Pages

05 September, 2017

مسرور پيرزادو

مسرور پيرزادو
غزل جو خوبصورت شاعر
فياض جتوئي
بهترين نوجوانن ۾ اسان جوخوبصورت شاعر مسرور پيرزادو به آهي جنهن ٿوري وقت ۾ سنڌي شاعري کي ٽي سهڻا مجموعا ڏئي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي.


مسرور جي شاعري فن ۽ فڪر جو سگهارو ۽ سهڻو سنگم آهي ۽ عظيم شاعري به اها ئي هوندي آهي جنهن ۾ فن ۽ فڪر ٻئي سگهارا هجن. موجوده سنڌي شاعري جو اهو پڻ الميو آهي ته اسان وٽ يا ته ڪي شاعر صرف فني لحاظ کان سٺا  آهن ته سندن فڪر خاص نه هوندو آهي يا وري ڪن جو فڪر سٺو هوندو آهي ته وري فن ۾ ڪمزور هوندا آهن. مسرور ٻنهي ۾ سهڻو  توازن برقرار رکيو آهي.
اڄ به مون کي ۲۰ آگسٽ ۲۰۱۳  جو   اهو   ڏينهن  چڱي  طرح  سان ياد آ جڏهن منهنجِي پهريون دفعو مسرور سان فيسبوڪ جي ميسيج باڪس ۾ ڳالهه ٻولهه  ٿي هئي،
نيٺ اُهو ڀاڳن وارو ڏينهن ۴ اپريل ۲۰۱۵ آيو ۽ ڀائو مسرور ڪال ڪري چيو ته مان هيئنر ڳوٺ ٻلهڙيجي آيل آهيان تون اچ! ان  کان  پوءِ  اُها رات  ڏاڍي  خوشي ۽ بيچيني واري گذري خوشي ملڻ جي، بيچيني رات کٽڻ جي، ڏکي سکي رات کٽي ۽  مان  صبح سان پنهنجي دوست سعيد پيرزادو ڏي ڪال ڪئي ته ٻلهڙيجي هلندين چيائين ها ها ضرور! ته پاڻ نڪري پياسين ٻلهڙيجي ڳوٺ ڏانهن، جڏهن پهتاسين ته ڀائو مسرور پاڻ نڪري آيو جنهن اوطاق ۾ ڪچهري جي لئه ويٺاسين اُتي ٻيا به  ٻلهڙجي ڳوٺ جا  سهڻا شاعر موجود هيا تن  ۾ اقرار پيرزادو، غوث  پيرزادو، سائل  پيرزادو ۽  بعد ۾ پيارو دوست ۽ شاعر مخمور رضا ميمڻ به لاڙڪاڻي کان آيو ته ڪچهري تمام گهڻي سٺي گذري ان ڪچهري ۾ کل ڀوڳ چرچا ادبي ڳالهيون وغيره ٿيو پر مان دلي طور صرف مسرور ڏي ئي نهاريان پيو ۽ سندس وڻندڙ مسڪراهٽ دل ۾ گهر ڪندي پئي وڃي  پاڻ  ڪچهري کي کٽائي ٻلهڙيجي ڳوٺ جي هڪ هوٽل تي چانهه پيئڻ وياسين هوٽل تي پهچڻ تائين مان ڀائو مسرور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي رهيو هس ۽ خوشي ۾ جهومي رهيو هيس ڇو جو خواب ساڀيان تائين پهتو هو ۽ ملاقات جي سڪ به تمام گهڻي هئي.
مان مسرور جي  شاعري  سان ائين پيار ڪيان ٿو جيئن  هڪ پٽُ پنهنجي  ابي ۽ امان  سان ڪندوآهي هاڻ   تي   دلي   خواهش  ٿي   پئي آهي   ته   مسرور   جي    تصوير   ڪنهن   سٺي    فريم   ۾ مڙهائي  پنهنجي  ڪمري  جي ان جاءِ  تي هڻان جتان مان روز ڏسي سگهان ،بس منهنجي رب  کان   هرگهڙي اِها دعا  آهي ته مسرور جهڙا  شاعرسنڌي ادب  کي ملندا رهن  ته  جيئن اسان جي ٻوليءَ اڃان وڌيڪ  مڃتا ماڻي ، مسرور  پنهنجي  ڪم سان  سچو ۽  کرو  انسان آهي،  توڙي  جو  منهنجي ڪنهن غزل ۾  ڪمي  پيشي  هوندي  آهي  ته بنا ڪنهن رک رکا  جي  مون   کي  چوندو آ  فياض!  هي  لفظ،  ڪافيو، سٽ  يا  وزن  درست  ناهي  سيٽ ڪر ۽ آئنده انهن شئين جو  خيال رکندو ڪر، مسرور شاعري جي  صنف  تي رکي  ٿو  خاص طور تي مسرور جو   غزل   ۽  نظم  انتهائي  لاجواب آهي.
مسرور سنڌي ادب کي چار ڪتاب ڏنا آهن جن مان ٽي ڪتاب سندس جي شاعريءَ جا آهن ته هڪ وري پرڏيهي شاعرن جي شاعري جي ترجمن تي آڌاريل آهي، هتي آئون مسرور جا ئي چيل لفظ ورجائيندس جيڪي هن شيخ اياز لئه چيا آهن ته “مسرور چوي ٿو ته آئون جڏهن اٺين ڪلاس ۾ هيس ته مون شيخ اياز کي پڙهيو جنهن منهنجي ڪچڙي ذهن تي ڏاڍو اثر ڇڏيو”

اهڙي ئي ريت مسرور جي شاعري منهنجي ذهن تي ڀي اثر ڇڏيو آهي هي جڏهن مان سندس ڪتاب منفرد پڙهيو ته مون کي منهنجي اندر جو آواز لڳو ۽ پو مان مسرور جي منفرد کي حفظ ڪيو ۽ هن وقت تائين ۴۰ دفعا پڙهي چڪو آهيان، ڇو ته سندس شاعري مون کي شعور ڏنو  آهي حياتي جيئڻ  جون نئون ڍنگ  ڏنو  آهي،  مان سنڌي  ٻوليءَ جي هڪ ننڍي ليکڪ جي حيثيت سان اهو  يقين رکان ٿو  ته هر پڙهندڙ کي مسرور جي شاعري مان راهه ملي سگهي ٿي، ڇو  جو هن جي شاعري ۾ تصوف جا نرالا رنگَ، معاشري جو درد، پيار جون ڳالهيون ۽ منزل ڏانهن وڌڻ  جو ولوَلو ملي ٿو. ۽  مون اِهي سڀ رنگَ تمام ويجهڙائپَ سان ڏِٺا آهن.

No comments:

Post a Comment