استاد فتح علي خان
سُرن جو بادشاھه
استاد عبدالغفور سومرو
۷۶-۱۹۷۵ع واري زماني ۾ گهڻو ڪري مارچ
اپريل جا ڏينهن هئا. هڪ ڀيري ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ، لڳ محمد فقير کٽياڻ
جي درگاھ تي فقير سائين جي ميلي ۾ استاد فتح علي خان کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ سندس کي ٻڌڻ
جو موقعو مليو هيو. هتي راڳ ڏينهن جو ٿيندو آهي. صبح تقريبن ۹:۰۰ بجي کان سج لٿي واري نماز تي
ختم ٿيندو هيو. هن درگاھ جي مين گيٽ کان داخل ٿيندي بلڪل سامهون محمد فقير کٽياڻ
جي مزار واري چوڪنڊي آهي سندس ڀر ۾ برصغير جو تمام وڏو گائڪ استاد سينڌو خان دفن ٿيل
آهي. اهو به وڏو سبب آ جو گوالياري گهراڻي جا سڀئي ڳائڻا جن جو خاص ڪري حيدرآباد ۽
ٽنڊو آدم سان تعلق آهي، اهي سڀ هن ميلي ۾ حاضري ڀرڻ فرض ۾ شمار سمجهندا هئا ۽ آهن. استاد منظور علي خان، غلام رسول خان، وزير علي خان، استاد فدا حسين، نياز
حسين، وحيد علي خان، مختيار علي خان، شاگردن مان محمد عرس، دين محمد دمساز، ذوالفقار
علي ۽ مظهر علي، لياقت علي وقت بوقت شرڪت ڪندا رهن ٿا.
ڪافي
سال گذري ويا ۱۹۸۱ع ۾ استاد منظور علي خان جي
وفات ٿي جنهن سنڌي موسيقيءَ ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي مداحن جي من ۾ ماتام جهڙي ڪفيت پيدا ڪري
وڌي هئي. درگاهن تي ۽ مختلف هنڌن تي رچندڙ محفلون ۽ ايوان بي مزي ۽ ٻسا ٿي پيا
هئا.
۱۹۸۳ع ۾ شڪارپور استاد منظور علي خان جي جنم ڀومي ۾ ان دور جي ڊپٽي ڪمشنر قلي
بخش رند جي تعاون سان، سيد نادر شاھ، غلام نبي خان مهر ۽ آءٌ ڪجهه ٻين دوستن جي همٿ
سان هاءِ اسڪول نمبر ۲ جي آڊيٽوريم
۾ سرڪاري طور تي شاندار ورسي ملهائي سين، ان ورسيءَ ۾ وحيد علي خان، استاد وزير
علي خان، استاد گلزار علي خان، عابده پروين، استاد حميد علي خان، فتح علي خان جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير شامل ٿيا
هئا.
هن
محفل ۾ استاد حميد علي خان ۽ استاد فتح علي خان جي گائڪيءَ جو پلڙو ڀاري رهيو.
استاد راڳ درٻاري ڳئي درت لئي ۾ تانن پلٽن جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو. وچ ۾ ساز
آواز بند ڪري هن چيو ته هي ٻه حصا نئين بليٽ جا آهن هنن کي آءٌ پنهنجن مٿين ڏندن ۾
ڦاسائي تيز ڌارو جو منهن زبان واري پاسي ڪري تان هڻندس جي ڪڏهن ڪوڙي تان هوندي ته
ان سان زبان ٻاهر ايندي ۽ نتيجي ڪٽجي ويندي ۽ جيڪڏهن سچي تان ۽ جگر جي تان هوندي
ته ڪجهه به نه ٿيندو.
پوءِ
ائين ٿيو ته استاد جي زبان کي ڪجهه به نه ٿيو. سڄي محفل اُٿي بيهي تاڙيون وڄايون ۽
واھ واھ جو داد ڏنو. هن محفل ۾ شڪارپور جا نامور سياسي سماجي شخصيتن ۽ آفيسرن سان
گڏوگڏ راڳ جا شوقين به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هئا.
۱۹۸۴ع ۾ بهار جي موسم شروع ٿي هئي،
اسان استاد منظور علي خان جي ياد ۾ هڪ پروگرام ڪرائڻ لاءِ دوستن سان صلاح مشورا
شروع ڪيا هئا. بهار جي موڪلائڻ کانپوءِ
پهريان ۸۴-۳-۸ تي تاريخ مقررڪئي سين. اسان ڪنهن
پبلڪ پليس تي هي پروگرام نه پئي ڪرايو. ڇو ته برِصغير واري ورهاڱي کانپوءِ هي وڏو
پروگرام هيو شڪارپور ۾ خاص ڪري ڪلاسيڪل ميوزڪ جي حوالي سان شڪارپور جي تاريخ جاين
تان سج زمين ۾ لهي ويو هيو. فزائن ۾ نمن جو ٻور جي سرهاڻ رابيل ۽ گلابن جي خوشبوءِ
اڄ سرن جي سرڪين لاءِ هزاري در جهلڻ محلي ۾ پکڙجي وئي هئي. موسيقي جا متارا سنگيت
جي موکي جي پراڻن مٽن جا پره تائين پيئڻ جا پهه ڪري پڳا هئا.
وجهج
واٽهڙن تي مئخاني جي ماڪ
ٿيندي
سڌ سڀ ڪهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ
هي پره
جا پئياڪ جُهه سي اڱڻ آئيا (شاھ)
ساز سر
منڊل، تانپوره، طبلا پاڻ ۾ ميلاپ ڪري سرن جون ميڻ بتيون ٻاري ڇڏيون هيون هن تاريخ
ساز شهر جي قديمي ماڙين جي کڙڪين مان روشنيون ڦٽي پيون هيون. ڪٿان ڪٿان ڪڏهن اتر، ڪڏهن
اولهه وري ڏکڻ پاسي کان درين مان سونهن جرڪا پئي ڏنا. اهڙي دلڪش ۽ حسين منظرن جتي ٻين
ساٿين جي دلين ۾ اتي منهنجي روح ۾ پوکيل عشق جي رات راڻين کي پئي پاڻي ڏنو. هن
محفل تي ته الڳ هڪ پورو ڪالم لکي سگهجي ٿو. پر ڳالهه آ، استاد فتح علي خان جي
شخصيت جي. سڀ کان پهريون هن راڳ، سازگيري ڳايو. طبلي تي سنگيت، استاد بشير خان جي
۽ هارمونيم تي منهنجي استاد، گلزار علي خان لاڙڪاڻي واري پئي ڪئي. سرن جي سحر ۾ سڀئي
شڪارپور ۽ پري پري کان ڪهي آيل ٻڌڻي وارن مست ٿي داد ۽ دادن جي ورکا پئي ڪئي. خيال
ختم ٿيو ته ڪافي ’پرچن شال پنهوار‘ شروع ٿي ته استاد گلزار خان به جهلجي نه سگهيو.
سبحان الله! آلاپن ۽ مرڪن جو جوڀن پئي ڏسڻ ۾ آيو، مٿان وري گنڌاري توڙي جهپ تال
مان خيال ايسي کون ڪري، درت مان جيئرا لار اجي ته اصلي پوريون ڪري ڇڏيون. استاد وچ
۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳو ڏسو پيا اڄ گلزار علي خان ڪيئن پيو ڳائي هن جو ئي ڪم آ، مون
سان ڳائڻ. استاد گلزار به اڳتي هلي گلزار به اڳتي هلي گذري ويو.
استاد
فتح علي خان جي تلخ طبيعت جي ڪري مان ته سندس ويجهو نه پئي ويس، ڪڏهن ڪڏهن عرض ڪندو
هيس ته بابا اسان هاڻي ڪاڏي وڃون؟ چوندو هيو اڙي يار تون اسانجو ئي شاگرد آن، توکي
مولا خوش رکي.
اهو
عرض ۹ سيپٽمبر ۲۰۱۶ع تي اگهيو ۽ پاڻ قرب ڪيائين ته اڙي بابا هتان هڪ ڌاڳو وٺي آ، ته توکي
شاگرد ڪيون ۽ هاڻي تون ٺيڪ آهين. (يعني شاگردي جي لائق آهين) اها رسم منهنجي گهر
واپڊا اسڪارپ ڪالوني خيرپور A-۱-۱۶ نمبر
تي ٿي. دوستن کي ٻڌائي به ڪونه سگهيو هوس. ان رسم ۾ تاج جويو صاحب نامور اديب،
مختيار ملڪ صاحب اديب ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو خيرپور ميرس سندس پٽ سنگهار ملڪ ASP دوست حنيف لاشاري سندس پٽ گلزار علي منهنجا ٻئي پٽ، حسيب ۽ سارنگ
شامل هئا. ڳانو ۽ مٺائي تيار هئا. ان کان اڳ ۾ مان ڳالهائيندي زارو قطار روئي رهيو
هوس.
اهو ان
ڪري به ته مان جنهن جي حصي ۾ داخل ٿيو آهيان ڇا ايترو رياض ڪري سگهندس ۽ استاد
سائين جي ڏنل ذميواريءَ کي نڀائي پورو ڪري سگهندس يا ان کان اڳ ۾ زندگي بيوفائي ڪندي؟
انهن چند سوالن روئاري وڌو. هڪ ڳالهه خوشي به عطا ڪئي هئي اها هيءَ ته استاد فتح
علي خان جڙو گائڪ راضي ٿي پئي ته ان کان وڌيڪ خوش قسمتي ڪهڙي هوندي.
ڪاتب
لکن جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ
تيئن، رهيو آهي روح ۾.
No comments:
Post a Comment