Pages

03 August, 2021

شهيد قيوم منگي

قيوم منگي

ڪير سڏائي

زبير سومرو



سڄو شهر اٿلي پيو هو. شهر جي وڏن ڪشادن روڊن کان وٺي سنهين گھٽين تائين، سمورا رستا ماڻهن سان ڳتيل هيا. عوام الناس جو اهو سمنڊ هن شهر ۾ صرف ڏهين محرم واري ڏينهن تي پيٽبو آهي. هن شهر جا جهونڙا ٻڌائيندا آهن، ڏهين محرم کان سواءِ ايڏي خلقت هن شهر جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٿي آهي، اهو تاريخي واقعو سنڌ جي سورمي شهيد الله بخش سومري جي جنازي نماز جو هيو.  ٻيو واقعو به شهيد الله بخش سومري جي فڪري پوئلڳ شهيد منگيءَ جي جنازي جي نماز جو هيو. هي شڪارپور جو شهر سراپا سوڳ، احتجاج، شديد غم غصي جي ڪيفيت ۾ هيو. مان پنهنجي حياتيءَ ۾ ٽي جنازي نمازون اهڙيون پڙهيون آهن، جن ۾ ماڻهو جو سمنڊ اٿلي پيو هجي. هڪ شهيد قيوم منگي، مرحوم جنيد سومرو ۽ شهيد بشير خان قريشي. انهن جي موت کي ڏسي دل هر ڀيري چئي ڏنو ته “ الا، مرجي ته ايئن مرجي!“


دل ۾ گهر ڪندڙ، گول چهرو، سهڻو من مهڻو ۽ قد ڪاٺ جو پورو پنو عبدالقيوم پنهنجي سڀاءَ ۾ اهڙو هو جو جيڪو به ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو ته وري وري ملڻ تي دل چوندي هئي. سندس معصوم ٻارن جهڙي مرڪ، پنهنجائپ سان ٽمٽار ڌيمو لهجو، روايتي رک رکاءُ، هٿ جوڙي ملڻ ۽ سنڌ جي سمورين خوبصورت روايتن جو امين قيوم منگي سالن کان پوءِ به وسريو ناهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سياست روزگار جو ذريعو نه هئي، شهرت جو وسيلو ۽ عياشي جو نالو نه هئي بلڪه سياست افضل عبادت سمجهي ڪري ڪئي ويندي هئي. شهيد الله بخش سومري کان وٺي شهيد قيوم منگي تائين، سياست کي عبادت سمجهندڙن کي آخرڪار شهادت يا قيد و بند ئي نصيب ٿيا آهن.

قيوم منگي جو نالو ڪنن تي پوي ٿو ته سنڌ جي آجپي جو محبوبا کان وڌيڪ حسين خواب ذهن آڏو تري اچي ٿو. قيوم منگيءَ جي حياتي ۽ موت سنڌ جي آجپي جي اٽوٽ عشق سان ٽمٽار هئي. قيوم منگي جي فڪر واري سياست عبادت سان گڏوگڏ زندگيءَ جي بازي ۽ خطرن سان ڀريل سياست هئي. شڪارپور، جيڪا تاريخي پس منظر ۾ الاءِ ته ڇا هئي؟ وڏڙن کان ٻڌل ۽ ڪتابن ۾ پڙهيل شڪارپور لاءِ ته اکين ۾ لڙڪ کان سواءِ ٻيو ڪو به ردعمل ڪونهي. اها سنڌ جي پئرس واري دلڪشي هن ديو مالائي شڪارپور ۾ هاڻي هڪ ناسٽلجيا آهي. شڪارپور جي مهذب ماڻهن بابت نموني طور قيوم منگي جو نالو ئي ڪافي آهي.

شڪارپور جي عام رواجي گهراڻي جي ڪوئلي جي واپاري گلشير منگي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي ماٺيڻو،گهٽ ڳالهائو، شرميلو ۽ چپن تي مرڪ سجائي هلندڙ عبدالقيوم سنڌ جي آجپي جي تحريڪ جي سرواڻن ۾ ڳڻيو ويندو، اهو هن پاڻ به ڪڏهن نه سوچيو هو.

ڪوئلي جو ڪاروبار ڪندڙ هي اندر جو اڇو اجرو ماڻهو، پنهنجي شخصي ڏيٺ ويٺ ۾ صفا عوامي هيو. روايتي رک رکاءُ، هٿ ٻڌي ملڻ، چپن تي معصوم مرڪ، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر... هي شخص سچ پچ ته شڪارپور جي حقيقي تعارف هيو. هن ڪي ايڏا ڪتاب نه پڙهيا يا لکيا هئا، پر هو سائين جي ايم سيد جي امر فڪر جو عاشق ۽ سچو پوئلڳ هو. هر سياسي پارٽي ۾ ڪارڪن مختلف قسمن جا هوندا آهن، پر سن جي سائين وٽ اڪثر ڪارڪن عاشق هئا، جيڪي دماغ سان گهٽ، دل سان وڌيڪ سوچيندا هيا. شهيد قيوم ته وري نسورو نينهن. اهڙو نينهن جهڙو سيد سنڌ سان ڪيو، ان جي ڪارڪنن سيد ۽ سنڌ سان ڪيو.

مان شهيد جي شهر جو هوندي، ٻين دوستن کان وڌيڪ محبت جو دعويدار آهيان. مون ڪڏهن به سندس چهري تي ڪاوڙ ۽ غصي جو تاثر نه ڏٺو. هو نهايت ئي نماڻي مزاج وارو روح هو، يارن جو ته يار هيو ئي، پر هو مخالفن سان پيار ڪندو هو، هر ڪنهن سان پيار ونڊيندڙ، هر ڪنهن کي عزت ڏيندڙ هيو.

مان ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان (جنهن سان شهيد قيوم جو ڀاءُ فضل منگي به متفق آهي) ته شهيد قيوم تي قاتلاڻو حملو ته ٿيو، جنهن ڪري هن کي اوڻويهه ڏينهن اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻو پيو ۽ سندس حالت سڌرندڙ پڻ هئي. اسپتال ۾ هي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي سان به رياست جي ڏاڍاين جو انتهائي سخت لفظن ۾ اظهار ڪندو هو، جيڪو ڊاڪٽرن کي تمام خراب لڳندو هو ۽ هو ناپسند ڪندا هئا، پر هي مڙڻ وارو ڪٿي هو. نيٺ سڌرندڙ حالت هوندي پڻ هي اسپتال ۾ شهيد ٿيو. ان ڳالهه کي نٽائي نه ٿو سگهجي ته قيوم منگيءَ کي اسپتال ۾ ئي مارايو ويو هجي. اهو هڪ سوال آهي جنهن جو جواب تاريخ جي ورقن ۾ رهجي ويندو. سيد سنڌ کي ڇا ڏنو؟ هڪ نظريو ڏنو، ٻيو حسين دوشيزائن کان به خوبصورت آجپي جو سپنو ڏنو ۽ ٽيون بشير قريشي، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر نيازڪالاڻي، آصف بالادي، حنيف ساگر بڙدي، نورالله تنيو، قربان سرائي ۽ قيوم منگي جهڙا سنڌ جا البيلا عاشق ڏنا. اهي عاشق ڪي مارڳ ۾ ماريا ويا، ڪي آجپي جي پٿريلي پنڌ جا اڃان به پانڌيئڙا آهن، انهن کي ٻنهي هٿن سان سلام پيش ڪيان ٿو. سنڌ جي اهڙن مجنون نما عاشقن جي لسٽ ڊگهي آهي پر قيوم منگي ڪير سڏائي!


شهيد قيوم منگي

سنڌ لاءِ جان گهوريندڙ پروانو!

حسيب ناياب منگي

شڪارپور تهذيب يافته ماڻهن جو شهر، سُٺي رهڻي ڪهڻي ۽ اعليٰ سوچ واري مالڪن جي رهائشگاهه! جتي هر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اُتم ثابت ڪرڻ لاءِ اڳ کان اڳرو نظر ايندو. جيتوڻيڪ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ حال جي حالت ٺيڪ ناهي، پر پوءِ به شڪارپور جا مُنفرد ماڻهو شڪارپور جي سُڃاڻپ بڻجي شهر کي جَڳ ۾ جرڪائي رهيا آهن. تعليم، ادب، صحافت، واپار، صحت ۽ سياست ۾ جن ماڻهن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ته جي تذڪرن سان شڪارپور جي تاريخ جا دفتر ڀريا پيا آهن. سياست جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪريون ته شڪارپور جي جهوليءَ ۾ شهيد الهه بخش سومري جهڙي لال جو جنم ٿيو، جنهن پنهنجي اعليٰ سوچ سان سنڌ جي سياست جي رُخن کي ڦيري ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جي حقن لاءِ ڪيئن وڙهبو آهي، ڪهڙي طرح پنهنجي حق واري ڳالهه تي ثابت قدم بيهي پاڻ مڃرائبو آهي. شهيد الهه بخش پنهنجي سياسي هلچل ۾ جيڪا مڃتا ماڻي، سا ورلي ڪنهن حاصل ڪئي هجي، وطن لاءِ هِن جيڪي ڪجهه ڪيو، سو تاريخ جي ورقن ۾ سُنهري حرفن سان لکيو پيو آهي.

تون ته پهاڙن کان به اتاهون سڀ تي تنهنجو سايو،

آٿت ڏئي ٿي هر ڪنهن جو تو هاريل هانءُ اوباهيو!

شڪارپور شيخ اياز جي جنم ڀومي، جنهن جي شاعريءَ جي رس ۽ چس قومپرستن جي ذهنن تي گهرو اثر ڇڏيو. سندس ئي ڪويتائن سنڌ جي ٻچي ٻڍي کي، هاري ناري کي يڪجا ڪري پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ ديس جي ڌرتي ماتا،

توتي پنهنجو سيس نوايان،

مٽي ماٿي لاهيان مان،

مٽي ماٿي لاهيان مان!

نياز همايوني به شڪارپور جو، جنهن جا نظم سنڌ جو سگهارو آواز بڻجي فضا ۾ گونجڻ لڳا، جنهن سنڌ جي هارين، دودن، درويشن، دلاورن ۽ سنگهارن کي مسلسل ساراهيو. هُن پنهنجي شعرن ۾ ”جيئي سنڌ“ جي نعري کي هر هر ورجايو:

آجپو اعلان اسان جو،

سوري ڀل سينگار ڪري،

مرسون پر سنڌ نه ڏيسون،

هوشو جي للڪار ڪري،

جيئي سنڌ جيئي شال،

جيئي سنڌ جيئي شال!

شهيد عبدالقيوم منگي به اهڙو ئي شاندار منظر رکندڙ شڪارپور جو سپوت هو. شڪارپور جي تاريخي قلعي قافلي وٽ گلشير منگي جي گهر ۾ سندس جنم پهرين آڪٽوبر ۱۹۵۴ع تي ٿيو. هُن شڪارپور جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي. هي اُهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سنڌ سميت شڪارپور ۾ به قومپرست سياست پنهنجي مڪمل عروج تي هئي. هي به پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان اُن جدوجهد سان وابسته ٿيو، جنهن جدوجهد ۾ وطن لاءِ ماڻهن کي سُور ۽ صدما برداشت ڪرڻا پوندا آهن ۽ پنهنجي ديس جي حقن خاطر وڙهڻو پوندو آهي. اُن جدوجهد ۾ قيوم منگي ثابت قدم رهندڙ قومپرست اڳواڻ ثابت ٿيو، سندس سياسي زندگيءَ جي شروعات جيئي سنڌ محاذ جي پليٽ فارم تان ٿي ۽ مٿس ابدي خاڪ به جيئي سنڌ جي تراني سان پئي! قيوم منگي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي پنهنجي حياتيءَ جو منشور بڻائي ڇڏيو هو. سائين جي ايم سيد به کيس گهڻو ڀائيندو هو، عشق جو اُهو عالم به هو ته سيد سائين پنهنجي هِن عاشق کي ”سردار“ ڪري ڪوٺيندو هو. قيوم منگي پنهنجي سوچ ۽ اعليٰ لياقتن کانپوءِ سنڌ جي حقن جي ويرين جي جبري ڪارروائين تي سراپا احتجاج بڻجي تقريرون ڪندو هو. اسٽيج تي گجندي پنهنجي موقف کي چٽو رکندو هو ته سنڌ اسان جي ايتري خوشحال آهي جو هر سنڌي اُن جي پيداوار ۽ اُن جي وسيلن مان خوشحال بڻجي سگهي ٿو، پر سڀ ڪجهه پنهنجو هوندي به سنڌ کي پنهنجي ئي وسيلن تي قدرت حاصل نٿي ٿئي، اُن ويساهه گهاتيءَ تي وڙهندو رهندس.

سنڌڙي آه ته سڀ ڪجهه آهي،

سنڌڙيءَ سان ئي جندڙي آهي،

اسان ته ڪجهه به ناهيون سائين!

جيڪي آهي سنڌڙي آهي!

قيوم منگي ۱۹۸۷ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ شڪارپور مان پنهنجي تڪ تان شڪارپور شهر جي بااثر مقبول احمد شيخ کي شڪست ڏئي ڪائونسلري کٽي ته شڪارپور شهر ۽ خاص طور تي پنهنجي تڪ جي ماڻهن لاءِ به سندس سوچ وقف ٿي، شهر جي حالت تي لڇندو رهندو هو، بلاشڪ پنهنجي خوبين کي ظاهر ڪندي شهر جي سُڌاري ۽ شهرين جي خدمت لاءِ انوکا مثال پيش ڪندو رهيو، اُن وچ ۾ کيس ڪي مشڪلاتون به آيون، پر قيوم منگي نه وڪيو، نه جُهڪيو.

زبان بند تڏهن به ضمير زندهه رهيو،

ٿياسين زير نه ڪنهن جي هٿان متان نه مڃين!

۰۴ جون ۱۹۹۸ع تي ڪراچيءَ ۾ جسقم جي اُن وقت چيئرمين بشير خان قريشي سان گڏ سندس والد جي طبيعت پُڇڻ جناح اسپتال ويو، واپسيءَ تي بشير خان قريشي سان گڏ جناح اسپتال جي ڪينٽين تي چانهه پي رهيا هئا ته پنجابي زبان ڳالهائيندڙ ۱۵ ڄڻن بليٽن ۽ لوهي سيخن سان ٻنهي تي حملو ڪيو، حملي کانپوءِ کين به جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ئي علاج هيٺ ۲۲ جون ۱۹۹۸ع تي جسقم جي وائيس چيئرمين قيوم منگي شهادت جو جام پيتو، سندس شهادت واري خبر سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي، بازارون بند، روڊ رستا ويران ۽ سنڌ سراپا احتجاج هئي. ٻئي طرف شڪارپور سَموري سنڌ جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ منجهه ائين سمايو، جئين ماءُ جي هنج ۾ ٻار! شڪارپور ۾ جڏهن سندس مڙهه پهتو ته هر اک آلي ڏٺي وئي، مون سندس گهر جي اڱڻ ۾ رکيل لاش مٿان سندس معصوم ٻارن کي روئيندي ڏٺو، اُهو منظر به اکين اڳيان آهي، جڏهن سندس والد شهيد جي نرڙ تي آخري چُمي ڏني هئي ته سمورا ماڻهو پنهنجا لُڙڪ روڪي نه سگهيا هئا. شهيد جي تدفين کانپوءِ اُهو منظر به عجيب هو، جڏهن گلاب جي گُلن سان ڍڪيل ۽ اگر بتين جي خوشبوءَ سان معطر سندس قبر تان سڀئي عزيز، دوست ۽ چاهيندڙ واپس تڏي تي موٽي رهيا هئا ته هڪ ماڻهو سندس قبر کي ڀاڪر ۾ ڀري روئڻ لڳو. اُن وقت مون محسوس ڪيو هو ته شايد قيوم سان قيوم جي تعزيت پيش ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙو جذباتي اظهار ورلي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ آيو هجي. سچ پچ ته شهيد قيوم منگي سنڌ لاءِ جان گهوريندڙ پروانو هو.

جنهن به شهادت ماڻي آهي،

پنهنجي وطن جي واهر ۾،

امر اُهو ئي رهجي ويندو،

باطن توڙي ظاهر ۾!

شهيد قيوم منگي جي تڏي تي جسقم جي تڏهوڪي چيئرمين بشير خان قريشيءَ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته: ”قيوم منگيءَ جي شهادت پُٺيان سامراج قوتن جو هٿ آهي. اڄ اسان کان هڪ عظيم انسان، قومپرست ساٿي ۽ سائين جي ايم سيد جو شيدائي ڌار ڪيو ويو آهي. قيوم منگي کي اسان کان اهڙي مرحلي ۾ ڌار ڪيو ويو آهي، جڏهن ڪالاباغ ڊئم خلاف هر سنڌي آواز اُٿاري رهيو آهي. قيوم منگي هر دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اُٿاريندو رهيو آهي ۽ هُو ڌرتيءَ لاءِ شهيد ٿيو آهي.“ تڏهن کان اڄ تائين شهيد قيوم منگي جا قاتل گرفتار ٿي سزا ماڻي ناهن سگهيا، ۱۹۹۸ع ۾ ئي شهيد جي چاليهي تي لکيل نصير منگيءَ جي هيٺين ميار، ميار ئي رهجي وئي.

شهر شهر مان آواز اچي ٿو،

قيوم جو قاتل ڇو آزاد گهمي ٿو،

ٻُڌايو اي سچائي جا دعويدارو!

انهن تائين ڪوئي ڇو نه پُڄي ٿو!

شهيد قيوم منگي قد جو پورو، خوبصورت، سُهڻي سڀاءَ توڙي نياز نوڙت وارو انسان هو، جڏهن به ملندو هو، سندس مُک تي مُرڪ سجايل رهندي هئي. جسقم جهڙي وڏي پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين هوندي به وڏائي ۽ تڪبر ذري برابر به نه هئس، ڪو دوست ساٿي پارٽيءَ جي ڳالهين تي ڪي اختلاف رکندو به هئس به اُن کي پاڻ وڃي مڃرائي ايندو هو، سچو ۽ کرو هو. اڄ جي دور ۾ قيوم منگيءَ جهڙا ماڻهو ملڻ مُشڪل آهن، جيڪي سياست ۾ به قيوم جيان انسان دوستي ۽ پيار جو درس ڏين.

(روزاني ڪوشش ۾ ۲۲ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 

(حسيب ناياب منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)



قيوم منگي

سندس ڪردار جي عظمت

نثار ھڪڙو

سندس مڪمل نالو ته عبدالقيوم ولد گلشير ذات منگي ھو. پر قومي تحريڪ ۾ قيوم منگي جي نالي سان مشھور ھو ۽ آھي. مون سان واقفيت سن ۾ ٿيس. جڏھن قومي ڪانگريس جي اجلاسن ۾ سموري سنڌ اچي گڏ ٿيندي ھئي. سن سنڌ جي آجپي جي تحريڪ جو مرڪز ھو ۽ آھي. قيوم کي آءُ مذاق طور سردارصاحب به چوندو ھئس. اھو سردار صاحب جو لقب ايترو ته سندس لاءِ مشھور ٿيس جو ڪيترا دفعا مون اخبارن ۾ قيوم صاحب جي بيانن سان نالي طور لکيو ويو ۽ خود سائين جي ايم سيد تائين به اھو نالو پھتو.

قيوم صاحب جي زندگي ڪٿان شروع ڪجي اھو به خود مون لاءِ ڏکيو آھي. مون سان سن ۾ ملاقات سبب واقفيت ٿي ۽ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان ۽ ھڪ شھر جي رھواسي ھجڻ جي ناتي سان تعلقات ويجھا ٿيندا ويا ۽ گھرائپ وڌندي رھي. اھو ئي شايد سبب جو مون حجت ۾ کيس سردار صاحب جو لقب ڏنو. پاڻ ڏاڍو خوش پوش ماڻھو ھو، توڻي جو سندس ڪاروبار ڪوئلن جي وڪري جو ھو ۽ شام جو ڪوئلن جو وڪرو بندي جڏھن تيار ٿي ھوٽل تي ايندو ھو ته ڪو به محسوس ئي نه ڪندو ھو ته ھي شخص ڪو سارو ڏينھن ڪوئلا ٿو وڪڻي. سندس ان نموني هلت سان سندس ان عظمت جي خبر ٿي پوي ته ھو پورھئي کي ڪيتري اھميت ڏيندو ھو ۽ پورھئي کي عيب نه سمجھندو ھو.

قومي ڪارڪن ۾ ان ڪارڪن لاءِ سٿ ۾ وڏي عزت ٿئي ٿي جيڪي پورھيو ڪري پنھنجو ۽ ٻچن جو گذر سفر به ڪن ۽ قومي ڪم ڪار به پوري جوابداريءَ سان ڪندا رھن. قيوم صاحب به انھن ئي ڪارڪنن مان جيڪو پنھنجو روزگار به ڪندو ھو ۽ قومي ڪم ۾ ڪابه گھٽتائي يا پوئتي پوڻ جو سوال ئي پئدا نٿو ٿئي. ڪيترا دفعا ته ايئن به ٿيو جو پاڻ بيمار ھوندي به گڏجاڻيءَ تي ضرور پھچندو ھو.

سندس تعليم بي اي تائين ھئي. يونيورسٽي ۾ شاگردي دور ۾ جساف جو مالياتي سيڪريٽري رھي چڪو ھو. تنھن ڪري سندس سنگ جو دائرو وسيع ھو. جساف جي مرڪزي اڳواڻ رھڻ سبب کيس “جسم” ۾ ميمبر طور کڻڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ھئي. فقط سندس پنھنجي عزم جي ضرورت ھئي.

سائين جي ايم سيد سان هن جي لڳاءُ جو اندازو نه ٿو ڪري سگھجي. پنھنجي سموري زندگي سائين جي ايم سيد جي ادني ڪارڪن جي حيثيت ۾ رھڻ کي پسند ڪيائين ۽ ڪو به اھڙو ڪم نه ڪيائين جنھن سان سائين جي ايم سيد جي فڪر عمل يا حڪم جي ڀڃڪڙي ٿيندي ھجي.

سال۱۹۸۸ع ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ بيھڻ سبب ڪجھه دوستن کي اعتراض ھو ته اھو جي ايم سيد جي فڪر جي انحرافي آھي مگر ان ۾ بيھڻ لاءِ به ھن سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي ھئي. ورنه ھو اصل نه بيھي ھا!

سنڌ اندر سپاف ۽ جساف جي ھلندڙ جڳھڙن ۾ پنھنجي جساف جي دوستن جي ھر ممڪن مدد سبب پ پ جي قيادت ناراض ٿي ۽ قيوم صاحب کي سيکت ڏيارڻ خاطر کيس دڪان (ڪوئلن جي) تان منھنجي اٿي وڃڻ کان فقط ڏھن منٽن اندر اغوا ڪيو ويو. اغوا بعد مٿس تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو. تشدد جي نتيجي ۾ سندس ساڄي ٻانھن به ڀڄي پيئي. اسين سارو ڏينھن پريشان رھيا سون. پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو پوءِ حسب معمول ناڪام ناڪابندي ڪئي. آخر شام جو ڪوئي ۵،۶ وڳي ڌاري سندس دڪان ۾ فڪرمند ويٺاھئاسون ته ھڪ ڪار اچي بيٺي ڊرائيور مون کي سڏ ڪيو. مون کيس ڪونه سڃاتو. پر جڏھن ڪار ويجھو آيس ته قيوم صاحب پوئين سيٽ تي نظر آيو. مون دروازو کوليو ۽ کيس ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪيئي ته مون کي چيائين في الحال اسپتال ھلو. اسين ساڳئي ڪار ۾ پھريائين نيوفوجداري ٿاڻي تي اطلاع ڪري سڌو اسپتال آياسين. مونکي سھارو ڏيئي ايمرجنسي ۾ آڻي سمھاريو. پويان ڊرائيور قيوم صاحب جي والد کان ڀاڙو وٺي ڀڄي ويو ته جيئن ڏوھارين جو پتو نه پئجي سگھي. مون کي سموري واردات کان واقف ڪيائين ۽ حڪم ڪيائين ته ڪا به ناليوار فرياد داخل نه ڪبي. حالانڪه سندس چواڻي سپاف ۽ پ پ وارا ھئا. جن مٿس تشدد ڪيو ھو. چيائين ته ھي آخر وري به اسانجا سنڌي آھن. سائين جي ايم سيد ته پنھنجي قاتلاڻي حملي ڪندڙ کي معاف ڪيو ھو سو آءُ به کين معاف ٿو ڪيان.

اسين پاڻ ۾ ڳالھائي ئي رھيا ھئاسون ته ڊي ايس پي آيو. قيوم صاحب کان ماڻھن بابت پڇا ڪرڻ ٿي چاھي ان تي قيوم صاحب کيس چيو ته اسان کي پاڻ ۾ ڳالھائڻ ڏيو ۽ پوءِ ئي توھان کي ڪجھه ٻڌائي سگھندس. بھرالحال آخر تائين انھن ڏوھارين جا نالا پوليس کي ڪونه ڏنا ۽ ھن فقط ايترو چيو ته ڏوھارين ۾ جنھن ماڻھوءَ جو نالو کنيو ٿئي اھو نثار مگسيءَ جو ھو باقي اغوا ڪرڻ وارا آءُ ڏسي سڃاڻيندس. سلطان ڪوٽ ۾ سندس ڪافي ڪردار ڪشي ڪئي ويئي.

جيئن ئي قيوم صاحب کي اغوا ڪيو ويو ته اھا ڳالھه شھر ۾ باھه جيان پکڙجي ويئي ڪارڪنن ۾ ڏاڍو تاءُ ھو. سڀني کي سمجھايوسين ته جيئن معاملو اڳتي نه وڌي پر اسان جو ھڪ دوست جيڪو خود به پٺاڻ ھو پنھنجو جوش نه جھلي سگھيو ۽ سڌو سلطان ڪوٽ پھچي ويو ۽ ھتان ڪي ڦٽاڪا به پاڻ سان ساڻ کڻي ويو ۽ وڃي لالا جھانگير خان واري جي پاڙي ۾ ٺڪاءُ ڪيائين ۽ گھٽ وڌ به ڳالھايائين جنھن تي ھنن کيس وٺي ٻڌي گاريون گند به ڏنيون ۽ شرمايائونس ته ھو منگي ۽ تون پٺاڻ ايئن ٿو ڪرين، ڇا تنھنجو قيوم صاحب ڪو پيءُ ڀاءُ آھي تنھن تي ھن وراڻين ته قيوم صاحب مونکي سڀني کان وڌيڪ آھي. اھو ھو ڪارڪن جو ساڻس پيار ۽ جذباتي لڳاءُ.

قيوم صاحب جي عدم تشدد جي پيروڪاري ۽ دشمنن کي معاف ڪرڻ ۽ وري سنڌي ماڻھن سان پيار جو ماپو ئي الڳ ھو. مٿئين واقعي کانپوءِ مان کيس صلاح ڏني ته ڪراچي وڃي ۽ اتي علاج ڪرائي ۽ سندس عزيزن جو به اھو ئي رايو ھو سو ھو ڪراچي ويو ۽ جناح اسپتال ۾ داخل ٿيو. اتفاق اھو ٿيو جو لالا جھانگير ۽ اقبال ھيسباڻي حيدرآباد پوليس مقابلي ۾ اچي ويا جنھن ڪري فقير اقبال ھيسباڻي شھيد ٿي ويو ۽ لالا جھانگير کي ڪرنگھي ۾ گولي لڳي ۽ کيس ڪراچي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو. قيوم صاحب جي سادگي ڏسو جو اھا ساڳئي ڀڳل ٻانھن جنھن ماڻھوءَ ڌڪ ھڻي ڀڳي ھئي ۽ اڃان تائين ڳچيءَ ۾ ٻڌي ٿي گھميو سو جڏھن کيس خبر پئي ته ھڪدم اھا ئي ڀڳل ٻانھن ڳچي ٻڌي لالا جھانگير کان پڇڻ ويو. جڏھن جھانگير کيس ڏٺو ته ان وقت جيڪا جھانگير جي حالت ھئي اھا پڙھندڙ خود سمجھي سگھن ٿا. اھا ھئي قيوم صاحب جي ھمت، شرافت، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان پيار ۽ تنظيم سان پاڻ ارپڻ جي حد. ان ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد به ساڳئي اسپتال ۾ ھو ان کي جڏھن خبر پئي ته قيوم صاحب ھن طرح ان ماڻھوءَ کان پڇڻ ويو آھي جنھن سندس ٻانھن ڀڳي ھئي ته سائين ان جي شرافت جو اڪثر ڪچھرين ۾ ذڪر ڪندو ھو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment