ڪرامت علي
راهه گذر تو ديکهو
اسحاق سومرو
ڪرامت علي پاڪستان
جي کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ، مزدور جي حقن، خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ، هر
وقت سرگرم ۽ سفر ۾ رهندڙ هڪ متحرڪ ڪردار آهي. سندس والدين ملتان جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ
۾ رهندا هئا. سندس والده ۽ ڀينر هوم بيسڊ ورڪر هيون. هن خاندان ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکي
زندگي گذاري. والده جو تعلق مشرقي پنجاب جي گرداسپور واري علائقي سان هو. سندس
والد شيعو ۽ والده سني فرقي سان لاڳاپيل هئا. والد، ڪرامت علي کي صلح جي، والده
وري مزاحمت جي تربيت ڏني.
ڪرامت علي جي زندگي
جو احوال، ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد ڪيترا ئي ڪلاڪ طويل رڪارڊ ٿيل گفتگو
کي اردو ۾ (راه گذر تو ديکهو) جي نالي سان شايع ڪرايو آهي، جيڪو ڪراچي ۾ قائم ٿيل
هڪ متحرڪ ترقي پسند ۽ عوام دوست ويزن سان قائم ڪيل تحقيقي اداري انسٽيوٽ آف هسٽاريڪل
اينڊ سوشل ريسرچ پاران شايع ڪرايو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪرامت علي جي ۶۰ سالن کان جاري جدوجهد، تجربن، مشاهدن توڙي
ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن جو احوال سٺي نموني سان قلمبند ڪيل آهي. انٽرويو جي شڪل
۾ مرتب ڪيل هي ڪتاب ڪرامت صاحب جي سوانح حيات ته نه آهي پر هن جي تجربن ۽ مشاهدن
جو تفصيل سان احاطو ٿيل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ سندس ذاتي زندگي جو جزوي ذڪر ڪيل آهي.
ڪرامت علي جي سياسي
زندگي جي شروعات ڪاليج واري زماني کان شروع ٿئي ٿي، جيڪو ايوب خان جو سٺ وارو ڏهاڪو
هو. کيس ڪراچي کان شهر بدر ڪيو ويو. انهي دوران سندس سياسي تربيت، جيل جي صعوبتن
کيس سياسي ورڪر ۽ مزدور دوست بڻائي ڇڏيو. ملتان جي پبلڪ لائبرري ۾ ويهي پڙهيل خاص
طور تي ترقي پسند ادبي، سياسي ڪتابن سندس سوچ تي گھرو اثر ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي
تاريخ ۾ اهو سٺ وارو ڏهاڪو هونئن به اهم سمجهيو ويندو آهي. انهي دور ۾ شاگرد
جدوجهدون، مزدور يونين جو ٺهڻ، شهري آزادي لاءِ جاکوڙ، ۱۹۶۷ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيام ان ڏهاڪي جا
وڏا واقعا هئا، جن اڳتي هلي ملڪي سياست ۾ خاص طور تي کاٻي ڌر جي اثر کي نمايان ڪيو.
ڪراچي جي ايس ايم
سائنس ڪاليج ۾ تعليم دوران اتان جي نامياري استاد انيتا غلام علي جي سوچ جو مٿس
گهرو اثر ٿيو. جيڪا پاڻ به سياسي طور تي سرگرم رهندي هئي. انهي دوران هن پاڻ فيڪٽري
مزدور طور عملي زندگي جو آغاز ڪيو، ان سان گڏ ليبر يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو
ورتو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ روپوشي ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت
گرفتاري، کيس سياست جي ميدان ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو. ڪرامت علي تي لکيل هن ڪتاب
۾ ۱۹۶۲ع کان ۱۹۷۹ع تائين جي سترهن سالن جي ملڪي سياسي وايومنڊل جو سربستو احوال ملي ٿو.
جنهن ۾ جمهوريت تي راتاهن، ڊڪٽيٽرن طرفان فوجي راڄ ذريعي عوام تي آمرانا حڪومت ڪرڻ
جو احوال پڻ تفصيل سان ملي ٿو. اهڙين بد ترين حالتن ۾ ڪرامت علي ۽ سندس ساٿين جو ڄمي
مقابلو ڪرڻ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪرامت علي چواڻي ته ۱۹۷۰ ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو ته کاٻي ڌر جيڪا خاص
طور تي مائوسيٽ فڪر جي هئي انهن اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته هو
انقلاب آڻڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ان اليڪشن ۾ ڪامريڊ حصو وٺن ها ته پيپلز پارٽي کان ۳۰ کان ۴۰ ڄڻن کي ٽڪيٽون ملن ها ۽ اليڪشن به کٽي پئي سگهيا. ڪرامت علي جو هي انٽرويو
تي ٻڌل ڪتاب، جنهن ۾ ماضي جي يادن، مشاهدن، تجربن جيڪي اڄ جي ماضي جي تاريخ آهن،
کي سندس ئي زباني پيش ڪيو آهي. هي هڪ زباني تاريخ آهي جيڪا ڪتابي صورت ۾ ٻڌائي وئي
آهي.
ڪرامت علي ۱۹۷۹ع انٽرنيشنل مارڪسٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ورڪرز ايسوسيئشن قائم ڪئي، جنهن جو مقصد ليبر موومينٽ کي معاشري ۾ بنيادي تبديليءَ
جي ڪم سان ڳنڍيو وڃي. جتي اهڙو معاشرو هجي جنهن ۾ محنت ڪرڻ وارن کي پنهنجي پورهئي
جو صحيح معاوضو ملي. انهن جا مڙئي بنيادي حق ۽ سهولتون، معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم
هجي، جيڪا انصاف واري معاشري جي مکيه گهرج آهي. ڪرامت علي ۱۹۸۳ع ۾ هالينڊ جي انسٽيٽيوٽ آف سوشل اسٽڊيز مان
ليبر اينڊ ڊولپمينٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن مزدورن لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ
آف ليبر ايجيوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر) جهڙو شاندار ادارو قائم ڪيو. جيڪو ٽن ڏهاڪن
کان مزدورن جي حقن، انهن جي لاءِ قانون سازي، سندن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خطي جي ٻين
ملڪن هندستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان مان دانشور ۽ ماهر گھرائي وڏيون ڪانفرنسون
منعقد ڪرايون، جنهن ذريعي اهو پيغام ڏنو ته خطي ۾ جنگوازم ۾ اسان جي مسئلن جو حل نه
آهي، امن ۽ نيوڪليئر فري زون ئي پائيدار امن لاءِ ضروري آهي.
ڪرامت علي نامياري
سياسي اڳواڻ ميرغوث بخش بزنجي سان ويجهو رهيو. صادقين سان گڏ ڪم ڪيائين، کانئس
تمام گھڻو سکيو. فيض احمد فيض، حبيب جالب، پروفيسر قرار حسين، ٽوني بين، سوڀوگيانچنداڻي،
رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر اختر حميد خان، جسٽس دوراب پٽيل، ايم بي نقوي، بي ايم ڪٽي،
عثمان بلوچ، مرزا ابراهيم، نبي احمد، راحت سعيد، غلام ڪبريا، فرحت سعيد سان به
سندس ويجهي قربت رهي. جن وٽان کيس تاريخ، مارڪسزم، ڪميونسٽ موومينٽ، انقلاب روس
متعلق پڙهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. پائلر جي پليٽ فارم تان ڪرامت علي، ڏکڻ ايشيا جي
ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن ۽ جنگين کان پاڪ ماحول لاءِ پڻ جاکوڙيندو
رهيو آهي. هن هندستان جي نامياري سوشل ورڪر، سياستدان، نرملاديش پانڊي سان ٻنهي ملڪن
۾ دوستي ۽ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. جيڪا راجيه سڀا جي ميمبر هئي، نرملاديش سکن خلاف
فسادن، بابري مسجد، ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪئي، ڪيترا ئي دفعا پاڪستان پڻ آئي. هن
وصيت ڪئي ته ھن جي راک کي پاڪستان جي دريائن ۾ وهايو وڃي. ڪرامت علي سندس آخري
وصيت کي پورو ڪندي نرملا جي راک کي ساڌ ٻيلي وٽ سنڌوءَ جي لهرن حوالي ڪيو.
ڪرامت علي اڄ به
مارڪسي خيالن ۾ پڪو ۽ پختو آهي. چوي ٿو ته اسان کي پنهنجي سماج کي سمجهڻ لاءِ، ان
جو تجزيو ڪرڻ لاءِ مارڪسزم کان ڀرپور رهنمائي وٺڻ کپي. جمهوريت جو استحڪام تمام
ضروري آهي. سماجي انصاف، غربت جو خاتمو شرف انسانيت جي بحالي ۽ ان کي روشن خيالي
سان همڪنار ڪرڻ لاءِ لازمي عقليت پسندي ۽ سائنسي طرز فڪر جي حامل هئڻ کپي.
ڪرامت علي جو شروع
کان ئي تعلق کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) سان
هو، انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جماعت اسلامي جي زيلي تنظيم جمعيت جو راڄ
هوندو هو. يونيورسٽي جي ڪنوينشن دوران جمعيت جي شاگردن ڪرامت علي جو گهيرو ڪري کيس
وڏي پٿر سان مارڻ پي چاهيو ته ان وقت ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ايس اين ايس ايف جي
سرگرم ميمبرياڻين مهناز رحمان ۽ نسرين ٽالپر (ڌي ميرعلي احمد ٽالپر) رڙيون ڪري
حملي آورن کي ڀڄائي ڪڍيو، جنهن سان ڪرامت علي جي جان بچي وئي.
ڪرامت علي سمجهي ٿو
ته مارڪسزم ڪو عقيدو نه آهي. اسان وٽ وڏي مصيبت آهي ته، اسان يا ته ڪنهن به شيءِ
کي بلڪل نه مڃون يا هر شي کي عقيدو بڻائي ڇڏيون. عقيدي تي غور ڪرڻ جي ضرورت ئي نه
هوندي آهي، اکيون بند ڪري يقين ڪيو ويندو آهي. هتي به مارڪسزم کي عقيدي وانگر ورتو
ويو، وري ان جا فرقا بڻجي ويا، وري ان جا ملا ٺهي ويا. جڏهن ته ماڪسزم پنهنجي
اردگرد کي سمجهڻ لاءِ هڪ مناسب ۽ ڪارآمد سائنٽفڪ ٽول آهي، جنهن کان رهنمائي ورتي وڃي.
ڪرامت علي جي پهرين
شادي سندس ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ اصغري جيلاني سان ۱۹۷۰ ۾ ٿي، ٻي شادي مشهور ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني
سان ۱۹۷۶ ۾ ٿي. شيما ڪرماني پڻ کاٻي ڌر جي انهن ڏينهن ۾ سرگرم ڪارڪن هئي، جنهن سان
گڏ ڪرامت علي ڪجهه عرصو لنڊن ۾ پڻ گذاريو. ڪرامت علي دنيا جي ڪيترن ملڪن جن ۾ آمريڪا،
ڪئناڊا، ڪوپن هيگن ۽ فرانس ۾ عالمي ڪانفرنسن، سيمينارن، ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. هن جي
فلسطين جي گوريلا ۽ هوائي جهاز کي اغوا ڪندڙ خاتون ليليٰ خالد سان پڻ ملاقات ٿي،
جنهن کيس پنهنجو هائي جيڪنگ تي لکيل ڪتاب آٽوگراف سان ڏنو، جنهن تي کيس لنڊن جي
ايئرپورٽ تي ڇهن ڪلاڪن تائين روڪي رکيو ويو، محض انهيءَ ڪري ته وٽانئس ليليٰ خالد
جو آٽوگراف مليل ڪتاب برآمد ٿيو هو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment