پريم شواڻي
قديم ٿر جو جديد ماڻهو.
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
سائين پريم شواڻي ٿر
جو سگهارو صحافي، شاعر، ناول نگار، چترڪار، مزاح نگار، منفرد مقرر ۽ استاد هو. جيڪو
ڪڏهن انگريزي ۾ سوچيندو هو ته ڍاٽڪي ۾ اظهاريندو هو ته ڪڏهن ڍاٽڪي ۾ سوچي سنڌي ۾
لکندو هو. ڪڏهن لفظن کان لاتعلق ٿي ته پينسل جي لڪيرن ۾ پنهنجي راءِ رکندو هو. پر
جي ڀر ۾ برش ملي ويندو هو ته رنگن جي روپ ۾ پنهنجا احساس اتاريندو هو.
پهرين جنوري ۱۹۴۵ع تي مالڻهورويڻا جي رهواسي ڀڳوجي شواڻيءَ
جي گهر ۾ جنم وٺندڙ پريم شواڻي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ورتي ۽ مئٽرڪ
هاءِ اسڪول مٺيءَ مان ڪئي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم اي ڪئي.
‘مون ۾ عيب اپار’ وارو ڀٽائيءَ جو فلسفو ورجائي هي ننگ ڌڙنگ انسان جارج آرويل جو
ناول ‘اينيمل فارم’ پڙهندو هو. هن کي ميڊيا جي ڪردار ۽ پيشوراڻه ايمانداري تي سچ ڳالهائڻ
ايندو هو. هن وٽ ٻولي جو جوڀن سدائين چوٽ تي چڙهيل هوندو هو. هن صحافت توڙي ادب ۾
نوان لفظ، محاورا ۽ اصطلاح متعارف ڪرايا. هن مقامي سطح تي زرد صحافت جي لاءِ نئون
اصطلاح ‘سونڪڙي وٺڻ’ گهڙي ساٿين کي ڪردار ۾ ڪوجهي ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اڃا
ڪو ٿڙندو هو ته ان کي ‘ڇٻلو’ چوندو هو.
هن ڪڏهن ٽهي جو
فاصلو نه رکيو، وڏي سان وڏو ۽ ننڍي سان ننڍو هوندو هو. البرٽ ڪاميو جي لفظن ۾
چوندو هو ته؛ ‘آئون نٿو چاهيان توهان منهنجي پويان اچو، ٿي سگهي ٿو ته، آئون توهان
جي صحيح رهنمائي نه ڪري سگهان، آئون نٿو چاهيان توهان منهنجي اڳيان هجو ٿي سگهي ٿو
ته آئون توهان جي پويان نه هلي سگهان، بس مون سان گڏ هلو، منهنجا دوست ٿي هلو،
آئون دوست طورمڪمل نڀائي سگهان ٿو.’
هن ڪڏهن به نوجوان
کي انٽرنيٽ ۾ الجهي ويل نه چيو. هن ڪڏهن ڪيبل ڪلچر کي ننديو نه هو. نوجوانن کي ته
سيمبولڪ انٿروپالاجي علم مان سمجهائيندو هو ته، تهذيب شين جو نالو نه آهي پر شين
جي استعمال جي طريقيڪار جو نالو آهي. هو نوجوانن کي جرمن فلسفي امان وئير ڪانٽ جي
تيار ڪيل سوالن بابت ٻڌائيندو هو ته، نوجوانن کي انهن سوالن جا جواب اچڻ گهرجن
۱. مان ڇا ڄاڻي سگهان ٿو؟ ۲ . مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۳. مان ڪهڙي شيءِ جي اميد رکي سگهان ٿو؟
پريم شواڻي کان
پوءِ ٿر ۾ نوجوانن کي ائين ڪير سمجهائيندو!؟ هو نئين آيل انگريزي جي ڪتاب کي ٽائيپ
رائيٽر جي دور ۾ روز چار چار صفحا ٽائيپ ڪري ورهائيندوهو. هن ٿري لفظن جي ٽائيپ
رائيٽر تي انگريزي جي ڊڪشنري تيار ڪئي. جيڪا اڄ به مٺي جي ڪتاب گهرن تي ڦوٽو ڪاپي ٿي
وڪرو ٿئي ٿي.
هن اهو ٿر پڻ ڏٺو
هو، جنهن ٿر ۾ ماتا ۽ وارو جي بيماري هر ٿري جو مقدر هئي. اکين جي سور جي لاءِ
تازي وياميل اُٺڙي جي پس ٻڌي ويندي هئي. وڏي کنکهه کان ڇوٽڪاري جي لاءِ مريض گڏه
جو کير پيئڻ تي مجبور ٿيندو هو. سيني جي سور جي لاءِ اڪ پڙا ٻڌا ويندا هئا. ٿڌ زڪام
جي لاءِ کٻڙن جي پنن کي اڪاري ٿري جوهر جوشاندو ٺاهيو ويندو هو. پراڻي بخار جي
علاج لاءِ مريض کي ٻانهن ۾ جهلي مهمان نواز جاني لنجي جو انهن ٻولن سان بخار کي
قسم ڏنو ويندو هو ته؛ ‘رات مينهوڳي هجي، سؤ گهوڙن تي سوار، سؤ ڄڻا مهمان اچن. پر
جاني جي گهر پاٽي ڀريا داڻا نه هجن. ان هوندي به جاني جي دل لوڏو به نه کائي ته
بخار ڇڏي وڃ.’ نانگ بلا جي ڪکيل کي ڀوپا جهاڙ هڻندا هئا ته لاڻ لڳڻ جو خوف رهندو هو.
وڄ جي وراڪي ۽ گجگوڙ تي اڪ جون ڪاٺيون اڀيون ڪيون وينديون هيون، گهرن جي ڇتن تي اڪ
پڙا اڇليا ويندا هئا. ڪانسي جا برتن لڪائي رکيا ويندا هئا.
هن کي اُهو ٿر وڻندو
هو، جنهن ٿر ۾ چوپائي مال کي لال سمجهيو ويندوهو. ڏوج جي ميلي ۾ هرڪو خوشي سان کير
کڻي ايندو هو. وسڪاري جي آجيان ۾ گيت ڳايا ويندا هئا، ٻني کيڙڻ جي لاءِ پهرين اوڙ
کان اڳ ۾ مٺو لولو ورهايو ويندو هو. ڪتي جي کرن مان گهرجائو کي اناج کڙاڪ جي نالي
۾ ڏنو ويندو هو. کارن کٻڙن مان مٺن پيروئن جو ٽٻڪو ڀري ايندڙ ناري پهرين چارلپون
پاڙي جي معصوم ٻارڙن ۾ ورهائيندي هئي. ڪنڊي جي ڪچين سنڱرين جو پهريون کاٽيو به
خيرات ۾ ورهايو ويندو هو. آکاٽي جا سوڻ ساٺ موسمياتي کاتي جي اڳڪٿين کان وڌيڪ
اثرائتا هوندا هئا. سانوڻ ٽيج ۽ ڪانهوڙي جي تهوار تي ڳوٺ جي ريل ۾ صبح وڏن نمن ۽ ڪنڊي
جي وڻن ۾ نوجوانيون لڏنديون هيون ته شام ڪوڏي ڪوڏي ۽ گابڙي جي مقابلا ٿيندا هئا.
عيد ۽ ڏياري تي رواداري جو روپ چمڪندو هو، ڀڳت تنبوري جي تارن تي ڳائيندا هئا ته:
ڪبيرا ڪنوان ايڪ هي پاڻياري انيڪ،
برتن سب ڪي نياري، پاني سب ۾ ايڪ
سگهڙ پنهنجي ڳجهارتن
۽ ڏور بيتن جي مخصوص آواز ۾ اُچاريندا هئا ته:
جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجَهه به اوڏيائِي مَڱان،
ري ٿَنڀين، ري ٿُوڻيين، تُون ڇَپَرَ، تُون ڇانءَ،
ڪُڄَاڙو ڪهان، تو کي معلوم سڀڪي.
ڳوٺ ۾ پرڻجي آيل
گهوٽ پنهنجي اباڻي اوٽي تي پوءِ پير رکندو هو، پهرين ڪنوار کي ڪنهن جي گهر کوڙي ڏيڻ
جي ريت پوري ٿندي هئي.
هو قديم ٿر جو جديد
ماڻهو هو. هن وٽ ويراني ۾ حسن تلاش ڪرڻ جو ڏانءُ هو. عالمي ميڊيا ۾ مقامي مسئلا
رکندو هو، ڏيهي پرڏيهي ادب پڙهي مقامي رنگ ۾تجزيو ڪندو هو.انور پيرزادي وانگر شهر
۾ رهندي ڳوٺاڻو هو. هو شهري شاميانن جي ڇتن ۾ سڄايل پروگرامن ۾ دير سان پهچندو هو
پر ٻهراڙي جي ميلن جهميلن ۾ پهرين ڪانڀ ڪڍي وڃي ڇنن۾ ويهي رهندوهو. مارئي جو ميلو
لڳرائڻ هن جي وڏي مشغولي هوندي هئي.ورهاڱي کان پوءِ جيڪي ٿر ۾ مارئي جا ميلا لڳا، هر
ميلي جو پريم شواڻي مور رهيو.هن کي مارئي ميلي جو ميڙ ماکي جو مانارو لڳندو هو. هن
کي مارئي جي ميلي ۾ ڏٿ ملي ويندي هئي ته ڏوٿيئڙا ملي ويندا هئا. مارئي جي پڪارجو پڙاڏو
من ۾ محسوس ٿيندو هوته، صحرا جي ستر جي معني سمجهه ۾ اچي ويندي هئي.
پريم شواڻي پارڪر
جي پٽن ۾ ڪولهين کي راسوڙي جي رمت ۾ گرٻي ناچ ڪندي ڏسندو هو ته، پاڻ پارڪري ڪولهي ٿي
ويندو هو پر جي ٽنڊي باگي جي ڀر ۾هن سان مگرمان جي محفل ۾ ملبو هو ته آفريڪا جي
آديواسي لوڪن جو سڳو سوٽ لڳندو هو. گوگي چوهاڻ جا پوڄاري هر سال هن جي ڳوٺ گوگي
چوهاڻ جو ميلو لڳائڻ جي لاءِ هليا ايندا هئا. انهن ۾ انتر منتر جادو جنتر وارن ڀوپن
سان گڏ جوڳي جوڳي جي ذات هوندي هئي. سوٽهڙ قبيلي ۾ هن جي نک آسڏي چوهاڻ هئي هن جي
پيڙهي جي پوتاميل ۾گوگو چوهاڻ ڪٿي گڏجي ٿو؟ اها مون کي خبر نه آهي پر هي انوکو انسان
خورشيد قائم خاني جيان جپسي جيالاجسٽ ٿي جيئندو هو.هن چوهاڻ جي چت ۾ ساڳيون جوڳين
واريون رولاڪيون رهنديون هُيون.
هن ٿر جي ڀٽن ۾ ذات
پات جي نفرتي روايتن ۽ سماجي. اقتصادي استحصال جي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
مٺي جي اسٽيجن تان پنهنجي گجندڙ آواز ۾ گهڻي وقت تائين هي بيت پڙهندو رهيو ته:
اڃان اونچي ذات جي مٽي ناهي مت،
اڪ پڙي تي ڀت، رکيو کائي راجپوت جو.
هن پهرين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
لوڪل گورنمينٽ سانگهڙ جي آفيس ۾ ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي. پوءِ جلد ۱۹۶۵ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ جي استاد طور فرض سر
انجام ڏيڻ جي لاءِ آيو. ڊرائنگ ۾ هن جو استاد، سنڌ جو مشهور مصور ۽ ڪهاڻيڪار ع ق
شيخ هو. هن ۱۹۷۰ع ۾ ڊي ٽي ڪورس جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ مان
پاس ڪيو. پريم شواڻي پنهنجي شاگرد کي هنر ۽ فن ۾ فرق سمجهائڻ کان پوءِ ڊرائنگ جا
ليڪا ڪڍڻ سيکاريندو هو. ۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ هن فضل ڀنڀري ۾ سنڌ ٻولي جي اوچ ڪوٽي ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي
سان گڏ پڙهايو. سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر سائينداد ساند فضل ڀنڀري ۾ انهن ٻنهي
قابل احترام استادن وٽ پڙهيو. پريم شواڻي جو ۱۹۶۸ع ڌاري هڪ ناول ‘سورن سندو ساٿ’ ڇپيو. انهي
دور ۾ ھن هڪ ٻيو ناول پڻ لکيو هو، جيڪو اڻ ڇپيل رهيو.
پريم شواڻي کي ۱۹۷۰ع ۾ بهترين مصور جو ايوارڊ مليو. هن مٺي
هاءِ اسڪول ۾ هن خوبصورت آرٽ گيلري جوڙي هئي. مون پريم شواڻي کي اتي ڏٺو هو. اسان
جو ڊرائنگ ٽيچر هو، پر ڊرائنگ سان گڏ انگزيزي ۽ سنڌي به سيکاريندو هو.
مون کي پريم شواڻي ڪڏهن
به نالي سان سڏڻ جي بدران سدائين مائٽ چئي سڏيندوهو.آئون اسڪول جي زماني کان وٺي
سائين سان هجت واري انداز سان پيش ايندو هوس. جيڪا ڳالهه هن کي نه وڻندي هئي،هن جي
مزاج جي خلاف هوندي هئي تنهن تي ڪاوڙجي چوندو هو ته مائٽ ڪمال ٿو ڪرين....! مون هن
سان گڏ صحافت به ڪئي، نئون ڪوٽ جي هڪ پرائيوٽ ڪاليج ۾ پڙهايو به. مون هر گهڙي پريم
شواڻي کي پنهنجي پيشي سان پابند ۽ خودار شخص طور ڏٺو. هن کي صحافتي خبر ۽ ادبي
مضمون لکڻ ايندو هو، تصوير چٽڻ ايندي هئي، ليڪن ۽ رنگن جي استعمال جي منفرد مهارت
هئي. هن کي ڪهاڻي گهڙڻ ايندي هئي، هن وٽ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءَ هو، ڳالهه ۾ سنجيده
سوچ به اختيار ڪرائي سگهندو هو ته ڪمال درجي جو مزاح سان کلائي کيرو ڪرڻ ڄاڻيندوهو.
پريم شواڻي جنهن سان به جتي مليو. اتي ٿر بابت تجويزن سان گڏ هڪ نئين ڪهاڻي ٻڌائيندو
هو. جنهن ۾ ڀرپور طنز واري انداز سان ٿر جو بنيادي مسئلو هوندو هو. هن جي هڪ اهڙي ڪهاڻي
هتي پيش ڪجي ٿي.
ٿر جي ٻهراڙي جو هڪڙو
مريض ڊاڪٽر وٽ ويو، ڊاڪٽر مريض کي نهاري چيو ته، تو کي ٽي بي ٿي پئي آهي. دوائون
لکي ٿو ڏيان، دوائون ٻن نمونن جون آهن، هڪ دوا مانيءَ کان اڳ ۾ وٺڻي آهي، ٻي ماني
کان پوءِ. مريض ڊاڪٽر کي چيو ته؛‘سائين! ماني کان اڳ واري دوا لکي ڏيو، ماني کان پوءِ
واري دوا آئون وٺي نٿو سگهان. اسان ٿرين وٽ ڏڪار جي ڪري اناج آهي ڪو نه، جو ماني
کايان. ماني هجي ها ته ٽي بي به نه ٿئي ها.’
آئون هر ڀيري هن جي
اندر جي گهرائيءَ تي سوچيندو رهيس. هن جي اندر ۾ ڪهاڻين جو آڏاڻو هو، جتان شال
وانگر مختصر ڪهاڻيون اڻبيون هيون، هن تمام گهٽ ڪهاڻيون لکت ۾ آنديون. ڪاش ڪو ئي هن
کان اهي ڪهاڻيون لکائي ‘پريم جون ڪهاڻيون’ جي عنوان سان سهيڙي ها. جيڪي ڪهاڻيون
لکت ۾ آيون آهن، انهن کي هن ڊائريءَ جي ورق طور پيش ڪيون آهن. ‘ڪارونجهر جي مور جي
ڪوڪ’، ‘چوڙيلي ۽ چنڊ’، ‘جوڳين جو مطالبو’،‘جيئڻ جا جتن،’‘ٿر ۽ بجلي’، ‘تاريخ جو
ديوتا’، ‘ٿر جون ماڪوڙيون، گورنر هائوس جي گيٽ تي’‘ٿر ۽ سرڪاري بسون’ ‘مٺي شهر ۾
گندگي’، ‘مارئي جو يادگار۽ ميلو’ ‘گم رهندڙ استادن کي ڳولڻ وارا’، ‘ٿرواسي، رحمت
جو فرشتو ۽ گهنڊ’، ‘ٿر۾صحافت ۽ اقتداري حلقن جا لڙڪ’، ‘ٿر بر، وزيٽر، هليڪپٽر ۽ رٿابندي’،
‘ٿر، ڏڪار ۽ ڪامورو’، ‘پارڪر جي هڪ خوبصورت ڍڳي جي نيلام ٿيڻ جي ڪهاڻي’، ‘ملير جي
واري، ٿر جو روهيڙو ۽ روينيو عملدار’، ‘ٿريو، چڪور، چنڊ ۽ وزيراعظم’، ’ٿر جا
نمائيندا، اونداهي ۽ چٻرن جي دعا’ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. هن جو پُراثر نثر آهي.
جنهن جي حسناڪي پوپٽ پرن جي رنگت جيان روح ۾ اتري ٿي وڃي، من ۾ خوبصورت عورت جي ننڍ
مان اک کولڻ جهڙي ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي.
ناميارو صحافي ف م
لاشاري هن کي ڏاڍو ڀانئيندو هو. ف م لاشاري هن کي پنهنجي اخبار ۾ مانائتي انداز ۾ ڇپيندو
هو. هن ٿر جي ڪوئلي تي تمام گهڻو لکيو. محترمه بيظيرڀٽوجڏهن پهريون ڀيرو ٿر جي ڪوئلي
جو افتاح ڪرڻ اچي رهي هئي، ان ڏينهن ف م لاشاري پنهنجي اخبار جي فرنٽ صفحي تي لوگو
جي هيٺيان ‘ڌيان طلب ڌوڙ جا دڙا’ جي عنوان سان مضمون ڇپيو هو.
پريم شيواڻي جي
فرزند نوجوان شاعر پياري شواڻي ۽ مون گڏجي هن جي مضمونن جو مجموعو سهيڙن جي ڪوشش ڪئي،
پر حالتن جي ساٿ نه ڏيڻ جي ڪري ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. پوءِ سندس ڀائيٽي نوجوان شاعر ۽
سماجي ورڪر پرتاب شواڻيءَ انهي کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اتفاق سان جنهن ڏينهن
پريم شواڻي وفات ڪري ويو، ان ڏينهن انهي ڪتاب جي باري ۾ پريم جي وفات کان ٻه ڪلاڪ
اڳ ۾ ڳالهه ٿي هئي.
پوءِ اهو ڪتاب
مختلف هٿن کان ٿيندو ڪرشن شرما وٽ پهتو. جنهن پريم شيواڻي جي پهرين ورسي تي ڍٽ
پبليڪشن جي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.
فرانسيسي ڏاهي جوٽروڊاسيٽن
هڪ هنڌ لکيو آهي ته؛‘هڪ انسان کي ٻئي انسان سان محبت جي تلاش جو بنيادي سبب اندر
جي اڪيلائي آهي.’ پريم جي اندر ۾ وڏي اڪيلائي هوندي هئي. پرآندري مالرو جيان هن اڪيلائي
کي عشق ۽ آرٽ جي لاءِ ڪم ۾ آندو. هن وٽ عشق ۽ آرٽ جو وڏو سرمايو هو،جنهن جي آڌار
تي ڪهڙيون به حالتون هجنپرحيرت جهڙو اعتماد رکندو هو.جذبات جي جهرڻي ۾ وهنجهندي هن
ڪڏهن عقل ۽ ادارڪ کي هٿان نه ڇڏيو هو. محبت جي سائنسي فلسفي کان واقف هوندي ڀي
پنهنجو پورو ذهني، شعوري ۽ نفسياتي ڀرجهلو ڀٽائي ۽ اياز کي سمجهندو هو. هن پنهنجي
خطي جي لوڪ ڪٿائن ۾ صدين جي ڏاهپ جا نقطا چونڊيا هئا.پنهنجي من جي محرومين،
اداسين، المين ۽ تلخين کي لوڪ موسيقي جي مانڊاڻ ۾ لڪايو هو. هن کي ميران ٻائي جي
ديوانگي وڻندي هئي. هن ڪيترائي دفعا ميران جو پوٽريٽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر ڀيري
اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو هو. پنهنجي مخصوص انداز ۾ سگريٽ دکائي پنهنجي چپن تي ميران جو گيت
آڻيندو هو ته ‘مين تو ري پريم ديواني’گيت جي پهرين سٽ پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ميران جي ٻي
گيت ’راڻا جي مين زهر پيو جاڻي جاڻي’تي پهچندو هو. ڪاليداس جو وڏو قدر دان هو، پر
امارو هن جي اکين اڳيان پيو ڦرندو هو.
تون اڌ رات جو ڪيڏانهن
ٿي وڃين؟
پنهنجي پيار سان ملڻ
جي لاءِ جو منهنجي لاءِ زندگي ۽ موت آهي،
تو کي اڪيلي ويندي ڀؤ
نٿو ٿئي؟
مان اڪيلي ڪيئن ٿي
سگهان ٿي، پيار جو مون سان گڏ آهي. (امارو)
ٿر جي معاملي ۾ هو
داناءُ به هو ته ديوانو به هو. حقيقت پسند هو ته افسانوي رنگ رکندڙ به هو، مٺي هن
جي من ۾ هئي پرهو ڇاڇري جي شهر ۾ سرنگهو تي لهندڙ سانجهه جي جهيڻي جانجهه سانت ۾ سڻي
سگهندو هو. ننگر سان هن جي نيهن جوناتوهو ته آڌيگام جو اٺ ئي پهر الڪو رهندو هو.هو
چاهيندو هو ته ٿر۾ شعور پنهنجو اظهار لڄارن لفظن ۾ نه ڪري. ٿر جي ڪا به خوشي خوف ۾
ويڙهيل نه هجي. ٿر جي ڪنهن هرڻيءَ کي ڪارونجهر جي جهرڻي تائين پهچڻ لاءِ مارين جي
گهاٽ مان گذرڻو نه پوي.ٿر جي مورن جا ٽهوڪا اوشا ديوي جا گيت ٿي گونجن. هڪ دفعو مٺي
۾ ٿر بابت ڪو پروگرام هو، انهي پروگرام جي صدارت ڪندڙ وزير مور جا ٻچا ٿر کان ٻاهر
وڏي شهر جي بنگلي جي لاءِ کوکن ۾ بند ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ڪاموري کي حڪم ڏيئي آيو
هو. پريم شواڻي کي انهي ڳالهه جي سڌ پئي، هن انهي پروگرام ۾ اچڻ شرط مائيڪ وٺي
جذباتي انداز ۾ هي شعر اچي پڙهيو:
سهو نه ڏسان سيم ۾، سڀ ٿيا شڪار،
ٻُڌان ڪين ٻُوهن ۾، تتر سندي تنوار،
ويا ولر واريءَ تان، هئا هرڻ هزار،
ديسي ڪڪڙ داڻا ڪي، باقي بچيا يار،
فارمي پيئي فِراءِ ٿئي، بيحد بدبُودار،
پاجيرو وارا پريم چوي، مور ائين نه مار،
ايندڙ نسل اسان جا، پٽي پُڇندا پار،
’جاني اهي
جاندار، ماريا ڪنهن ملير جا؟‘
-
پهتو ڪٿان پاراڌي، ڪيائين ڪم ڪَچو،
کنڀيو ڇو کنيو وڃي، پاجيرو واري کان پُڇو،
ٻُٿ ٻُٿ ڳوليندي ٻَچو، ڊوڙِي ڊيل ڊِٻُن ۾.
پوءِ سڌو همراهه جو
نالو کڻي چيو ته، اسين ٿر جا مور هتان کڻي وڃڻ نه ڏينداسين نيٺ صاحب اقتدار کي ٿر
جا مور آزاد ڪرڻا پيا.هن تلور جي شڪار، وڻن جي واڍي،مورن جي موت ۽ ڪارونجهر جي پٿر
جي ڪٽجڻ جي خلاف ڀرپور شعر لکيا. هن جا اهي بيت ماحوليات جي بچاءِ جي لاءِ هڪ احتجاج
آهن:
روز وڍجن روهيڙا ڪنڊا ڪونڀٽ اپار،
چونڊن ڪٿان چپڙا ڪارا ڪولهي ٻار،
وڻڪار تو تي وار، ڪيڏا روز ڪُهاڙي ڪري.
-
ڪارونجهر ڪوڪيندي، رات ڏنو روئي،
پٿر منهنجا پيارا، روز گهڙي ٿي روهي،
ليز وٺيو ليکي تي، ڊوهه ڪن پيا ڊوهي،
مارو بکيا ملير ۾، ڍوڙيو ڏين ڊوئي،
اسان ٿيو اوهي، ته پٿر بچايون پارڪر جو.
-
ڀٽياڻي ۽ گوڌڙو وهندي ڪن وائي
ڪارونجهر پيو ڪورجي، ڌوڙ رهندي ڇائي،
پٿر وڪجي پارڪر جو ڪراچي ٿيئي سائي،
ٿريا سڀ ٿوهرن ۾ ڀيڙا ٿيا ڀائي،
ملير جي موتين جي ڪٿ ڪن ٿا ڪائي،
ڏي نه سرڪار ڏاهي، پٿر پٽي پارڪر جو.
-
آيا ڪالهه عرب، ڪَهي ڪارونجهر ڪور،
تنبوءَ ۾ تُرت ٿيو، شهزادن سندو شور،
ماريائون سڀ تلور، ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي.
-
ٽلي ٿي ٽهوڪيو، جڏهن ڀُونءِ ٺري،
ڪارونجهر جي ڪور جو، ويو مور مَري،
تنهن لاءِ ڊيل چَرِي، لُڙڪ وهائي لوڪ ۾.
پريم جو هڪ بيت ٿر
جي اصلوڪن رهواسين جي سماجي معاشي رپورٽ آهي، جيڪو هن پنهنجي ليٽرپيڊ تي لکايو هو،
جنهن تي بيت سان گڏ ‘فرام دي ڊيسڪ آف پريم شيواڻي’ لکيل هوندو هو.
هُو جا ڪولهڻ ڪارڙي، ويٺي وڪڻي پن،
ٻار جنهن جا ٻُوهن ۾، ڪيهون ويٺا ڪن،
آڻي ڪٿان اَن، ڪري پُورائو پيٽ جو.
هن جي ليٽر پيڊ پڙهي
مون کي آمريڪي شاعر والٽر وٽمن جي ڪالمن جو سرو ‘فرام دي ڊيسڪ آف اي اسڪول ماسٽر‘ياد
آيو.پريم شيواڻي والٽر جيان ڪالم لکندو هو. هن جي ٻين بيتن ۾ به ٿر جي غربت جا غم،
ڏڪارن جا ڏک، ناانصافي جا الميا سمايل آهن:
جهوپي ۾ جهانگياڻي، روئي رڌي رٻ،
پٽڙي آهي پاڻي جهڙي، ڏارو وڌائين لپ،
چکندا ڪي چپ، ٿر جي ٿڌي ريٽ تي.
-
پُور پچائيندي پيٽ لاءِ بابو ويو بازار،
پيسو نه هو پلي ۾، اَن نه مليو اُڌار،
آڌي آيو اوٽي تي، بک ۾ کنيائين ٻار،
لڙڪ لاڙيندي لار، ڦٿڪيو پي فاڪي ۾ .
-
ٿرين نيٺ ٿوهر کان، روئي پڇيو رات،
اسين اڃا اوندهه ۾، ڪونهي ڏٺي پرڀات،
گوندر سندي گهات، لهندي ڪڏهن لوڪ تان؟
-
ڄار تي جُنبي جيئن، مَڪڙَ ويهن مينهن ۾،
ٿريا سَٿيل تيئن، ڪالهه هُئا ڪيڪڙي تي.
-
ڍڪيل ڏٺم ڍاٽين جا، ڀونگا ڀر ڀٽن،
لڏيا ڪالهه لاباري لاءِ، بيوس ڪيا بُکن،
وري ورندا وٺي تي، يا ڪلر ٿيندو ڪفن،
جيئڻ ڪارڻ جتن، سانگي ڪن ساڻيهه ۾.
پريس ڪلب مٺي کي اڏڻ
۾ هن جون پنهنجي ساٿين سان گڏ محنتون ساراه لائق آهن. پريس ڪلب جو مختلف وقتن ۾
عهديدار به رهيو. وڏي وقت کان هو روز صبح گهران نڪري پريس ڪلب اچي پنهنجي اخبار
سان گڏ ٻين اخبارن ۾ ٿر متعلق خبرن کي ڪٽنگ ڪري فائيل ٺاهيندوهو، پوءِ چانهن جو سرڪيون
ڀري ڪمپوٽر جي ڪي بورڊ تي آڱريون هلائيندي ٿر جي دردن کي انگريزي اخبار جي ٻولي ۾
لکڻ شروع ڪندو هو. جڏهن مٺي جي شام شفق جي ڦولن جي ڀريل جهول وانگر محسوس ٿيندي
هئي، تڏهن واپس گهر موٽي ايندو هو. پر جڏهن هن جي طبيعت گهڻي خراب ٿي پريس ڪلب تائين
پهچڻ جو ست نه رهيو ته، هن گهر ويهي ٻي ڪمپوٽر تان پنهنجو ڪم ايستائين جاري
رکيو،جيستائين جيئرو هو. هن پاڻ پنهنجي هٿن سان پريس ڪلب تان پنهنجو سامان نه کڻايو.
هن چاهيو ٿي ته اهو اتي رهي ۽ آخري گهڙي مهل پنهنجي صحافي ساٿي کي گلزار جي نظم جي
سٽ سان چئي سگهي ته،‘ميرا ڪڇ سامان تيري پاس پڙا هي.’ ان اداس ڪمري جي ديوار تي ڪنهن
ايندي ويندي پينسل سان ڀٽائيءَ جو بيت لکي ڇڏيو آهي ته:
ڏکارو ڏونگر، ڏٺم
ري ڏوٿين،
پٻ اوريو ٿي
پنهنجو،انهيءَ لئه اندر،
ڇورو ٿيو ڇپر، ڀيروکاهوڙين
بس ڪيو.
پريس ڪلب جي هڪ هال
جو نالو ‘سائين پريم سان منسوب ڪيو ويو آهي
ڇا هاءِ اسڪول مٺي
۾ هڪ خوبصورت پريم آرٽ گيلري جڙي نٿي سگهي. ۷۰، ۸۰ ۽ ۹۰ جي ڏهاڪن ۾ پريم جون جوڙيل خوبصورت تصويرون ڪٿي سڄائي نٿيون
سگهجن؟
آئون هن سوال کي
اتي ئي اڌ ۾ ڇڏي ڀٽائي کي ياد ڪريان ٿو، ڀٽائي جنهن چيو ته:
پريم! تُنھنجا پار،
ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان!!!؟
Oh! My beloved! You have uncountable beautiful colors; I am not able to
admire anyone.
)Shah Abdul Lateef Bhitai)
No comments:
Post a Comment