ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد صالح
شيخ
زندگي جو احوال ۽ ڪيل
خدمتون
خالد حسين چنا
جڏهن مشرقي ۽ مغربي
پاڪستان هوندو هو تنهن دور ۾ شهدادڪوٽ اڄوڪي دور جي بلڪل برعڪس هوندو هو. اهو بلڪل
ننڍڙو ۽ مختصر هوندو هو. صحت يا تعليم جون خاص سهولتون ڪونه هونديون هيون پر
جيڪڏهن شهدادڪوٽ شهر جي اوائلي ۽ شروعاتي ڊاڪٽرن جا نالا کڻبا ته انهن جي لسٽ ۾
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جو نالو ضرور ايندو. چوندا آهن ته ڊاڪٽر ۽ طبيب دوا درمل
ڏيندو آهي باقي ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ٿئي الله جو. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي
هٿ ۾ الله تعالي اهڙي شفا رکي جو هو سڄي تر لاءِ هڪڙي وڏي غنيمت بڻجي ويو. سڄو ڏينهن
هن جي اسپتال مريضن سان ڀري پئي هوندي هئي. غريب، مسڪين ڪيترن سالن کان بيمارين ۾
ورتل مرد ۽ عورتون ڊاڪٽر محمد صالح جي احوالن چرچن تي ۽ هلڪي ڦلڪي دوا تي خوش ٿي
ويندا هئا. رب پاڪ هن کي غير معمولي حافظو ڏنو هو ۽ هوبنيادي طور هتي جي شروعاتي
رهاڪو هجڻ ڪري تر، آس پاس جي هر ماڻهو، انهن جي وڏن ۽ ننڍن کي چڱي طرح نه صرف سڃاڻيندو هو پر انهن جا پاڻ ۾ ڪهڙا
مسئلا آهن، ڪير ڪنهن سان ساڙ ڪري ٿو يا نه ٿو ٺهي وغيره جي به خبر هوندي هئي ڇو ته
مريض هن کي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پنهنجن عزيزن ۽ مائٽن جا سور به سليندا هئا.
هو گهرن ۾ سس نهن، ساهيڙي يا مائٽياڻين جا جهيڙا مريض عورتن جي سائيڊ وٺي انهن جي
دل جي ڳالهه ڪري ائين خوش ڪري ڇڏيندو هو جو مريض جي رت وڌي ويندي هئي. هو نفسيات
جو وڏو ڄاڻو هو. ماڻهن جا معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڳالهائي انهن کي کلائي پنهنجي
وات جي ٽيڪ سان پريشان ماڻهن کي ٽائيٽ ڪري نئون بنو ڪري موڪليندو هو. هن جي زبان
مان نڪتل لفظ گهڻن لاءِ دوا ۽ علاج جو ڪم ڪندا هئا. ڪيترن ماڻهن لاءِ وڏي وٿ ۽
سهارو هو. مريض فري گري موٽي هن اچي خوش ٿئي ويندا هئا. هن وٽ جادو هو الائي ڇا هو
پر مريض کي پوري پڪ هوندي هئي ته جي هو ٺيڪ ٿيندو ته ڊاڪٽر صالح وٽ ٿيندو ۽ ڊاڪٽر
محمد صالح به معمولي فيز وٺي علاج ڪري الله تعالي جي حڪم سان ٺيڪ ڪري ڇڏيندو هو.
هو اڄ جي ڊاڪٽرن کان مختلف هو جيڪي ٽيسٽون رپورٽون ڪرائي مريض جا خرچن سان چيلهه
ئي چٻي ڪري ڇڏين ٿا پر هو مريض جي نبض ڏسي حوال پڇي دوا لکي ڏيندو هو. وڌيڪ شفا
الله تعالي ڏيندو هو.
اڄ به جيڪڏهن اوهان
ڪنهن جهوني حجم وٽ ويندا ۽ ٿورو احوال پڇندا ته هو اوهان کي وارن ٺاهڻ دوران نه
صرف سڄي شهر جو بلڪ ملڪ جو احوال منٽن ۾ ٻڌائيندا ۽ وار به ٺهي ويندا. اهڙي طرح
سڄي شهر جي ڊاڪٽرن تي اهڙو ته ڪمال جو تبصرو ڪندا جو ڄڻ ته انهن وٽ وڏا تجربا هجن.
هر هڪ ڊاڪٽر تي واري واري سان تبصرو ڪندا. هر ڪنهن جي ڪا نه ڪا خوبي يا اوڻائي
بيان ڪندا. ڊاڪٽر محمد صالح لاءِ چوندا ته هن کي وڏو حافظو آهي. يادگيري جو پڪو
آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان پنهجن ابن ڏاڏن جا نالا وسري وڃن ته اچي ڊاڪٽر صالح
کان پڇن. هو انهن کي چار پنج پيڙهين تائين جا نالا سولائي سان ٻڌائي سگهندو. واقعي
به رب پاڪ هن کي تمام گهڻو حافظو ڏنو آهي. جيڪو به شخص هڪ دفعو هن سان مليو پوءِ
سڄي زندگي هن کان نه وسرندو آهي. ڊاڪٽر محمد صالح
چئي ٿو ته اهو هن تي رب پاڪ جو خاص ڪرم ۽ امڙ جون دعائون آهن.
هن جا والدين
بنيادي سنڌي تعليم پڙهيل هئا ۽ هن جو والد
غلام رسول شيخ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ گهر جو خرچ پکو ڪڍندو هو. ۰۲ مارچ ۱۹۴۰ع تي غلام رسول شيخ کي پهريٽو پٽ ڄائو جنهن
جو انهن نالو محمد صالح رکيو. رب جي حڪم سان ۽ والدين جي دعائن سان هو واقعي به
وڏو صالح نڪتو. غلام رسول شيخ کي ٻيا به پنج پٽ ۽ چار نياڻيون رب پاڪ عطا ڪيون پر
محمد صالح پنهنجي مٽ پاڻ آهي.
محمد صالح شيخ
پرائمري کان ميٽرڪ جي تعليم شهدادڪوٽ ۾ ئي حاصل ڪيائون ۽ ۱۹۵۹ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان سنڌ
يونيورسٽي بورڊ مان ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائون. ان کان پوءِ هن
حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي پهرين ڏينهن تي ئي ڊاڪٽر محمد سليمان
شيخ هالا وارو (باني سگا) مسعود نوراني نوابشاھ وارو (اسٽوڊنٽ ليڊر، سنڌ جو لا
ايڊوائزر ھيو ۽ هاڻي ڪراچي جو مشھور ليبر ڪورٽ جو وڪيل) ۽ فضل صديق شيخ مٽياري
وارو (سابق سيڪريٽري ليول جو ماڻهو ۽ سنڌ منرل ڊپارٽمينٽ جو آفيسر) جن سان ملاقات
۽ دوستي ٿي. اهي گورنمينٽ ڪاليج جو سڄو وقت هاسٽل ۾ روم ميٽ پڻ رهيا ۽ اڄ تائين
سندن چواڻي اها دوستي قائم ۽ دائم آهي.
محمد صالح شيخ جي
مسلسل محنت ۽ شوق ڪري خوشقسمتي سان MBBS لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا
ٿئي وئي. هن جو ۽ هن جي والدين جو خواب ساڀيان ٿيو. هن ڊاڪٽري پڙهڻ دوران به محنت
ڪري ڪيترا ئي انعام ۽ ميڊل پڻ حاصل ڪيا. ان کان پوءِ Medicine ۽ Children وارن وارڊن
۾ هائوس جاب ڪيائون. بعد ۾ R.B.U.T اسپتال شڪارپور ۽ سول اسپتال دادو ۾ ميڊيڪل آفيسر
طور مقرر ٿيا.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر
محمد صالح ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ استاد بخاري (سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ان وقت جو
دادو ڪاليج جو ليڪچرر) ويٺي ويٺي دادو ۾”سنڌ گريجوئيٽس” تنظيم جو پايو رکيو ۽ ان
جي ميمبرشپ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر محمد سليمان ان ڏس ۾ پنھنجي تن، من ۽ ڌن سان محنت
ڪرڻ لڳي ويو. سگا اڄ سنڌ جي تعليم ۽ سماجي کيتر ۾ تمام بهترين ۽ وڏي تنظيم آهي
جنهن مان ڪافي فردن فائدو ورتو آهي ۽ وٺن پيا.
سال ۱۹۷۱ع ۾ پاڪ هند جي جنگ جي ڪري فوج جا ڊاڪٽر،
آفيسر هندستان ۾ ڦاٿل هئا انهن جي خال کي ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ صاحب جن
پاڻ کي والنٽئير طور پيش ڪيو ۽ سندن کي ڪيپٽن جي Rank ۾ لاهور
ڇانوڻي ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ جلد ئي اڳين مورچن ۾ ۰۹ بلوچ رجمينٽ جو R.M.O ڪري روانو
ڪيو ويو جتي پڻ ۰۹ بلوچ رجمينٽ جي قصور سيڪٽر جي بارڊر تي ڊاڪٽر جي حيثيت سان هن حصو ورتو
جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جن کي پاڪ آرمي جي طرفان تمغه جنگ ڏنو ويو.
ان کان پوءِ جڏهن فوج جا پنهنجا ڦاٿل ڊاڪٽر موٽي آيا ته سول ڊاڪٽرس کي رليز ڪري
واپس موڪليو ويو.
سال ۱۹۷۴ع شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي پرائيويٽ
ڊاڪٽري شروع ڪيائون. ان دوران پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي شاخ پڻ کولرائڻ ۾ مدد
ڪئي جنهن ۾ پاڻ صدر جي حيثيت سان رهيا. اڳتي هلي سگا جي شاخ شهدادڪوٽ ۾ پڻ
قائم ڪرڻ لاءِ مدد ڪيائون جنھن سان اڄ
تائين سلھاڙيل ۽ معاون طور شامل آھن ۽ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ سگا شهدادڪوٽ جا بنيادي
ميمبر آهن ۽ ۱۹۷۸ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شامل حال رهندا پيا اچن. سگا شهدادڪوٽ جي اکين جي
ڪئمپ کان وٺي هر ننڍي وڏي پروگرام ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شامل رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ اهڙي طرح ۱۹۷۴ کان ۲۰۱۷ع تائين پنهنجي زندگي جا ۴۳ سال شهدادڪوٽ ۾ مناسب فيس، مختصر علاج ۽ کل ڀوڳ جي چاشني سان شهر ۽ پسگردائي جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهيا.هن وقت پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ گهر وارن سان اڪثر ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ اڪثر وقت عبادت ۾ گذارين ٿا. رب پاڪ هن کي شاد ۽ آباد ڪري! صحت ۽ سلامتي عطا ڪري! ۽ هو پنهنجي اهل عيال سان خوش هجي! آمين.
No comments:
Post a Comment