ماسٽر منظور
سنڌ جو لاڏلو فنڪار
ابراهيم لاشاري
سنڌ قدرت جي مٽي جو اهو خطو آهي جتي زندگي جي سمورن رنگن سان مالال نظر پئي ايندو پوءِ ڇو نه اهي رنگ سياسي هجن سماجي، علمي، ادبي يا ثقافتي سنڌ ڌرتي تي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪا ڪمي ناهي پوءِ اهي شاعر هجن يا سگهڙ اداڪار هجن يا فنڪار جيڏانهن به نگاھ ڪبي هر طرف ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان هن ڌرتي جو اهو لاڏلو نظر پيو ايندو. اهڙن ماڻهن منجهان اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي مکڻو فقير جي گهر کان ۸ جولاءِ ۱۹۷۴ع سومر جي ڀلاري ڏينهن ماسٽر منظور اکيون کوليون. سندس ڇٺي جو نالو (قدر حسين) هو. مگر پيار منجهان سمورا گهر ڀاتي ۽ دوست وري منظور علي ڪري سڏيندا هئا. سندس والد مکڻو فقير وقت جو هڪ يگانو فنڪارن ۾ شمار ٿيندو هو هر پيءَ ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته پنهنجي ٻار جي تربيت سٺي ڪري ڪونه ڪو آفيسر ٿئي نوڪري جي ڪرسي ماڻي مڱر مکڻي فقير جي من منجھ سندس خواهش هئي ته هن جو اکين جو ٺار پٽ ماسٽر منظور به ڳائڻ وڄائڻ واري ئي ڪرت سان سلهاڙ جي وڃي ۽ ٿيو به ائين ئي ماسٽر منظور شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجهان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس سڄو ڪهول (خاندان) قمبر شهر اچي وسايو. بعد ۾ هن وڌيڪ تعليم قمبر مان حاصل ڪئي.
ماسٽر منظور ننڍ پڻ کان وٺي ڪرڪيٽ راند سان
گهري دلچسپي هوندي هئي. ۽ راند جي فيلڊ ۾ هڪ بهترين (بالر) جي حيثيت سان سڃاتو
ويندو هو ماسٽر منظور ضلعي سطح تي ڪيترن مئچن ۾ پنهنجي ٽيم کي سوڀارو ڪرڻ ۾ ڪاميابيون
ڏياريون ماسٽر منظور کي ڳائڻ ورثي ۾ ئي مليو سندس والد صاحب ئي سر سنگيت جا سڀ گر
سيکاري ڳانو ٻڌي ڇڏيو، يارهن ٻارهن سالن جو ماسٽر منظور سر آلاپيندي آلاپيندي جلدي
ئي مشوري ماڻي سر سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرايو ماسٽر منظور سرن جا سر
گم پنهنجي چاچي مور فقير کان به سکيا جيڪو پڻ هڪ زبردست عوامي فنڪار ٿي گذريو آهي،
سال ۱۹۹۲ع ڌاري ماسٽر منظور جي پهرين آڊيو
ڪيسٽ رڪاڊ ٿي مارڪيٽ ۾ پهتي جيڪا پرستارن ۾ مقبول وئي ۽ شهريت جو سبب پڻ بڻي تنهن
بعد آڊيو ڪمپني وارن پڻ (ماسٽر جو خطاب) ڏنو جيڪو سندس پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين
مشهور ۽ مقبول ويو ۽ اڄ تائين ماسٽر منظور پڻ سڏجي ٿو. ماسٽر منظور ريڊيو ۽ ٽيليويزن
تي پڻ زبردست ڳايو ۽ مقبوليت ماڻي ريڊيو پاڪستان تي آواز جي دنيا جي جادوگر مٺڙي
آواز جي مالڪ بهترين براڊڪاسٽر محترم نصير مرزا صاحب سچل سائين جي ڪافي رڪارڊ ڪري
ريڊيو پاڪستان تي معتارف ڪرايو سندس جي اها پهرين ڳايل ڪافي هئي بعد ۾ سال ۱۹۹۴_۱۹۹۵ع ڌاري ٽيليويزن پاڪستان تي
ڪچهري پرو گرام ۾ ماسٽر منظور ڳائي عوام ۾ مقبوليت ماڻي هن لاڏلي فنڪار آهستي آهستي
ڪيتريون ئي آيوڊيو ڪيسٽون ڪڍي سر سنگيت جي دنيا ۾ هڪ بهترين فنڪار شمار ٿي اڀريو بعد
۾ ۲۰۰۳ع ڌاري نجي ٽي وي سنڌي چينل (ڪي
ٽي اين) تي ڪلام (هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي ٿي محسوس ٿئي) ڳايو ته
سندس مقبوليت آسمان پئي ڇوهيو سندس اهو ڪلام (ڪي ٽي اين) تسلسل سان هر ننڍي توڙي
وڏي شهر جهر جهنگ ۾ هر محفل ڪچهري ۾ ڳايو ۽ ٻڌو ويو سندس اهو ئي ڪلام مقبوليت جو
سبب بڻيو ماسٽر منظور سنڌ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي پڻ ڪيترا ئي ڪلام ڳائي پڻ
مسوري ماڻي، ماسٽر منظور مٺڙي ٻولي سنڌي کانسواءِ سرائڪي، بلوچي، اردو براهوي ۽
پنجابي ۾ پڻ بهترين نموني ڳائي پرستارن کان داد حاصل ڪندو رهيو سندس شاعري جي چونڊ
به بهترين هوندي هيس شاعر ۾ ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح،
حضرت سچل سرمت رح، استاد بخاري، شيخ اياز، غلام نبي مهيسر ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو
ڪلام ڳائي شاعرن ۽ پنهنجو نالو سر سنگيت ۾ نروار ڪيو ماشتر منظور پنهنجي سنڌ کان علاوه
پياري پڪستان جي سڀني صوبن جي شهرن ۾ ڳائي وقت به وقت داد حاصل ڪندو رهيو ان کان
علاوه هو ٻاهرين ملڪن منجهان سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات (دبئي) ۾ پڻ ڳائي داد حاصل
ڪندو رهيو ماسٽر منظور کي سندس ڪو به سرڪار يا غير سرڪاري ايوارڊ ڪڏهن به نه مليو
سندس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ جي شهر شهدادپور ۾ تاج پوشي ڪئي وئي
جيڪا پڻ ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ ناهي سندس ڳايل ڪلامن منجهان (سهڻا تون دل کڻي وين ايندي
ويندي واٽ تان، اک پرين جي اهڙي جو نهاري ته ماري، روئاري وٺ مري وينداسين ته ياد
ڪندين، دل جا سور او سرڪار ٿيندا اٿي وڇوڙي جا وار ڏاڍا ڏکيا ٿيندا ٿي، جانب تون
سان دل اٽڪيل آهي ڇا ڪيان ڪيان) کي پرستارن کان وڏي پذيرائي ملي جيڪي اڄ تائين
سندس مقبوليت جو سبب آهن ماسٽر منظور سال ۲۰۰۰ع نئين صدي جي شروع وارن ڏينهن ۾ قمبر آ امبر شهر ڇڏي سنڌ جي ٿڌڙين هوائن
واري شهر حيدرآباد کي وڃي وسيائين ۽ حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ پنهنجو
آستانو بڻايائين هن سهڻي فنڪار شادي پڻ ڪئي جنهن منجهان ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي
اولاد پڻ ٿي، نيٺ هي جهان به ڇڏڻو آ هر هڪ کي آخر ڪار سنڌ جو هي سهڻو فنڪار پنهنجي
قاسم آباد حيدرآباد واري گهر ۾ موجود هيو ۲۲ اپريل رات جو سال ۲۰۱۲ ع آچر
تي سندس جو لوندڙِي ۾ گولي لڳل لاش مليو سنڌ جو هي لاڏلو ۽ سريلو فنڪار سر سنگيت
جا سڀ ساز بند ڪري زندگي جا ۳۷ سال ۹ مهينا ۽ ۱۴ ڏينهن گذاري سنڌ واين ۽ هزارين پرستارن کان هميشه لاءِ موڪلائي راھ رباني
ٿي ويو سنڌ جي هن لاڏلي فنڪار جي مزار وادي حسين قبرستان حيدرآباد منجھ آهي سندس اڄ
۲۲ اپريل تي پنجين ورسي ملهائي
ويندي.
ماسٽر منظور
(غمگين گيتن وسيلي سدا حيات رهندڙ راڳي - ۲۲ اپريل ورسِيءَ جي
مناسبت سان)
مير چند اوڏ
سنسار ۾ کوڙ سردار،
رئيس، وڏيرا ۽ ڀوتار آيا ۽ ويا پر انهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو به ياد ڪرڻ وارو ناهي
رهيو. ساڳيءَ ريت جن ڪردارن انسانيت لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪئي
۽ انهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ جاکوڙيو اهي ڪردار صدين گذرڻ باوجود اڄ به ياد ڪيا وڃن
ٿا، جن ۾ سائنسدان، سماجي خدمتگار، قلمڪار، فنون لطيفه سان لاڳاپو رکندڙ راڳي
وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. اهڙن سدا حيات رهندڙ ڪردارن ۽ راڳين ۾ ماسٽر منظور پڻ شامل
آهي، جنهن پنهنجي آواز، گيت ۽ سنگيت جي حوالي سان اعليٰ مقام پيدا ڪيو جو هيءُ
جهان ڇڏڻ بعد اڄ به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.
ماسٽر منظور جو اصل
نالو قدر حسين هو. سندس جنم سومر ۸ جولائي ۱۹۷۴ع تي اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي
تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ۾ ٿيو. سندس والد مکڻو فقير ۽ سندس والده حميده
بيگم پڻ مشهور عوامي راڳي ٿي گذريا آهن. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سندس
موسيقي کيس ورثي ۾ ملي. ننڍپڻ ۾ هو منظور سخيراڻيءَ جا گيت وڏي چاھ سان ٻڌڻ ۽
جهُونگارڻ ڪري سندس گهر ڀاتي، مٽ مائٽ ۽ دوست-احباب پيار ۽ پاٻوھ منجهان کيس منظور
علي جي نالي سان سڏڻ لڳا. اهڙي طرح هو ماسٽر منظور جي نالي سان مشهور ٿيو.
ماسٽر منظور پرائمري
تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ جڏهن سندس خاندان قنبر شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي
ته هن پنهنجي تعليم کي قنبر شهر۾ اڳتي وڌائيندي پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن تائين
تعليم حاصل ڪيائين. ماسٽر منظور کي نوجوانيءَ وارن ڏهاڙن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ
ڪرڪيٽ راند سان تمام گهڻو لڳاءُ رهيو، اهو ئي سبب آهي جو هن بهترين بالر طور ضلعي
سطح تي منقعد ٿيندڙ ڪرڪيٽ راند جي ڪيترين ئي مئچن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي ٽيم ۾
اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو.
ماسٽر منظور جي
والد عوامي راڳي مکڻي فقير جي خواهش هئي ته سندس پٽ سندس ئي نقشِ قدم تي هلندي راڳي
بڻجي نالو روشن ڪري پنهنجو الڳ مقام ماڻي. ورثي ۾ ملندڙ هن راڳيءَ پنهنجي فن جي
شروعات يارنهن سالن جي عمر کان ڪئي. شروع ۾ راڳ جي سکيا سندس والد مکڻي فقير کان
حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ سندس چاچي مور فقير ۽ ڪجھ وقت استاد فتح علي خان کان به
سکيا ورتائين. هيءَ راڳ جي فن ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، غزل، وائي ۽ ڪافي ڳائڻ جو نرالو
ڏانءُ رکندڙ راڳي هيو.
سندس پهريون ڪيسٽ البم
۱۹۹۲ع ۾ لاڙڪاڻي جي سيٺ ھولا رام جي پروڊڪشن پاران جاري ٿيو، جنهن ۾ هيءَ ماسٽر
منظور جي نالي سان سر وکيرڻ لڳو. ان البم ۾ ڪلام “دروازو تون بند نه ڪجان، سمهي
تون ننڊ نه ڪجان” بيحد مقبول ٿيو. هيءَ راڳي ماسٽر چندر جي ڪافي وقت کان پوءِ ماسٽر
جي ٽيگ سان نروار ٿيو ۽ ان کانپوءِ ماسٽر جو ٽيگ رکندڙ ڪيترائي فنڪار سنگيت جي دنيا
۾ ايندا رهيا. ان البم کانپوءِ ڌڙا ڌڙ مختلف ڪيسٽ ڪمپنين ناز پروڊڪشن، ٿر پروڊڪشن،
پرھ پروڊڪشن، داتا پروڊڪشن، ليڊر پروڊڪشن، مارئي پروڊڪشن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمپنين
پاران سندس البم جاري ٿيا. ماسٽر منظور جا آڊيو توڙي وڊيو البم ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ جاري ٿيا.
هن راڳيءَ پنهنجي
فني شروعات ۱۹۸۶ع ۾ محفلن ۾ ڳائڻ کان ڪئي. ماسٽر منظور کي ريڊيو پاڪستان خيرپور ميرس تي نامياري
شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ناليواري
شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا سچل سائينءَ جي ڪافي سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪري متعارف
ڪرايو، جنهن عوام ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. ان کان علاوه سال ۱۹۹۵ع ڌاري کيس پاڪستان ٽيليويزن تي”ڪچهري”
پروگرام ۾ پڻ ڳائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن جي سڀ رنگ، پرک
۽ ٻين پروگرامن ۾ کيس ڳائڻ جو پڻ موقعو مليو. هن راڳيءَ سنڌي ٻوليءَ کان علاوه
سرائڪي، بلوچي، اردو، براهوي ۽ پنجابي ۾ ٻوليءَ پڻ ڳايو.
۲۰۰۳ع ڌاري ڪي ٽي اين تي ڳايل ڪلام “هر جاءِ پرين هر محفل ۾” ڳائڻ سان سندس
مقبوليت ۾ شاندار اضافو ٿيو. کيس پنهنجن ڳايل ڪلامن منجهان به اهو ئي ڪلام بيحد
پسند هيو. غمگين گيتن طور کيس بيحد پذيرائي ملي. سندس ٻين مشهور ڪلامن ۾ “اک
پرينءَ جي اهڙي جو نهاري ته ماري”، “قبر تي لکي ڇڏ جو مون سان يار وفا نه ڪئي” ۽ “هانءُ
ڦاڙي ڪيم رڙيون جڏهن موڪلائي پيو وڃي” وغيره شامل آهن. ماسٽر منظور ڪي ٽي اين، سنڌ
ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي پڻ ڪيترا ئي شهڪار ڪلام ڳايا جيڪي اڄ به نشر ٿيندا رهن
ٿا. ماسٽر منظور پاڪستان کان علاوه پرڏيھي ملڪن ۾ جهڙوڪ سعودي عرب ۽ دبئي ۾ پڻ ڳائي
پنهنجي چاهيندڙن کان خوب داد حاصل ڪندو رهيو.
ماسٽر منظور شاعرن
۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، ڪوثر ٻرڙو، انور
فگار هڪڙو، عباس ملاح، وحيد هڪڙو، ذوالفقار منگي، پيرل سولنگي، غلام قادر گھايل، بشير
بڪيجو، نطير ٿهيم سان گڏ ٻين ڪيترن ئي نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي خوب ڳايو. مڃتا ايوارڊن
۾ لعل شهباز ايوارڊ ۽ مختلف ڪمپنين پاران وقت بوقتاً پڻ ايوارڊ ملندا رهيا. ان کان
علاوه لاڙڪاڻي ۽ سانگهڙ ضلعي جي شهر شهدادپور ۾ سندس تاج پوشي پڻ ڪئي وئي. سندس
پسنديده شاعرن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز ۽ استاد بخاري رهيا. جڏهن ته فنڪارن
۾ استاد محمد يوسف، عابده پروين ۽ منظور سخيراڻي کيس بيحد متاثر ڪيو.
ھيء راڳي َ ڳائڻ جي
خوبصورت ڏات جيان سهڻي سڀاءُ جو مالڪ پڻ هيو. سندس پياري شاگرد دانش منظور ٿهيم جي
۲۰۰۱ع کان سندس ويجهڙائي رهي. ان جي بقول ته ماسٽر منظور سان باقاعده پهرين
ملاقات شاعر عباس ملاح ذريعي ٿي ۽ ائين ئي ماسٽر منظور جي کيس ڀائرن جيان شفقت ۽ صحبت
۾ رهندي اڄ پنهنجو مقام ماڻي رهيو آهي.
ماسٽر منظور سان سندس ڪيترائي پرستار ملڻ ايندا
هئا ته انهن کي هميشه جيءَ ۾ جايون ڏيندو هيو، ڪڏهن به انهن کان منهن نه ڦيريو. هيءَ
پنهنجي طبيعت مطابق ڪنھن کي به ڏٽو نه ڏيندو هيو ۽ نه ئي وري ڪو ڪوڙو دلاسو ڏيندو
هيو. هيءُ حساس راڳي خاموش ۽ کلڻو مزاج رکندڙ هيو. ڪنهن سان ڳالھائڻ دوران مختصرلفظن
کان ڪم وٺندو هيو، هي ڪنهن به قسم جي بحث بازي کان پري رهندو هيو. کيس اهو ڊپ رهندو
هيو ته ڪنهن سان ويجهڙائي رکڻ سان متان ڪڏهن ڪا اڻوڻندڙ ڳالھ نڪري وڃي جو کيس دلي
صدمو رسي، ڇو ته ٻين بابت اڻ وڻندڙ ڳالھ ٻڌڻ تي کيس دلي صدمو رسندو هو. ماسٽر
منظور ۲۰۰۰ع ۾ قمبر شهر ڇڏي ٿڌڙين هوائن واري شهر حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي
۾ رهائش اختيار ڪئي.
سال ۲۰۱۲ع تي آچر جي رات سندس لوندڙِيءَ ۾ گولي لڳل
لاش مليو. سوڳوارن ۾ ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ۽ هزارين پرستار ڇڏي، غمگين گيتن
ساڻ سڄي سنڌ جي موسيقيءَ واري ماحول کي غمگين ڪري ويو. غمگين گيتن وسيلي سدا حيات
رهندڙ ھيءَ راڳي ۴۲ سالن جي ڄمار ۾ وادي حسين قبرستان حيدرآباد ۾ ابدي آرامي ٿيو. سندس پرستارن
۽ چاهيندڙن آڏو اڄ ڏينهن تائين اهو معمو حل نه ٿي سگهيو آهي ته اها خودڪشي هئي يا
قتل. سندس خواهش هئي ته پنهنجي زندگيءَ تي ٽيلي فلم ٺاھي، جيڪا خواهش اڻپوري رهي.
(هندستان جي مئگزين هندواسي ۾ آچر، ۸ مئي ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment