
ڪرين گهران ري آس
(ڍولا تو کان ڍور ڀلا
آهن، جيڪي جهنگ جو گاه کائين ٿا پر سج لهندي سنجها سان گهر موٽڻ جي آس ڪن ٿا)
ان ڇور واه جون ڇوليون
ياد اينديون آهن جنهن جي لاءِ حليم باغي چيو آهي ته؛
“ڇور واه جون
ڇوليون البيليون، اڻموليون”
يا گلشن ننده جي
ناولن ۽ ڪوي بانڪيداس جي ڪوتائن جهڙي هن شهر جا عڪس هانءُ ۾ هرندا آهن جنهن شهر کي
بابا نصرالله ولي جي دعا ٿيل آهي. هن شهر ۾ جڏهن نارائڻ سنگهه سوڍو گهوڙي تي چڙهي
شهر جي ڀرپاسي ڍنڍ ڏانهن وڌندو هو ته کيهه جا واچوڙا آسمان سان ڳالهيون ڪندا هئا، پارکو
ماڻهو سمجهي ويندا هئا ته پڪ سان سوڍو نارائڻ سنگهه گهوڙي تي چڙهي اچي پيو. هاڻي
انهي ڪڙم مان دلپت سنگهه سوڍوڏياري جي ڏڻ تي گهوڙي سواري ڪري ته گهوڙي جي تيز پاٽولي
تي نارائڻ سوڍي جي سار گهڻن کي روئاري وجهندي آهي. يا هن کي اهو چمن راٺي چت تي چڙهندو
آهي، جنهن وٽ ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ عبدالواحد آريسر به پنڌ ڪري ايندو هو. متان ائين ڪونهي
ته سردارسنگهه سوڍي جي ڪوڏي راند ۽ خميسي چانهيئي جو ڪوڏي ڪوڏي چوڻ ياد ايندو آهي
روح رمڻ جي لاءِ ڇڪجي پوندو آهي.
جديد سنڌي شاعري جي
سگهاري نانءُ شيخ اياز جي ڪتاب “ڀئونر ڀري آڪاش” تي جڏهن بندش پئي هئي تڏهن ڪراچي
جي هڪ انگريزي اخبار ايڊيٽوريل لکيو هو جنهن جو عنوان هو؛”شاعر مصيبت ۾” الياس ٿري
شاعري جي ڪري نه پر صحافتي ذميواريون نڀائيندي ڪيترائي ڀيرا مصيبت جي منهن ۾ ويو آهي،
“صحافي مصيبت ۾” وارو اصطلاح الياس ٿري جي لاءِ مشهور ٿيو آهي. پر الياس ٿري جو ڪردار
هيمنگوي جي ناول” گهنڊ ڪنهن جي لاءِ وڳو”جي هيري جهڙو رهيو آهي. پنهنجي جان جوکي ۾
وجهي پنهنجن پيارن کي پنهنجي جان بچائن لاءِ چوي ٿو. الياس ٿري پنهنجي قلم کي
اثاثي کان وڌيڪ ذميواري سمجهيو آهي. الياس ٿري صحافين جي ان ٽهي سان تعلق رکي ٿو
جنهن ٽهي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾رهندي اهڙي شاعري پڙهي هئي ته؛
• ڪڇ تو تيري
موسم ئي مجهي راس ڪم آئي
اور ڪڇ ميري مٽي
مين بغاوت بهت ٿي
• ڪڇ شهر دي
لوڪ وي ظالم سُن
ڪڇ سانوُن مرڻ دا
شوق وي سي
• مان ڏوهي
هان مان ڏوهي هان
مون ڏوهه ڪيو آڏاڍن
جو
• جي جيون تو
۾ سنڌ نه آ، ته منهنجي توکان دوري آ
هي جيون جيون ڇاهي،
جيل جت سوري آ
• هُن کي هٺ
هو هٺيلا بي ڏوهي سر وڍجن
اسان کي ڊپ هو عشق وارن
تي ميار نه اچي
عالمي تاريخ ٻڌائي ٿي
ته مسولني ۱۹۲۶ع ۾ هڪڙي نظرئي جي شروعات ڪئي ته جنهن جو حاصل مطلب هو ته حڪومت کان ڪجهه
به ٻاهر نه هجي، حڪومت کان مٿانهون ڪجهه نه هجي، حڪومت جي خلاف ڪجهه نه هجي، هر ڳالهه
حڪومت جي لاءِ هجي. انهي نظريي تي ۱۹۲۹ع ۾ اسٽالن باقائده عملي طور تي عمل ڪيو. پر ان جو نتيجو
ڇا نڪتو!؟ علم سياست جو عام شاگرد چڱو خاصو ٻڌائي سگهي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي
ذهنيت رکندڙ حڪمرانن کي الياس ٿري جهڙن صحافين جڳ مشهور فلاسافر ۽ اديب ول ڊيورانٽ
جي لفظن ۾ واضح ڪيو ته “هر اسرندڙ طبقو معاشري ۾ موجود رواجن کان مطئمن نه هوندو
آهي ته هو انهن کان بغاوت ڪندو آهي.”
مون کي الياس ٿري
جي حوالي سان مکيه ڳالهه اها ڪرڻي آهي ته گرو رجنيش چوي ٿو ته توهان شاعر کي واکاڻيو
جنهن گيت لکيو، مصور کي واکاڻيو جنهن نقش تراشيو، پر عاشق کي بي حد واکاڻيو جنهن
جي اندر حساس دلي جا سمورا احساس ٿين ٿا، هو دنيا کي پريم جو نگر ڏسڻ چاهي ٿو، سو
الياس ٿري جي واکاڻ اچو ته انهي ڳڻ تي ڪريون ته هو ديس ڌرتي ۽ سونهن سرتي جو هڪ عاشق
پڻ آهي، هي جو ڪجهه ڪري ٿو، اهو پيار محبت جي تمنا ۾ ڪري ٿو، هن چاهت جي راحت جي ڳولا
۾ ڀوڳيو آهي، الياس ٿري جي هڪ نظم جو بند آهي ته
اسان کي ڀل سزائون ڏي،
پر پنهنجون ادائون ڏي
اسان جڳ سموري ۾
جانان
بس تو کي ئي چاهيو
هن جي وائي جون سٽون
آهن ته
هلي آ ڪوئي هولي
رنگ هاري
تنهنجي وارن ۾
ٿڪل مسافر شام ٿو ٺاري
تنهنجي وارن ۾
حليم باغي ۽
عبدالواحد آريسر جي شخصيت کان متاثر الياس ٿري هڪ خوددار شخص آهي، هن ڪڏهن به نوڪري
۽ پئسي تي سمجهوتو نه ڪيو آهي پر هن صحافت سان اهو سمجهوتو ضرور ڪيو آهي ته هو
شاعري جون سٽون نه سرجندو. هن جي اندر جا اجرا خيال ڪالمن ۾ ڪومائجي ويندا آهن.
“ڪو انقلاب
ساٿيو” ۽ “جيئڻو ٿو پوي “جهڙن گيتن کي بي اختياري ۾ جهونگاريندڙ الياس ٿري جي ننڍپڻ
۾ استاد، سماجي ورڪر ۽ شاعرنندلال نندن ۽ شنڪرساگر تربيت ڪئي ته نوجواني ۾ اقبال
ملاح، معشوق ملاح، سهيل سانگي، حسن مجتبي، امداد سومري، اظهار سومري، ناز سهتي جهڙارهنما
مليا، جن رچائي ريٽو ڪيو آهي. ڳوڙهن ۽ غمن جو شاعر سائينداد ساند الياس ٿري کي دل سان
ڀائيندو آهي. آئون آخر ۾ الياس ٿري جي لاءِ سنڌ جي خوبصورت شاعر سائينداد ساند جون
سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو ته
جهڙو آهين بهترآهين
منهنجي من جو محور
آهين
پيارا الياس ٿري
جنم ڏينھن جون وڌايون
(ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
Post a Comment