جون ايليا
عھد ساز شاعر ۽ فلاسافر
گل محمد منگي
غلط بات پر تيري جو واه ڪرين گي
بس! وهي لوگ تجھي تباه ڪرين گي۔
جون ايليا جڏھن
پنھنجي شاعري ۽ فڪر ذريعي انساني قدرن کي اڳتي وڌائي دوئي ۽ نفرتن کي مٽائڻ جي ڪوشش
ڪري رھيو ھو ته اھڙي ڪاري ۽ اونداھي دور ۾ سندس هم عصر اردو شاعر يا ته "بلبل
۽ ليلا” جا غزل ۽ گيت ڳائي رھيا ھئا يا وري نفرتن جي نويد ڏئي رھيا ھئا۔ اھو ۱۹۶۰ ۽ ۱۹۷۰ جو ڏھاڪو ھو۔ ان جا ڪافي ڪجھه سبب به ھئا جيڪي جون جي
زندگي تي عڪس ٿي چڪا ھئا۔
حقيقت اھا آھي ته
جون ايليا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جو سخت مخالف ھو ۽ ھن عملي طور تي به ان جي نه صرف
مخالفت ڪئي پر واضع طور تي ھندستان ۾ ننڍي کنڊ کي ورھائڻ جي مخالفت ڪرڻ وارن سان گڏجي
بيٺو۔ ننڍي کنڊ کي ھڪ رکڻ يا ڀارت کي ورھائڻ جي مخالفت جو وڏي ۾ وڏو سبب سندس انارڪسٽ
فڪر سان تعلق ھيو۔ ھو ھڪ اھڙي دور ۾ انارڪزم جي ڳالھه ڪري ھيو جڏھن ھن خطي ۾
سرمائيدارن توڙي ڪميونسٽ نظريه دانن اسٽالن، روزويلٽ ۽ چرچل جي وچ ۾ "يالٽا ڪانفرنس”
۾ ننڍي کنڊ جا ورڇ جو فيصلو ڪرڻ جي حمايت ۾ ميدان ۾ نڪري چڪا ھئا ۽ ان ڳالھه تي به
ھو متفق ٿيا ھئا ۽ ان ڪانفرنس ۾ اھو به فيصلو ٿيو ھو ته جيئن ته قومي رياستن جا
دشمن يعني انارڪسٽ ان ورڇ جي مخالفت ضرور ڪندا ان لاءِ انھن جي خلاف گڏجي ويڙھ ڪرڻ
گھرجي۔ نتيجي ۾ مسلم ليگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٻه قومي نظرئي جي حمايت ڪئي ۽ قيام پاڪستان
جي ڪميونسٽ پارٽي اعلانيه حمايت ڪئي ته جون ايليا جو انارڪزم تي يقين پڪو ۽ پختو ٿي
ويو۔ پر ان دور ۾ ھن خطي ۾ انارڪزم اڃان پنھنجا پير ڄمائي نه سگھيو ھو۔اھو ئي سبب
ھو جو جون ايليا جا ٻئي ڀائر سيد محمد تقي ۽ رئيس امروھوي ته پاڪستان ھليا آيا پر
جون انھن سان گڏ نه آيو۔ جون ايليا گھڻو پوءِ ۱۹۵۷ ۾ ڪراچي آيو۔
جون ايليا ڀارت جي
شھر امروھه ۾ ۱۴-ڊسمبر ۱۹۳۱ تي ھڪ علمي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو۔ سندس والد شفيق حسن ايليا ھڪ اديب ۽ اردو،
فارسي، عربي ۽ ترڪ زبانن تي عبور رکندو ھو۔ جون ايليا جو اصل نالو سيد سبط اصغر
نقوي ھو۔ جڏھن ته جون ايليا اردو، انگريزي، فارسي، عربي، عبراني ۽ سنسڪرت زبانن تي
عبور رکندو ھو۔
سندس ٻئي ڀائر سيد
محمد تقي ۽ رئيس امروھوي جيڪي شاعري ڪندا ھئا اھي صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي چڪا
ھئا انڪري جون ايليا به صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي ويو۔
جون انارڪسٽ فڪر
سان تعلق ھجڻ جي ڪري ذاتي نمائش ۽ ڏيکاء جي خلاف ھو۔ اھو ئي سبب ھو جو ڪير به ھن
کي سندس شاعري کي شايع ڪرائڻ تي راضي نه ڪري سگھيو۔ سندس شاعري جو پھريون مجموعو
ان وقت شايع ٿيو جڏھن ھو ۶۰-سالن جي ڄمار جو ٿي چڪو ھو۔
سندس پھريون شعري
مجموعو "شايد” جي عنوان سان شايع ٿيو ته پڙھندڙن ۾ وڏي پذيرائي ملي پر ان
باوجود ھو وري به پنھنجي شاعري کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائڻ کان ڪيٻائيندو رھيو۔ سندس ٻيو
شعري مجموعو "يعني سندس وفات کانپوءِ ۲۰۰۳, ٽيون شعري مجموعو "ليڪن” ۲۰۰۴ ۾ ۽ چوٿون شعري مجموعو "گويا” ۲۰۰۸ ۾ شايع ٿيو۔ جڏھن ته نثري مجموعو ۲۰۱۲ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو۔ سندس نثري ڪم گھڻي ڀاڱي
شايع نه ٿي سگھيو آھي۔
ڪراچي ان دور ۾
مشاعرن جو مرڪز ھيو ۽ جون ايليا جي ھر مشاعري ۾ شرڪت لازمي سمجھي ويندي ھئي۔ جنھن
دور ۾ سندس ھڪ ڀاء رئيس امروھوي جو قطعو "اردو ڪا جنازه ھئي ذره ڌوم سي نڪلي”
مشھور ٿيو ته ان ئي دور ۾ ان کان به وڌيڪ جون جو ھڪ شعر مشھور ٿيو ته
مين جو ديکھتا ھون
وهي بولني ڪا عادي ھون
مين اس شھر ڪا سب
سي بڙا فسادي ھون۔
جون ايليا جيتوڻيڪ
پنھنجي ڀاءُ رئيس امروھوي جي انتھاپسند مذھبي جنونين ھٿان فرقيوارانا سببن جي ڪري
مارجي وڃڻ سبب ڪافي محتاط ٿي چڪو ھو پر مشاعرن ۾ لازمي شرڪت ڪندو رھندو ھو۔ ان جو
ھڪ پھاڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو ته "اسان ھڪ ھزار سالن کان تاريخ جي دسترخوان
تي حرامخوري کانسواءِ ڪجھه به ناھي ڪيو”-
ڪل پر رکھو وفا ڪي
باتين
مين آج بجھا ھوا
ھون
ذاتي زندگي ۾ ناڪامين
جي ڪري ۽ خاص طور تي پنھنجي گھر واري زاھده حنا سان محبت جي شادي ۾ ناڪامي کانپوءِ
جون ايليا بيمار رھڻ لڳو۔ کيس ھڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ھو۔ ھن آخري ڏينھن اڪيلائي
۾ گذاريا۔ سندس چوڻ ھو ته "اسان جي وچ ۾ ڪو اختلاف نه ھو ۽ نه وري شيعا ۽ سني
جو ڪو اختلاف ھو، جيڪڏھن اھڙي محبت ناڪام ٿي سگھي ٿي ته پوءِ ڪا به محبت ڪامياب نٿي
ٿي سگھي “۔ اھو سندس پنھنجو خيال ھو۔ ھو ان صدمي مان نڪري نه سگھيو ۽ ۸-نومبر ۲۰۰۲ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ کيس سخي حسن قبرستان ۾
دفن ڪيو ويو۔ کيس سندس شاعري تي صدارتي ايوارڊ به ڏنو ويو ھو۔
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جون ايليا
سندس شخصيت جو هڪ ٻيو
پاسو
رئوف نظاماڻي
جون ايليا اردو جي
هڪ وڏي شاعر ۽ دانشور طور ڄاتو وڃي ٿو. پر ساڳي وقت سندس ذاتي زندگي تضادن ۽ ٽڪرائن
سان ڀريل آهي. ناڪام شادي، ڪيئي عشق ۽ خاندان ۾ جھيڙا وغيره ڄڻ سندس زندگي جو
معمول رهيا. سندس وڏي ڀا رئيس امروهي جي ڌي شاهانه رئيس ايليا جي
سندس زندگي تي لکيل ڪتاب چچا جون ۾ سندس زندگي جي گھڻن پاسن تي روشني وڌي ويئي
آهي. اها جون جي لا ڄڻ ته گھر جي گواهي
آهي.
جون جا ٽيئي وڏا ڀائر
رئيس، سيد محمد تقي ۽ عباس ۱۹۴۷ ۾ ئي پاڪستان اچي ويا هئا جڏهين ته جون ڪجھه سالن کانپو آيو. سندن
ما
پي اتي امروهه ۾ ئي رهيل هئا. جون جو چوڻ هو ته علم ادب ۽ خاص طور شاعري لا اها هڪ مردم
خيز سرزمين هئي. هتان جو هر چوٿون ماڻهو جيڪڏهين شاعر نه ته تڪ بند ضرور هو. اهو
خاندان پاڻ علم ادب سان لاڳاپيل هو. سندن پي سيد شفيق حسن مختلف ٻولين جو ماهر ۽
علم فلڪيات جو ڄاڻو هو. سندس ان موضوع تي برٽرنڊ رسل ۽ ٻين عالمن سان خط وڪتابت ٿيندي
هئي. خاندان جي ان صورتحال کي ڏسندي جون پنهنجي هڪ مضمون ۾ چئي ٿو ته مون کي
پنهنجي خاندان جو معاشي آئيندو اونداهو ٿو لڳو. ڇو ته ڪمائي جو ڪو ذريعو نظر نه ٿو
اچي. ٻه وڏا ڀائر ته روزگار سان وڃي لڳا هڪ آئون رلي ويس ۽ ڪٿي جو نه رهيس.
پاڪستان اچڻ کانپو کارادر جي
علائقي ۾ سندس رهائش هئي. رئيس امرهوي ۽ سيد محمد تقي کيس هڪ رسالي انشا جو ڊيڪليريشن
وٺي ڏنو جيڪو پو عالمي ڊائجسٽ جي نالي سان نڪرندو رهيو.
جون جي هڪ منفرد ۽
غير متوازن شخصيت رهي آهي. ليکڪا پنهنجي ما ۽ جون جي ڀاڀي
جي هڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿي ته جون جڏهين پنهنجي ما پي سان
امروهه ۾ هو ته هو ڪو ڪم ڪار ڪري انهن جي پرگھور لهي سگھيو ٿي پر هن ڪا نوڪري ڪرڻ
نه ٿي چاهي. هن نه ٿي چاهيو ته هو هڪ بابو وانگر صبح جو تيار ٿي دفتر وڃي ۽ شام جو
موٽي. هو جيڪو پاڻ کي دي جون ايليا چوندو هو اها ڳالهه سندس شان جي خلاف هئي. ڇوڪرين
جي محفل ۾ هو شرمايل، اکيون هيٺ ڪيو ۽ خاموش ويٺو هوندو هو جڏهين ته ڇوڪرن سان
سندس بلڪل نه پوندي هئي ۽ انهن کي ڇڙٻ ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ رڙيون ڪرڻ
سندس طبيعت ۾ شامل هو.
ليکڪا سندس شخصيت جو
جائزو وٺندي ان کي سندس ما جي پس منظر سان ڳنڍي ٿي. سندس ما کي سندس
مرضي جي خلاف خاندان جي هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪرائي ويئي هئي جنهن کي هو پنهنجو ڀا سمجھندي هئي
جنهن جي ڪري هو هڪ نفسياتي بحران جو شڪار ٿي ويئي هئي ۽ کيس وقت بوقت دورا پوندا
هئا. سندس لا
چيو ويندو هو ته مٿس گھر جي هڪ بند ڪمري جو دروازو کولڻ جي ڪري ظلمين نالي جن جو
پاڇو هو جنهن سندس شخصيت کي غير متوازن ڪري ڇڏيو هو ۽ مٿس وقت بوقت دورا پوندا
رهندا هئا. جون جي شخصيت ۾ چڙ، ڪاوڙ، رڙيون ڪرڻ وغيره جهڙين خاصيتن کي ڏسندي اهو
چيو ويندو هو ته هي ان ظلمين جن جو ٻيو روپ آهي.
ليکڪا پنهنجي پي
رئيس امروهي متعلق به ٻڌائي ٿي ته سندس ما گھڻي سهڻي
هوندي هئي جنهن جي ڪري سندس پي ڄڻ احساس ڪمتري جو شڪار هوندو هو ۽ سندس ساڻس نه
پوندي هئي. هن شادي کانپو گھر کان ڀڄي وڃي هڪ ڪوجھي عورت کي هٿ ڪيو ۽
ان سان شادي ڪرڻ وارو هو ته گھر وارا وڃي کيس واپس وٺي آيا. ساڳي ريت هو پنهنجن ٻارن
جي گھڻو ويجھو نه هو ۽ نه ئي ساڻن پيار ڪندو هو. ان ڪري ليکڪا پنهنجي پي جي بجائي
پنهنجي چاچي جون جي وڌيڪ ويجھو هئي ۽ پنهنجي نالي سان ايليا شامل ڪيو هئائين.
زاهده حنا جون سان
عالمي ڊائجسٽ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ اتي انهن ٻنهي جو تعلق وڌيڪ گھرو ٿيو. ڪتاب مان اها
خبر پيئي ٿي ته ٻنهي جي گھر وارا ان شادي لا راضي نه
هئا. زاهده جي پي کيس ان شادي لا منع ڪئي هئي جڏهين ته جون جي اصرار ڪرڻ تي
سندس ڀاڀي ٻه ٽي جاين تي سندس سڱ لا ڪوشش به ڪئي ۽ اهي
ماڻهو راضي به ٿيا پر جون شادي زاهده سان ڪئي. جون لا هونئن عشق ڪرڻ
۽ ان جو ختم ٿي وڃڻ هڪ معمول جي ڳالهه هئي. ان ڪري ان شادي کي هڪ خاص ڳالهه سمجھيو
ٿي ويو. اها شادي ويهه سال هلي جيڪا پاڻ گھڻن لا حيرت جي ڳالهه
هئي. جون پنهنجي ڌن ۾ ئي رهندو هو. مون جون جي ڌي جو هڪ ليک پڙهيو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو
هو ته ننڍي هوندي هو ساڻس ٻاهر ڪٿي گھمڻ ويئي هئي ۽ واپسي تي هو کيس پنهنجي ڪنهن
دوست جي گھر وساري پاڻ گھر پهچي ويو هو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته جڏهين اها شادي ويهه
سال هلي سگھي ٿي ته وڌيڪ به هلي ها پر اها هلي نه سگھي ۽ هڪ ڏينهن زاهده کيس چيو
ته گھر ۾ رنگ روغن جو ڪم پيو ٿئي هو ڪجھه ڏينهن لا پنهنجي
خانداني گھر ۾ وڃي رهي. هو پنهنجي پيتي کڻي پنهنجي ڀائٽي ڪرار جي گھر اچي ويو ۽
وري موٽي پنهنجي گھر نه وڃي سگھيو ۽ آخر تائين اتي رهيو.
ڪتاب مان ائين لڳي ٿو
ته جون جي خاندان ۽ زاهده جا ناتا خوشگوار نه رهيا آهن. ليکڪا جو چوڻ آهي ته هو گھڻو
عرصو انگلينڊ ۾ رهي ان ڪري زاهده سان گھڻو واسطو نه رهيو ۽ سندن ملاقات ٽي چار ڀيرا
ئي ٿي سگھي. پر انهن ملاقاتن ۾ زاهده جو رويو ناراضگي ۽ ڪاوڙ وارو هوندو هو. سندس
چوڻ موجب هڪ رايو اهو به آهي ته زاهده پنهنجي شهرت لا جون کي سيڙهي
طور استعمال ڪيو پر وري ساڳي وقت اها ڳالهه به ڪري ٿي ته زاهده ۾ پاڻ ايتريون
صلاحيتون هيون جو اها ادبي دنيا ۾ پاڻ پنهنجي جا ٺاهي سگھي پئي ۽ کيس اهڙي ڪنهن سيڙهي جي ضرورت نه هئي.
ليکڪا جو چوڻ آهي ته جون منصور حلاج تي هڪ ڪتاب لکڻ چاهيو ٿي ۽ ان جي لا هن ٽي سو ڪتابن
جو مطالعو ڪيو هو. اهي ڪتاب هڪ پيتي ۾ بند هئا. جڏهين جون گھر ڇڏيو ته اها پيتي
گھر جي سيڙهي وٽ پيل هئي. پو ڪنهن محفوظ جا تي نه رکڻ ڪري
مينهن ۾ اهي ڪتاب ضائع ٿي ويا ۽ جون جيڪو هڪ اهم ڪتاب ماڻهن کي ڏيئي سگھيو ٿي اهو
نه ڏيئي سگھيو.
جون ان وقت هڪ
جذباتي بحران ۾ وٺجي ويو هو جڏهين زاهده کانئس طلاق جي گھر ڪئي هئي. هو فون تي ان
سان ڳالهائيندي روئندو هو ۽ کيس اهو فيصلو واپس وٺڻ لا منٿون ڪندو
هو پر کيس ان جي ڪا گھربل موٽ نه ملندي هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي ته ان باقاعدي
عليحدگي کانپو
جون بلڪل ماٺ ٿي ويو هو. هو گھٽ ڳالهائيندو ۽ گھٽ کائيندو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب جڏهين
زاهده جون جي سڀني عادتن کان واقف هوندي ساڻس شادي ڪئي هئي ۽ ساڻس ويهه سال گذاريا
هئا ته پو
باقي زندگي به گذاري سگھي ٿي. ٻي ڳالهه ته زاهده کڻي ان خاندان لا غير هئي پر
سندس ٻار ته اسان جي خاندان جو حصو هئا پر هن انهن کي به خاندان کان پري ڪري ڇڏيو
هو. زاهده کان طلاق کانپو ڪجھه عرصو ان صدمي
۾ گذارڻ کانپو
جون جو اهو اصرار هوندو هو ته کيس ٻي شادي ڪرڻي آهي پر اها ٿي نه سگھي.
جون جو ليکڪا سان
چاچي هئڻ سان گڏ هڪ ويجھو ذاتي ناتو به هو. هو سندس لا پي به هو ته
استاد به جيڪو کيس فلسفو ۽ عالمي تاريخ پڙهائيندو هو. پر اهو تعلق ان وقت جهيڙن جڳهڙن
۽ تلخين جو شڪار ٿي ويو جڏهين جون پاران خانداني گھر وڪڻي پنهنجي حصي جي گھر ڪئي
ويئي. ليکڪا ۽ ٻين گھر وارن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ٿي جڏهين ته جون جو ليکڪا تي
اهو الزام هو ته اها سڄي ملڪيت پاڻ ڦٻائڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ هن ڪنهن ڳالهه جو
لحاظ نه ڪيو ۽ سڀ حدون پار ڪري ويو. هو ان حد تائين هليو ويو جو رڪشا ۽ ٽئڪسي ڊرائيورن
کي گھر وٺي ايندو هو ۽ چوندو هو ته هي هاڻي هتي رهندا. سندس چوڻ هو ته ان جائداد
مان جيڪي پئسا ملندا ان مان هو پنهنجن ٻارن کي خوش ۽ سکي ڏسڻ چاهي ٿو جڏهين ته
سندس ٻارن جو چوڻ هو ته کين ان جائداد مان ڪجھه به نه کپي. پر اهي پئسا سندس وفات
کانپو
سندس ڀائٽي سندس ٻارن کي ئي ڏنا ۽ انهن کي ئي ڪم آيا.
تخليقي ڪم سان گڏوگڏ
جون جي زندگي جا اهي مختلف پاسا آهن جن کي ان ڪٿا ۾ نروار ڪيو ويو آهي پر ان سلسلي
۾ هڪ ڳالهه کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته ليکڪا جون سان خانداني جھيڙن ۽ مسئلن ۾ ملوث
هئي ان ڪري سندس نڪته نظر کي ان حوالي سان به ڏسڻ گھرجي.
(ڏھاڙي سنڌ
ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment