Pages

01 May, 2015

بادل جمالي


بادل جمالي
کُتيري ٻيلي جو ماڻهو
پير عبيد راشدي
لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي.
محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي.


بادل جمالي ۱۹۷۵ع کان زندگي جي سمنڊ مان نه ڄاڻ ڪيترا موتي، پٿر ڪوڏ سپون ميڙي ڪهاڻين جي مال جوڙيندڙو ٿو هلي. هن جي ڪهاڻي ڪونج ڪتاران آهي يا روهڙي ڪئنال جي ٽاپ تان مٽندڙ اوٺي وڳ جيان،پر آهي موهيندڙ. هن جا احساس سمند وانگر بيڪنار آهن. هن جي اندر ۾ هڪ وقت منهوڙي ٻيٽ تي پئي پراڻي مندر جون گهنٽيون آهن ته مڪي مديني شريف ۽ نجف شهر مان پڙاڏجندڙ ٻانگ جا پاڪ ڪلما به وسندا آهن هو وچٿرو آهي. هو سچل جي وائي جو ورلاپ آهي.
بادل جمالي، ڪميٽيڊ ليک آهي، ڪهاڻيءَ جي خصوصيت اها به بيان ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ ۾ زندگيءَ جي ڪنهن هڪ هاڃي، ڪيفيت پيرائتي نموني بيان ڪجي، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ ڏاڍ کي اثرائتي ۽ نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪجي ڪهاڻي نه رڳو ڪنهن امير جي ڊرائنگ، ڊائننگ هال جو گلدان آهي پر ڪهاڻي روهڙي ڪئنال جي بند تي پاڻ مرادو ڦٽل سر جو ٻوڙو به آهي.
بادل لاءِ روهڙي ڪئنال ائين آهي جيئن ميخائل شولوخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ ولاءِ وولگا ندي هپ ڏکن جو ڊگهو رڻ پٽ جهاڳي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي ڪرسيءَ تي ويٺو.ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ماڻهن جي روش مٽجي ويندي آهي. پر هن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. فنڪارن، اداڪارن ۽ ليکڪن کي مانُ  ۽ عزت ڏيندو هو. پي ٽي وي تي ڪن کان هو سکيو ته ڪن جي هن رهنمائي ڪئي. بادل جو ن ڪهاڻيون فرد جي داخلي ڪيفيت کان وٺي، قوم، قبيلي سان ٿيل ڏاڍ جو الميو بيان ڪن ٿيون.
محترم بادل جي پسند جو ليکڪ ننڍي کنڊ جو وڏو ليکڪ سعادت حسن منٽو آهي. منٽو وانگر چٽي ۽ سهڻي نموني سان ڪهاڻي لکي ٿو، هن جي ڪهاڻين ۾ خوبصورت تشبيهون، استعارا ۽ اثرائتا مڪالما آهن هن جي ڪهاڻين ۾ سعادت حسن منٽو، امر جليل، علي بابا ۽ جمال ابڙي جي فڪر وانگر هڪ بي ڊپو باغي بي چين روح ۽ منفرد موضوع آهن، جي ڊگهي وقت تائين پڙهندڙن تي اثر ڇڏين ٿا. انهيءَ ڪري ڪيترا پڙهندڙ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن بادل سنڌ جو آهي پر آسمان جي بادل وانگر سندس روح جي ڪا حد نه آهي. بادل جمالي حساس ۽ خوددار آهي. کيس پاڻ وڻائڻ جي بيماري نه آهي. هو هروڀرو ڪنهن ادبي ڪاڄ ۾ نه ويندو آهي.جيستائين ڪو کيس ور ور ڪري سڪ مان نه سڏي منهنجي خيال ۾ اها سندس سٺي وصف آهي. ادبي دنيا ۾ جتي وڏي ادارڪ. دل ونڊڻ وارا ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن ته اُتي ڪي پٿر دل انا جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهو پڻ آهن.
ان جو مثال اهو ڏيندس ته جڏهن ڪهن ليکڪ جي ڪهاڻي، آرٽيڪل ۽ شاعري متاثر ڪندي اٿم ته انهيءَ ڏانهن سڪ جو هٿ ڊگهو ڪندو آهيان ۽ پوءِ هو ٻه ٽي ڏينهن چاهه جا ڏئي اوپرا ٿيو وڃن ۽ نه ملڻ جا بهانا ڪندا آهن. هو هوندا پنهنجن شهرن ۾ پر مسيج ياڪال تي جواب ڏيندا ” پير واقعي ابن پير آهين. هاڻ هاڻ قومي شاهراههَ تان تنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسندي مٽيوآهيان.
بادل جماليءَ جا ٻه ڪتاب ”سنگرام“ ۽ ”پاڙي ناهي پروڙ“ ڇپيل آهن اڃا به وٽس ٻن ڪتابن جيتريون ڪهاڻيون آهن. ڪتاب ”سنگرام“ جي ارپنا خود هڪ ماسٽر پيس ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ پورهيت پنهوار جي همت حوصلي ۽ جدوجهد جي مڃتا آهي. جي تتيءَ ٿڌيءَ روڊ رستن، واٽر ڪورسن تي ٻن ٽڪرن لاءِ ڪمائين ٿا. روڊ رستا، پلازه ۽ فصل آباد ٿي وڃن ٿا. پر پورهيتن جا اهي ساڳيا ڪکاوان گهر! بادل لکي ٿو ڪو به انقلاب اچي يا ڪو نئون نظام، پر مزدور جي اها ڇلي اها ئي تغاري ٺيڪيدارن،جمعدارن جادڙڪا ڇڙٻون، ڪنهن ڪچهريءَ ۾ بادل کان لکڻ جو ڪارڻ پڇيم، هو کي پل لاءِ چهچ سائي ڇٻر ۽ ڪنارن سان لڳل گلاب ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ رکي مٺو ڳالهائيندي چيائين ” سائين پير شاھ صدر جي شاھ آباد واري بنگلي جي باغيچي جي خوشبوءِ تنهنجي هن فارم هائوس ۾ وسي ٿي“ بادل جي اکين ۾ ماما سائين شاھ صدر جي شاھ آباد واري اٺاس کن جي ولار تي ڦهليل عاليشان بنگلي جا پارڪ ۽ گلاب لهڻ لڳا. شاھ صاحب جو اهو بنگلو 1950 واري ڏهاڪي  جي شروعاتي ۾ جڙي راس ٿيو هو. جنهن جي مهاڙي تي برڪت منزل 1952ع لکيل هوندو هو. هي اهو زمانو هو. جو جڏهن  حيدراباد، سانگهڙ، مٽياري ضلعن ۾ ڪنهن امير جو اهڙو بنگلو نه هوندو هو. بيڊ رومن سان گڏ هڪ ذاتي ناياب ڪتابن واري لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪتابن سان گڏ پراڻين اخبارن جا سيٽ ٿيل فائل هوندا هئا.
”مون لکڻ جو ڪارڻ پڇيو هو؟“ مرڪندي پڇيم.
وراڻيائين: ”عام ماڻهوءَ جي ياد تي وقت جو هوائون ليپو ڏئي ڇڏينديون آهن پر ليکڪ جي اندر ۾ ورهه پراڻين باغن باغيچن ۾ ٻرندڦ فانوسن ۽ پراڻين گهرن ۾ گاسليٽ وارن هٿ بتين جي بوءِ ۽ روشني واسيل هوندي آهي گلاب ڇڻي ويندا آهن، لالٽين جي وٽ اجهامي ويندي آهي پر انهن جي هٻڪار حواسن سان اک ٻوٽ ڪري احساسن جي ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي چمي ڏئي ويندي آهي.“
”بادل يار اڄ وس وسڪار ڪر لفظن جي ڇم برسات ڪر؟“
مون کيس کولڻ ٿي چاهيو،
”ليکڪ آڏو زندگيءَ جون تلخ انفرادي ۽ اجتماعي حقيقتون هونديون آهن، قلم کان ڪنهن مشعل جو ڪم وٺڻو پوي ٿو، لکڻ ڏکندڙ دل جي وارتا آهي“
بادل وضاحت ڪري چپ ٿي ويو، پر هو چپ ڪٿي هو، ٻاهر پام سنگل ۽ بادام جي لامن تي پکين لات ٽي لنئي، ملازم ٽيبل تي پليٽ ۾ پيل صوفي ٻير، زيتون ۽ ڇري رکي پر تي موٽي ويو”بسم الله“ کيس صلاحيم.
بادل چپن ۾ بسم الله چئي ۽ ڳاڙهي صوفي ٻير کي لاٽون سمجهي ڦيرائڻ لڳو ۽ وکريل لهجي ۾ چيو ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“
”مرحوم سائين شاھ صدر جون دعوتون ياد هوندئي؟” بادل پڇيو.
وراڻيم: ”نوابشاھ سانگهڙ جا روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا آفيسر ۽ وزير ته هميشه ايندا هئا. پر هڪ ڀيرو پير سائين پاڳارو، محمد خان جوڻيجو، ڄام صادق علي، سيد ذوافلقار علي شاھ ڄاموٽ ۽ ڄام سبب علي، پير صاحب سان گڏ ها. پير صاحب جو ڊگهو جلوس هالا بئراج موريءَ کان روهڙي ڪئنال، علي بحر ٽاپ تائين هو، واهن جي ٽاپ تي حر جماعت جا جمالي، لغاري ۽ سنجراڻي فقير خوشيءَ مان نعرا هڻي رهيا هئا. مرحوم پير صاحب جيئن سائين شاھ صدر مرحوم جي بنگلي تي لٿو، پير صاحب سامهون نئين اڏجندڙ مسجد ڏسي وڃي بيلچو کنيو، تغاري ڀري ڄام صادق علي ۽ مرحوم محمد خان جوڻيجي کان کڻايون.
بادل جمالي ڏسڻ ۾ خاموش توري تڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ وارو، پر اندر مشاهديءَ جا ست سمنڊ ڇليل اٿس، هن وٽ پي ٽي وي شوبز جون اڻ ڳڻيون نه وسرڻ جهڙيون ساروڻيون آهن. هو عابده پروين، استاد منظور علي خان، لتا، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، محمد رفيع، وحيدمراد، زيبا محمد علي ۽ پٺاڻي خان جو نالو وڏي سڪ ۽ پاٻوھ مان کڻندو آهي. هو مهل موقعي جي نزاڪت سان انهن جا ٻول جهونگاريندو به آهي.



بادل جمالي
سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار، شاعر، ناٽڪ نويس ۽ پروڊيوسر سان ڪچهري
عبدالسبحان جمالي
وطن جي مٽي ۽ ماڻهن سان اڻمئي محبت ڪندڙ بکر جمالي واسي شخصيت ليکڪ، شاعر، محقق، اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن جي سڃاڻپ رکندڙ نثري ادب ۽ اداڪاري فيلڊ ۾ پنهنجي باوقار ڪردار جي مالڪ بادل جمالي جو اصل نالو محمد سليمان جمالي آهي هن ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ شهداد جمالي ۾ جنم ورتو هن پنهنجو ننڍپڻ بکر جمالي جي ڀر سان ڳوٺ شهداد جمالي ۾ گذاريو شروعاتي تعليم ڳوٺ علي مراد جمالي مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ ميٽرڪ هن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بکر جمالي مان ۱۹۶۹ع ۾ ڪئي. ميٽرڪ کانپوءِ ڪراچي فلم انڊسٽريز ۱۹۷۳ع ۾ پهتو اُتي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ نوڪري ملي هن اُتي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ اُتان ريٽائر ٿيو. سنڌي ادب سان لڳاءُ هجڻ سبب هينئر سيڪريٽري طور سنڌي ادبي بورڊ نيو سعيد آباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي هن پنهنجي پهرين ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” جو (نسيم کرل) گولڊ ميڊلسٽ آهي اهو ڪتاب ۱۹۸۰ع ۾ لکيو هو.
س: توهان کي ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن شوق ٿيو؟
ج: ادب پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو مون شاعري سان لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي جڏهن آئون ڪراچي پهتس ته منهنجوواسطوسنڌي ادب سان ٿيو، مون ڪهاڻين کي ترجيع ڏني ۽ پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اڳتي آئون شاعري نه ڪري سگهيس ءِ ڪهاڻيڪار ٿي ڪري سامهون آيس. دوستن ڪهاڻيون پسند ڪيون.
س: اوهان سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا ڪهڙا ڪتاب لکيا آهن؟
ج: پهريون ڪتاب “پاڙي ناهي پروڙ” مون ۱۹۸۰ ۾لکيو جنهن کي ۱۹۸۰ جو بهترين ڪهاڻين جو مجموعو سمجهي نسيم کرل گولڊ مڊ ميڊل مليو ۽ ساڳئي سال شاعري تي شيخ اياز کي به مليو. ان کانپوءِ منهنجو ٻيو ڪتاب (سنگرام) ۱۹۸۷ ۾آيو ۽ ان کان علاوه (چونڊ سنڌي ڪهاڻيون) ۱۹۷۵ کان ۱۹۸۰ جي وچ واريون جيڪي ڪهاڻيون هيون انهن جي چونڊ مون ڪئي هئي. ريٽائير ٿيڻ کانپوءِ مون ۲۰۱۳کان ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ هاڻي سٺو مجموعو ٿيو آهي انشاءالله تمام جلد نئين ڪتاب جي صورت ۾ ڏيندس.
س: محمد دائود بلوچ سان ڪهڙن ڪتابن تي ڪم ڪيو ۽ ڪڏهن ڪيو؟
ج: مون محمد دائود بلوچ سان گڏ (چار ڪهاڻيڪار چار نقادس) جي نالي سان هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو هو جيڪومنصور پبليڪيشن جو مالڪ به هو ۽ اسان جو مانوارو دوست هو ان کان سواءِ  ان ساڳئي اداري لاء ٻه ڪتاب  ڪهاڻي نمبر جي نالي سان مون ۽ محمد دائود گڏجي ۱۹۸۲ ۽ ۱۹۸۳ ۾ ترتيبت ڏنا هئا.
س: توهان ڪهڙي قسم جي شاعري ڪئي پنهنجي ڪا شاعري ٻڌايو؟
ج: جيڪا منهنجي شروعاتي شاعري هئي اها رومانوي قسم جي هئي پر تڏهن اهڙي خاص يا شاندارشاعري نه هئي جنهن تي آئون فخر ڪيان ۽ انهي ڪري ڇپائي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اها ڪچي ڦڪي شاعري هئي ان زماني جي منهنجي لکيل شاعري هن ريت هئي.
نحص پنهنجي تي نادم ناهيان
جي وقت جي بازي مون نه کٽي
جيت اسان جي ٿئي يا نه ٿئي
هار ته هميشه پنهنجي آ
س: سنڌي ادب جي بهتري جي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟
ج: هڪ ليکڪ طور سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان  ۱۹۷۵ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي ۾ جوائننگ ڪئي هئي، ورڪر جي حيثيت سان ۽ ميمبر جي حيثيت سان مون اتي تقريبن اٺ کان ڏهه سال سنگت ۾ گذاريا جتي منهنجي ڪردارکي ڏاڍو ساراهيو ويو، ادب ،لکڻ ، تنقيد ۽ رهنمائي جي حوالي سان دوستن تمام گهڻي تعريف ڪئي منهنجوڏاڍو سٺو ۽ پازيٽيو ڪردار رهيو.
س: سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جي پڙهڻ ، تخليق ڪرڻ ۽ غلطين جي باري ۾ ڇا چوندا؟
ج: ڪہاڻين جو پڙهڻ هر وقت هر دور ۾ هوندو آهي پر ادب ۾هاڻي ڪهاڻين جو رجهان بدلجندو پيو وڃي عام پڙهندڙ کي هينئر معياري ڪتاب نٿو ملي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ ٻولي غلط لکي ويندي آهي. شاعري ۾ پڻ ٻولي جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، مذڪر ۽ مونث جو تقريبن فرق ئي ختم ٿي ويو آهي جئين ٿو ڪير محسوس ڪري تئين ٿو لکي هو پنهنجو معيار ڪونه ٿو ڏسي ته آئون مارڪيٽ ۾ ڪهڙي شئي موڪليان پيو ان جو ڪهڙو معيار هجي ڇاڪاڻ ته تخليقڪار کي جڏهن پنهنجي معيارجي خبر نه آهي ته اهو ٻولي کي ڇا ڏسندو مٿان وري اصلاح به نه ٿي  ٿئي ڇاڪاڻ ته اڳ ايڊيٽر هوندا هئا اهي ان شئي کي پڙهي درست ڪري پوءِ ڇاپيندا هئا. هاڻي ته ايڊيٽر به اسان جا دوست اهڙا وڃي ٿيا آهن جن کي اها توفيق به ڪانهي جو هو غلط کي صحيح ڪن جنهن جي ڪري اها شئي غلط لکي وئي آهي ته هاڻي اها ڇپجي به غلط پئي ۽ اها جاري آهي هاڻ ڪو ماڻهو ڪٿي جملو پڙهيو (منهنجي آواز خراب آهي) ته هو به چوڻ شروع ڪندو ته (منهنجي آواز خراب آهي) جنهن ڪري اسان کي سنڌي ٻولي جو معيار بهتر ڪرڻ گهرجي ۽ ايڊيٽرن کي به گهرجي  ته اهڙيون غلطيون جتي ٿين ٿيون انهن کي درست ڪري اصلاح ڪن اهو انهن جو فرض آهي.
س: ٽيڪنالاجي جي استعمال سان  ادب ۽ اخلاق تي ڪهڙو اثر پئي ٿو؟
ج: اڳئي اسان ڪهاڻين ۾ ٽيلي فون کي وڏي اهميت ڏيندا هئاسين وڏو ڪاري رنگ جو پي ٽي سي ايل وارن جو سيٽ هوندو هو ان ذريعي گفتگو ٿيندي هئي ماڻهو ڪمرن تائين محدود هوندا هئا. هن وقت موبائل جو زمانو اچي ويو آهي هر ڪنهن جي  کيسي ۾ موبائل آهي اوهان جبل تي هجو، جهنگ ۾ هجو،يا کڻي باغ ۾ هجو جنهن سان وڻي ڳالهائي سگهو ٿا اها سهولت تازي آئي آهي اسان جي دور ۾ پابنديون هيون ايتري قدر جو ڪهاڻيڪارن لاءِ پيار ڪرڻ جي جڳهن ته پيار جو اظهار ڪرڻ محبوبه کي ڏکيو لڳندو هو هاڻي ته ڪو به مسئلو ڪونهي هاڻي وڏي آزادي ٿي وئي آهي جو هر هنڌ مرد توڙي عورت وٽ موبائل آهن هر ڪو ڳالهائي سگهي ٿو هن وقت موبائل جي ڪري معاشري تي تمام غلط اثر پئجي رهيو آهي اهڙي طرح اهي سڀ ڳالهيون ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون ڇاڪاڻ ته ماڻهو هاڻي دلير ٿي ويو آهي اڳيون ڳالهيون ناهن رهيو. اڳي ڪنهن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ ڏاڍي ڏکي هئي پر اڄڪلهه هلندي ڦرندي ماڻهو دل جي ڳالهه چئي ٿا وٺن. ان ڪري اهي تبديليون معاشري سان گڏوگڏ ادب ۽ اخلاق تي به اثر انداز ٿين ٿيون هاڻي اهڙو معتبر قسم جو ادب تخليق ڪجي جيڪو هر ڪنهن جي لاءِ قابل قبول هجي اهو اڄ به مشڪل آهي ڇو جو ماڻهو اڄ به لکڻ تي ويهي ٿو ته هو شعور جي وهڪري ۾ اهڙيون شيون لکي ويندو آهي  جيڪي عام ماڻهن جي اڳيان ڳالهائڻ جهڙيون نه هونديون آهن پوءِ انهن تي  تنقيد ٿيندي آهي پر معتبر ادب ته اهو آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪجهڙو هجي مرد توڙي عورت سڀ پڙهي سگهن ۽ ان ۾ بي ادبي نه هجي.
س: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ادب تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟
ج: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان ڪتابن جي وڪري تي ضرور اثر ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اڳي هزار ڪتاب مهيني ٻن ۾ وڪامبا هئا هاڻي نٿا وڪامن ڇو جو تڏهن لکڻ پڙهڻ کي گھڻي ترجيع ڏني ويندي هئي ڇاڪاڻ ته اڳي ماڻهن وٽ وقت  گذارڻ جي لاءِ ڪا ٻي مصروفيت نه هوندي هئي هاڻي الڪيٽرانڪ ميڊيا اچي وئي آهي ان کانپوءِ سڄو ڪريڊٽ ٽي وي ڏانهن وڃي ٿو، توهان ڊراما ڏسو، ميوزڪ ٻڌو ۽ ٻيا پروگرام ڏسو اهي سڀ شيون ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو وٽ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ٿورو وقت ٿو بچي تنهن هوندي به جنهن جي ادب سان دلچسپي آهي اهو  اڄ به پڙهي ٿو، ڪتابن جو وڪرو اڄ به جاري آهي.
س: سنڌي ادب شاعري ۽ آرٽ جي حوالي سان ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟
ج: ادب، شاعري ۽ آرٽ اهي ٽئي ساڳيا چئبا ڇاڪاڻ جو ٽئي ادب سان ملندڙ آهن، اوهان انهن کي الڳ نه ٿا ڪري سگهو، ادب  تمام وسيع آهي اوهان جي موسيقي ان ۾ اچي ٿي وڃي، اوهان جي شاعري ان ۾ اچي ٿي وڃي، ڊرامه به ان ۾ اچي ٿا وڃن، تقرير به ان ۾ اچي، ايستائين ٻولي سڄي ان دائيري ۾ آهي.
س: پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ ۾ اوهان عوام لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟
ج: مون وڌ کان وڌ ادبي پروگرام ڪيا آهن، ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان تمام خوبصورت پروگرام ڪيا آهن. ان ۾ اسان بحث مباحثو، ڪريڪيولم ۾ غلطيون جهڙوڪ اسان واري دور جا ڪتاب ٻارن کي پڙهايا ويندا هئا ۱۹۵۰ واري ڇاپي سبب ٻار پريشان ٿيا ڇو جو مارڪيٽ ۾ اهي ڪتاب نه پيا ملن. ان تي اسان تعليمي آفيسرن کي گھرايو ۽  تمام سخت بحث ڪيا ان ۾ مون سان ڪافي تعليم کاتي جا آفيسر ناراض به ٿيا پر بعد ۾ ٽيليوزن تي جڏهن  اهي پروگرام ڏٺائون ته کين خبر پئي ته اسين پنهنجي جاءِ تي صحيح هئاسين ۽ اصل ۾ غلطيون هنن جو هيون جن کي بعد ۾ هنن تسليم به ڪيو هو ان کان پوءِ هنن ان ڌيان طلب مسئلي تي غور ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جنهن کان هنن جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ناهن انهن جي جاءِ تي نوان ڪتاب ڏنا. پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جي پليٽ فارم تان مون پروڊيوسر جي حيثيت سان ادب جي لاءِ سٺا ادبي پروگرام ڪيا ۽ بيشمار مشاعره ڪيا ادبي مباحثه ڪيم ڪيترائي ليکڪ، فنڪار، ادب جا ماڻهو مون متعارف ڪرايا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ پاڪستان ٽيلي وزن نيٽ ورڪ مون ادب جي حوالي سان وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو.
س: پاڪستاني ڊرامن کي دنيا ۾ گھڻي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، هن جو ڪريڊٽ ڪنهن ڏانهن وڃي ٿو؟
ج: ڪنهن هڪڙي ماڻهو کي نه پر سڄو ڪريڊٽ پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ جو آهي ڇاڪاڻ ته  پاڪستان ٽيليوزن نيٽ ورڪ نه صرف پاڪستان جو پهريون پر دنيا جو وڏو ادارو به رهي چڪو آهي هن جا جيڪي ڊائريڪٽر هئا انهن کي ٻين ملڪن ۾ تربيتون ڏياريون ويو، ان کان پوءِ انهن تمام خوبصورت ڊرامه ڪيا آهن، انهن نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر پڻ وڏو نالو ڪمايو خاص ڪري هندستان جي فلمي اڪيڊمي جيڪا پونا ۾ هئي ان  ۾اداڪارن کي سکيا طور پاڪستان جا ڊرامه ڏيکاريا ويندا  هئا ته اداڪاري ڪيئن ڪجي ڊائريڪشن ڪيئن ڪجي اهي پونا جي ڊائريڪٽرن جو ڳالهيون آهن. ان کان پوءِ اسان جا تمام وڏا بهترين ڊائريڪٽ محمد نثار حسين جيڪو لانگ پلي ڪندو هو طويل دورانيا جو وڏو ڊائريڪٽر هو. ان کانپوءِ ياورحيات، شهزاد خليل، شعيب منصور، سيد محسن علي ۽ قاسم جلالي اهي سڀ اسان جا وڏا ڊائريڪٽر هئا ۽ اسان انهن کان تربيت حاصل ڪئي انڪري اسان به پنهنجي حال سارو سٺا ڊرامه ڪيا خاص ڪري سنڌي ۾ جيڪي اڄ تائين يادگار آهن.
س: ڇا پرائيويٽ چينل اچڻ کانپوءِ پي ٽي وي جي ڏسندڙن ۾ گھٽتائي آئي آهي؟
ج: جي بلڪل گھٽتائي آئي آهي ڇاڪاڻ ته پي ٽي وي هڪ قومي ادارو آهي ان جي پنهنجي سرڪاري پاليسي آهي ڇا ڪرڻ گھرجي ڇا نه ڪرڻ گھرجي، جڏهن ته پرائيوٽ ادارا جيڪي آهن اهي ان پاليسي ته عمل نه ٿا ڪن اهي هر قسم جون شيون ڏيکاريندا آهن، اهي پنهنجي مالڪ جي مرضي تي ٿا هلن. چينل جا مالڪ جيڪڏهن پاڻ بهادر آهن ته اهي هر قسم جون شيون جيڪي هو هلائڻ چاهين عشق محبت جون هجن يا جيڪو به ڪجهه پرائويٽ چينل ذريعي ڏيکاري سگھن ٿا انهن کي آزادي آهي. پي ٽي وي ۾ اڄ به اها ناهي، پي ٽي جو پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر جڏهن سوچين ٿا ته انهن کي هزارين پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ان پابندين جي باوجود به هو پنهنجن ڊرامن کي مٿي ڪري رهيا آهن جو اڄ به دنيا ۾ انهن جو نالو آهي ڪڏهن اهو دور هو ته ٽي وي تي ڪا سيرل هلندي هئي ته ماڻهو مارڪيٽون بند ڪري ان کي ڏسندا هئا اهو سڄو دور پي ٽي وي سان هو هاڻي اوهان وٽ وڏا چينل آهن. جنهن ۾ ڊرامن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ آهي پر توهان جو مارڪيٽون هيئنر بند نه ٿيو ٿين ڇو جو اداڪاري يا ڊائريڪشن جو معيار اهو ناهي جيڪو پي ٽي وي جو هو.
س: نوجوان نسل ۾ ڀارت جي ڊرامن ۽ فلمن جو شوق تمام گھڻي حد تائين پيدا ٿي ويو آهي، ڇا سماج تي هنن جي ثقافت جا منفي اثر پئجي سگھن ٿا؟
ج: اهو اسان تي هندوستاني ثقافت جو حملو آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جا نوجوان واقعي متاثر ٿين پيا اهو  جيڪو ٽين ايج يا ارلي ٽوئنٽي ۾ جيڪي نوجوان آهن انهن نوجوانن ۾ ڇوڪرا هجن توڙي ڇوڪريون هجن انهن کي اهي انڊيا جون شيون  متاثر ڪن ٿيون. هاڻي "بي بي تيري چٽيان ڪلائيان" آهي اهو پاڪستاني چينل طرفان ته ڪون ٿو ٿي سگهي ۽ نه ڪو ٻيو چينل اهڙو ڪرڻ جو سوچيندو به. انڊيا مان ڊائريڪٽ اهي شيون اچن ٿيو ۽ ماڻهو ڏسن ٿا حيرت ان تي آهي ته اڄ اسان جي شادين جي موقعن تي اهي انڊين گانا هلن ٿا جن ۾ "عشق ڪمينا" يا "چولي ڪي پيڇي ڪيا هي" پڻ شامل آهن. اسان پي ٽي وي ذريعي اهي شيون عوام کي نٿا ڏيکاريون توهان پنهجن پرائيويٽ طريقن سان اهي سڀ شيون گھرن ۾ فيملين کي به ڏيکاريو ٿا ان ڪري اها ٻي پاليسي آهي. ڪجهه ماڻهن فلمن جي آزادي ۽ ڊرامن تي پابندي هڻڻ جي ڳالهه گورنمينٽ جي سامهون رکي ته گورنمينٽ جو اهو موقف آيو ته ٽي وي تي فيملي چينل به آهن ۽ فلمن کي ماڻهو پاڻ شوق سان ڏسڻ چاهين ٿا. ان ۾ اها شئي جيڪي توهان ڏسڻ لاءِ ويا اها توهان ڏسي سگهو پيا پر ٽي وي گھر گھر موجود آهي هن ۾ اهڙو ڪجهه نه ڏيکاريو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته گھر ۾ ويٺي ڏسندڙن کي اهو ناهي خبر اڳيان ڇا ايندو تڏهن ڊرامن ۾ آزادي نه ٿا ڏئي سگهون.
س:  سنڌي ادب ۾ اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ ڪهڙا آهن؟
ج: سڀني سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪن پيا پر ڪجهه خاص لکيڪ  آهن جن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي جيئن جمال ابڙو صاحب جيڪو منهنجو روحاني استاد پڻ آهي، آغا سليم جيڪو ڪمال جو افسانا نگار ۽ نثر نگار هو ان کانپوءِ سائين امر جليل آهي، نسيم کرل هو، ميڊم مهتاب جا افسانه، ميڊم خيرالنساءِ جعفري جنهنجا افسانا توهان پڙهندئو ته توهان کي خبر پوندي ته اهي ڪمال جا ليکڪ هئا.
س: نوجوانن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟
ج: عام پيغام آهي پڙهو گھڻو پڙهندئو ته ذهن کلندئو انگريزي ادب پڙهو اردو ادب پڙهو سنڌي ادب پڙهو پر پڙهو ۽ ان کي پروڙيو ۽ پنهنجي وڪيبلري جيڪا آهي اُها وسيح ڪيو لفظ پنهنجي ذهن ۾ تمام گهڻا شامل ڪيو انهن جي معنيٰ اوهان کي اچڻ گھرجي ٻي ڳالهه ته پنهنجو ذهن کليل رکو ڪٿي به وڃو مشاهدو ڪيو ڪاريگر وٽ ويندئو ته ڏسو ڪم ڪيئن ٿو ڪري محنت ڪش وٽ ويندا ته ڏسو محنت ڪيئن ٿو ڪري پنهنجي دل ۾ جنون پيدا ڪيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.



بادل جمالي
سنڌي ڪهاڻيءَ کي بادل جي جنم ڏينهن جون مبارڪون
رکيل مورائي
هو شخص/ ليکڪ جيڪو اسان جي نسل لاءِ سدائين احترام وارو رهيو آهي، هن جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون هيون تڏهن سنڌي ادب جي آسمان تي لکندڙن جي هڪ ڪهڪشان جرڪي رهي هئي، جن مان ڪيترا ئي هن جهان سان ۽ سنڌي ادب سان ناتو ٽوڙي ٻئي جهان ۾ وڃي سکي/دکي ٿيا آهن پر جيڪي اڄ اسان پنهنجي اکين آڏو نه رڳو ڏسي رهيا آهيون پر اهي سدا بهار به آهن ۽ باوجود گهڻي وٿيءَ جي اڄ تائين پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ لکي به رهيا آهن ۽ ڪڏهن به “ورچي نه ويٺا” آهن، انهن اسان جي احترام لائق لکندڙن مان بادل جمالي صاحب به آهي، ساڳئي وقت سندس همعصر لکندڙ ڀاءُ نور گهلو به آهي، جيڪو چڱي وٿيءَ کان پوءِ ئي سهي پر مسلسل لکي رهيو آهي.
بادل جمالي صاحب تڏهن به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اهم هئو، جڏهن هن پنهنجو پهريون ڪهاڻي ڪتاب “پاڙي ناهه پروڙ” اسان کي ڏنو هئو ۽ اڄ به اسان ۽ سنڌي ادب لاءِ اوترو ئي آبرودار آهي، جڏهن هن پنهنجو اڄ تائين آخري ڪهاڻي ڪتاب “اويلو مسافر” ڏنو آهي، وچ جو عرصو اهو آهي جيڪو هو پي ٽي وي جو پروڊيوسر هوندي ڪهاڻي کان وڌيڪ ناٽڪ جي ويجهو رهيو.
هن جي کاتي ۾ سنڌي ناٽڪ ته آهي ئي آهي، پر ٻيا ڪيترا ئي ادبي پروگرام به آهن جن جي معرفت هن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن اديبن کي هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي متعارف ڪرايو، جيڪي اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڏئي رهيا آهن.
سنڌي ناٽڪ کي پي ٽي وي تان اعليٰ مرتبو ڏيارڻ ۾ ٻين سنڌي پروڊيوسرن سان گڏ بادل جمالي صاحب جو به هڪ وڏو حصو آهي، پر سچ اهو آهي هن جي ٻين سڀني شعبن کان وڌيڪ اسان کي عزيز سندس هڪ ڪهاڻيڪار وارو ڪم آهي، جيڪو سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ آهي.
هو “پاڙي ناهه پروڙ” کان “سنگرام” تائين ۽ اتان کان وٺي “ اويلو مسافر” تائين سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪهاڻين معرفت سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي.
بادل جمالي صاحب جي ڪهاڻين جا موضوع ڳوٺاڻي زندگيءَ جا به آهن ته شهري زندگيءَ جا به آهن، سندس ڪهاڻين ۾ زرعي زندگي جي اوريجنلٽي به آهي ته شهري زندگيءَ جون چمڪندڙ  مصنوعي روشنيون به آهن ۽ انهن روشنين پٺيان غضبناڪ اونداهي به آهي جيڪا شهري ماحول مان جنم وٺندي آهي.
ايئن سندس ٻولي صاف، سٺي، وڻندڙ ۽ احساس کڻي ايندڙ آهي، جنهن ۾ ڪي به ور وڪڙ نه هوندا آهن، سندس ڪهاڻي جي اڻت ڪهاڻيءَ جون مروج سڀ گهرجون پوريون ڪندڙ رهي آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون سندس همعصرن توڻي کائنس پوءِ ايندڙ ۽ لکندڙ ڪهاڻيڪارن توڻي پرهندڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ ياد رهجي ويون آهن، نه رڳو موضوعاتي حوالي ۾ پر پنهنجي سموري احساس سان گڏ! ۽ ڪهاڻي جي حاصلات لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟!!
ڪڏهن ڪڏهن بادل جمالي صاحب جون ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته جيڪڏهن هو ان ئي موضوع تي ڪو ناول سنڌي ادب کي ڏئي، ڇاڪاڻ ته وٽس ٻوليءَ جي سونهن، موضوع جي چونڊ ۽ ان جي اڻت نهايت وڻندڙ هوندي آهي، اميد ڪجي ٿي ته هو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ناول ضرور ڏيندو ۽ ايستائين پڪ سان اسان سندس صحت لاءِ ۽ وڏي آورجا لاءِ گهڻيون گهڻيون نيڪ خواهشون سانڍيون ٿا!.
بادل جمالي صاحب اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري جي تعلقي هالا جي هڪ ننڍي ڳوٺ شهداد جماليءَ ۾ جنم ورتو، سندس جنم ننڍي کنڊ ۾ سدائين ياد رکيو ويندڙ سال ۱۹۴۷ع ۾ مئي مهيني جي ۲۹ تاريخ تي ٿيو.
هونئن سال جا سڀ ڏينهن مقدس ٿين ٿا پر اسان پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي جنم ڏينهن کي وڌيڪ ڀاڳ وارو ڏينهن سمجهندا آهيون ۽ پڪ سان اڄ جو ڏينهن به سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪهاڻيءَ لاءِ ڀاڳ وارو ڏينهن آهي، ڇو ته اهو بادل جماليءَ صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي.
سندس تعليمي لياقتون سندس سرٽيفڪيٽن ۾ درج آهن جن کي اڪيڊمڪ ادارن ۽ حوالن ۾ استعمال ڪري سگهبو، هت سندس حوالو نج ادبي آهي ۽ ادب ۾ نصاب جي اهميت ثانوي آهي، تخليق جي اهميت اوليت واري آهي ۽ اها ئي اهميت بادل صاحب جي سنڌي ادب ۾ آهي جيڪا سدائين رهڻي آهي.
اڄ بادل جمالي صاحب جو جنم ڏينهن آهي، پڪ سان اهو سنڌي ادب لاءِ اهم ڏينهن آهي، سنڌ جي ادبي دنيا پاران کيس گهڻيون مبارڪون ۽ خواهش آهي ته هو پنهنجي گذرندڙ حياتيءَ جو ڪجهه وقت لڳاتار سنڌي ادب خاص طور سنڌي ڪهاڻي کي ارپيندو واڌو هڪ ناول کي به.!


بادل جمالي
اسان جو هيرو آهي
علي بخش پٺاڻ
بادل جمالي، سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. توڙي جو سندس ڪهاڻين جي شايع ٿيل ٽنهي مجموعن “پاڙي ناهه پروڙ، “سنگرام” ۽ “اويلو مسافر” ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعي انگ صرف ۴۲ ڪهاڻيون آهي پر اهي ڪهاڻيون پنهجن موضوعن، ڪهاڻي پڻي، ٻولي، پيش ڪش جي انداز ۽ تخليقي خوبين سان ڀرپور سنڌي ادب جي نمايان ڪهاڻين واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن بادل جماليءَ جي نالي کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو خوبصورت حوالو بڻائي ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر بادل جي ڪهاڻين جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو هوندو آهي.
بادل جماليءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ شاعريءَ سان ڪئي پر جلد ئي شاعريءَ کي ڇڏي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ۽ جلد ئي هڪ سگهاري ڪهاڻيڪار طور پاڻ مڃرائي ورتو. ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ پڪل ميوي جهڙو رس ۽ چس هو پر سندس ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ به ڪمال فن واري هئي. سندس مشاهدو ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر هيو جنهن مان چُڪ ڪڍڻ سُئيءَ جي پاکڙي مان اٺ کي پار ڪرائڻ برابر هيو.
۱۹۷۰ع واري انهيءَ ڏهاڪي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن ۾ تاج بلوچ، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ هدايت منگيءَ جهڙا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد موجود هوندا هئا انهن جي موجودگيءَ ۾ بادل جماليءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “خيرات” پڙهي هئي. جنهن جي بي پناهه ساراهه ٿيڻ تي هن لڳاتار هر هفتي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي هئي ۽ مسلسل پنج گڏجاڻين ۾ هن پنج ڪهاڻيون پڙهيون هيون. بادل جي ڪهاڻين کي ته ساراهيو ويو پر سينيئر ليکڪن پاران همت افزائيءَ جي نتيجي ۾ کيس تمام گهڻو اتساهه مليو هو ۽ سندس ڪهاڻي “خفتي” امداد حسينيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي معياري مخزن “مهراڻ” ۾ شايع ٿي هئي. ۽ ۱۹۸۰ع ۾ اهي ڪهاڻيون “پاڙي ناهه پروڙ” جي عنوان سان شايع ٿيون ته بادل جماليءَ کي سگا پاران “نسيم کرل گولڊ ميڊل” مليو.
سندس لکڻ جو سلسلو تيزيءَ سان جاري رهيو ۽ ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “سنگرام” جي عنوان سان شايع ٿيو. هن جي ٻنهي مجوموعن ۾ شامل ڪهاڻين کي قارين ٿوڙي نقادن وٽان تمام سٺي موٽ ملي. خاص طور تي “خفتي”، “پاڙي ناهه پروڙ”، “ماڳ سندو مامرو”، “نوابي” ۽ “ڀورو گلاڻي” کي سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون سڏيو ويو. اهڙيءَ طرح بادل جماليءَ ڪجهه ماڊرن ڪهاڻيون پڻ لکيون جن ۾ “جيون جي زنجير ۾ جڪڙيل هڪ شخص”، “گگهه اونداهيءَ ۾ کسجي ويل ٽارچ”، “ويچارو انسان”، خواب نٿا نيڻن ۾ ماپن” ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن.
بادل جماليءَ جي ڪهاڻين جي فني پختگيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس پئي ڪئي، تڏهن ئي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو سائين اياز قادري بادل جماليءَ جون اهي ڪهاڻيون پنهنجي ڪلاس ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هيو.
بادل جماليءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقي رنگ ڀريندي عام ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ڪئي ۽ سندن مسئلن ۽ محرومين جي نمائندگي اهڙي ته زبردست انداز سان ڪئي آهي جو سندس ڪهاڻيون پڙهندي انهن ڪردارن جي تڪليفن تي اسان به ڏکارا ٿي پئون ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته لڙڪن کي اکين جي بند ۾ قابو ڪرڻ به اوکو بڻجي ٿو وڃي. پنهنجي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن بابت بادل جو پنهنجو چوڻ پڻ اهو آهي ته، “پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن جون مجبوريون ۽ انهن جون حالتون منهنجي اکين اڳيان ڦرنديون رهنديون آهن ۽ اڪثر منهنجو ويهاڻو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويندو آهي.”
بادل جمالي واقعي تمام حساس ڪهاڻيڪار آهي هو رڳو ڪردارن کي ڪهاڻين جا موضوع نه ٿو بڻائي پر انهن جي اهنجن، تڪليفن ۽ دردن کي محسوس ڪري ڍنڍڪرون ڏئي روئي به پئي ٿو. سائين محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل سان يوٽيوب چئنل “ساهت ٽي وي” تي ڪچهري ڪندي بادل جو چوڻ هو ته، “ڪو وڏو ماڻهو پيار مان ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي ڳلي لڳائيندو آهي ته به منهنجون اکيون ڀرجي اينديون آهن. ۽ ڪو پيارو ماڻهو اکيون ڪَرڙيون ڪري ڏسندو آهي ته به ٻارن وانگر روئي پوندو آهيان.”
بادل جمالي چوندو آهي ته ٽي ويءَ جا ڊراما هجن يا ڪهاڻيون هو بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي لکندو رهيو آهي ۽ ڪڏهن به کيس نتيجن جي پرواهه نه رهي آهي. پنهنجي لکڻين جي حوالي سان به هو واضح موقف رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته، لکڻ لاءِ ته مان ويٺي ويٺي ناول به لکي سگهان ٿو پر مون کي مقدار کان وڌيڪ معيار جو فڪر ماريندو آهي ۽ مان پنهنجي ڪهاڻي ايسيتائين مڪمل نه سمجهندو آهيان جيسيتائين ان مان مطمئن نه ٿيندو آهيان. ۽ ڪو ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ترميم نه ڪرڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ته مان ان کي مبالغو ئي سمجهندو آهيان.”
بادل جمالي  ۲۹ مئي ۱۹۴۷ع تي مٽياري ضلعي ۾ نيو سعيد آباد ويجهو ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ پئدا ٿيو. اتان ئي شروعاتي تعليم به حاصل ڪيائين. هو پاڻ ڪهاڻيڪار ته آهي پر سندس زندگي پڻ هڪ دلچسپ ڪهاڻيءَ کان گهٽ نه آهي. هو پنهنجي جيون ڪهاڻي بيان ڪندي شروعات اتان ڪندو آهي ته، ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي هو جڏهن اڃان ۱۱ ورهين جو هيو ته سندس سِرَ تان ابي جي ڇپر ڇانوَ نه رهي هئي، انهيءَ يتيمي ۽ غربت کيس مئٽرڪ ۾ نمايان نمبرن سان پاس ٿيڻ باوجود سندس ڊاڪٽر بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو هو. شاگرديءَ جي ان زماني ۾ کيس فلمن جو پڻ ڏاڍو شوق هوندو هيو ۽ فلم انڊسٽريءَ جا وڏا نالا غلام حيدر صديقي، بابو ڀائي، اي ڪيو پيرزادو ۽ ٻيا فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ سندس ڳوٺ ايندا هئا ته هو ڊوڙي وڃي اها شوٽنگ ڏسندو هو. ڪراچيءَ ۾ بادل جمالي هڪ فلم ۾ هدايتڪار آغا نظر ڪاوش جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو پر جلد ئي انهيءَ فلم جو پروڊيوسر آغا صغير مرزا گذاري ويو، فلم بند ٿي وئي ۽ بادل بي روزگار ٿي ويو جنهن ڪري ڪجهه مهينا هڪ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر جي نوڪري پڻ ڪيائين. ۽ ڪجهه عرصو سراج جي نگرانيءَ ۾ انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري، دستگير ڀٽي، هدايت منگي ۽ ٻين سان گڏ  “روزاني هلال پاڪستان” ۾ پڻ ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ئي مشهور اداڪار نور محمد لاشاريءَ نه رڳو بادل کي ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي ويءَ تي نوڪريءَ لاءِ درخواستون ڏياريون هيون پر کيس وٺي وڃي ٻنهي ادارن جي جنرل مئنيجرس سان به ملايو هو. اهڙي طرح کيس ۱۹۷۴ع ۾ پي ٽي وي جي اسڪرپٽ سيڪشن ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ خانگي طور پنهنجي پڙهائي به جاري رکي. کيس ۱۹۸۵ع ۾ پي ٽي ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر، ۱۹۸۹ع ۾ پروڊيوسر ۽ بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر مقرر ڪيو ويو. پي ٽي ويءَ تي سندس پهرين ڊرامه سيريل رزاق مهر جي يونيورسٽيءَ جي موضوع تي لکيل “وڇوٽيون هئي. جنهن بعد هن رحمت الله ماڃوٺيءَ جي “قربتون”، حفيظ ڪنڀر جي “منزلون ۽ مسافر”، ماڪن شاهه رضويءَ جي “ڪجل ڀنا نيڻ” سميت انور ابڙي، ڪيهر شوڪت ۽ ٻين ليکن جون ڪيتريون ئي سيريل ۽ سولو پليز ڪيا. ان سان گڏو گڏ هن ٻارڙن جو پروگرام “روشن تارا”، ادبي پروگرام “سنڌ رنگ” ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيائين. پي ٽي ويءَ تي ايامڪاريءَ دوران بادل جماليءَ ڪيترن ئي نون اداڪارن ۽ فنڪارن کي پڻ متعارف ڪرايو جيڪي اڄ ڪلهه شوبز جي دنيا جا وڏا نالا آهن.
پي ٽي ويءَ تي مصروفيتن سبب هو ڪهاڻيون لکڻ کان مڪمل طور ڪٽجي ويو هو پر ۲۰۰۷ع ۾ پي ٽي ويءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ بادل جماليءَ ڪهاڻيءَ ڏانهن ٻيهر موٽ کاڌي ۽ ۳۰ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ “ٽامي” جهڙي شاهڪار ڪهاڻيءَ سان شروعات ڪيائين. ۽ پوءِ لڳاتار “مَنَ جون اکيون”،”خان ڊولپرز”، “امان” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ڪهاڻيون لکيائين.
سندس نين ڪهاڻين جو مجموعو “اويلو مسافر” ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو ته ان کي به اهڙي ئي ڀرپور موٽ ملي، جيڪا سندس پهرين مجموعي، “پاڙي ناهه پروڙ” ۽ “سنگرام” کي ملي هئي. کيس انهيءَ ڪتاب تي اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران بهترين ڪهاڻين جو ايوارڊ پڻ مليو. ادبي دنيا سان نئين سر سلهاڙجڻ جو سمورو ڪريڊٽ هو پنهنجي پياري دوست سائين محمد علي پٺاڻ کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته، “جيڪڏهن ۲۰۱۳ع ۾ محمد علي پٺاڻ لڳاتار زور نه ڀريندو رهي ها ته مان شايد ٻيهر ڪهاڻيون نه لکان ها. ڇو ته ٻيو مجموعو “سنگرام” شايع ٿيڻ بعد مون ٻيهر ڪڏهن به نه لکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.”
هاڻي بادل جماليءَ جو نَون ڪهاڻين تي ٻڌل چوٿون مجموعو ڇپائيءَ  لاءِ تيار آهي، جيڪو پڙهندڙن جي هٿن تائين ايندو ته يقينن پسند ڪيو ويندو. اڄ ۷۳ هين جنم ڏينهن جي موقعي تي اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي محبوب ليکڪ سان گڏ آهن ته شال سندس صحت ۽ قلم سلامت رهي ۽ هو سنڌي ادب جي جهولي ايئن ئي شاندار ڪهاڻين سان ڀريندو رهي.

No comments:

Post a Comment