ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
موتين جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ
زندگيءَ
۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان
محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر
سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ هڪ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي
آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاءَ جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي
سان لاڳاپيل رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا
سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو
آهي انساني زندگيءَ سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ
سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ، شاهه لطيف جي ان بيت جي جيان آهي، جنهن ۾
لطيف چيو آهي ته؛ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“. بهار جهڙي شخصيت ۽
سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ
جو اڄ ۴ جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين
۹ فيبروري تي به جنم ڏينهن جون
واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ ۹ فيبروري ۱۹۴۲ع لکيل آهي.
مان
خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين
۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش
ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف ان ڪري
ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.
ڊاڪٽر
محمد سليمان شيخ ۴ جون ۱۹۴۲ع تي، هالا شهر ۾ محمد حسين شيخ جي گهر اکيون کوليون. سندن والدين ڪورڪي
هنر سان واڳيل هيا. مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس
حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان ڪئي ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج
ڄامشوري مان ۱۹۶۶ع ۾ ڪيائين. هائوس جاب ڪرڻ
کانپوءِ جُون ۱۹۶۷ع ۾، ميرپورخاص ۾، اسسٽنٽ ميڊيڪل
آفيسر مقرر ٿيو. آڪٽوبر ۱۹۶۷ع ۾،
سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر، ميڊيڪوليگل آفيسر، ٽي بي ڪلينڪ، ايڪسري ۽ ليبارٽريءَ جو ميڊيڪل
آفيسر، آپريشن ٿيٽر توڙي پبلڪ وارڊ جو انچارج پڻ رهيو. ڊسمبر ۱۹۶۸ع کان جنوري ۱۹۷۰ع
تائين اسڪالر شپ تي، پنجاب يونيورسٽيءَ مان انسٿيسيا ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين.
جنهن کانپوءِ اپريل ۱۹۷۰ع
تائين دادوءَ ۾ رهيو.
انهيءَ
بعد سندس بدلي سانگهڙ ٿي وئي ۽ اٺين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد جي حيثيت ۾ هو جناح اسپتال پهتو، جڏهن ته ۲۵ نومبر ۱۹۷۰ع تي پي ايم اي سنڌ طرفان ڊاڪٽرن
جي وفد سان گڏجي تنهن وقت اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ طوفان کان متاثر ماڻهن
جي مدد ڪرڻ لاءِ ڍاڪا روانو ٿيو. جتي سندس ڊيوٽي سڀ کان وڌيڪ نقصان واري علائقي باڙيسال
ضلعي جي “بولا” ٻيٽ ۾ لڳي، تاريخي چونڊن جي ڪري کين ڇهين ڊسمبر تي اتان زوريءَ ڪڍيو
ويو. ۱۹۷۱ع ۾ هو واپس ڪراچي اچي ويو ۽
پوءِ سندس تقرري نوشهره ڪينٽ ۾ ٿي، جتي مهينو ڏيڍ رهڻ بعد لبيا هليو ويو. لبيا ۾
تيرنهن مهينا کن رهڻ بعد واپسيءَ تي ٽن سالن تائين ايل ايم سي ۾ انسٿيسيا جو هيڊ
آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. ۱۹۷۶ع ۾ فيڊرل
ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو، سندس تقرري جناح پوسٽ
گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪئي وئي. جتي ۲۵ سال سروس ٿيڻ تي پاڻ پندرهين مارچ ۱۹۹۳ع تي رضاڪارانه طور ريٽائر ڪيائين.
ڊاڪٽر
صاحب کي شروع کان ئي ادب ۽ سماجي ڪمن سان چاهه پڻ رهيو آهي. مئٽرڪ ۾ پڙهائيءَ
دوران هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي “انجمنِ فروغ ادب” ٺاهي، “ليڊنگ لائبريري” جو
بنياد وڌو ۽ گڏوگڏ ادبي مشاعرن، مضمون نويسي مقرري جي مقابلن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو.
هن ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جي دستخطي مهم ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو، جنهن دوران سي
آءِ ڊي وارن کيس گرفتار ڪيو پر ننڍي عمر جي ڪري کيس ڇڏي ڏنو. هو شاگرد سياست ۾ پڻ
سرگرم رهيو، جنهن دوران کيس جيل پڻ وڃڻو پيو. ۱۹۷۱ع ۾ هن شمشرالحيدري ۽ سائين بخش عباسيءَ سان گڏجي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چوٿين جون ۱۹۷۲ع تي
ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. سماجي شعبي ۾ سندس نالو نهايت احترام سان
ورتو وڃي ٿو. هو ڪيترن ئي ادارن جي بورڊن جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت به اهڙيون
ذميواريون نڀائي رهيو آهي. پاڻ ۱۹۹۲ع ۾
زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو اعزازي ميمبر ٿيو، جڏهن ته پهرين جنوري ۲۰۰۰ع کان اڄ تائين زيبسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ڪل وقتي سيڪريٽري آهي.
ڊاڪٽر
صاحب پاران ميڊيسن ۽ ڊاڪٽري جي حوالي سان ڇپيل ڪم ۾
1.
انسٿيزيا
فار ميڊيڪل اسٽوڊنٽس (انگريزي)
2.
رول آف
اڪوپنچر ان رليف آف پين
3.
ايڊٽ/ٽرانسليٽ
“چائلڊ ڪيئر” اي پبليڪيشن آف يونيسيف
4.
امپيڪٽ
آف اسلام اِن ڊولپمينٽ آف ماڊرن ميڊيسن
5.
اينسٿيٽڪ
مئنيجمينٽ آف ڪليفٽ لپ اينڊ پيليٽ سرجري ان انفينٽس اينڊ چلڊرين
6.
اڪوپنچر
ان ٽريٽمينٽ آف مائگرين
7.
رول آف
اڪوپنچر ان پين اي پاڪستاني ايڪسپيرنس پين-۸۶ شامل آهن.
ان کان
علاوه ڊاڪٽر صاحب پاران مختلف جرنلن ۽ ميگزينن ۾ طب ۽ ٻين موضوعن تي ڊاڪٽر صاحب ڪافي
ڪورسز ۽ ٽريننگس پڻ منعقد ڪيا.
ڊاڪٽر
صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو جن ۾
1.
انجمن
فروغ ادب ”هالا اکڙيون اجايون“
2.
سنڌ
سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي پاران ۱۹۷۴ ۾
انسان جا پراسرار دشمن
3.
لبيا
جو سفرنامو -سون ورني زندگي، پبلشر-سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد ۱۹۷۴
4.
ماءُ ٻار
صحت بابت ڪتاب “گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن” پبلشر سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ
يونيورسٽي ۱۹۷۶
5.
چائنا
جو سفرنامو “پيڪنگ پچارون” پبلشر مهراڻ پبلشرز ڪراچي ۱۹۹۲
6.
منهنجي
دنيا (ڪالمن جو مجموعو) ۲۰۱۴ع ۽
مختلف اخبارن ۾ سنڌ جي سماج تي ڪالم، سرت جي ڊائري، هلال پاڪستان
7.
تعليم
۽ معاشرو، هلال پاڪستان، منهنجي دنيا، جاڳو اخبار ۱۹۹۰، راڄ ڌانيءَ مان، هلال پاڪستان، الا ائين مَ هوءِ، عوامي آواز
8.
“ويهه مَ وساريج” پبلشر سنڌيڪا پبليڪيشن ۱۹۹۸ع شامل آهن.
سندس
شخصيت، ڪيل علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم، ماڻهن سان پنهنجائپ ۽ انسانيت سان پيار تي لکڻ
لاءِ ڪتاب گهرجن، هي سڀ هڪ ڪالم ۾ سهيڙي نه ٿو سگهجي. دعاگو آهيون ته سنڌ جو هي ڏاهو
ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
ماڻهو مڻيادار
اشرف لاريب پٺاڻ
هالا سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر محمد
سليمان شيخ ۴ جون تي
پيدا ٿيا. اڄ سندن ۷۴ هين سالگرهه
آهي. ڊاڪٽر صاحب جن جي شخصيت گهڻ رخي خاصيتن تي ٻڌل آهي، پاڻ، علم، ڏات، ادب جهڙين
خوبين سان مالا مال آهن. هڪ اهڙي ادب سان سلهاڙيل جيڪو ماڻهوءَ کي نئين دنيا اڏڻ ۾
مددگار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وٽ اهوئي سماجي حقيقت وارو هنر آهي پاڻ محبت سان لاڳاپيل،
وطن دوستي پر انسان دوستي جي علامت بڻجي چڪا آهن، سندن سوچ، ڪردار ذريعي هڪ (سگا) تنظيم
بڻايائون. جنهن جو تصور پر امن ۽ ترقي يافته سماج جي اڏاوت آهي. پاڻ هميشه چئن بنيادي
اصولن تي يقين رکندڙ انسان آهن. (۱) پنهنجو
پاڻ سڃاڻڻ (۲) غفلت ۽ ڪاهلي کي ڀڄائڻ (۳) محنت ۽ امن جو پيغام پهچائڻ (۴) روشني ڦهلائڻ.
ڊاڪٽر صاحب مٿين اصولن جي بنياد
ذريعي انساني قوتن کي اڀارڻ، پاڻ سڃاڻڻ ۽ منزل ماڻڻ جو درس ڏنو آهي اهوئي سبب آهي جو
پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن تنظيم سان سلهاڙيل آهن ان تنظيم جو بنياد به مٿي ڏنل
اصولن تي رکيائون. پاڻ پنهنجي ڪردار ذريعي هميشه هارايل کي همت ڏياري اهو ئي سبب آهي
جو پاڻ پنهنجي انفرادي ڪردار ذريعي اجتماعي شعور جي پروڙ ڪن ٿا ۽ هميشه سنڌ واسين کي
محنت، جدوجهد ۽ ڪوشش ڪرڻ جو پيغام ڏين ٿا.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جن جون صحت
۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪافي خدمتون آهن، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جهڙي قابل فخر تنظيم
جا باني آهن، سگا جي پليٽ فارم تان ماڻهن ۾ معاشرتي زندگي جي مڙني مسئلن کي پاڻ حل
ڪرڻ جي شعوري جاڳرتا پيدا ڪئي، جنهن ذريعي سنڌ جي ماروئڙن جي خوشحالي سان گڏوگڏ ملڪ
جي فلاح و بهبود ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ انهن ماڻهن
مان هڪ آهن جنهن ٻاهر رهي ڪري به پنهنجي ملڪ جي باري ۾ سوچيندا آهن، خاص طور تي سنڌي
نئين نسل ۾ جيڪي اوڻايون ڏسڻ ۾ آيس ان لاءِ به آواز اٿاريائين. خاص طور تي سنڌ جي نئين
نسل جو ڌيان تعليم ڏانهن ڇڪايو آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام گهڻيون ڪوششون رهيون آهن، پاڻ
۱۹۸۰ع ۾ سندس ئي اباڻي شهر ۾ ڪو ايجوڪيشن سسٽم رائج ڪرڻ لاءِ روشن تارا اسڪول جو پيڙهه
وڌائين، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۲۳
روشن تارا اسڪول قائم ٿي ويا، جنهن جو مقصد سنڌ جي غريب طبقي
جي ٻارن لاءِ سستي ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ آهي.
سنڌ جي سماجي خدمتن جو جڏهن به داستان
لکيو ويندو، ان ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو ذڪر نه هوندو ته اهو داستان اڻ پورو
هوندو. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ننڍپڻ کان ئي ادبي ذوق ۽ قائداڻي صلاحيتن جا مالڪ رهيا
آهن، سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ، جماعت شورا سنڌ جهڙن تنظيمن ۾ سرگرم رهڻ دوران
مخدوم طالب الموليٰ، احسان الهاشمي ۽ ٻين شخصيتن جي ميل جول سندس علمي ادبي چاهه کي
پروان چاڙهيو. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب ڪيترن ئي وڏين معتبر شخصيتن سان پڻ ويجهو
رهڻ ۽ سندن خيالن ۽ تجربن مان سمجهڻ ۽ پرائڻ جا موقعا کيس نصيب ٿيا، جنهن ۾ سائين جي
ايم سيد سان سوين ملاقاتون ٿيل آهن ان کان علاوه محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جا 8 سال
سيڪريٽري پڻ رهيا. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ پڻ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي ۽ سنڌ
گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي جي جاڳرتا لاءِ ڪيترائي سيمينار
۽ ليڪچر نه صرف ڪرايا آهن پر ان جا پاڻ به حصو رهيا آهن.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سفر
۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي قيادت ۾ ڪيئي ماڻهو پنهنجي ڏات ۽ پورهئي سان پئي نڀايو
آهي. هن عظيم انسان پنهنجي زندگي جي سفر ۾ ڪيئي سگهارا ڪردار متعارف ڪرايا آهن. پاڻ
هڪ اداري جي حيثيت ۾ اهڙي ڪلچر کي جنم ڏنو آهي جو هر ميمبر سچ ۽ سونهن جو اهڙو ته جرڪندڙ
موتي آهي ۽ اهڙي مالا ۾ پويل آهي جو ان کي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جي لازوال شاعري سان هن لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي.
سڙي جي ٻين سهائو ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا
سچ ته هن دنيا ۾ ڊاڪٽر صاحب جهڙا
ڪردار هن دنيا ۾ املهه موتي آهن، اسان کي گهرجي ته اهڙن ماڻڪ موتين جهڙي انسان جي عقل،
فهم ۽ رهبري مان فائدو حاصل ڪن. ڊاڪٽر صاحب جن جي ڏسيل واٽ ذريعي اسان پنهنجي سنڌ کي
هنن ڏکن سورن مان ڪڍي سگهون ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان لاءِ نيڪ جذبو، اٽل ارادو
۽ دل ۾ رحمدلي هجي. ڊاڪٽر صاحب جن جهڙيون شخصيتون صدين ۾ ورلي پيدا ٿينديون آهن. اها
اسان جي خوشنصيبي آهي ته اسان جي وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب جهڙو ڏاهو، سڃاڻ ۽ سنڌ سان محبت رکندڙ
موجود آهي. جن جي محنت ۽ اورچائي سان اسان سنڌ واسين کي وطن سان محبت جو اتساهه پيدا
ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر سليمان شيخ
شخصيت ۽ سماجي خدمتون
پروفيسر خالد حسين چنا
سنڌ جي
سماجي کيتر ۾ هڪ معتبر ۽ محسن شخصيت ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جو اڄ ۴ جون ڄمڻ جو ڏينهن آهي. دنيا ۾ رهندڙ سموري سنڌي قوم کي ڊاڪٽر محمد سليمان
شيخ جي ۸۴ وهين سالگرهه جون مبارڪون هجن.
سنڌ جي خوبصورت شهر هالا جي مٽي مان جنم وٺندڙ شاهه عبداللطيف، مخدوم نوح سرور،
مخدوم طالب مولا، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻيا ڪيترا املهه هيرا پيدا ٿيا آهن ۽ ٿيندا
رهن ٿا جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ۾ پنهنجو رت ست ڏئي امرتا پائن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سڄي
حياتي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ جدوجهد ڪندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر
صاحب ڪيترائي ادارا ٺاهيا آهن جيڪي ملڪي سطح تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن پر هن
جي سڃاڻپ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن رهي آهي. سگا ۱۹۷۲ع ۾ قائم ٿي جنهن جو مقصد سنڌ ۾ ترقي يافته پرامن سماج اڏڻ رهيو آهي. اها
تنظيم بنا ڪنهن مذهبي، سياسي فرق جي سنڌ جي جملي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ماڻهن
تائين جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ ڪوشان رهي آهي. ماڻهن کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ همٿائڻ
۽ واسطيدار ادارن کي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي رهي آهي. سنڌ جي تعليم، صحت،
غربت، ٻولي، پاڻي، ٻيٽ ۽ ٻين انيڪ مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سگا ان
۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي تنهن تي ڪجهه لکي نه ٿو سگهجي پر هن بيٺل سماج ۾ ڪنڪري هڻي
بيٺل پاڻيءَ ۾ گردش ضرور پيدا ڪئي آهي.
ڊاڪٽر
سليمان شيخ هڪ نبض شناس سنڌ جو ڏاهو آهي جنهن پنهنجي حڪمت سان سنڌ جي باشعور پڙهي
لکي ماڻهو کي سماج ۾ رضاڪاراڻي طريقي سان خدمت ڪرڻ جو هڪ صاف پليٽ فارم ٺاهي ڏنو
آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته گذريل پنج ڏهاڪن کان اهو خدمتن جو سفر لڳاتار
جاري آهي ۽ جاري رهندو. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي الله تعالي خداداد صلاحيتون عطا ڪيون
آهن. هن جي شخصيت ۾ وڏو سحر آهي. هو آهي ته مريضن کي بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر پر قدرت
جي طرفان هن جي شخصيت ۽ لفظن ۾ اهڙي ته گدڙسنگي جو اثر آهي جو ماڻهو ان جي سنگهڻ
سان پاڻ وڃائي ويهي ٿو. پوءِ هو پاڻ لاءِ نه پر جڳ لاءِ جيئڻ جو سوچي ٿو. ڊاڪٽر
سليمان شيخ اڪيلي صفر شروع ڪيو، ساٿي ملندا ويا. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سنڌ جي
خوشحالي جو خواب ڏٺو. هن پڙهيل لکيل ماڻهن کي سماجي شعور ڏيڻ لاءِ سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن جي ساٿ ۾ شامل ٿي رضاڪاراڻي طريقي سان خدمت ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو. سوين
رضاڪار سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون
ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪندا رهيا آهن. ڊاڪٽر صاحب لطيف سرڪار جي بيت وانگر
"محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو، انهيءَ جي ويڙھي، پاڻان ايندو بادشاهه” جو قائل
آهي. سگا جي محبت جو قافلو هلندو رهي ٿو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ
مريضن جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ کين آپريشن مهل بيهوش ڪرڻ وارو ڪم ڪندو رهيو، پر ٻئي
طرف وري پنهنجون ننڊون حرام ڪري، ستل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ڪندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر
سليمان شيخ صاحب جي شخصيت جو ڪمال اهو آهي ته هو ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو ۽ ماڻهن
کي حوصلو، همٿ ۽ جدوجهد جو ڏس ڏيندو رهي ٿو. هو هر ڪنهن کي پنهنجي حصي جو ڪم
ايمانداري ۽ سچائي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ چوندو رهي ٿو جڏهن ته پاڻ پنهنجي حصي کان
وڌيڪ تمام وڏو ڪم ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي رب پاڪ تمام گهڻا موقعا ڏنا.
هن هميشه نيت پت جو خيال رکيو آهي. هن ۾ شارٽ ڪٽ جي عادت پيل نه آهي نه ئي ٻئي جو
پورهيو پاڻ طرف سورڻ جي عادت آهي. هن جو دامن صاف آهي. نه هن جي اک ميري رهي آهي
نه وري هٿ ميرو رهيو آهي. هن جو ڪردار صاف ۽ چٽو رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
صاحب نهايت نفيس طبيعت جو مالڪ آهي. هو هميشه گفتگو مدلل ۽ مفصل ڪندو آهي. رب پاڪ
هن کي ڳالهائڻ جو بهترين ڏانءُ عطا ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو بنا لشڪر ۽ پئسي جي
هو ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ لاءِ متاثر ڪري ٿو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچي ۾ ۵ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر سليمان شيخ
شاھد بھراڻي
ڊاڪٽر
سليمان شيخ سنڌ جي انهن روشن خيال شخصيتن مان هڪ آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي علم،
سماجي سڌار ۽ قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. هو نه رڳو ڊاڪٽر آهي، پر ساڳي وقت
هڪ سماجي اڳواڻ، تعليم دوست ۽ تنظيم ساز به آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ
لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن پيا. سائين سان ڪراچي ۽ ڪئناڊا ۾ ڪافي ملاقاتون رهيون آهن۔
سائين پاڻ هڪ ساده طبعيت جا انسان آهن۔
ڊاڪٽر
سليمان شيخ صاحب جو جنم سنڌ جي هڪ شهرھالا ۾ هڪ سادي ۽ علم دوست گهراڻي ۾ ٿيو. ننڍپڻ
کان ئي هن ۾ پڙهائيءَ ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو موجود آهي . هن پنهنجي شروعاتي
تعليم پنهنجي علائقي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ طب جي شعبي کي چونڊيو.
محنت ۽ لگن سان هن ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪري ڊاڪٽر بڻيو.
ڊاڪٽر
سليمان شيخ پنهنجي پيشوَر زندگي ماڻهن جي علاج ۽ صحت جي بهتري لاءِ وقف ڪئي. هو
غريبن ۽ ضرورت مند ماڻهن جو مفت يا گهٽ خرچ تي علاج ڪندو هو. هن جو خيال آهي ته ڊاڪٽر
جو اصل فرض صرف بيماريءَ جو علاج نه، پر انسانيت جي خدمت به آهي.
ڊاڪٽر
سليمان شيخ سنڌي سماج جي ترقي لاءِ ڪيترين ئي تحريڪن ۾ حصو ورتو. هن سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن (SGA) جو بنياد وڌو، جيڪا هڪ اهم
سماجي ۽ تعليمي تنظيم طور سڃاتي وڃي ٿي. هن تنظيم ذريعي سنڌ ۾ تعليم، سماجي شعور ۽
نوجوانن جي رهنمائي لاءِ اهم ڪم ڪيو. هو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو وڏو حامي آهي. سائين
ميڊيڪل علم کي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، ته جيئن عام ماڻهو به صحت
بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر سليمان شيخ هڪ سادي، بااخلاق ۽ خدمتگار شخصيت جو
مالڪ آهي. سائين هميشه حق، سچ ۽ انصاف جي ڳالهه ڪندو آهي. سائينو جي زندگي نوجوانن
لاءِ هڪ مثال آهي ته ڪيئن علم ۽ محنت سان سماج جي خدمت ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني طور سڃاتا وڃن ٿا۔ ۽ سندس سماجي سجاڳيءَ لاءِ
تحريڪن ۾ سرگرم ڪردار رهيو آهي۔ سنڌي ٻوليءَ ۾ طبي ڄاڻ کي عام ڪرڻ جو سهرو به
سائين جي سر آهي۔ تعليم ۽ نوجوانن جي رهنمائي لاءِ سائين جون سنڌ ۾ ڪافي خدمتون
آهن۔
ڊاڪٽر
سليمان شيخ جي زندگي علم، خدمتن ۽ جدوجهد سان ڀرپور آهي. هن پنهنجي قوم لاءِ جيڪي ڪم
ڪيا، سي اڄ به ماڻهن لاءِ مشعلِ راهه آهن. سندس زندگي نوجوان نسل لاءِ هڪ مثال آهي
ته محنت، سچائي ۽ خدمت سان سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
(شاھد
بھراڻيءَ جي فيسبڪ پوسٽ ۸
فيبروري ۲۰۲۶ع)
No comments:
Post a Comment