Pages

07 January, 2014

انور پيرزادو

انور پيرزادو


انور پيرزادو؛ سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور  پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. تاريخ ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي.


ننڍپڻ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو.
هن ۱۹۵۵ع تائين، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پنڌ يا سائيڪل تي وڃي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.
انور ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۸ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهن جي دڙي اسڪول، ٽڳڙ باغبان (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شير محمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. انور، ٽڳڙ باغبان ۾ ٽيچر هجڻ دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’برسات‘ ۾ ”وڏيري جي اوطاق مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي.
انور ۱۹۶۹ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. سال ۱۹۷۰ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو. ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”۲۰ صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو.
فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو.
انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا. تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. سال ۱۹۷۵ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سال ۱۹۸۰ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي ”ڊان“ اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم آر ڊي هلچل دوران، هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ ۶ مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”برسات“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.
انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي منھ جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا. جن ۾ ”تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي“ (فيڊرل ڪاسٽرو جي تاريخي تقرير) ۽ ”شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد“ اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن؛ ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”متان وساريو“ (۲۰۰۷ع)، ”سنڌ“ (ڊسمبر ۲۰۰۸) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس ڪتاب Sindhi Language and Literature- A brief account پڻ ڇپجي چڪو آهي.
پاڻ ۷ جنوري ۲۰۰۷ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي آهي.
انور پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ ۱۹۷۳ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر ۱۹۸۹ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين، سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو، جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. ٿر ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو تاج بلوچ، -بدر ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ ٿر هئا .



انور پيرزادو
موت وقت به مسڪرائيندڙ
احمد خان جمالي
محترم انور پيرزادي صاحب سان منهنجي ويجهڙائپ ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، ضياءُ الحق جو آمريتي دور هو، محترم ڄام ساقي روپوش رهندي سياسي سرگرمين ۾ مصروف هو، ”هلچل“ جي نالي سان وقت بوقت ڇپجندڙ اخبار، ان ڏهڪاءَ واري دور ۾ به سڄي سنڌ ۾ باقاعدگي سان تقسيم ٿيندي هئي، ضياءُ الحق جو دور سياسي اڳواڻن، قومي ڪارڪنن، صحافين، شاگردن، دانشورن، پورهيتن ۽ نياڻين جي لاءِ انتهائي اذيتناڪ دور هو، ان دور کي چئلينج ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.
”هلچل“ جي لاءِ ”خاص خبرون“، مضمون ۽ مواد گڏ ڪرڻ کانپوءِ انهن خبرن کي ”اخباري شڪل ڏيڻ ۾ انور پيرزادي جو مکيه ڪردار هو، اخبار جي سموري ”لکت“ انور صاحب جي ”هٿن“ جي هوندي هئي، سُٺا ۽ سهڻا اکر ۽ پختي پڪي ٻولي به انور صاحب جي صلاحيتن جو ثمر هئي.
هڪ پورهيت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ انور، جنهن محنت، همت ۽ ذهانت سان تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ زندگي گذارڻ جا جيڪي خواب لڌا هئا اهي سندس ئي ”ذهني سوچ“ جي ڪري ”اڌورا“ رهجي ويا.
”ظلم“ ۽ ”ناانصافي“ جي چڪي ۾ پيسجندڙ سماجي نظام ۾ هڪ باضمير، باشعور ۽ حساس نوجوان، انهن ”ناانصافين“ جبر ۽ ڏاڍائي کي آخر ڪيئن قبول ڪري؟؟ جڏهن ته ”اسلام آباد“ جا طاقتور ۽ بي لغام وقت جا حاڪم ”ٻلهڙيجي“ جي هڪ نوجوان جي ”احساس“ ۽ ”اظهار“ کي برداشت ڪرڻ جي حوصلي کان به محروم هئا..ٰ!!! انور جو ڏوهه اهو هو جو هن پنهنجي هڪ ”نادان دوست کي خط لکي ان وقت جي ”مشرقي پاڪستان“ ۾ ڪيل فوجي ڪارروائي تان پردو هٽائڻ جي همت ڪئي هئي، انور جي اها ”گستاخي“ کيس مهانگي پئجي وئي، پر هن نوجوان نه صرف پنهنجي ضمير کي زندهه رکيو پر زندگي جي ”جستجو“ ۾ ثابت قدمي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندو رهيو، سرڪاري نوڪري جا سمورا در هن جي لاءِ هميشه جي لاءِ بند ڪيا ويا هئا پر پوءِ به هن همت ۽ حوصلي کان ڪم ورتو.
ڪڏهن ڪنهن ٽي وي پروگرام جو ميزبان ته ڪڏهن شاگردن کي ٽيوشن، ڪڏهن ڪنهن غير ملڪي سفارتخاني ۾ ته ڪڏهن ڪنهن صحافتي اداري ۾، ڪڏهن ڪنهن تحقيقاتي مهم ۾ ته ڪڏهن ڀٽ ڌڻي جي ڇانوَ ۾ ڪڏهن سنڌو جي سفر ۾ ڪڏهن ننگر پارڪر جي نين ۾ ڪڏهن ڪينجهر ۾ ته ڪڏهن ڪارونجهر ۾، ڪڏهن ”جهوڪ“ ۾ ڪڏهن اروڙ ۾، ڪڏهن مارئي جي ملڪ ۾ ته ڪڏهن سسئي جي ”سُڃ“ ۾ سچ پچ ته سنڌ نه صرف سنڌ انور جي ساهه ۽ سرير جو محور ۽ مرڪز هئي، پر سنڌ جا وڏا شهر هجن يا تاريخي ماڳ هجن، سنڌ جا ”ڀوتار“ هجن يا ”پنهوار“ هجن، ”مارو“ هجن يا ”مالدار“ هجن، انور وٽ انهن جي ڪردار کي پرکڻ جي لاءِ جيڪي معيار هئا، اهي نج ”انساني“ هئا.
سنڌ جي ”سورمي“ هجي يا سورن جي ”ستايل“ هجي، ”تماچي“ هجي يا ”نوري نماڻي“ هجي، شاهه جي شاعري کي ان دور جي ”پس منظر“ ۾ پرکي بيان ڪرڻ ڪنهن ”معمولي“ ذهن جي وس وٽان نه آهي.
هميشه مسڪرائيندڙ، هي ”جانٺو جوان“، هميشه ڪجهه نه ڪجهه پر ”نئون“ ڪرڻ جي تانگهه جا ”بهانا“ ۽ ”موقعا“ ڳوليندو رهيو. ”خود اعتمادي“ ۽ ”جستجو“ هن شخص جا ”گُڻ“ هئا، جڏهن ته ”ڄاڻ“ ۽ ”علم“ جا مختلف موضوع هن جي ”هابي“ هئا.
”ادب“ انگريزي ۾ هجي يا اردو ۾ سنڌي ۾ هجي يا ”هندي“ ۾ ”ادب“ جي اُڃ شاعري تي هجي يا نثر تي هجي، زندگي تي هجي يا موت تي، هر ڪنهن موضوع تي سُٺي ڄاڻ رکندڙ انور ڪڏهن به بحث جي دوران ڪاوڙ يا ناراضگي کي پنهنجو ويجهو اچڻ نه ڏنو. سُٺو ٻُڌندڙ، وزندار دليلن کي قبول ڪندڙ، ڪنهن جي ”انا“ کي مجروح نه ڪندڙ، پنهنجو موقف زوردار پر ”ٽهڪن“ سان ڏيندڙ هيءُ شخص، سنڌ جي سڀني سرگرم حلقن ۾ عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو، سندس ”ذهانت“ سندس اکين مان جهاتي پائي ”مخالف“ کي به پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي هئي.
ڄام ساقي ۽ انور پيرزادي سان گڏجي ڪڏهن ڪڏهن اسان مخدوم خالد صاحب ۽ ادي ثريا مخدوم سان به ملڻ ويندا هئاسين ته هڪ ٻه ڀيرا محترم بدر قريشي وٽ به وياسين جيڪو جسماني طور تي ”لاچار“ ۽ ”مجبور“ هو پر شاعري سُٺي ڪندو هو.
انور پيرزادو ڪڏهن به ڪنهن سياسي جماعت سان تنظيمي طور تي سلهاڙيل يا پابند نه هو پر ان جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن ڪامريڊ امام علي نازش ۽ پروفيسر جمال نقوي سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪندو هو، جڏهن ته محترم ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ته انور صاحب جو ”استاد“ هو.
زندگي ۾ ذهانت جيستائين ”حڪمت“ ۽ ”عمل“ جو رتبو حاصل نه ڪري تيستائين بيڪار آهي، انور، هڪ عملي انسان هو، هن نه صرف پنهنجي ڳوٺ ۽ تر جي نوجوانن، عام ماڻهن ۽ نياڻين ۾ علم ۽ ڄاڻ کي پکيڙي عام ڪيو پر سڄي سنڌ جي باشعور طبقي ۾ پڻ پنهنجي ”انفرادي اهميت“ ۽ ”حيثيت“ کي مڃايو.
”انسانيت“ ۾ اعتبار رکندڙ انور پيرزادو، هڪ ”گهڻ پا سائين“ شخصيت هو، شاعري، صحافت، مضمون نگاري، نثر نويسي، ڪالم نگاري ۽ ايڊيٽوريل، هن جي شخصيت کي سمجهڻ جي لاءِ ”هڪ ذريعو“ چئي سگهجن ٿا پر ڪنهن به ”شخصيت“ کي چڱي طرح سمجهڻ جي لاءِ گڏجي سفر ڪرڻ ۽ ڪچهري توڙي بحث مباحثا ئي وڌيڪ موثر ذريعو ٿي سگهن ٿا. ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو هن معاشري ۾ پنهنجو پاڻ کي ”مڪمل انسان“ سمجهڻ جو دعويدار هجي؟؟ سچ پچ ته جن حالتن ۾ انور پيرزادي صاحب پنهنجي زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏني ان عملي ڪردار کيس سنڌ جي قداور شخصيتن جي صف ۾ بيهاريو آهي.
انور سٺو شاگرد به هو ته ”عملي استاد“ به هو، هن هميشه پنهنجو پاڻ کي مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي جدوجهد سان لاڳاپيل رکيو ۽ ڪنهن به قيمت تي لاتعلق ۽ بي نياز رهڻ کي عيب سمجهيو.
افسوس جو اسان وٽ ادارن جي اڻ هوند جي نتيجي ۾ اسان ڪيترن ئي سُٺن ۽ ڄاڻو دانشورن جي ”علم“ ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ کان مسلسل محروم ٿيندا رهيا آهيون.
چوندا آهن ته ”جيڪڏهن اوهان هن دنيا کي قابل برداشت بڻائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ جيترو ٿي سگهي پنهنجو پاڻ کي مصروف رکو، انسان جي عمر جيتري وڌيڪ هوندي، ڪم جو احساس به ان تناسب سان وڌيڪ وڌندو ۽ آخرڪار اهڙي ڪارائتي مصروفيت انسان جي لاءِ ”لذيذ ترين لذت“ جو روپ اختيار ڪري وٺندي“، سچ پچ ته انور پنهنجي سڄي زندگي ڪارائتي مصروفيت ۾ گذاري پنهنجو پاڻ کي سدائين خوش رکيو، ڇاڪاڻ جو کيس احساس هو ته ”بيڪاري ۽ موت هڪ ٻئي جا ”پڳ مٽ“ يار آهن“..!!
اهو ئي سبب آهي جو جنهن وقت انور ڏانهن وڌندڙ موت جا فرشتا شرمائي رهيا هئا، ان وقت به انور مسڪرائي رهيو هو... !!
انور سنڌ، سنڌ جي عام ماڻهن ۽ نوجوانن کي گهڻو ڪجهه ڏنو پر انهن کانسواءِ ”محبت“ جي ڪڏهن ٻي ڪا به طلب نه ڪئي، سچ پچ ته انور صحيح انساني معيارن مطابق هڪ ڪامياب ”انسان“ جي زندگي گذاري هڪ مثال قائم ڪيو.


انور پيرزادو
ڀٽائيءَ جو چيلو
لطف پيرزادو
هر ڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو، هر ڪو معاشري ۾، پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ خاطر لوڙي ۽ لوچي ٿو، اها ئي انساني فطرت آهي، ان ئي جذبي تحت، انور پيرزادي پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ جدوجهد جو دڳ ورتو، جنهن ۾ سندس والد هن جي جوڳي رهنمائي پڻ ڪئي، هو وقت به وقت انور کي ڪَمُ ۽ محنت لاءِ اُتساهيندو رهندو هو.
انور پنهنجي سماجي حالتن ۽ اوس پاس جي ماحول کي ڏسي به اهو ارادو ڪيو ته، هي پاڻ کي ٺاهي ڪجهه بڻجندو، شروعاتي دور ۾ هن جي تصور ۾ هڪ لکيل پڙهيل وڏي ماڻهوءَ جو عڪس هيو، جنهن لاءِ هن شروعات ڪئي، هن جي سخت محنت ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٺاهڻ لاءِ ڪجهه مناسب سبب پڻ هُيا.
جن جا محرڪات، غربت، سماجي نا برابري ۽ ننڍ وڏائي جا معيار هئا، هن مئٽرڪ جي امتحان کان پوءِ، سنڌي ماستري ڪئي، ان دوران هن انٽر جي تياري ڪري، اها پاس ڪئي، جڏهن بي اي جي داخلا لاءِ فارم ڀرائڻ ويو ته هن اليڪٽوءِ انگلش جو سبجيٽ کنئيون، ڇو ته هن جي خالد مخدوم سان دوستي هئي، جيڪو پيٽارو جو ڪيڊٽ هيو ۽ ٻيو ته  هن مُهين جو دڙو تي ڊاڪٽر ڊيلس سان کوٽائيءَ دوران ڪم پڻ ڪيو هو، جنهن ڪري هي اها ڳالهه سمجهي چڪو هو ته انگريزي ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪرڻ کانسواءِ هي وڏو عهدو ماڻي نه سگهندو، نه ئي پنهنجي مالي حيثيت ٺاهي سگهندو، هن جڏهن بي اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي ته ايستائين هن جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد حسن لاهور مان بي اي سي (اينيمل هسبنڊري) ۾ ڪري، بندر روڊ واري جانورن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٿي چڪو هو،  ٻن سالن کانپوءِ جڏهن ڊاڪٽر صاحب پنهنجي اسپتال کولي ۽ ايس پي سي اي کي جوائن ڪيو ته، انور کان سنڌي ماستري ڇڏرائي ايم اي انگلش ۾ ڪرڻ لاءِ هن کي ڪراچيءَ گهرايو ۽ ايس پي سي اي ۾ هن کي آفيس سپريڊننٽ، جي نوڪري به وٺي ڏني، انور برٽش ڪائونسل لئبريريءَ ۾ ايم اي جي تياري ڪرڻ لاءِ صبح جو ماني ٻڌي ويندو هو ۽ شام جو گهر واپس ايندو هو، اهو ئي دور هيو جو هن کي ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ڪتاب هٿ لڳو هو، جيڪو اسين گڏجي پڙهندا هئاسين، مخدوم خالد، ڪاڪو عبدالرحيم ۽ آءُ موجود هوندا هئاسين، انور اهو ڪتاب پڙهندو هو ۽ اسين ٻڌندا هئاسين، اهو ڪتاب شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀي کي منسوب ڪيو هو، جنهن بابت اسان فقير ڀرپور ۽ ٻين هارين کان اهو ٻڌو هو ته، سيٺ ڪيولرام جو ڀاءُ ڪانگريسي آهي، هن وقت ٻنڊيءَ ۾ گهر نظربند آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڀائر بٽئي لاءِ موڪليندا اٿس ته هارين جو قرض معاف ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انهن کي اڌو اڌ بٽئي جو حساب ڏيندو آهي، ڀرپور فقير اٺين پندرنهين ڏينهن هن سان ڪچهري به ڪرڻ ويندو هو ۽ ونڊ به وٺندو هو، ان حوالي سان انور جي سوڀي سان ملاقات ٿي، جنهن هن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا، هن کي هڪ ”سلڇڻو ۽ محبت ڪندڙ انسان بڻائڻ ۾ ڪامريڊ جو ڪافي هٿ آهي، انور ايم اي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿيو، جيڪا به هن کي پنهنجي وڏي ڀاءُ، تڏهوڪي سيڪريٽري تعليم سيد پناهه علي شاهه کي چئي وٺي ڏني هئي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر سائين غلام مصطفيٰ شاهه هيو، جيڪو دلير يگانو ۽ قومپرست هيو، داخلا يا نوڪرين جي ڀرتيءَ وقت اميدوارن کي چوندو هيو، اڳ ۾ سنڌي پوءِ ٻيا، انهن ئي ڏينهن ۾ انور جو هڪ پاڙي واري ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو، جيڪا پي آءِ اي ۾ ايئر هوسٽس هئي، هنن جو گهر ڊاڪٽر صاحب جي گهر سامهون خالد بن وليد روڊ تي هيو.
اخبار ۾ ايئرفورس جو اشتهار ڇپيو جنهن ۾ جي ڊي پائيلٽ لاءِ نوجوانن کان درخواستون گهرايون ويون هيون. انور درخواست ڏني. انٽرويو ٿيو. اهو پاس ڪري هي چونڊجي ويو. هن کي ٽريننگ لاءِ ڪوهاٽ ايئرفورس ٽريننگ سينٽر، ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو. انور جي ان وقت جي فوٽن مان ائين لڳندو آهي، ڄڻ انور بيمار هجي. ايترو ڪمزور ٿي ويو هو. اها تمام سخت ٽريننگ هئي، جيڪا هن شوق ۽ جانفشانيءَ سان نه رڳو مڪمل ڪئي پر ان ۾ هن امتيازي پوزيشن حاصل ڪئي، اتان کان ئي هن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو  موڙ آيو، جنهن اسان کي اعليٰ عهدي واري ڪاموري بجاءِ، شاعر، صحافي، سياح، ڪامريڊ ۽ لطيف جو عاشق انور پيرزادو ڏنو، اهو هڪ اتفاق هيو، موڪل واري ڏينهن پشاور جي ڪنهن هوٽل مان، هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار دوست ضياءُ جلباڻيءَ پي اي ايف جي لفافي تي خط لکيو، جنهن ۾ هن بنگال تي فوج ڪشيءَ جا احوال لکڻ سان گڏ، هن پيشنگوئي ڪئي ته، بنگالي ڪامياب ٿيندا ۽ آزاد بنگلاديش جو وزيراعظم مجيب الرحمان ٿيندو.
ٿيو ائين جو اهو خط جڏهن انگلش ڊپارٽمينٽ جي هيڊ کي مليو ته، هن پي اي ايف جو مونو گرام ڏسي ۽ انور جا هٿ اکر سڃاڻي، خط کي کولي پڙهيو.
خط انگريزيءَ ۾ لکيل هيو، هو جيئن جيئن خط پڙهندو ويو، تيئن تيئن باهه هن کي ساڙي ۽ ٻاري رهي هئي، هن خط لڪائي، پنهنجي پاران ايئر مارشل چيف کي ليٽر لکيو ته ”اوهين هئڙا ماڻهن ڪيئن ٿا ڀرتي ڪيو؟ وغيرهه وغيرهه، انور جو خط ۽ پنهنجو ليٽر هن واپس پي اي ايف  هيڊڪوارٽر چيف کي ايڊريس ڪري روانو ڪري ڇڏيو، ان جو نالو هيو جليل الرحمٰن جيڪو مهاجر هيو، هي اڳ ئي انور کان پڇندو هيو ته، پرائيويٽ شاگرد ٿي ڪري تنهنجي انگريزي ايتري سٺي ڪيئن ٿي؟ خط ڇا پهتو چيف جون اکيون کلي ويون، انور ڪوارٽر گهاٽ ٿي ويو، چيف هن کي گهرائي هن کان پڇاڻو ڪيو ۽ چيائين ته توتي ڪورٽ مارشل ٿيندو، تون غداري ڪئي آهي“ ان کان اڳ انور ڀاءُ کي ٽيليگرام ڪيو هو ته ”منهنجي پوسٽنگ ڪورنگي بيس ڪراچيءَ تي ٿي آهي، ”فلاڻي تاريخ فلاڻي ريل گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ ايندس“، ٻئي ڏينهن ٻي تار آئي ته آءُ، ڪواٽر گهاٽ ٿيو آهيان، چون ٿا ته ڪورٽ مارشل ٿيندو، گهر وارن جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون، خوشي ڏک ۽ ماتم ۾ تبديل ٿي وئي، هاڻي صلاح ٿيڻ لڳي ته انور ڏي ڪوهاٽ هاڻ ڪير وڃي، نيٺ ڊاڪٽر صاحب ڪاڪي عبدالرحيم کي ڪوهاٽ موڪليو، جنهن اتي وڃي انور سان ملاقات ڪئي ۽ اتان جا حال احوال واپس کڻي آيو، ڪورٽ مارشل ۾ انور کي ست سال سزا ٿي.
ڪجهه ڏينهن پشاور جيل ۾ رکي، هن کي ڪراچي جيل بدلي ڪيو ويو، جنهن لاءِ انور درخواست پڻ ڏني هئي، ٿوري ئي عرصي ۾ سڀ ڪجهه مٽجي ويو، اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو، جنهن جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمٰن بڻيو، اهڙي طرح انور جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿي، باقي رهيل اولهه پاڪستان ۾ پ پ جي حڪومت ٺهي جنهن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀُٽو سويلين مارشلا ايڊمنسٽريٽر بڻجي يحيٰ خان کان حڪومت جون واڳون ورتيون، ان کانپوءِ صدر ۽ وزيراعظم بڻيو.
هن جي ئي دور ۾ پاڪستان، بنگلاديش کي تسليم ڪيو، ڀٽي پاران پهرين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪرائڻ وقت مجيب الرحمٰن آزاد ملڪ جي سربراهه طور شريڪ ٿيو، اسلام آباد ايئرپورٽ تي لهڻ وقت مجيب الرحمٰن کان ڪنهن صحافيءَ پڇيو ته اوهان کي اسلام آباد ڪيئن ٿو لڳي؟جواب ۾ هن چيو ته مونکي هن جي روڊن مان بنگلاديش جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ٿي اچي، هن سڄي ڪيس ۾ بيگم خديجه دائود پوٽو جو وڏو سهڪار رهيو، بيگم صاحبه عزيز الرحمٰن ٻگهيي کي چيو ته تون انور جو بچاءَ جو شاهد ٿي وڃ، انور ان جو نالو بچاءَ جي شاهد طور ڪورٽ ۾ لکرايو، انور ٻڌائيندو هو ته بيان ڏيڻ کان اڳ جڏهن عزيز الرحمٰن مون سان مليو ته چيائين ادا! آهيون ته ڳوٺائي، پر آءُ“ اوهان کي ڪو سڃاڻان!، بس بس بيگم صاحبه جي چوڻ تي آيو آهيان، هاڻي جيئن اوهان جو وڪيل چوندو، اهڙو ئي بيان ڏيندس، ياد رهي ته عزيز الرحمٰن اسان جي ڳوٺ ڀرسان ڪاراڻي ڳوٺ جو رهاڪو هيو، وفاقي انفرميشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر هيو، سزا ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وقت گذريو ته ايئر چيف مارشل يوسف خان پنهنجي جرمن زال سميت ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي ڪتو کڻي آيو، وڪيل پاران صدر پاڪستان ۽ ايئر مارشل جي لکيل رحم جي درخواست ڊاڪٽر صاحب ان کي ڏني ۽ چيو ته جي ڪا مهرباني ٿئي ته ڪيو، هو درخواست کڻي ويو، آفيس وڃي انور صاحب جي سزا ختم ڪري ڇڏيائين، باقي سرڪاري نوڪري ڪرڻ تي بندش برقرار رهي، ان حوالي سان انور صرف نَوَ ، ڏهه مهينا سزا ڪاٽي ٻاهر آيو، ان کانپوءِ بيگم دائود پوٽو صاحبه ڀٽي صاحب کي روبرو چيو ته هي لائق ۽ هوشيار سنڌي نوجوان آهي، ان جي سزا ايئر چيف مارشل ختم ڪئي آهي، اوهين ان تان سرڪاري نوڪري ڪرڻ واري بندش ختم ڪريو ته مهرباني ٿيندي، ڀٽي صاحب بيگم صاحبه کي جواب ڏنو ته هي خطرناڪ ماڻهو آهن، آءُ هجان ها ته ان جي سزا به ختم نه  ڪيان ها، ائين چئي ڀٽي صاحب بيگم صاحبه کي مايوس ڪيو.
پوءِ انور جو سفر جاري رهيو، جيل ۾ جيڪا پهرين شاعري ڪئي هئائين، اها قومپرستيءَ ڏانهن لاڙو رکندر شاعر جي شاعري هئي، زندگيءَ جي تجربن، لاهن ۽ چاڙهن هن کي ٺاهيو، هن مارڪس ۽ لينن کي جيل ۾ پڙهيو، پاڻ صحافت جي شروعات هلال پاڪستان کان ڪئي، پوءِ سنڌ سجاڳ، عوامي آواز، برسات، ڊان ۽ اسٽار تي دنگ ڪيائين، هي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو همدرد ۽ ساٿاري رهيو، دهريت وارا خيال به هئس، شاعري به تمام ڀلي ڪيائين، جيڪا ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ ۾ هن جي شاعر هجڻ جي ساک ڀري رهي آهي، هن جي شاعريءَ تي پهريان امداد حسينيءَ ماهوار سهڻيءَ ۾ تبصرو لکيو، ”هي بوڻيندا ۽ چنگ ته ٻڌ“ وري لطيف جو عشق دامن گير ٿيو ۽ ڀٽ شاهه تان ڀيرا ڪرڻ شروع ڪيائين، لطيف لاءِ انور صاحب چوندو هيو ته گروءُ جي طريقت ڏکي آهي، اسان جهڙا ماڻهو ان ۾ پير نٿا پائي سگهن، ڇو ته اسان گهر ٻار وارا آهيون، ٻچا پالڻا آهن، وغيره.
جيئا سون جوڙ ٿي، جوڳي، ڏٺو سين نت،
چنجهو هُيو جو چتُ، کُلي سو باغ ٿيئو. (شاهه)



انور پيرزادو
ٽرائيڪا جي وچ ۾ جنم وٺندڙ انسان
الطاف شيخ
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کلڻ تي هڪ عام ماڻهوءَ کي خبر پئي ته چانڊڪا ۽ لاڙڪاڻي جو هڪ ٻئي سان ويجھو واسطو آهي. چانڊڪا ڪاليج جي پهرئين بئچ جي گريجوئيٽ ڊاڪٽر خاصخيلي جيڪو جپان ۾ چمڙيSkin  جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو (۽ هاڻ آمريڪا ۾ آهي) تنهن جپان جي شهر يوڪوهاما ۾ مون کي ٻڌايو هو ته لاڙڪاڻي جو نالو سنڌ جي هڪ ڏيهي قبيلي لاڙڪن جي ڪري پيو جن لاڙ کان اچي هتي رهائش اختيار ڪئي هئي، هو شاهل محمد ڪلهوڙي (جنهن جو مقبرو لاڙڪاڻي شهر کان قمبر ڏي ٻارهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ جيڪو شاهه عالم جي نالي سان به مشهور آهي) جا مريد هُئا، پر ان جي آس پاس گهڻا چانڊيا ٻروچ رهيا ٿي، ان ڪري خيال آهي ته انهيءَ کي ”چانڊڪا پرڳڻو“ به چوندا هئا. انهن جو سردار ولي محمد نالي چون ٿا، جيڪو سنڌ جي مشهور شخصيت غيبي خان جو والد هو. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي انهي پاسي ملڪ وڌايو تڏهن چانڊڪا يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ٿيڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به زور جو هو، هنن جو توبخانو اتي رکيو ويو هو.
ضلعي جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي کي هڪ صدي ٿي چڪي آهي. ۱۸۴۳ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته انهن سنڌ کي انتظامي لحاظ کان جن ٽن ضلعن ۾ ورهايو، اهي هئا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي جنهن ۾ ڪراچيءَ مان دادو ضلعو ڪڍي لاڙڪاڻي سان ڳنڍيو ويو، پوءِ ۱۹۳۰ع ۾ دادو کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. بهرحال اڄ ڪلهه انتظامي سهولت کان لاڙڪاڻو ضلعو بيحد ننڍو ٿي ويو آهي ۽ منجهس هاڻ فقط رتوديرو، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقا وڃي رهيا آهن.
لاڙڪاڻي جو هي هوائي اڏو ڏوڪري تعلقي ۾ بلڪل موهن جي دڙي وٽ آهي، جيئن ئي ايئرپورٽ کان نڪري اڳيان ساڄي پاسي ڪئڊٽ ڪاليج ڏي مڙجي ٿو ته موڙ وٽ کاٻي پاسي موهن جو دڙو آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ پيٽارو کان بس ۾ چڙهي اسان هڪ ٻه دفعو موهن جو دڙو ڏسڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ آيا هئاسين. ڪجهه چهرا هن وقت به ياد اچي رهيا آهن: لياقت جتوئي، هادي بخش جتوئي، عبدالجبار عباسي، قاسم لاشاري، ظفر شورو.... اُهي سڀ ڪڏهوڪو ۶۰ جو ڏاڪو ٽپي ويا آهن..... ۽ انهن کان علاوه مرحوم نصير قاضي، محسن پنهور، عاشق حسين شاهه..... اسان کان جدا ٿي ويا آهن ... رب پاڪ کين جنت نصيب ڪري.
موهن جو دڙو کان جيئن ئي ڪار اڳيان هلي ته سڏ پنڌ تي هڪ رستو کاٻي پاسي نظر آيو. اهو اڄ نه فقط پڪو هو پر ان جي منهن تي لڳل بورڊ تي رستي جو نالو ”انور پيرزادو روڊ“ به لکيل نظر آيو.
اهو ماڻهو جنهن جو ڪراچي جهڙي ڪنهن وڏي شهر جي اهم روڊ تي نالو هجڻ کپي، شڪر آهي ڪنهن ڳوٺ جي رستي تي ته آهي. مون منير چانڊيو کي جيڪو مون کي ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان ايئرپورٽ تان وٺڻ لاءِ آيو هو، ڪار بيهارڻ لاءِ چيو ۽ لهي هن روڊ جو فوٽو ڪڍيم. دل چيو ته اڄ وري اهو روڊ وٺي سڌو ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ وڃي ڏينهن کن گذاريان. مون کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن اسين فرسٽ ييئر ۾ هئاسين ۽ موڪلن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪلاسي خالد مخدوم جي چوڻ تي موهن جي دڙو کان هڪ چيچاٽي ٽانگي ۾ چڙهي، هي رستو جيڪو ان وقت ڪچو هو، ان تان جھاڪا کائيندا سندس وڏن جي مريدن جي ڳوٺ ٻلهڙيجي کان اچي نڪتاسين. ڳوٺ جي ماڻهن اسان جي وڏي آءُ ڀاڳت ڪئي. خالد پهرين به ڪيترا دفعا هتي اچي چڪو هو. هن اسان کي جنهن گهر ۾ آڻي ماني ٽڪي کارائي اهو مامي جمعي ۽ ماسي شاهان جو هو. ڳوٺ جي ٻين ماڻهن وانگر هي به مسڪين ماڻهو هئا ۽ ڪڙمڪو ڌنڌو ڪري هنن پيٽ گذر ڪيو ٿي. مامي جمعي جي ٻارن کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ڪٿي آهن تعليمي ۽ ڊاڪٽري علاج جون سهولتون!؟ ڳوٺ آهر ٿورو گهڻو پڙهي سندس وڏو پٽ يار محمد داروغو ٿيو هو. ٻيو پٽ امام بخش موهن جي دڙي تي گائيڊ هو. انهن ڏينهن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ نه رڳو پاڪستان جا پر ولايت کان به ٽوئرسٽ آيا ٿي جن کي هن Guide طور گهمايو ٿي.
اهو لکڻ رهجي ويو ته مامو جمعو جيڪو سڄي ڳوٺ جو مامو هو، ان جو نالو شفيع محمد پيرزادو هو. شفيع محمد ڳوٺ جي مسجد جو امام به هو. خالد کلندي پنهنجي روايتي اسٽائيل ۾ ٻڌايو هو ته ”بابا! مامي جمعي کي امام ٿيڻ کان اڳ ٿوري گهڻي نشي پتي جي به ٽوڪر هئي، پر شاباس هجيس پڪو عزم ڪري هڪ ڏينهن ڇڏي ڏنائين، اها ٻي ڳالهه آهي ته نماز پڙهائيندي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لفظ تي ٿاٻڙجيو پوي.“
مامي جمعي جو ٽيون پٽ محمد حسن هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي وڏن ڀائرن کان وڌيڪ پڙهيو ۽ لاهور مان جانورن جي بيمارين ۽ علاج جي ڊاڪٽري پڙهي ڪراچي جي سرڪاري اسپتال جو ”ڊاڪٽر ڍور“ ٿيو. مامي جمعي جو ننڍو پٽ پَريل جيڪو اڳتي هلي شاعر، اديب، مقرر، مفڪر ۽ جرنلسٽ ٿيو. سنڌ ۾ انور پيرزادو جي نالي سان مشهور ٿيو، اسان کان هڪ سال ننڍو هو. پريل (يعني جيڪو پوءِ انور جي نالي سڏجڻ لڳو) تعلقي واري شهر ڏوڪري ۾ پڙهي رهيو هو، جتان هن مئٽرڪ ڪئي. هو پنهنجن وڏن ڀائرن وانگر ذهين ۽ بااخلاق نينگر هو. اڄ به خالد مخدوم چوندو آهي ته مامي جمعي جي پٽن جا سنڌي اکر موتي داڻن جهڙا آهن. وفات کان اڳ منهنجي هڪ ڪتاب تي انور پيرزادي جو لکيل مهاڳ واري هٿ اکري اڄ به آئون سندس سهڻن اکرن ڪري رکيو ويٺو آهيان.
انور انٽر ۽ B.A پرائيويٽلي ڪئي ۽ ان دوران هن جونيئر ورناڪيولر ٽيچرس ڪورس (JVT) ڪري مشورين جي ڳوٺ ۾ ٽيچنگ ڪندو رهيو. شايد هو وڏن ٻن ڀائرن وانگر باقي زندگي ڳوٺ ۾ ئي گذاري ڇڏي ها پر ان دوران سندس ڊاڪٽر ڀاءَ محمد حسن کي تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هن همت ۽ سٺو فيصلو ڪري ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙي ئي سهي، مسواڙ تي جاءِ وٺي پنهنجي فئملي سان گڏ انور ۽ هن جي فئملي کي ڪراچي گهرائي ورتو. انور جي ڳوٺ مطابق ننڍي هوندي شادي ٿي چڪي هئي ۽ ٻه ٻار زبير ۽ زرار (عوامي آواز اخبار وارو) ڄمي چڪا هئا. هن ڪراچيءَ اچي ايم اي ۾ داخلا ورتي. سال ۱۹۶۷ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي... خالد مخدوم انهن ڏينهن ۾ NED ڪاليج مان BE ڪري رهيو هو ۽ پاڪستان چوڪ واري ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو. آئون به انهن ڏينهن ۾ ان هاسٽل ۾ رهيل هئس. خالد ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهيو هو ان کي هاڻ اچي سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿيو هئس ۽ منهنجو مٿو کائي ويو هو ته مون کي سنڌي لکڻ سيکار. ڀلو ٿئي انور جو، جو هو ڪراچي اچي ويو ۽ خالد سان ملڻ ايندو رهيو. خالد ۽ سندس ڀائرن احمد حسين ۽ زاهد مخدوم جي انگريزي جو جواب ناهي. هن انور کي چيو: ”وڏا! تون مون کي سنڌي سيکار آئون توکي انگريزي.“
خالد خبر ناهي ڪيتري سنڌي لکڻ سکيو پر انور هڪ ذهين، چئيدار ۽ محنتي شاگرد ٿي ڏيکاريو ۽ مون کي اڄ تائين حسن مجتبيٰ، جاويد سومرو، مرتضيٰ سولنگي ۽ انور پيرزادي جهڙن جرنلسٽن تي حيرت ٿيندي آهي ته هنن جي بنيادي تعليم جيتوڻيڪ ٻهراڙي جي اسڪولن مان ٿي پر سندن انگريزي ڪراچي جي گرامر اسڪول جي شاگردن کان به بهتر آهي! انور انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان M.A مٿاهين پوزيشن ۾ پاس ڪئي ۽ هن کي ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچراري ملي وئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران هو ادبي محفلون به اٽينڊ ڪندو رهيو ۽ هتي محمد پريل بدران سندس قلمي نالي ”انور پيرزادو“ سان سڃاڻڻ ۾ اچڻ لڳو. سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري وارن ڏينهن ۾ هو پاڪستان ايئرفورس جي ايڊيوڪيشن Wing لاءِ چونڊجي ويو، جتي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪيائين ته ۱۹۷۱ع واري جنگ شروع ٿي وئي. هيءَ جنگ به عجيب هئي جنهن ۾ ڪيترن کي اهو احساس ٿيو ته هي ڇا آهي جو پاڪستاني پاڪستانين کي ماري رهيا آهن، مسلمان مسلمانن کي ماري رهيا آهن. انور اهڙي خيال جو اظهار پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ليڪچرار دوست ضياءَ جلباڻي (هاڻ لاڙڪاڻي ۾ وڪيل آهي) سان ڪيو. سندس اهو خط انٽر سيپٽ ٿي پيو ۽ کيس ڪورٽ مارشل ڪري ست سال جيل جي سزا ڏني وئي، پر پوءِ ان بنياد تي ته هن اهو خط پبلڪ کي نه پر دوست کي لکيو هو شادي شده ۽ ٻارن جو پيءُ هو، هو پهريون ڳوٺاڻو هو جيڪو ايئرفورس ۾ چونڊجي آيو هو، هن کي ڇهن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو.
ان بعد انور جرنلزم شروع ڪئي. ۱۹۷۲ع ۾ سراج ميمڻ صاحب هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ هن نوجوانن جي همت افزائي ڪئي. ستر واري ڏهي جي انهن شروعاتي سالن ۾ منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته آئون شامَ جي وقت هلال پاڪستان آفيس هليو ايندو هئس جتي انور پيرزادي، دستگير ڀٽي، منظور قُريشي، اسلم آزاد ۽ محمود صديقي TV واري سان ملاقات ٿيندي هئي.
انور هلال پاڪستان کانپوءِ ڊان ۽ اسٽار اخبارن ۾ به ڪم ڪيو. وچ ۾ ۱۹۷۵ع ۾ روسي سفارتخاني ۾ به نوڪري ڪئي، جيڪا پوءِ مارشل لا لڳڻ بعد ڇڏي ڏنائين. ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انور ڇهه مهينا جيل به ڪاٽيو. ان بعد هو آخر تائين انگريزي اخبار ڊان ۽ اسٽار سان وابسته رهيو. پاڻ ۶۲ ورهين جي ڄمار ۾ ۸ جنوري ۲۰۰۷ع تي وفات ڪيائين.
انور هڪ لاجواب ماڻهو هو.... بيحد پيارو ۽ سٻاجھو انسان هو... جهڙو صورت ۾ سهڻو تهڙو سيرت ۾ پڻ. پاڻ مون تي هڪ انگريزي اخبار ۾ پروفائيل به لکيائين ۽ منهنجي هِڪَ ڪِتابَ تي مهاڳ به لکيو اٿس. هن کي پاڻ کان وڌيڪَ ٻين جو خيال رهيو ٿي بقول هڪ انگريزي اخبارَ جي:
Throughout his life, Anwar gave little thought to his personal life and prosperity; instead he struggled for the prosperity and progress of Sindh.
بقول تاج جويو جي ته انور سدا ملوڪ، سدا کلڻو، سدا مرڪڻو اديب هو. هو ترقي پسند سنڌ دوست، روشن خيال ۽ روشن ضمير ۽ دانشور هو. هن جي تخليق، هن جي سوچن ۽ هن جي جدوجهد جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي ۽ هن جي جدوجهد ۽ عمل ڦرلٽ ۽ هر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ هو. هو جديد شاعري ۽ ادب جو اهو پارکو سرجڻهار ۽ تنقيدنگار هو، جنهن جي راءِ جو وڏو وزن هو. انور لطيف جو سچو عاشق هو، جنهن اک، جنهن نگاهه (vision) جنهن سوچ ويچار سان انور لطيف جو اڀياس ڪيو ۽ لطيفي فڪر جا نوان زاويا ۽ رخ واضح ۽ چٽا ڪيا. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان جو پنهنجو مقام ۽ مرتبو رهندو. هو صحافت ۽ ادب جي وچ ۾ اها پُل هو جنهن ادب ۽ صحافت جون حدون ايتريون ويجھيون ڪري ڇڏيون جو اديب ۽ صحافي سنڌ جي جديد شعور جا پرچارڪ بڻجي ويا. انور اينٿرو پالاجي، آرڪيالاجي ۽ ڪلچر جو وڏو ڄاڻو هو.
انور جون ڪيتريون ئي خوبيون ڳڻايون وڃن ٿيون پر منهنجي نظر ۾ هو زبردست Visionary ماڻهو هو. هو دورانديش انسان هو. هن جي سوچَ صحيح طرف ڏي رهي ٿي. مون کي ياد آهي ته  MRD تحريڪ بعد اسان وٽ ڪجهه ماڻهو سنڌ جي ڌاڙيلن کي هيرو جو درجو ڏئي رهيا هئا. انور ان عمل کي سختي سان ننديو ۽ هو هميشه چوندو هو ته ڏوهاري ماڻهو اسان جو همدرد ۽ خير خواهه نٿو ٿي سگهي. انور لاءِ مون کي سندس ان ڳالهه ڪري وڏي عزت آهي ته هن کي پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن ٻين لاءِ به تعليم کي عام ڏسڻ چاهيو ٿي. هو اڪيلي سر ۽ پنهنجي حيثيت آهر ٻيو ڪجهه گهڻو ته نه ڪري سگهيو پر پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ تعليم ضرور عام ڪيائين... نه فقط ڇوڪرن لاءِ پر ڇوڪرين لاءِ پڻ. اڄ ٻلهڙيجي جهڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺَ ۾ نه فقط ڇوڪرن جو پر ڇوڪرين جو به پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته جتي پاڪستان ۾ پڙهيلن جو سيڪڙو مشڪل سان ٽيهه آهي اتي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ تعليم يافتا ماڻهن جو سيڪڙو نوي کان مٿي آهي. موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي FIA پوليس جي يونيفارم ۾ ٻن عورتن کي ڏسي مون کي حيرت ٿي. سندن نالا زهرا بانو ۽ صبا هئا. هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
”توهان سکر يا لاڙڪاڻي جون هونديون؟“ مون پنهنجو ڪارڊ کين ڏيندي کانئن پڇيو.
”نو سر! اسان ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جون آهيون.“ هنن وراڻيو.
”ڪمال آهي! ڪهڙي ڳوٺَ جون؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”ٻلهڙيجي جون.“ هنن مرڪندي وراڻيو ۽ مون کي خيالن ۾ گم ڏسي هڪ چيو، ”ڇا توهان کي يقين نٿو اچي؟“
مون کين ٻڌايو ته ٻلهڙيجي جو نالو ٻڌي هاڻ عجب نٿو لڳيم. توهان ڄايون به نه هونديون ته توهان جي ڳوٺ جو منهنجو هم عمر دوست انور پيرزادو پنهنجي پياري ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ اڄ توهان کي ڏسي هن جي ڪاميابي تي يقين ٿئي ٿو. اسان جو ڪو پير مير يا وڏيرو وزير به پنهنجي ڳوٺ کي ان حد تائين تعليم يافته نه بڻائي سگهيو آهي.
بيشڪ انور هڪ مثالي ۽ Special ماڻهو هو. هڪ ڏينهن ٽهڪ ڏيندي مون کي چيو هئائين:
”الطاف مون کي ٽن شين Inspiration ڏني آهي. آئون هڪ ٽرائيڪا جي وچ ۾ آهيان..... منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي اوڀر ۾ سنڌو درياهه آهي، اولهه ۾ ٻِنڊي (سوڀو گيانچنداڻي جو ڳوٺ) ۽ اتر ۾ اسان جي ۵۰۰۰ سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو آهي“.



انور پيرزادو ۽ ڀٽائي
شهباز پيرزادو
قابض ڌريون ۽ سامراج  جڏهن غلام قومن مٿان پنهنجي دهشت، ڏاڍ ۽ بربريت جا اوچا هٿ ڪنڊا استعمال ڪندو آهي، ته سڀ کان اول هو غلام قومن جي قديم تهذيب تاريخ ۽ انهن جي قومي هيروز کي پنهنجي ظالماڻي ذهنيت جي رنگ ۾ رڱڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،  ته جيئن اها قوم پنهنجي قديم شاهڪار تاريخ ۽ پنهنجي قومي هيروز جي اصليت معلوم ڪرڻ کان بي خبر رهي ڇو جو جڏهن قومن کي پنهنجي اصل تاريخ هٿ اچي ويندي آهي ته پوءِ اهي قومون مستقبل لاءِ جاکوڙ ڪنديون آهن ۽ سامراجن جا ڪنڌ ڪپي وجهنديون آهن ..
اڄ ساڳي صورتحال اسان جي ماتر ڀومي سنڌ ڌرتيءَ سان به آهي، اسان جي هزارين سال پراڻي تاريخ کي باهه ڏئي ساڙي قابض ڌرين هٿ جي تاريخ لکي اسان جي قوم کي ڀلايو آهي ۽ اسان جي قومي هيروزن ۽ مفڪرن جي ڏنل پيغام کي به پنهنجو انتها-پسنداڻي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سامراج پنهنجي سوچيل سمجهيل سازش تحت اسان جي وچ منجهان اهڙا نام نهاد دانشور ڳولي لڌا آهن جيڪي ٻلن، تمغن ۽ شيلڊن جي عيوض پنهنجي تاريخ، پنهنجي مفڪرن ۽ پنهنجي رهبرن کي سامراجي ذهنيت جي رنگ ۾ رڱڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ ساڳي وقت قوم سان ٿيندڙ ناانصافين تي به چپ نٿا چورين ..
پر سنڌ ڌرتي پنهنجي مقدس خمير منجهان ڪي اهڙا املهه انسان به پيدا ڪيا آهن جيڪي  هر پل پنهنجي قوم جي خدمت ڪرڻ  جو جذبو رکندا آهن ، ۽ انهن خدمتن جي عيوضن ملندڙ هزارين تڪليفن کي به مرڪي قبول ڪري وٺندا آهن.
اهڙو ئي هڪ ڪردار انور پيرزادو به آهي، جيڪو پڻ پنهنجي قوم، پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جو جذبو رکندڙ هيو، سندس زندگيءَ جا کوڙ سارا پهلو آهن جن تي ڳالهائي ۽ لکي سگهجي ٿو پر آئون اڄ سندس لطيف شناسي واري پاسي تي لکڻ جي ڪوشش ڪريان پيو ..
مون مٿي ذڪر ڪيو ته اسان جي قومي هيروز ۽ مفڪرن جي ڏات کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت نئون رنگ ڏيڻ جي ڪوشش هلندڙ آهي، اها ساڳي ڪوشش اسان جي، شاعرن جي سرتاج ۽ سنڌي ماڻهن جي اهنجن، ايذائن ۽ تڪليفن جي ترجمان شاعر شاهه عبدلطيف ڀٽائيءَ جي پيغام سان به ٿي رهي آهي ،پر نام نهاد دانشور ڪيتريون به ڪوشش ڪن شاهه سائين ۽ ان جي اصل پيغام کي سنڌي ماڻهن جي دلين مان ڪڏهن به ڪڍي ڪونه ٿا سگهن ..
شاهه سائين جي پيغام کي بلڪل ان جي ابتڙ اک سان ڏٺو پيو وڃي، لطيف جي ڪافي موضوعن کي ته هٿ ئي ڪونه لاتو ويو آهي پر اگر ڪن موضوعن تي لکيو به ويو آهي ته اهي موضوع  لطيف جا نه آهن، لطيف جي بيتن جي پس منظر ۾ نام نهاد دانشورن جي لکت من گهڙت آهن، اسان وٽ هر ڪو ماڻهو شاهه سائين کي پنهنجي ذهن موجب پڙهي ۽ سمجهي ٿو، اهي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ٿيندا جيڪي لطيف سائين کي ان دور جي معروضي حالتن مطابق پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
انور صاحب انهن ٿورڙن ماڻهن منجهان هيو جيڪو شاهه سائين جي ڪلام کي ان دور جي حالتن مطابق پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هيو جنهن جو دليل سندس ڪتاب ڀٽائي آهي .
انور پيرزادي لطيف سرڪار کي روايتن ۽ هٿرادو معني مطلب واري ماحول منجهان ٻاهر ڪڍڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي ۽ جن معوضوعن تي گهٽ لکيو ويو آهي، انهن  تي به طبع آزمائي ڪئي آهي .
انور صاحب چوي ٿو ته ”لطيف سرڪار جي هوندي اسان کي ڪنهن ٻئي رهبر يا رهنماءَ جي ضرورت ڪانهي“، مطلب هو شاهه سائين جي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جو هر هڪ پاسو ڏسي ٿو، نه رڳو ڏسي ٿو پر ان تي لکي به ٿو، انور صاحب شاهه سائين جي سياسي، سماجي، اخلاقي، ماحولياتي، معاشي، پنهنجائپ، ۽ ادبي پهلوئن تي لکيو آهي جيڪي اسان وٽ گهٽ ڇهيا ويا آهن.
انور پيرزادو شاهه سائين جي شاعري ۾ موجود سياسي پس منظر بابت لکي ٿو ته ، ڪو به عوامي شاعر يا اديب پنهنجي دور جي سياست کان پاسو ڪري ئي نٿو سگهي ته شاهه سائين جهڙو اعليٰ شاعر ڪيئن ٿو سياست کان پاسيرو ٿي سگهي، لطيف سرڪار جي دور جي سياسي منظر نامي بابت انور صاحب ڪجهه بيت به دليل طور ڏنا آهن
معلم ماڳ نه اڳهين ، ڦلنگي منجهه ڦريا
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا
انور صاحب لکي ٿو ته ڀٽائي صاحب مٿين سٽن ۾ سنڌ جي ملاحن سمنڊ ۽ دريائن جي رکوالن کي خبردار ٿو ڪري ڦلنگين يعني ڦرنگين کان (ڦرنگي يورپي ماڻهو کي سڏجي ٿو ) ان وقت يورپ ۾ صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ پورچوگيزن سامونڊي رستا ڳولي لهڻ شروع  ڪيا هئا ، ڀٽائي صاحب دريائي ڌاڙيلن کان ديس جي ملاحن کي خبردار ڪندي ان وقت جي پرڏيهي جارحيت وارين سامراجي قوتن خلاف محاذ کڙو ٿو ڪري
يا وري انور پيرزادو وڌيڪ لکي ٿو ته ڀٽائيءَ جي دو ۾ مسلمانن جي ٻاهران آندل ٻولي فارسي هتي رائج هئي ادبي ۽ سياسي غلام ان وقت چوندا هيا ته
فارسي گهوڙي چاڙهسي
پر ڀٽائي صاحب انهي بيروني ثقافتي يلغار کي به رد ڪري ڇڏيو ۽ چيائين
جي تو فارسي سکي، گولو توءِ غلام
ڀٽائي صاحب ته پوري عالم جي مظلومن تي يڪجا ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اهو ڪيئن ٿوسياست کان لاتعلق ٿي سگهي جيڪو وڏي واڪي چوندو هجي ته
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي
انور پيرزادو لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ موجود معاشي پاسن تي به لکيو آهي، پاڻ لکي ٿو ته اڍائي صديون گذرڻ باوجود به سنڌ ڌرتيءَ جا درد اهي ئي ساڳيا آهن ڄڻ شاهه صاحب هن دور کي به نظر ۾ رکندي شاعري ڪئي هجي.. سنڌ اندر سوڪهڙي جي صورتحال ۾ آبادگارن ۽ ماروئڙن جي حال جي ترجماني شاهه صاحب اڍائي صديون اڳ ڪري ويو آهي.
سر سڪو سال ٿيا، هنج هريو ئي پير
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي انهيءَ رمز کي
انور صاحب چوي ٿو مٿيون بيت ائين آهي ڄڻ ڪالاباغ ڊيم ٺهي ويو آهي سالن کان سنڌ سوڪهڙي ۾ آهي ، تازي دريائن جي پاڻيءَ جي آسري ۾ ويٺل هنجهه جي اکين جا ڳوڙها هن جي پيرن کي آلو رکيو اچن ٿا ظاهر آهي ويچارو ڪنگ اهڙي رمز کي ڪيئن پروڙي سگهندو ..
انور صاحب اسان کي وڌيڪ سمجهائي ٿو ته هڪ برجستو شاعر پنهنجي قوم جي اهنجن ۽ تڪليفن کان قاصر نه رهي سگهندو آهي سنڌي ماڻهن وٽ ڏڪار جو ماحول آهي بندر بازرايون ويران آهن انهي ويرانيءَ جي عالم کي هڪ شاعر ڪئين ٿو بيان ڪري
نه سي وڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون
پسيو بازرايون هيئڙو مون لوڻ ٿئي
يا وري
نه ڪا بوءِ بازار ۾ نه ڪا ڇڙ ڇٽ
جتي ڏنڀيرين جي، اڳي هئي اکٽ
سي پڙ پسيو پٽ ، ماڻهو وڃن موٽيا .
انور صاحب  ٻڌائي ٿو ته ڀٽائي صاحب سماجيات کان به بلڪل ڪٽيل ناهي اسان جي سماج ۾ جهڙي قسم جا ماڻهو موجود آهن هن جي شاعري به انهن سان مشاهبت رکي ٿي ، هڪ ماڻهو ۾ هزارين خاميون ٿي سگهن ٿيون پر يقينن ان جي ڪا هڪ نه هڪ ڀلائي به ضرور هوندي شاهه صاحب ان هڪ نه هڪ ڀلائي کي به درگذر نٿو ڪري ۽ ان تي به لکي ٿو ،
انور صاحب پنهنجي ڪتاب ڀٽائي ۾ لکي ٿو ته شاهه سائين جو هڪ ڪردار لاکو ڦلاڻي به آهي جيڪو پري پري کان مال ماريندو ڦرون ڪندو، بربادي ڪندو اچي رهيو آهي ۽ ويچارا اوڏ ان ڊپ وچان پکا سهيڙيون لڏيون ٿا وڃن لاکي ڦلاڻي جي ظالم پهلوءَ کي شاهه سائين ننديندي لکي ٿو
لکي ۽ لاکو ٻئي مئا ٻاجهه ٿي
قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو
وانڊين ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.
هاڻي وري لاکي جي مڙسي وارو پهلو به شاهه سائين نٿو وساري، جڏهن وڏيرن، زميندارن، سيٺين ۽ جاگيردارن کي به ڦري ٿو لاکو غريب ۽ امير ۾ فرق نٿو ڪري هو ڪنهن به وڏيري، مير يا جاگيردار جو پاليل چور ناهي پر اهي به ان کان ڪنبن ٿا
لاکا لک سڄن، ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽ ڌڻي ڪنبن
جنهن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهي
سو ڏسڻو اهو آهي ته اسان جا ڏات ڏڻي ڪيئن ٿا شاهه سائين جو ڪلام پڙهن ۽ انور صاحب ان کي ڪيئن ٿو پيش ڪري
اڃان به ڪافي شيون هونديون جن تائين انور صاحب پاڻ به پهچي نه سگهيو هوندو ڇو جو هو اسان جي ڳوٺ وارن کي چوندو هيو ته شاهه صاحب ايترو گهرو آهي ان ۾ جيترو هيٺ لهبو اهو اوترو اونهو ٿيندو ويندو سو يقينن شاهه صاحب جو پيغام انتهائي اونهو آهي ۽ ان تي پهچڻ لاءِ اوتري گهرائي گهرجي به بنيادي شرط اهو آهي ته اسان جي ذهنن ۾ عوام کي شاهه سائين جو حقيقي پيغام پهچائڻ جو جذبو هجي جيئن انور صاحب ۾ آهي .
اسان مذهبي پاسي کان علاوه شاهه صاحب جا ٻيا رخ ڏسون ئي ڪين پر انور صاحب لطيف سائين اندر سوشلسٽ پاسا به ڳولهيا آهن ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪيا آهن .
مانجهي سي امل، هر جنين جي هٿ ۾
سو اڄ به بلڪل شاهه سائين جي فڪر جا اهڙا پاسا اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي اڄ انور صاحب جي سالگرهه جي موقعي تي سندس لکڻيون ۽ ڪم سنڌي اديبن ۽ سنڌي ماڻهن کان اها تقاضا به ڪن ٿيون ته ان اڌوري رهيل ڪم کي وري اتان کڻجي جتان انور صاحب ڇڏي ويو آهي، اهو اسان جو ۽ اسان جي قوم جو فائدو آهي ڇو جو جيستائين اسان پنهنجي قوم کي پنهنجي عظيم مفڪرن جو اصلي پيغام نٿا پهچائي سگهون جيستائين ان قوم اندر تبديلي جو جذبو ۽ بهتر مستقبل لاءِ جاکوڙ وارو جذبو جنم ڪونه وٺندو ڇو جو جدليات جو اهو اصول آهي ته ماضيءَ جو ڪو به عمل حال کان خالي ناهي سو لطيف جي ماضيءَ واري شاعري اسان جي حال جي به آهي ته مستقبل جي به آهي ان لاءِ اچو ته انور صاحب واري ڇڏيل ڪم کي وري هٿن ۾ کڻي پنهنجي قومي شاعر جو پيغام پنهنجي عوام تائين پهچايو ۽ مستقبل لاءِ هڪ نيئن راهه هموار ڪيون.



سنڌي صحافت ۾ انور پيرزادي جي ضرورت
ذوالفقار راڄپر
ڪو وقت هو جو انگريزي ۽ اردو ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافي ڪراچي پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ ويهي سنڌي صحافت ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ صحافين تي سٺا رايا ڏئي  ڪري وڏو اتساهه وٺندا هئا ۽ سنڌي صحافت پڙهيل لکيل روشن خيال ۽ اسٽبلشمينٽ مخالف آزاد صحافت سمجهي ويندي هئي، پر اڄ ۱۵ سالن کان پو۽ اها راءِ بدلجي چڪي آهي،هاڻي اوهان وسعت الله کان وٺي پروفيسر توصيف تائين ڪنهن کان به راءِ وٺندا ته اوهان کي ائين لڳندو ته اوهان کي ان جي ابتڙ خيال ملندا.
اڄ اوهان کي سنڌي صحافت ۾ جيڪا ڪجهه بهتري نظر اچي ٿي سا انور پيرزادي سميت انهن ڀلن جاکوڙي صحافين ۽ ليکڪن جي ڪيل تربيتي محنتن جو نتيجو آهي.اڄ جيڪڏهن عوامي آواز سنڌ جي ٻين سنڌي اخبارن کان منفرد ۽ سنڌي جي قومي ۽ ترقي پسند تحريڪن جو آواز آهي ته ان جي پويان انور پيرزادي ۽ ان جي ساٿين جو ڪمال آهي. انور پيرزادو سنڌ جو نامور صحافي ۽ ليکڪ کان اڳ گڏ ايئر فورس مان مظلوم بنگالين جي حمايت ڪري ڪورٽ مارشل ٿي ٻاهر نڪرڻ ڪري ۽ سنڌي ترقي پسند هئڻ ڪري نئين نسل جو ڪافي آئيڊيل ۽ اتساه هجڻ جو بلند نشان به هو، ان ڪري اسان هن سان ملڻ ۽ هٿ ملائڻ جو موقعو نه وڃائيندا هئاسين مان ان دور جي انهن نوجوانن ۾ اڃان وڌيڪ خوشنصيب هئس جو انور پيرزادو سائين سان سکر جيل ۾ گڏ گذاريو هو، جتي هن سان مخالف سياسي جماعتن ۾ هئڻ باوجود به روزانو والي بال کيڏڻ کان نه گسايو هو،ان کان سواءِ انور پيرزادي جي شاگردي ۾ انگريزي سکڻ ۽ روزانو انگريزي ۾ ڊائري لکڻ جو موقعو به مليو،انور پيرزادو صاحب مون سميت جيل ۾ قيد ٻين نوجوانن کي انگريزي سکڻ جي صلاح ڏيندو هو.
اڄ جا ناليوارا صحافي اسحاق تنيو، انور ابڙو، الهه بخش راٺوڙ، رشيد چنا، عاجز جمالي، رزاق ابڙو، زلف پيرزادو، همسفر گاڏهي، ظهير ميراڻي وغيره انور پيرزادي جي استادي مان پچيل ۽ راس ٿيل آهن.
اڄ سان سنڌي صحافت ۽ صحافين ڏي ڏسون ٿا ته ان تي ڪيتريون ئي تنقيدون ۽ آڱريون کڄن ٿيون.مان ڪجهه وقت سنڌي صحافت ۽ سنڌي صحافين جي ڪن روين ۽ پاڻ ۾ سوشل ميڊيا ۽ ٻين فورمن تي ٿيل جهيڙن جي غليظ روين بعد اهو لکيو هو ته ”ڇا سنڌي صحافت ۾ هاڻي ڪو انور پيرزادو پيدا نه ٿو ٿي سگهي.؟؟“ اڄ به شايد اهو سوال تازو توانو لڳي ٿو، ڇو ته انور پيرزادو، بدر ابڙو سميت ڪجهه ٻيا به اهڙا نالا هاڻي شايد اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتن ملڻ جي باوجود سنڌي صحافت جي دنيا ۾ ڪو انور پيرزادو پيدا ٿيڻ جو سوال اڃان به موجود آهي.انور پيرزادو اڄ به رهبري ڪرڻ جي هڪ وڏي اتساهه جي نشان طور موجود آهي.


انور پيرزادي جي شاعريءَ جو مزاحمتي پاسو
ڊاڪٽر عابده گهانگهرو
انور پيرزادي جو شمار سنڌ جي انهن گهڻ پاساين ۽ مڻيادار هستين ۾ ٿئي ٿو جيڪي پنهنجي علم توڙي عمل ذريعي هن ڌرتيءَ جي عوام کي خوش، خوشحال، متحد، توڙي سجاڳ ۽ سوڀارو ڏسڻ ۽ بڻائڻ لاءِ سڄي زندگي جاکوڙيندا رهيا. انور صحافت، ادب، تاريخ جو ماهر دانشور ۽ نقاد هو هو. انهن مڙني خوبين مان هو ليکڪ طور وڌيڪ مقبول آهي. انور پيرزادو نثر خاص طور تي مضمون ۽ اڃا Current issues تي پنھنجي قلم جي پورهئي سان عوام ۾ شعور جا ڪـِـرڻا وکيريندو رهيو. سڃاڻپ انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل صحافتي خدمتون ئي رهي. انور پيرزادو تمام سادي طبيعت وارو، ملنسار، نوجوانن جو رهبر ۽ ٻيائيءَ/ ٻه-اکيائيءَ وارين سوچن واري تصور کان بلڪل پري هو. سندس ان سوچ ۽ فڪر جو اولڙو سندس تحريرن  ۾  واضح نظر اچي ٿو. سندس لکڻين جا موضوع به سياسي ۽ سماجي آهن. جيئن ته هو هڪ بيباڪ ۽ بھادر صحافي ۽ نثر نگار هو، اها ئي سوچ ۽ فڪر سندس شاعريءَ ۾ به موجود آهي.
انور پيرزادي جي شاعري من ۾ اُٿيل اُڌمن جو آواز نظر اچي ٿي. سندس نظم معاشري ۾ اُڀرندڙ مسئلن ۽ پـِـيڙائن تي ڪڙهندڙ سندس دل جو آواز آهن، انهن ۾ سماجي اڻبرابرين خلاف اُٿندڙ مزاحمتون آهن ته معصوم ابهم ٻارڙن جي محرومين ۽ لڙڪن جا داستان پڻ ٻڌائن ٿا، قوم جي رهبري ڪندڙ آهن ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت۽ وفاداريءَ جا وچن به ورجائن ٿا.
سنڌو درياهه سنڌ ڌرتيءَ جي مان مرتبي سان گڏ هن ڌرتيءَ جي بقا جو ذريعو پڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا شاعر سندس سـُـڪل پيٽ ڏسي مختلف طريقن سان ساڻس وفاداريءَ جو وچن ڪندا آهن. ڪجهه اهڙو وَچن انور پيرزادو به ڪري ٿو.
سنڌو
اُڃايل لڳين ٿي
اي سنڌو ندي!
هلي آءُ
تو کي ڏيان جسم جو مان
نپوڙي سپوڙي
سمورو ئي رت ست
نه ڍاپي سگهين جي
ته گرڙي ڪري ڇڏ
ڏکن ڏوجهرن کي
ڏئي ڳيت لاهي ڦٽو ڪر نڙيءَ ڀر
تون اَجگر آن سنڌو
تون مستيءَ ۾ ايندينءَ
ته موٽائي مون کي ڏجان
سمورو ئي رت ست
مان تنھنجي ڪنڌيءَ تي
مـُـھين جي دڙي جيان هان ويٺو
ڀلي جان اچي مون کي برباد ڪر
ڀلي جان اچي مون کي آباد ڪر
اڳ ۾ مون ذڪر ڪيو ته انور پيرزادو هڪ صحافي هو ۽ سندس لکڻيونCurrent affairs  حالتن مطابق هونديون هيون. سندس من جو لڪل شاعر پڻ مختلف وقتن تي پيش ايندڙ واقعن تي سجاڳ ٿي پوي ٿو. پر صحافت جي دنيا ۾ پاڻ مڃائڻ کان اڳ هو پنهنجي شاعراڻي حيثيت مڃائي چڪو هو، پنهنجي دور جو ترقي پسند، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر هو. مارشل لا واري حڪومتي نظام کي هر ذي شعور ۽ جمھوريت پسند انسان نـِـندي ٿو. پاڪستان جي تاريخ به ايوب خان، يحيٰ خان ۽ جنرل ضياءَ وارا مارشلائي دور ۽ ان کان پوءِ پرويز مشرف وارو اڻ اعلانيل مني مارشل لائي دور ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي. سنڌ ۾ جنرل ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ جيڪي هاڃا يا اُنھن جو عڪس انور پيرزادي جي شاعريءَ ذريعي سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مارشلائي سنڌ
ڪچڙي
ابھم
۽ گلن جھڙي ٻارڙي
جي ڪپھه جھڙي
ڳٽي تي
جتي پاٻوهه وچان
چمي ئي ڏئي سگهجي ٿي
پوڄا واري تقدس وچان
اُتي بندوق مان نڪتل
شيھي جي گولين جا
گهاوَ لڳل آهن
لڳي ٿو
شھادت جا موڙ
هاڻي صغير ٻارڙا
به ٻڌڻ لڳا آهن
۽ وقت جي
حاڪميت جي ڍُونڍ ۾
ڪينئان پئجي ويا آهن
هڪ پاسي ڌرتيءَ لاءِ درد، ڌرتئ واسين لاءِ پيڙا۽ سندن آئندي لاءِ ڳڻتي هجي، اڳيان روشن منزل جي اوسيئڙي وارو ڊگهو اڙانگو پنڌ هجي ۽ من ۾ڪڏهن به ڪنهن اڳيان نه جهڪڻ واري ڌن هجي ته پوءِ ڌرتيءَ جا عاشق ۽ قومن جا سورما لونءَ ڪانڊاريندڙ اذيتون، ڦٽڪا ڦاهيون ۽ ٻيون سزائون، پنهنجي رستي جا ور وڪڙ محسوس ڪندي برداشت ڪري ويندا آهن جڏهن ته اها تڪليف هڪ عام ماڻهوءَ جي تصور کان به وڌيڪ هوندي آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ قيدين کي ڦٽڪن هڻڻ جي سزا ڏيڻ عام هو. ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن ڄام ساقيءَ، امداد چانڊئي، محمد خان سولنگيءَ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کان سواءِ پاڻ انور پيرزادي کي به سياسي قيد دوران ڦٽڪن جي سزا ڀوڳڻي پئي، ان اذيت کي انور پيرزادي جي هن نظم ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ڪچڙي گونچ کي
هنج کيڏائيندڙ ٽاري
پاڙ کان پٽجي پئي
فطرت، سونھن ۽ ڌرتي
تي ڄڻ هلچل مچي وئي
ٽڪٽڪيءَ تي
اونڌي ٻڌل انسان
تي هڪڙي ڦٽڪي ڦھڪو ڪيو
انور پيرزادي جي شاعريءَ مان ھي چند مثال پيش ڪيا ويا۔ پر ان جهڙا ڪيترئي انمول هيرا سندس ڪتاب "اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانء” ۾ موجود آهن، سندس شاعري توڙي جو سندس نثر جي ڀيٽ ۾ تعداد ۾ گهٽ آهي، پر ان جي باوجود سندس سرجيل هرهڪ نظم پنهنجي اندرهڪ فڪري گهرائي ۽ تخيل جي اڏام رکي ٿو.
سنڌ جي ساڃاهه وندن  جي اڳيان  انور پيرزادي جو نظريو، فڪر۽ جدوجھد پڌري پٽ  ظاهر ظهور آهي. سندس شاعريءَ ۾ پڻ ساڳيو اولڙو نظر اچي ٿو پران سان گڏوگڏ سندس شاعرئ جو اڀياس سندس شخصيت جو هڪ جدا رخ ظاھر ڪري ٿو جيڪو هڪ سگهاري دانشورهجڻ سان گڏوگڏ هڪ حساس دل رکندڙ، سماج جي پيڙائن تي رت رئندڙ، ۽ هڪ تمام نرم مزاج وارو، فطرت جي گوناگون سرچشمن جي اصلي ۽ فطري حقيقتن کي انهن جي پنھنجی اصليت ۽ فطري حقيقت ۾ محسوس ڪندڙ پنهنجي ڌرتيءَ جي  حساس هڪ شاعروارو آهي.


انور پيرزادو
سنڌي صحافت، شاعري ۽ تحقيق جو هڪ انوکو نانءُ
محمد علي پٺاڻ
انور پيرزادو جڏهن اديب نه هو، شاعر نه هو، ڪائنات جي باري ۾ هن جي سوچ مخصوص مذهبي دائري اندر محدود هئي، تڏهن به ڀٽائي هن جي روح جو راڻو هو ۽ ان جو هر بيت هن کي محبوب جي ماڻي وانگر موهي وجهندو هو، ڇو ته هن جنهن گهر ۽ ماحول ۾ جنم ورتو، اتي بُک ۽ بدحاليءَ سان گڏ ڀٽائي به رهندو هو، جيڪو نه رڳو هن جي امڙ شاهان، پيءُ شفيع محمد ۽ وڏي ڀاءُ فقير يار محمد سان گڏ گهر جي هر فرد کي ساهه کان پيارو هو، پر مهين جي دڙي جي ڏکڻ ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو وڏڙو به ڄڻ اهو ئي هو، هر رات جو ڳوٺ جي ڪنهن نه ڪنهن اوتاري تان جڏهن ”اديون عبداللطيف چئي“ جو آلاپ ٽمڪندڙ تارن هيٺان تاريڪيءَ جي گهري سمنڊ ۾ ٻڏل فضا کي سُرهي ساز سان چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪائڻ لڳندو هو ته انور جون آڱريون يا ته گهڙي ۽ ڍولڪ تي رقص ڪرڻ لڳنديون هيون يا ٽَليون وڄائي ڀٽائيءَ جي نالي تي عقيدت جا گل نڇاور ڪنديون هيون.
گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن هن شيخ اياز جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پڙهيو، جيڪو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ارپيو ويو هو ۽ ڪامريڊ جي ڪردار کي اياز ڀٽائيءَ جي ان بيت سان ڀيٽا ڏني هئي ته:
”عاشق زهر پياڪ، وه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيرا هيراڪ
توڙي چڪنن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي.“
تڏهن انور چئن پنجن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ نظربند سوڀي گيانچنداڻيءَ سان وڃي مليو، جنهن کيس عوام جي آجپي واري حق ۽ سچ جي راهه جو پانڌيئڙو بڻائيندي ٽئگور، شيڪسپيئر، لينن ۽ مائوءَ کان ويندي دنيا ڀر جي اديبن ۽ انقلابين تائين ته پڙهايو ۽ واقف ڪرايو، پر ڀٽائيءَ کي نئين فڪر جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري راهه انور پنهنجي ليکي اختيار ڪئي.
۱۹۶۹ع ۾ مارئيءَ جي حب الوطنيءَ تي پهريون مضمون لکي پاڻ کي ادب جي ميدان ۾ محقق طور متعارف ڪرائيندڙ انور پيرزادو ايم اي انگريزي ۾ ڪري ستت ئي پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار بڻيو، شديد غربت ۾ گهاريل سندس حياتيءَ اتي سُک جو ساهه اڃا مس کنيو ته هن ايئرفورس جوائن ڪئي. ان دوران پنهنجي هڪ ليڪچرار دوست کي لکيل سندس ذاتي خط، ان جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ ڪنهن تنگ نظر فرد جي ور چڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ پشاور مان ٽريننگ مڪمل ٿيڻ دوران گرفتار ڪري کيس جيل ۾ واڙيو ويو، جتان هو انقلابي ۽ شاعر بڻجي جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته سرڪاري نوڪريءَ جا مٿس دروازا بند ٿي ويا. اهڙي صورتحال ۾ الائي ڪٿان امر جليل هن ڏانهن هٿ وڌائي کيس ان وقت جي هڪ سنڌي اخبار جي چيف ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ سان ملايو. جنهن کيس اخبار ۾ سب ايڊيٽر واري نوڪريءَ سان لڳايو. صحافت جي شعبي سان انور پيرزادي جو اهو نينهن سندس اکيون پورڻ واري گهڙيءَ تائين قائم رهيو، ان سان گڏ سنڌ ۾ هو هڪ وڏي شاعر، محقق، اديب ۽ دانشور جي طور تي به پنهنجين لکڻين ذريعي پنهنجو تعارف ڪرائيندو رهيو، جنهن دوران هن ڀٽائي، مهين جي دڙي، ٿر، ڪاڇي، ڪچي، جبل ۽ ڊيلٽائي علائقي سان گڏ سنڌو درياهه تي به اهم ڪم ڪيو.
۶۲ سالن جي عمر تائين قد بت ۽ شڪل صورت ۾ ڪنهن حسين شهزادي وانگر نظر ايندڙ انور پيرزادي جي وڏ سڃاڻ سندس مڻيا پڻ هئي، جيڪا هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي. قرب ۽ ٻاجهه جي انوکي ورتاءَ، فرسوده سماج کي ڊاهي نئين انصاف ڀريي سماج جي اڏاوت لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ نياڻين جي تعليم کي پنهنجي گهر کان شروع ڪندڙ انور پيرزادي کي سندس وڇوڙي جي ڏهن سالن بعد به سنڌ ياد ڪري ٿي.


سنڌ
انور پيرزادو
شاعريءَ جا ديوتا
ڀٽائي گهوٽ!
تنھنجي در تي اچي
نه پـُـٽ گهريو آهي مون
۽ نه وري باس
ڪا باسي آهيم
مان ته هڪ سينَ
هڻڻ آيو هان
خالي ڪشڪول کڻي
ڏات ڌڻي!
سنڌ جو لاش کڻي آيو هان
ان ۾ نئون ساهه وجهي ڏي مون کي



انور پيرزادو
ديو مالائي ڪردار
سنڌو پيرزادو
ننڍي هوندي جڏهن الف -ليليٰ جون ڪهاڻيون پڙهندي هيم ته اڪثر سوچيندي هيم ته هنن ڪهاڻين ۾ جيڪي شهزادا آهن، اهي ڪهڙا هوندا؟ هنن جو هلڻ گهمڻ، اٿڻ ويهڻ، کلڻ ڳالهائڻ ڪهڙو هوندو؟ هو ڪيڏا نه حسين هوندا، پر هاڻ جڏهن انور پيرزادي کي ياد ڪندي آهيان ته سوچيندي آهيان ته هو واقعي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو ديو مالائي ڪردار هو، ڄڻ ته ڪنهن الف ليليٰ جي ڪهاڻيءَ مان نڪري ڪجهه دير هن حقيقي دنيا ۾ اچي ويو هو.
سنڌوءَ ڪناري جيڪي ويد  لکيا ويا هئا، اهي ضرور انور پيرزادي جهڙي ڪنهن شاعر لکيا هوندا، موهن جي دڙي جي مُهرن ۽ ٺپن تي جيڪا ٻولي لکيل آهي، اها انور پيرزادي جهڙي ڪنهن ماهر تاريخ دان ٻوليءَ جي پارکو لکي هوندي، سنبارا جهڙي ناچڻيءَ کي ضرور انور پيرزادي جهڙو عورت جي عزت ڪرڻ وارو ۽ کيس ساراهڻ وارو مليو هوندو، جنهن سندس فن کي پکيڙڻ لاءِ راهون هموار ڪيون هونديون، انور پيرزادي ۾ سنڌ جو حسن ۽ شعور يڪجا ٿي ويو هو، قدآور شخصيت، سرخ ۽ سفيد رنگت، گهريون اکيون ۽ روح جي سچائيءَ سان ٽمٽار چهرو هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته دل چوندي هئي کيس ٻڌندو رهجي، تاريخ، ادب، سماج، صحافت، ملڪي ۽ غير ملڪي سياست هو هر موضوع ته ايئن گفتگو ڪندو هو جو ٻڌڻ واري وٽ ڪو ئي به مونجهارو نه رهندو هو.
اسان سندس رشتيدارن ۽ دوست ڪيڏا نه خوش قسمت هئاسين جو اسان انور صاحب سان ڪجهه ڏينهن گڏ گذاريا، هن کي ڏٺوسين، ڪچهريون ڪيون سين ۽ هن جي انمول صحبت ۽ پنهنجائپ اسان کي حاصل رهي. ڳوٺ ٻلهڙيجي ڪيڏو نه خوش قسمت آهي، جنهن ۾ انور پيرزادي جنم ورتو، اهو ڳوٺ جيڪو سنڌوءَ ڪناري ۽ ڪچي جي ويجهو هڪ غير روايتي ڳوٺ هو، جيڪو علم، ادب ۽ خاص طور تي ڪلاسيڪل راڳ جي ڪري مشهور هو، هتي راڳ جا ڄاڻو ۽ راڳ ڳائيندڙ ٻنهي قسمن جا ماڻهو موجود هئا، سندس مامو غلام حسين جڏهن سارنگ ڳائيندو هو  ته برسات وسي پوندي هئي، ڳوٺ ۾ راڳ جون محفلون ٿينديون هيون ۽ ماڻهو پري پري کان راڳ ٻڌڻ ايندا هئا، عربي ۽ فارسيءَ جا ڄاڻو استاد موجود هئا پر عورتن جي حوالي سان جيڪڏهن ڏسجي ته هي ڳوٺ هڪ روايتي ڳوٺ ئي هو.
عورتون اڪثر ڪفن جهڙي سفيد برقعي ۾ ويڙهجي ٻاهر نڪرنديون هيون، اهو به تڏهن جڏهن صفا مرڻ واريون هجن ته تمام پري ڪنهن گڏهه گاڏي يا ڏاند گاڏي تي چڙهي وڃن يا ڪنهن طبيب يا حڪيم کي طبيعت ڏيکارڻ وڃن يا وري ورهين ۾ ڪنهن اوسي پاسي جي ڳوٺ يا درگاهه تي وڃن، نه ته جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو ڪجهه هفتا به هن ڳوٺ ۾ رهي ها ته عين ممڪن هو ته هُن کي عورت جو وجود به نه نظر اچي ها، تعليم ڄڻ ته رڳو مردن لاءِ هئي، ملياڻي کان قرآن شريف پڙهنديون هيون يا پنجين درجي تائين ٻاراڻي اسڪول ۾پڙهي سگهنديون هيون، ان پس منظر ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ هڪ اهڙي شخص جنم ورتو، جنهن کي پوءِ سڄي دنيا انور پيرزادي جي نالي سان سڃاتو ۽ اهڙي پٺتي پيل ڳوٺ کي سندس ڪوششن ڪري پوءِ دنيا ”لٽل ماسڪو“ ڪري سڏيو.
ٻلهڙيجي هڪ عام رواجي ڳوٺ مان لٽل ماسڪو ۾ ڪيئن تبديل ٿيو، اهو انور پيرزادي جو نرالو ڪردار هو، جنهن اڻ ٿيڻ جهڙي ڪم کي ڪري ڏيکاريو. آچر ۲۶ نومبر ۲۰۱۷ع تي مون جڏهن ”عورتن جي سنڌي ادبي سنگت عورت شاخ“ جي پهرين گڏجاڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي ڪئي ته محسوس ڪيم ته هڪ روح جيڪو جتي به آهي، هو مسڪرائي مون کي ڏسي رهيو آهي، هو پنهنجي مخصوص لهجي ۾ مون کي همٿائي ٿو ۽ سندس اکين ۾  فخر آهي ته منهنجي ڳوٺ جي عورت باشعور آهي، عورت جي هٿ ۾ قلم انقلاب طرف وڌيل هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن کان بنا ڪو به انقلاب ممڪن نه آهي، ۷۷-۱۹۷۶ ۾ انور پيرزادي  ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ”سنڌي ادبي سنگت ويمن ونگ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ“ جي بنياد رکي جنهن جي پهرئين سيڪريٽري ملڪان پيرزادي هئي، جيڪا سندس ڀائيٽي پڻ هئي، هي اهو دور هو، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ ڪو سجاڳ دور ڪو نه هو، هي اهو ئي دور هو، جنهن ۾ ”عورت مرد جي سهولت لاءِ خلقي وئي آ“ واري فلسفي تي معاشرو قائم هو. هن زماني ۾ عورتن جي ”تعليم اول ته ٻهراڙين ۾ موجود ئي ڪو نه هئي ۽ جيڪڏهن هئي به ته صرف پنجين درجي تائين ان دور ۾ جيڪڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ ادبي سنگت جي شاخ قائم هئي ته اهو انور پيرزادي جي ڪردار ۽ سندس شخصيت ڪري ئي ممڪن ٿيو هو، ان کان اڳ ڳوٺ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ انور پيرزادي گهڻي جاکوڙ ڪئي، پنهنجي ننڍي ڀيڻ بهشت خاتون کي تعليم ڏياريائين جيڪا گهر جي وڏن سان بغاوت کان گهٽ نه هو، سندس ماسات ميران پيرزاديءَ کي به تعليم ڏيارڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو، هي ٻئي عورتون اسان جي خاندان ۾ پهريون اعليٰ تعليم يافته عورتون آهن، جيڪي ٻئي اسڪولن جون هيڊ ماسترياڻيون ٿي ريٽائر ٿيون آهن، تعليم سان گڏوگڏ عورتن کي ادب سان به متعارف ڪرائڻ ۾ انور پيرزادي جو مک ڪردار رهيو، جنهن ۾ هُن سان گڏ سندس ماسات مير محمد پيرزادي ۽ ستار پيرزادي جو به ڪردار نهايت اهم رهيو. هو پنهنجن پنهنجن عورتن کي امرل جليل ۽ شيخ اياز جا ڪتاب آڻي پڙهڻ لاءِ ڏيندا هئا، ايئن عورتون علم ۽ ادب ڏانهن وڌيون، ادبي سنگت عورت شاخ انهن ئي ڪوششن جو تلسسل هئي، انهن گڏجاڻين ۾ ميران پيرزادي، بهشت خاتون، ملڪان پيرزادي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عورتون شريڪ ٿينديون هيون؟ هي گڏجاڻيون ڪجهه سال هلي پوءِ ڪجهه سببن ڪري بند ٿي ويون پر عورتن ۾ اهڙي ته سجاڳي آئي جو اڄ ٻلهڙيجي جون عورتون گهڻي ڀاڱي تعليم يافته آهن ۽ ادبي لحاظ کان به ڪافي سجاڳ آهن، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي عورت ونگ وري به ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ قائم آهي، جنهن ۾ اسان هر آچر تي گڏجاڻي ڪندا.  آهيون.
انور پيرزادي جي جادوئي شخصيت جي پٺيان سندس ماءُ جي تربيت هئي، سندس ماءُ پڻ اسان جي ڳوٺ جو هڪ اهڙو ته سجاڳ، سماجي ۽ فلاحي ڪردار آهي، جيڪا هڪ ڊگهي مقالي جي حقدار آهي، انور پيرزادي جي ماءُ منهنجي ماءُ جي سڳي ماسي هئي ۽ هُن جو گهر منهنجي ماءُ لاءِ  اُها پناهه گاهه هئي، جتي هوءَ ڪجهه گهڙيون سک جون گذاري سگهندي هئي.
مان تمام ننڍي هيس پر انور پيرزادي جو پراڻو ڇن وارو ڪچو گهر مون کي ٿورو ٿورو ياد آهي، جنهن جي ورانڊي ۾ کٽ تي ويٺل هڪ با رعُب، پرڪشش ۽ حسين ڪراڙي ويٺي هوندي هئي، جنهن جي اکين جي گهرائي ۽ اسان لاءِ سندس بي لوث محبت مون کي اڄ به ياد آهي، هوءَ بروهڻ ماءُ جي هڪ بي حد حسين ۽ ذهين ڌيءُ هئي، جيڪا ڳوٺ جي هڪ عريب گهر ۾ پرڻائي وئي هئي، هوءَ ڌيءُ اسان جي ڳوٺ جي مشهور درزياڻي هئي، ان سان گڏوگڏ سندس فلاحي ڪردار قابل ذڪر آهي، ڳوٺ ۾ ڪنهن جو ٻار بيمار ٿئي، ڪو ئي جهيڙو ٿئي، يا شادي مرادي يا ٻيا مسئلا هجن، ڳوٺ جون عورتون، ماسي شاهان سان صلاح مشورو ڪنديون هيون، هوءَ غربت هوندي به ڄڻ ڳوٺ جي وڏييري لڳي ويٺي هوندي هئي، اهو ئي سندس شخصيت جو ڪمال هو.
انور پيرزادي جي شخصيت جي هڪ خوبي هي به هئي ته هن کي ويجهو هر ماڻهو ايئن سمجهندو هو ته هو انور پيرزادي لاءِ گهڻو ئي خاص آهي، اسان جي فيمليءَ ۽ ڳوٺ ۾ جڏهن عورتون انور پيرزادي جون يادون مون سان شيئر ڪنديون آهن ته هرڪا ايئن ئي چوندي آهي ته انور صاحب هُن جي زندگي ۽ هُن جي مسئلن کي جيئن سمجهو ايئن ڪو ئي ٻيو نه سمجهي سگهندو، هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري کان وٺي هڪ صفا اڻ پڙهيل ۽ گهرتائين محدود عورت تائين هر عورت کي هو ساڳي ئي خلوص ۽ پنهنجائپ سان همٿائيندو هو، هر ڪنهن کي لڳندو هو ته هو ته انور صاحب لاءِ الاهي خاص آهي، سندس ڪتاب ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان“ ۾ انور صاحب ڪيترائي اهڙا نظم لکيا آهن، جن ۾ عورت جي درد جو عڪس به آهي ته معاشري ۾ ڀوڳيندڙ پيڙائن جو پڙلاءُ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
انور پيرزادو هڪ Feminist دل رکندڙ انسان هو، جنهن جو واضح اظهار هن جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿو، اهو شاعر جنهن جي دل عورت جي پيار سان ڀريل آهي ۽ جنهن جو روح عورت سان ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي گهايل آهي، سندس هڪ نظم آهي......
ٽوپيل نڪ مان سڳو سوري،
ڪنواري ڇوري،
پنهنجي منهن سان،
واندي ويٺي،
ڇا ڇا سوچي،
ڀاڳ سهاڳ جا سندر سپنا،
ڪيئي جوڙي، ڪيئي ٽوڙي،
پاسي واري گهر ۾ وڏيرو،
نوٽ ڏيئي ۽ سنمک ٿي،
مائيءَ کان هر ڳالهه مڃائي،
ٻٽيهيءَ تان ڪانو تڙي،
۽ مُڇ وٽي،
واندو ويٺو،
ڌاري گهر  ۾ گهوري،
ڪنواري ڇوري،
ڀاڳ سهاڳ جا،
سندر سپنا،
ڪيئي جوڙي،
ڪيئي توڙي.
مٿين سٽن ۾ ڳوٺاڻي ماحول کي پيش ڪرڻ ۾ انور صاحب ڪامياب رهيو آهي، هن نظم ۾ ڳوٺاڻي ماحول جو هڪ تلخ منظر نامونن آهي، جتي ڪنواري ڇوڪريءَ جا خواب وڏيري هٿان ڪيئن ٿا پرزا پرزا ٿين، پئسو ڪيئن ٿو، ڪنوارا خواب خريدي ڇڏي، اُهو غربت جو الميو آهي ۽ فيوڊلزم جو اهو رخ آهي، جيڪو ناسور بڻجي عورت جي خوابن کي کائي ٿو وڃي. انور صاحب جي جرئت، همت، حوصلي ۽ هن جي لازوال عشق تي انور صاحب جو ٻيو هڪ نظم آهي.
سياري جي اڌرات،
درياهه ٽپي،
مڙس کان لڪي،
ميهر سان ملڻ،
۽ پيرن اگهاڙي،
تتل ڏينهن ۾،
جبل جهاڳڻ،
بکئي پيٽ،
بدحال هوندي،
عمر جهڙي ظالم سان،
جهيڙو ڪرڻ،
زماني جي هٿرادو،
ريتن ۽ رسمن،
جي منهن تي،
ڪا دانگي ملي،
ڪنول ۽ ڪنواريون،
سڏي،
ڪاڪ جوڙڻ،
جوانيءَ ۾ ”ڪارو“ ڪاري ٿي،
ڪسجي وڃڻ،
۽ جوانيءَ ۾ جوکم کڻڻ،
حياتيءَ جو رومانس آهي،
حياتي جي رومانس جي باري ۾ انور صاحب جو اهو ڪمينٽ اصل آزاد شاعريءَ جو روح آهي، جنهن ۾ دقيا نوسي سماج سان بغاوت جو کليل اظهار ملي ٿو، هو هڪ باغي دل رکندڙ شاعر هو ۽ سندس هي نظم عورتن لاءِ سندس سوچ کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، انور پيرزادي لاءِ عورت سسئي به هئي ته مارئي به هئي، مومل به هئي ته سهڻي به هئي، عورت طرف معاشري جي رويي کي هو هميشه اداس اکين سان ڏسندو هو، جنهن جا اولڙا سندس شاعريءَ ۾ بار بار نطر اچن ٿا.
رات جو روڊ تي،
۽ جهوڀن ۾،
۽ وڏن بنگلن ۾،
نوٽ نڪرن ٿا،
ٿئي ٿو واپار،
برف جهڙن ٿڌن ۽ بُک مئل جسمن جو،
جن کي وحشي ۽ جنس جا بکيا،
رات ساري ٿا پٽين، ڇيڇاڙين،
آءُ جي ايئن لکان ٿو،
ته چوين ٿو ته ادب،
اخلاق بگاڙي ٿو،
ڪري عام ٿو جنس،
هڪ ٻيو نظم اٿس جنهن ۾ طلاق کاڌل عورت جي بي وسي نظر اچي ٿي..
بابو ڪٿي آ؟
چپن ئي چپن ۾،
طلاق ڏئي ويو ،
طلاق ڇا هي،
بابو ڪٿي آ؟
مڪون، چهنڊڙيون،
سوٽيون، گاريون؟ !
بابو ڪٿي آ؟
ماءُ جو هانءُ،
ڇيهون ڇيهون،
پاڻ کان نفرت،
مڙس کان نفرت،
تقدير سان نفرت،
ٻارن سان پيار ۾، بابو ڪٿي آ؟
اسان جي سماج ۾ عورت جو جيڪو مقام آهي، ان جي صحيح ۽ سچي تصوير انور صاحب جي هنن نظمن ۾ واضح نظر اچي ٿي، ٻهراڙِي جي هن منظر ۾ انور صاحب جي هنن نظمن ۾ سندس مشاهداتي گهرائي صاف نظر ٿي اچي، ان سڄي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي عورتن لاءِ سندس ڪم ڏسون ته اسان کي سندس ڪوششن جي اهميت جو بخوبي اندازو ٿيندو، ڪچي جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام جي غريب گهر ۾ جنم وٺندڙ انور پيرزادي جي گهڻ رخي شخصيت تي نظر وجهجي ٿي ته ماڻهو حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي ته ڪيئن هن تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ايئرفورس ۾ پائلٽ جي پوسٽ تائين پهتو پر خدا کي هن مان شايد ٻيو ئي ڪم وٺڻو هو، جو هو  پنهنجي آزاد طبيعت ڪري اتان ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ پوءِ سنڌي صحافت ۽ ادب جو هڪ چمڪندڙ ستارو بڻجي ويو.
ڪجهه ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، تاريخ ٺاهيندڙ ٿيندا آهن ۽ تاريخ انهن کي هميشه ياد رکندي آهي، انور پيرزادو به هڪ اهڙو ڪردار هو، نه ته ٻلهڙيجيءَ مان ته کوڙ ماڻهو ڪراچيءَ آيا جن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف پئسو ڪمائڻ ئي ٺاهي ڇڏيو، نه ڪڏهن فلاحي ڪم ڪين نه ادبي ۽ نه سياسي سماجي، هو پنهنجي خول ۾ ايئن ويڙهيل آهن جو اوسي پاسي تي سندن نظر ئي نه وڃي، اهڙن ماڻهن جو دنيا ۾ اچڻ ۽ نه اچڻ برابر آهي، پر انور پيرزادي ائين نه ڪيو، هن جي زندگي مارئيءَ وانگيان مارن کي ارپيل رهي، منهنجو هڪ سئوٽ گهڻو پڙهيل ناهي، هو ڳوٺ ۽ ڪچي ۾ گهڻو رهيو پر هو ڀٽائي جا بيت معنيٰ سان ٻڌائيندو آهي ۽ چوندو آهي ته انور پيرزادو منهنجو استاد آهي، جنهن مون کي ڀٽائي پڙهائيو، اهڙا کوڙ ڪردار آهن، ٻلهڙيجيءَ ۾ جن جون زندگيون انور صاحب بدلائي ڇڏيون.
اهو سوال مان ٻلهڙيجي ءَ جي نوجوانن لاءِ ڇڏيان ٿي.
هاڻي مان فقط اوهان جي سامهون اهو هڪ سوال رکڻ چاهيان ٿي ته ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته جيڪڏهن انور صاحب اسان ۾ نه هجي ها ته! اڄ اسان ڪٿي بيٺل هجون ها!؟



انور پيرزادو
سندس ستين ورسي ڀٽائي جي سمورن سُرن جو محور
عاجز جمالي
مون اڃا سندس اُهو مشهور نظم ڪو نه پڙهيو هو، جنهن جي ادبي لڏي ۾ هاڪ هُجي پر مون کيس پهريون ڀيرو ان مزار جي اڱڻ تي پنهنجي ٻن يارن سان گڏ ڏٺو، جڏهن هُو مزار جي اڱڻ تي ويهي سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو، بعد ۾ هُو اتان اٿي اچي مزار جي اندر ڀٽائي جي راڳين وٽ ويهي رهيا. هي ٽئي همراهه ڪامريڊن جي ٻاراڻي تنظيم ساٿي ٻارڙا سنگت جي ڪنوينشن ۾ آيل هُئا. سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر سان واڳيل هر نوجوان سنڌ جي هنن ٽنهي ڪردارن کي وڏي احترام سان ڏسندو هو، پر انهن هزارين نوجوانن منجهان مون سميت سنڌ جا ڪجهه اهڙا نوجوان هُئا، جن اڳتي هلي سنڌي صحافت ۾ پير رکيا، اها اسان جي خوش قسمتي هئي جو ڄاڻايل ٽنهي شخصيتن جي ويجهڙائپ ۽ قربت نصيب ٿي. ان کانپوءِ مون کي سندس نظم ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ“ سمجهه ۾ اچڻ لڳو. انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري ۽ بدر ابڙو اهي ئي ڪردار هُئا جيڪي سنڌ ۾ انقلاب جو رومانس رکندڙ نوجوانن لاءِ ديومالائي ڪردارن جهڙي حيثيت رکندا هئا، بعد ۾ ڀلي انقلاب آدرش جا خواب چڪناچور به ٿيا هُجن پر ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ مان سنڌي صحافت جو انقلاب برپا ٿيو. لياري جي چاڪيواڙي جي هڪ ننڍڙي آفيس مان جيڪا اخبار نڪتي هي سڀ ڪردار ان ۾ گڏ هئا. سچ ته مون پنهنجي ۲۲ سالن جي عملي صحافتي زندگيءَ ۾ جيترا به وڏا صحافي ڏٺا اُهي انهيءَ اخبار ۾ ئي ڏٺا. سهيل سانگي، عبدالرحمان نقاش، امداد اوڍو، حسن مجتبيٰ ۽ تڏهوڪا سمورا وڏا ڪالم لکندڙ، ڪمپيوٽر تي نڪرندڙ پهرين سنڌي اخبار جي سٿ ۾ ”جوهي“ کان نمائندي جي صورت ۾ شامل ٿيس. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي. شاعريءَ جو شوق رکڻ وارو ماڻهو لکڻ ڏانهن مائل ٿيندو آهي.
شاعريءَ کان شروعات ڪري صحافت تائين پهچي ماڻهو ”ادب“ جي ميدان مان وڃائجي وڃي ٿو. ”جوهي“ مان عراق، ڪويت جنگ دوران عراق تي آمريڪي حملي بابت مون جڏهن بيت لکيا ۽ لفافي ۾ وجهي ٽپال وسيلي پنهنجي اخبار تائين پهچايا. هڪ ڏينهن منهنجون اکيون دنگ رهجي ويون ته اخبار جي پهرين صفحي (فرنٽ پيج) تي منهنجا اهي بيت ٽئين دور جو ڪيڏارو جي عنوان سان ڇپيل هُجن. صحافت ۾ ان قسم جي نواڻ ڪو شاعراڻو مزاج رکندڙ ايڊيٽر ئي آڻي پئي سگهيو. مون کي ٻن سالن کانپوءِ اها خبر پئي هئي ته هي ايڊيٽر ڪو ٻيو نه پر ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ“ جو خالق انور پيرزادو هو. بعد ۾ ان ساڳي اخبار ۾ نوڪري ڪرڻ سبب مرحوم انور پيرزادي سان ويجهڙائپ ٿي. جيڪڏهن هيئن چئجي ته اسين کائنس گهڻو ڪجهه سکيا آهيون ته غلط نه ٿيندو. اسان جي صحافي دوستن جي لڏي منجهان انور ابڙو، مان. همسفر گاڏهي، الهه بخش راٺوڙ، معصوم ٿري، اڪثر انور صاحب جي ڪچهرين ۾ وهيندا هئاسين. ڳوٺاڻي ماحول مان ڪراچي آيل مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڀ کان اهم پهلو انور صاحب ۾ ”ڪچهريءَ جو ڪوڏيو“ هُجڻ هو. شاعري، ادب، ڀٽائي، سياست ۽ دنيا جي هيڏانهن هوڏانهن جا موضوع، گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، اسين سڀ دوست پنهنجي هن محترم استاد کي اڄ ”انور صاحب“ چوندا آهيون. اهو لفظ چئي مان اڄ به پاڻ کي ذهني طور انور صاحب جو ماتحت تصور ڪندو آهيان. مون کي ائين لڳندو آهي ته ”متان وساريو“ جو ڪلاس اڄ به جاري آهي. سندس لکيل تحريرن منجهان اڄ به اسين گهڻو ڪجهه سکي رهيا آهيون. هُو اڄ به اسان جو ”ايڊيٽر“ آهي ۽ دُعا آهي ته هُو سڄي حياتي ان رشتي جي ناطي اسان کي سيکاريندو رهي. جسماني طور موجود هُجڻ منهنجي نظر ۾ ايڏي معنيٰ ڪانه ٿي رکي، جسماني طور ته اسان وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت شهيد، ڪارل مارڪس، شيڪسپيئر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ناهن، پر ڇا دنيا اڄ تائين کانئن سِکي ڪانه رهي آهي؟ مون رات جو هِن صحافتي استاد بابت سندس ستين ورسيءَ تي لکڻ جو ارادو ڪري شاهه جو رسالو کنيو. ڇو ته انور صاحب به پاڻ کي ڀٽائي جو شاگرد سمجهندو هوندو، وري سوچيم ڀٽائي جي ڪهڙي سُر ۾ انور پيرزادي کي ڳوليان، جيڪو مٿس صفا ٺهڪي اچي.
کاهوڙي، ڪيڏارو، رامڪلي، سارنگ، گهاتو، مارئي، ڪوهياري، يمن ڪلياڻ، سامونڊي، سسئي، ڪاپائتي، ڏهر، بلاول، شاهه لطيف جا هيڏا سُر مون کي هر سُر ۾ ”انور“ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيل ملي ٿو. سوچيان پيو هي ڇا ماجرا آهي. شايد ان جو اِهو ئي جواب آهي ته هي تحقيق جو ڪم آهي. انور پيرزادي جو اولاد صالح آهي، جنهن گذريل ستن سالن ۾ اسان جي دوست جا لکيل ڪيترا ئي ڪتاب ڇپرائي پنهنجي صالح هُجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ اسان پڙهندڙن تي وڏي مهرباني ڪئي.
مون لاءِ انور صاحب ۾ اُتساهه جو ٻيو نقطو سندس شانائتي انگريزي ٻولي هُجڻ آهي. ظاهر آهي ته هُو ايئرفورس جو آفيسر هو، مٿس ڪورٽ مارشل ڪري کيس سزا ڏني وئي هئي، پر اُن سزا مان سنڌي ٻوليءَ جو باغياڻو ادب سرجيو، جنهن هن ملڪ ۾ عوام تي ڏاڍ ڪندڙ رياست کي شيخ اياز جي لفظن ۾ هي احساس ڏياريو ته:
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.
شيخ اياز جي وڇوڙي تي سنڌ جي شعور وڏو صدمو محسوس ڪيو هو، انور صاحب به ڏاڍو ڏکارو هو. ڪراچيءَ کان ڀٽ شاهه تائين شيخ اياز جي مڙهه جي قافلي ۾ مان به شريڪ هُئس، مان مرحوم قمر شهباز جي گاڏيءَ ۾ ساڻس گڏ هئس. اياز جي قبر تي انور صاحب مٽي وجهي رهيو هو. شيخ اياز جي تدفين بابت انور لکي ٿو ته، ”قبر جڙي راس ٿي، هڪ مُلان آيو، دعا گهريائين، سڀني هٿ مٿي کنيا ۽ ڪجهه لمحن کانپوءِ هيٺ ڪري ڇڏيا، اياز جي اسلامي تدفين مڪمل ٿي وئي. مون کي مدن فقير ياد آيو، جنهن کان ڀٽائي پڇيو ته تون ڪير؟ مان ڪير؟ ته چيائين تون ڌوڙ ته مان ڇائي، ڀٽائي جي فقيرن جڏهن مدن فقير کان وضاحت طلب ڪئي ته هُن وراڻيو مان مرندس ته هندن جي حوالي ٿيندس، مون کي ساڙي رک ڪندا، ڀٽائي مرندو ته مسلمانن جي حوالي ٿيندو جيڪي هن کي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح مٽي، مٽيءَ سان ملي ويندي“ نه رڳو اياز پر انور صاحب سنڌ جي سمورن وڏن ماڻهن بابت مضمون لکيا، پر هُن جي هر مضمون ۾ ڀٽائي ملندو. هُن کي سنڌ جو رُخ شاهه لطيف جي شاعري ۾ نظر ايندو هو، ڇو ته پاڻ ڀٽائي جو پارکو هو، مون توهان کي ڀٽائي ان طرح گهرائي سان سمجهه ۾ ڪونه ايندو، ڇو ته اسان ڪڏهن به شاهه سائين کي گهرائي سان پڙهيو ڪونهي. انور ۽ بدر ٻه اهڙا گهاٽا يار هُئا جو زندگيءَ جا گهڻا رخ هنن گڏجي ڳولي لڌا. هنن نه رڳو گڏجي ڪتاب لکيا پر گڏجي تحقيق به ڪئي. گورک هل اسٽيشن ڏانهن پهريون اڻانگو سفر به هنن همراهن ڪيو. اسان ڪاڇي جا ماڻهو اسان کي ڪاڇي بابت هنن ٻڌايو ته ڀٽائي چوي ٿو ”ڪاڇي ڪيو ڪُرلاءُ“. سندن ڪچهرين ۾ نه رڳو ”مدن فقير“ پر شاهه لطيف سان واڳيل هر ڪردار بابت ڄاڻ جو خزانو ملندو هو. علم ادب جا مڻيا ملندا هئا. اسان کان هاڻي اُهو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو آهي. انور فقير ۽ نقاش ته دنيا ۾ نه رهيا پر بدر ابڙو، سُهيل سانگي، آغا سليم، ڊاڪٽر سليمان شيخ، امر جليل، الطاف شيخ، رسول بخش پليجو، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه سميت ان نسل جا ڪيترا ئي استاد هن سٻاجهي سنڌ ۾ موجود آهن. انور صاحب اسان کي ٻڌائي ويو آهي ته ”انٽرنيٽ“ جو زمانو تيزيءَ سان حاڪميت ڄمائي پيو، ان ڪري اسان کي انٽرنيٽ کي درست رخ ۾ استعمال ڪرڻو پوندو. انور صاحب ان زماني ۾ ٽائيپ رائيٽر ذريعي انگريزي مضمون ٽائيپ ڪندو هو، جڏهن تمام گهٽ ماڻهو ٽائيپ رائيٽر استعمال ڪندا هئا. اسين سنڌي محترم ماجد ڀرڳڙيءَ جا وڏا احسانمند آهيون، جنهن اڄ اسان کي گلوبل وليج ۾ وڏي مانائتي طريقي سان شامل ڪيو آهي جو اڄ گهر ۾ ويٺي پنهنجي موبائل فون جي ننڍڙي اسڪرين تي به انور پيرزادي جا پراڻا مضمون پڙهي رهيا آهيون ته شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کان به مدد وٺي رهيا آهيون. انٽرنيٽ ۽ جديد مواصلاتي سرشتو ڪيڏو به تيز هُجي پر روحاني رابطو ان کان به تيز آهي. روحن ۽ دلين جي سامهون سڄي ٽيڪنالاجي فيل ٿيو وڃي. ان ڪري انور پيرزادي جو ڀٽائي سان روحاني ڳانڍاپو ابد کان ازل تائين جو رشتو هو، مان اڄ به سمجهان ٿو ته اُهو جيستائين ڪائنات جو وجود آهي تيستائين اسان سنڌين جو ڀٽائي ۾ ايمان رهندو ۽ ڀٽائي رهندو ته ڀٽائي جا ڄاڻو به رهندا. انور پنهنجي حياتيءَ ۾ ڀرپور زندگي گذاري، هُو ڀٽائي جي سڀني سُرن جو محور آهي. انور جون يادون هڪ قيمتي سرمايو آهن، جيڪي اسان وٽ سدائين محفوظ رهنديون. انور جي نسل جي اديبن ۽ صحافين جي پيڙهيءَ جا وڏا نالا اڄ به اسان وٽ موجود آهن، جن جو ذڪر ڪري آيو آهيان، اُهي سڀ سنڌ ڌرتيءَ جا ”ليجنڊ“ آهن. اسين حياتيءَ ۾ کين مان ۽ مڃتا ڏيون. گذريل هفتي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلاٽيشن (SIUT) جي سرواڻ اديب رضويءَ طرفان محمد ابراهيم جويي سان رهاڻ رچائي وئي. اعلان ڪيو ويو ابراهيم جويو جي ٻن سالن کانپوءِ سندس حياتيءَ ۾ ”سينچري“ ملهائي وڃي. سُٺي صلاح هئي. اهڙيون ئي ڳالهيون انور صاحب ڪندو هو ته اسان پنهنجي ماڻهن کي سندن حياتيءَ ۾ مان ۽ مڃتا ڏيون. مان انور کي ڀٽائي جي انهن ئي اکرن سان ڀيٽا ڏيندس، جيڪي هُن فقير محمد لاشاريءَ جي ورسي تي کيس ارپيا هُئا.
سري ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا،
ڪوجو سُخن ڪلاڪ جو، پتي تي پيون،
تهان پوءِ ٿيون، مرڻ متارن کي.
(ڀٽائي)



انور پيرزادو
جنھن کي سنڌ ساري ٿي
اياز جاني
انور پيرزادو؛ جنهن جي معصوم ٻار جهڙي مُرڪ مان مڌر ٽريسا جو وجود پسبو هو، جنهن جا مترنم ٽهڪ استاد جمن جي پرسوز آلاپن وانگر روح ۾ گونجندا هئا، جنهن جي گفتگوءَ ۾ شيخ اياز جي ڪوتائن جهڙو سحر انگيز سرور هو، جنهن جي خاموشيءَ ۾ خليل جبران جي تخيل جهڙي گنڀيرتا هئي، جنهن جي پيار ۾ مُهين جي دڙي جي ناچڻي رقص ڪندي هئي، جنهن جي سوچ ۾ ايم اين راءِ جهڙي وسعت هئي، جنهن جي لوچ ۾ تاج صحرائيءَ جي وجود جي مستي هئي، جنهن جي نياز نوڙت ۾ تمر فقير جي خوشبوءِ هئي، جنهن جي نظريي ۾ شهيد ناصر جهڙي اڏولتا هئي، جنهن جي انڪار ۾ شهيد نذير عباسيءَ جهڙي جرئت هئي.
انور پيرزادو: جنهن روس جي نظرياتي زوال کي پنهنجو سياسي روڳ نه بڻايو، جنهن ڪميونزم جي ٽوڙ ڦوڙ کي جواز بڻائي عوام جي نظرياتي سگهه کي مفلوج نه ڪيو، جنهن ڄام ساقي، شيخ اياز ۽ بيدل مسرور وانگر روحانيت/ملائيت ۾ پناهه نه ورتي، جنهن ولي رام ولڀ وانگر ”ڀڳوت گيتا“ ۾ قلبي سڪون نه ماڻيو، جنهن سوڀي گيانچنداڻيءَ وانگر رياست پاران پنج ڏوڪڙ وٺڻ کي ”حياتيءَ جي حاصلات“ نه سمجهيو، جنهن حسنِ ڪارڪردگيءَ جي تمغي بابت پنهنجي پرستارن جي خواهش کي منظور نه ڪيو، جنهن پنهنجي حياتيءَ جي پهرين تخليقي مراد ”چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ“ جي مهوريت جي تقريب کي به نه قبوليو.
انور پيرزادو: جيڪو دراوڙ نسل جو سرفروش دانشور هو، جنهن وقت ۾ آمر قوتن سان پنهنجي قلم ۽ عمل ذريعي لاڳيتي ويڙهاند ڪئي، جيڪو رياست جي عتاب هيٺ ايندڙ سياسي ورڪرن ۽ اديبن جو اتساهه ۽ رازدار هو، جنهن ڪري سندس ڳوٺ ”ٻلهڙيجيءَ“ کي ”لٽل ماسڪو“ جهڙو ”پُرخطر“ اعزاز مليو.
انور پيرزادو: جيڪو سنڌ جي ڊگهي ثقافتي ۽ ادبي خواب جي ساڀيان هو، جنهن سڄي حياتي علم، ادب ۽ صحافت جي ڪلجڳ ۾ رهندي پاڻ کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ وانگر اجرو رکيو، جيڪو مُهين جي دڙي جي ڌرتي ”عظيم سنڌ“ جي خمير جو متحرڪ اهڃاڻ هو. جنهن ”جي حضوري“ ۽ مصلحت کي پنهنجا کاهوڙڪي مزاج ۽ تخليقي طاقت سان شڪست ڏني هئي، جيڪو هزارن سالن جي سڌ جي تخليقي ڪرشمي “شاهه لطيف“ جي ورثي جو نه رڳو مجاور هو پر محافظ به هو، نه رڳو شارح جو پر عامل به هو، نه رڳو محقق هو پر عاشق به هو ۽ عاشق پنهنجن محبوبن تي ڪڏهن به ڪک نه سهندا آهن، اهي محبوبن تي سرفدا ڪندا آهن. اڄ ته هر گنجو گرو، ڀٽائيءَ جو محقق لڳو پيو آهي انهن جو ”اندر اڳڙيون“ چٽيءَ ريت سرڪاري لطيفي ڪانفرنسن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. شاهه جي بيتن جي غلط پڙهڻيءَ تي جيڪڏهن سزا قائم ڪجي ته پنجن ڏهن سالن لاءِ شاهه سائينءَ جو روح اذيت کان ۽ انور پيرزادي جو روح ”شاهه جي ميار“ کان بچي پوندو.
انور پيرزادو: جيڪو پنهنجي در تي هر ايندڙ کي ڀليڪار ڪندي پنهنجيون مها ساگر وانگر وشال ٻانهون کولي بيهندو هو، جنهن جي عام ڪچهريءَ ۾ به سنڌوءَ جي سيني تي اڏجندڙ هر ڊيم خلاف احتجاج، ڊائون اسٽريم ۾ سنڌوءُ جو پاڻي نه ڇڏڻ خلاف للڪار، انڊس ڊيلٽا جي ابتريءَ بابت فڪر مندي، مُهين جي دڙي جي ڀرندڙ آثارن بابت بي چيني، ثقافتي ۽ ادبي ادارن اندر خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي بي عملي ۽ گروهه بنديءَ بابت ڳڻتي هوندي هئي ۽ انيڪ سهڻيون تجويزون هونديون هيون.
انور پيرزادو: جنهن کي سنڌ ساري ٿي ۽ کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندي، پر انور کي سارڻ جا هڪ کان وڌيڪ رستا جوڙڻ  ضروري آهن. هڪ ته اهو رستو آهي جيڪو زرار ورتو آهي يعني انور پيرزادو اڪيڊمي، جنهن پاران سنڌ جي عظيم فرزند جو اکر اکر محفوظ ٿي رهيو آهي، هڪ ٻيو رستو آهي جيڪو اسان سڀني لاءِ تحرڪ ۽ جرئت جو اهڃاڻ ٿي سگهي ٿو، اهو آهي انور پيرزادو جو مطالعو، جنهن مان اتساهه جا انيڪ چشما باک وانگر ڦٽندي نظر اچن ٿا، ٽيون رستو آهي ”انور پيرزادو چيئر“ جيڪو جيڪڏهن هن وقت ديواني جو خواب آهي ته مون کي اهو خواب مستقبل ۾ شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ ساڀيان ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، چوٿون رستو آهي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ”انور پيرزادو ڪارنر“ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت جي وزير سسئي پليجو صاحبه به پاڻمرادو قدم کڻي ته پڪ سان سندس مثبت ساک جي چنريءَ تي سورنهن ستارا ٽاڪجي ويندا. جنهن جي جوت پئي پراڻي نه ٿيندي.

انور پيرزادو
تن اکين اتان سک
لطف پيرزادو
انور پيرزادو جڏهن ننڌڙو هو ته سندس ماءُ هن کي گلو سڏيندي هئي. ان نالي هن جي شخصيت تي اهڙو ته اثر ڪيو جو، هي جوانيءَ ۾ دوستن جي ساٿ ۾ نشانبر ڪنهن بهترين آڳي يا اڳواڻ جيئان لڳندو هو. بلڪل ائين جئين هڪ نوڙيءَ ۾ پوتل اٺن جي قطار ۾ آڳڙ اٺ پنهنجي پوري شان سان پنهنجي قافلي جي اڳواڻي ڪندي نظر ايندو آهي. گلي لفظ جي معنيٰ به اها اٺن جي قطار يا وڳ آهي.
انور پيرزادي ۾ هڪ ڳالهه تمام اعليٰ معيار جي موجود هئي. اها هئي ٻئي کي متاثر ڪرڻ ۽ جلدي پنهنجي راءِ سان سهمت ڪرڻ. هن وٽ لفظن جو اهڙو ته جادو هو، جو اڳلي کي ترت قائل ڪري وٺندو هو. نفسياتي طور تي هي هر ماڻهو جي چڱائين کي اهڙو ته اڀاريندو هو جو اڳلو پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو هو. ان ماڻهو کي ائين لڳندو هو ته هن جنهن ڳڻ يا ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي مون ته ان تي ڪڏهن سوچيو به ڪو نه هو. مون هن جون ٻه ٽي اهڙيون ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. جيڪي شايد ائين نه هجن ها، ان ۾ هن جي سوچ ۽ عقلي سگهه نروار هئي. فقير يار محمد کان آخري بيماريءَ جي حالت ۾ شاهه جي رسالي جي شرح لکائڻ هن جو وڏو ڪارنامو هو. ان ڪرت ڪري ڄڻ ته فقير سائين جي اڪيلائي ختم ٿي وئي. هن کي هڪ عجيب قسم جو اتساهه مليو، جو فقير سائين کان پنهنجي جسماني تڪليف ۽ ڪمزوري وسري وئي. سڄو ڏينهن ڪتابن جي مطالعي ۽ لکڻ ۾ گذاريندو هو. هونءَ به هميشه فقير لطيف جي بيتن تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندو هو، جن ۾ تاريخ، فلسفو، قرآن شريف ۽ حديث جا مثال ور ور ڏيندو هو. ان ڪثرت ڪري به شرح لکڻ هن لاءِ آسان بڻي.
ٻيو ڪارنامو اهيو ڏٺم ته هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ۾ٿر جا ڪجهه فوٽو رکيو، انهن کي ڪئپشن ۽ ترتيب ڏئي رهيو هو. هي ڪجهه دوستن سان تازو تازو ٿر جو ڀيرو ڪري موٽيو هو. مونکي جڏهن اهي فوٽو ڏيکاريائين ته آئون، هڪ فوٽو هٿ ۾ جهلي گهڙي کن سڪٽي ۾ اچي ويس. پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه پيو اچي. ان فوٽو ۾ هڪ جوڙ دوست ڪارونجهر جبل تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هڪ پير مٿي رکي هٿ جي ٽيڪ سان پاڻ کي مٿي ڪري رهيو هو. جڏهن انور مون سان ڳالهايو ته مون فوٽوءَ تان نظرون هٽائي کيس چيو ته؛ ”هي تنهنجي وڏي ڪاميابي آهي، جو اهڙو ماڻهو جيڪو سڌي پٽ تي به ڏکيو گهمندو آهي، اهو جبل تي چڙهڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.“ ٻئي دفعي وري هن جي گهر ويس ته کٽ فوٽن سان ڀري پئي هئي. اسٽار اخبار ۾ سسئي جي ميلي جي رپورٽ ۾ اهي فوٽو ڇپيل هئا. پاڻ سرهو ٿيندي ٻڌائيائين؛ ”اسٽار جي ايڊيٽر کي ڳالهه ڪيم ته سسئي جو ميلو آهي، هي سنڌي ثقافت جي هڪ وڏي فگر آهي. هن تي شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ پنج سر لکيا آهن. اهڙي طرح سسئي تي ليڪچر ڏئي هن کي قائل ڪيم ته هن ميلي جي رپورٽنگ ٿيڻ کپي. هن به جوان دير ڪانه ڪئي. پئسا ڪڍرائي ڏنائين. ڊرائيور ۽ گاڏي ڏنائين. اجهو سسئي جو ميلو رپورٽ ڪري آيو آهيان.“
ڪچهري ڪندي مون کي اڪثر چوندو هو ته؛ ”اوهان هي جيڪا بڪواس ڪري رهيا آهيو، ان کي لکندا وڃو.“ بس اهو ئي سبب هيو جو آءُ لکڻ ڏانهن مائل ٿيس،ڪچا ڦڪا جملا لکي سندس اڳيان رکندو هوس جن کي سوڌي سنواري مونکي ٻيهر اتارڻ لاءِ ڏيندو هو. آ ته صرف ان ڪري کيس هتان هتان جون خبرون ڪندو هوس ته هو انهن کي ڪٿي نه ڪٿي لکندو. پر هن مونکي ليکڪ بڻائي ڇڏيو. ڳوٺ سڌار سنگت کي منظم ڪرڻ، ان جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، سڀني دوستن کي همت ڏيارڻ، پوليس، وڏيرن ۽ چورن خلاف سڄي ڳوٺ کي گڏ ڪرڻ ۾ هن جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي. جڏهن ته پاڻ اين جي اوز جي ڪردار ۽ پاليسين جو مخالف هيو. چوندو هيو ته؛ ”هن جهان ۾ ڪجهه وٺڻ ۽ ڏيڻ جو چڪر آهي. اسين وٺڻ جي ته پوزيشن ۾ آهيون پر ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.“
اخباري رپورٽنگ به ڏاڍي محتاط انداز سان ڪندو هو. مونکي به تاڪيد ڪندو هو ته؛ ”اسان کي اهڙي رپورٽنگ نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسان جو ڪردار هڪ مخبر يا چغل خور وارو بڻجي.“ سدائين هر ڳالهه جي مثبت پهلوءَ کي اجاڳر ڪندو هو. ڳوٺ جي نوجوان چورن کي چوندو هو ته؛ ”اوهين اهو ڌنڌو ڇڏيو ته اسين اوهان کي نوڪريون وٺي ڏيون. باقي وڏيرا اوهان کي ڪجهه ڪين ڏيندا، نه اوهان جي ٻارن جو ڀلو چاهيندا. اهي رڳو اوهان جي ضمانت به ان مقصد سان ڪرائيندا ته، جيئن اوهان انهن جي منشا موجب ٻيهر ڏوهه ڪري سگهو.“ ڳوٺ جي ڪيترن بيڪار ۽ اوباش نوجوانن کي هن ڪارائتو ۽ لاڀائتو ڪري ڇڏيو. جيڪي اڄ سماجي اڳواڻ طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. بس پارس هيو، جنهن سان پاسو لڳندو هوس، ان کي سون ڪري ڇڏيندو هو.
هن ۾ جهول، محنت ۽ اورچائي جا گڻ اعليٰ پئماني تي موجود هئا. هميشه پنهنجي ذهن کي مثبت انداز سان استعمال ڪندو هو، ڪڏهن به خرابات يا تخريب کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنائين. هر معاملي ۾ محتاط ۽ هر ڳالهه تي ڏهه دفعا سوچي پوءِ ڪو فيصلو ڪبو. فيصلو به اهڙو ڪبو، جنهن سان پاڻ متفق هجي، جنهن سان دلي سڪون ملي، ڪنهن به اڻ تڻ ۾ الجهڻ وارو نه هيو، پاڻ بنيادي طور انگريزي ادب جو شاگرد هيو ۽ مطالعو به انگريزيءَ ۾ گهڻو هوس. مارڪسي ۽ لينن لٽريچر به خوب پڙهيو هئائين. جڏهن سنڌي ادب ۽ شاهه جي رسالي ۾ منهن وڌائين ته هن جي ڪايا پلٽجي وئي. کيس سنڌ جو عشق آرڙهه جي چڻنگ جيئان لڳي ويو. سنڌ کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ لطيف جو گس وٺي سيلاني بڻجي ويو. جبل، ٿر، سمونڊ، درياهه، واهڻ، شهر، ڍنڍون، ڍورا سڀ ڏوري پنهنجي اکين پسيائين. لطيف جو رنگ هن تي اهڙو چڙهيو، جيئن استاد منظور علي خان چوندو هيو ته ”جيئن ڪاري ڪپڙي تي ٻيو رنگ ناهي چڙهندو، تيئن اسان تي لطيف کان سواءِ ٻيو رنگ نٿو چڙهي.“ هوبهو ان طرح هيءُ به لطيفي رنگ ۾ رڱجي ويو. لطيف کي مها گرو سڏيندي چوندو هو ته؛ ”اسان کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سمجهڻي هجي ته پوءِ لطيف کي ئي پڙهڻو پوندو، ان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن وٽ اهڙي معلومات ڪونهي.“ ان حوالي سان دعويٰ ڪندو هو ته؛ ”جيڪڏهن لطيف رسالو نه ڇڏي وڃي ها، ته سنڌ اڄ جيئان هڪ ايڪائي ۾ متحد نه هجي ها.“ اهو ئي سبب آهي جو هڪ مضمون جو عنوان ئي رکيو هئائين. ”ڀٽائي سنڌ جو وحدت الوجود“. لطيف پنهنجي رسالي ۾ سنڌ جي پنجنئي طبعي حصن جي ٻولي، ثقافت ۽ ڪلچر کي يڪجاءِ ڪري سنڌ کي هڪ وحدت بڻائي ڇڏيو آهي. انور چوندو هو ته؛ ”گروءَ جي طريقت ڏکي آهي، هن جي جتيءَ ۾ ڪنهن جو پير نٿو پئجي سگهي.“ اڪثر ڪري هي بيت پڙهندو هو.
ڪنهن چيوئي پاءِ، پير پريان جي پير ۾،
سيڻن ستورُ سُهاءِ، تون سکن جون سڌون ڪرين.
بدر ابڙي، سنڌو وهندو رهيو، ۾ هڪ جاءِ لکيو آهي ته جتي به پهچندا هئاسين ته سڀني کان اڳ ۾ انور اتان جي ماڻهن کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هو. انهن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو. ڄاڻڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي، هن ۾ ايتري ته تانگهه ۽ تڙپ هئي جو، جڏهن ڪا ڪم جي ڳالهه ٻڌندو هو ته هڪدم پنو پين ڪڍي، ان ڳالهه کي لکي ڇڏيندو هو، يا ٽيپ رڪارڊر ۾ ٽيپ ڪري ڇڏيندو هو. هن جون اهڙا نوٽس وٺڻ واريون پرچيون اڄ به محفوظ آهن. ڪابه معلومات وٺڻ ۾، ڪڏهن به پنهنجي گهٽتائي محسوس نه ڪندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هي علم جو ڀنڊار بڻجي ويو. جنهن ڳالهه جي هن کي خبر نه هوندي هئي يا ڪنهن لفظ جي هن کي معنيٰ نه ايندي هئي، ته اها معلوم ڪرڻ ۾ جهجهڪ نه ڪندو هو، نه وري ان ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهندو هو. مونکي پڻ اهڙي هدايت ڪندو هو ته، شاهه جي استعمال ڪيل لفظن جي ڌُڪي ئي معنيٰ نه ڪر. انهن کي ڇنڊي ڇاڻي، انهن جي باري ۾ صحيح معنيٰ معلوم ڪجي ته پوءِ ئي لطيف جي ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهه ۾ ايندي ۽ ذهن ۾ وهندي.
وائي ورائي ونگڙي، ڪا جا ڪيائون،
ورُ وائيءَ جو لهين يا
سا پر پروڙڻ ڏاکڙو.
لطيف جي ٻوليءَ سان اهو اصول واڳيل آهن، ڇو ته هن جي ٻولي ٻجهارت آهي. هي فنڪار پنهنجي ڳالهه اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪندو آهي.
انور صاحب وٽ ڪيترن ئي سالن جا، سڀني اخبارن جي ڪٽنگ جا فائيل پيل آهن، جن ۾ لطيف، سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، ڌاڙيل، موهن جو دڙو، ڪارو ڪاري وغيره جي نالن تي اهي محفوظ آهن.
انور لٽي ڪپڙي، کاڌي پيتي جو ڏاڍو شوقين هيو، هر وقت پاڻ کي ٺاهي رکندو هو. جنهن ڪري هن جي شخصيت ۾ ڇڪ محسوس ٿيندي هئي ۽ ڏسڻ واري کي متاثر ڪندو هو. هن ۾ لٻاڙ ۽ پاڻ پڏائڻ واري عادت بنهه ڪانه هئي. هو سدائين ٻين کي پڏائيندو هو. انهن کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پنهنجي تشريح ۽ نيڪيءَ کان ونءُ ويندو هو. هن کي هميشه اهو الڪو دامن گير رهندو هو ته ڪٿي ڪير اهو طعنو نه ڏئي ته؛ ”انور پاڻ کي ڪئش ڪرائي رهيو آهي. سندس اهڙي گڻ تي مونکي ڪامريڊ سجاد ظهير جا اهي لفظ ياد ايندا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ لکيا آهن. ”خود پرستي ۽ رجعت پرستيءَ جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو تعلق آهي. جيڪو شخص پنهنجي ذات ۾ قيد آهي، اهو ڪڏهن به ڪنهن کي فيض ڏئي نه سگهندو. ڇو ته هو پاڻ مان ئي واندو ناهي ٿيندو جو ٻئي لاءِ سوچي.“
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي سدائين بالشويڪ چوندو هو. جيڪا ڳالهه مونکي ان وقت سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پر پارٽي ٽٽڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڪيترائي دوست ڪراٽسڪائي، موقعي پرست ۽ وغيره هوندا هئا.
تن اکين اتان سک، کلي کڻن جي
پرينءَ پاٻوهڻ سين، دور ڪيا سڀ ڏک،
ماڻهن ليکي بک، سامي سور سنها ڪيا.
(شاهه)




انور پيرزادو
مهين جي دڙي جي آثارن لاءِ ڪيل سندس جاکوڙ
لطف پيرزادو
مُهين جي دڙي وارو ماڳ هڪ لحاظ کان، اسان جي ڳوٺ جو حصو رهيو آهي. روزانو هن جي کنڊرن مان اسان جو گذر پيو ٿيندو آهي. هن جي تاريخي حيثيت ۽ عالمي مڃتا کان اسين سڀ، انور صاحب تائين پهريون اڻواقف هئاسين. انور صاحب جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول پڙهڻ ويندو هو ته هن جو به گذر هتان ئي ٿيندو هو. ۱۹۲۲ع کان وٺي اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو هن ماڳ تي پورهيو ڪندا هئا. جن جي واتان مختلف ڳالهيون ٻڌبيون هيون. خود انور جو والد صاحب، پهرين کوٽائيءَ دوران مئڪي صاحب جو بورچي هيو.
انور صاحب جي گهر جو واسطو ڊڀري جي مخدومن سان هيو، جيڪي اعليٰ تعليم يافتا هئا. انهن ۾ مخدوم عبدالوالي (جج) جو ٻيو نمبر پٽ خالد حسين انور جو هم عمر هيو. اهو ئي ماڻهو هيو جنهن انور کي انگريزي پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ اتساهيو هو. هو هِن کي شيڪسپيئر، شيلي، ملٽن ۽ ورڊس ورٿ ۽ ٻين انگريز شاعرن جي شاعري ٻڌائيندو ۽ پڙهائيندو هو. انور کي خالد مخدوم انگريزيءَ ۾ خط لکندو هو ۽ هن کي انگريزيءَ ۾ ڊائري لکڻ جو تاڪيد ڪندو هو. اها ڳالهه الطاف شيخ هڪ مئگزين ۾ مامو جمعو ۽ ماسي شاهان واري مضمون ۾ لکي آهي ته ”انور ۽ خالد ۾ ٺاهه ٿيو ته خالد، انور کي انگريزي پڙهائيندو ۽ انور خالد کي سنڌي سيکاريندو“. انور ته خوب انگريزي ڄاڻي ورتي باقي خبر ناهي ته خالد سنڌي ڪيتري سکي“. خالد هِن کي ڊڪشنري ريفر ڪرڻ جو به گُر سيکاريو هو. موڪلن ۾ خالد اڪثر اسان جي ڳوٺ ايندو هو ۽ گرمين جي موڪلن ۾ انور جو سڄو گهر ڊڀري مخدومن وٽ مهينن جا مهينا رهندو هو.
انور صاحب جڏهن ماستر ٿيو ته ۱۹۶۵ع ۾ مهين جي دڙي تي آمريڪي آرڪيالاجسٽ جارج ايف ڊيلس پنهنجي ٽيم سميت ۽ زال ڌيءُ سوڌو کوٽائي ڪرڻ واسطي پهتو. هن جي ٽيم ۾ مسٽر هائينز ۽ مسٽر ٽيڪم شامل هئا. هن ايڇ آر سائيٽ جي الهندي طرف اڻ کوٽيل علائقي جي چونڊ ڪئي. ڊاڪٽر ڊيلس کي مزدورن سان رابطي لاءِ ٽرانسليٽر کپندا هئا، جيڪي مزدورن ۽ پرڏيهي آرڪيلاجسٽن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪن. اسان جي ڳوٺ مان انور، سيد بچل شاهه ۽ محمد بخش کي هنن پاڻ وٽ رکيو. هنن سان ڪم ڪرڻ دوران جڏهن انور، ڊاڪٽر ڊيلس کي ٻڌايو ته منهنجو ڊرائينگ ۾ ايليمنٽريءَ جو امتحان پاس ڪيل آهي ته رابطي کانسواءِ هِن انور کي کوٽائي مان ملندڙ، اينٽي ڪوئيٽي جا اسڪيچ ٺاهڻ جي ذميواري به سونپي. هن ڪم ڪرڻ سان انور جي مُهين جي دڙي ۾ دلچسپي وڌي ۽ ان متعلق هي وڌيڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيو. ڊاڪٽر ڊيلس پاران هن کي انسائيڪلو پيڊيا آف برطانيڪا، سوکڙيءَ طور مليو. انور صاحب ڳالهه ڪندو هو ته، ان جي ”آءِ“ واري چيپٽر ۾، انڊس ۽ انڊس ويلي سويلائيزيشن تي ڪافي مواد موجود آهي. جڏهن ته ”ايس“ واري چيپٽر ۾ سنڌ تي مواد ججهو آهي. پوءِ ته انور صاحب کي اچي لوري لڳي. هن انگريزيءَ ۾ سر جان مارشل، مارٽيمر ويلر، مجمدار جا مهين جي ميوزم واريءَ لئبرريءَ مان ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جنهن سان هنن آثارن ۽ تهذيب جي باري ۾ هن کي ڪافي ڄاڻ ملي.
شخصي طور تي، هنن آثارن جي بچاءَ لاءِ جيڪا هن جنگ وڙهي، ان جا شاهد ڊان اخبار ۽ هلال پاڪستان جا فائيل شاهد آهن. هن سلسلي ۾ سندس ڪتاب مهين جو دڙو به ڳڻائي سگهجي ٿو. مٿين ٻنهي اخبارن ۾ هن ڪم به ڪيو.
انور صاحب جڏهن ۱۹۸۰ع ۾ ڊان جو لاڙڪاڻي ۾ نمائندو ٿيو ته هن مهين تي خوب اسٽوريون لکيو جيڪي Exclusive طور ڇپبيون هيون ۽ ايئن ڊان اخبار ذريعي انور مُهين جي دڙي جو ڪيس وڙهڻ شروع ڪيو. انور صاحب سکر ڊيلي اسٽار جو بيورو چيف هيو. اهو ۱۹۸۳ع جو زمانو هيو، کوٽائي بند ٿي ان علائقي منجهان ڪافي نيون شيون مليون، ايئر پورٽ واري سلول وٽ بيهڻ واري موري ۽ اسٽوپا جي اولهه طرف ججهي انداز ۾ زمين ۾ پوريل آثار تباهه ٿيا. انور صاحب مهين جو دڙو پرزرويشن اٿارٽيءَ کي اٿارٽي فار ڊسيٽريڪشن لکندو ۽ سڏيندو هو. ٻيو به هڪ ڪم ٿيو جيڪو انتهائي دلچسپ مذاق هئي هنن آثارن سان ايس ڊي ايريا (اسٽوپا) واري علائقي ۾ سياحن جي گهمڻ لاءِ جيڪي پڪين سرن جا روڊ هئا، انهن تي آرڪيلاجي انجنيئر سيمينٽ جا بلاڪ هڻڻ شروع ڪيا، جنهن تي انور اسٽار ۾ خبر ڏني ته دڙي جا آثار ته ڳري ۽ ڀري ويندا، پر اٿارٽيءَ جا هي سيمنٽ وارا روڊ رهجي ويندا. ان خبر جي ڪري اهو جو ڪم بند ٿيو ته، اڃا سوڌو اهو سيمنٽ اسٽور ۾ پيو آهي، جيڪو ڳوڙها ٿي ويو آهي.
هڪ ڏينهن انور صاحب لاڙڪاڻي کان ڳوٺ آيو، درياهه تي وياسين. ۱/۲۲ آر ڊي ايل ايس بچاءَ بند کان درياهه ۱۵۰ فوٽن تي وهي رهيو هو انور صاحب ڦيٿ سان اها ماپ وٺي وڃي اسٽوري فائيل ڪئي، ته مهين جي بچاءَ لاءِ جيڪا فرسٽ ڊفينس لائين آهي، ان سان لڳو لڳ ۱۵۰ فوٽن تي درياهه وهي رهيو آهي، جتان مشڪل سان هڪ يا ڏيڍ ڪلو ميٽر تي اسٽوپا واقع آهي. صبح جو ڊان ۾ خبر لڳي، شام جو ڊان جي حوالي سان آل انڊيا ريڊيو اها خبر نشر ڪئي، اٿارٽيءَ پاڪستاني رپين ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ رپيا منظور ڪري پهريان، اهو آخري اسپر تعمير ڪيو جيڪو پوءِ بيڪار ثابت ٿيو ڇو ته مٿان کان درياهه پنهنجو رستو ٺاهي چڪو هيو. هن وقت درياهه ساڳي لائين تي وهي رهيو آهي ۽ اسپر جي وٽيءَ سان اچي لڳو آهي. اٿارٽيءَ وارن کي ان وقت ئي تجويز ڪيل پهريون اسپر تعمير ڪرڻ کپندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ زوردار بارش پئي جنهن سبب ڪري گريٽ باٿ جي اترين ڀت ڪري پئي، پئسن نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي آرڪيلاجيءَ وارن ان کي ڪچين سرن جي اوساري ڪري ڇڏي. انور صاحب هيءَ جڏهن جڏهن خبر ڏنيي ته آرڪيالاجيءَ وارن تڙ تڪڙ ۾ کورو پچائي ڀت تيار ڪئي، ان جي رڳڙائي ڪرائي، ڇو ته گريٽ باٿ جون اندرئين پاسي واريون ڀتيون ۽ ٻئي ڏاڪڻيون ،اترين ۽ ڏکڻين لسيون آهن. اسپر نمبر ۲ ۽ ۳ جي تعمير دوران جيڪي زمين ۾ پوريل آثار مليا، ان جي جڏهن هن خبر ڏني ته ڪم ٽي مهينا بند ٿيو، آرڪيالاجي جي ايڪپلوريشن ڊپارٽمينٽ هنن آثارن جي کوٽائي ڪري انهن کي ڊاڪومينٽ ڪيو. هتان جيڪا اينٽي ڪوئنٽي ملي اها اڄ سوڌو ٻورين ۾ ميوزيم جي اسٽور ۾ پئي آهي. نقشا تيار ٿيا، فوٽا نڪتا هي پورهيت ڪالوني جا آثار هئا، جنهن تي انور صاحب هلال مئگزين ۾ نئون موهن جو دڙو جي عنوان سان مضمون لکيو. انور، آثارن جي لتاڙ، ماڳ جو غلط نالو استعمال ڪرڻ تي پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، هن ايتري تائين به لکيو ته آرڪيالاجي ۽ اٿارٽيءَ جا عملدار اينٽي ڪوئنٽي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. سندس اهڙين ڪوششن ۽ جاکوڙ تي هن کي ڪافي پذيرائي ملي. مهين جو دڙو کي ڪير موهن جو دڙو لکندو آهي ڪير موئن جو دڙو جنهن لاءِ انور صاحب جي راءِ هئي ته پويون نالو اسلامي جذبي تحت رکيو ويو آهي، هو دليل ڏيندو هو ته پوءِ سنڌ جي ٻين قديم ماڳن کي به موئن جو دڙو لکيو وڃي. انهن کي چانهوءَ، ڪاهوءَ، جهڪر ۽ لوهم جو دڙو ڇو ٿو سڏيو وڃي؟ هو پنهنجي دليل ۾ سر جان مارشل پاران استعمال ڪيل اسپيل Mohen-jo-Daro جو مثال ڏيندو هو جنهن جي سنڌيءَ ۾ هِجي ٿيندي ”مُهين“ جو دڙو.



انور پيرزادو
سنڌ جو ارڏو دانشور
بادل جمالي
سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر، صحافي، اديب، دانشور، محقق ۽ سيلاني انور پيرزادو ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ڄائو. سندس والد ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام هو. ان ڪري ننڍي هوندي کان ئي هو صوم و صلوات جو پابند، انتهائي سلڇڻو ۽ فضيلت وارو ٻار هو. هاءِ اسڪول ۾ شاگردي واري زماني ۾ جڏهن شيخ اياز جو ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جو مطالعو ڪيائين ته ذهن جا طاق کلي پيس. ان سان گڏ، مانَ واري اديب، دانشور ۽ ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو قرب حاصل ٿيڻ ته ڄڻ رچي سون ٿي پيو. اتان ئي کيس ڀٽائيءَ جو پنڌ پلئه پيو. جيڪو آخري دم تائين ڪندو رهيو.
انور غير معمولي ذهن رکندڙ نوجوان هو. هن شروع کان ئي سمجهي ورتو هو ته بهتر زندگي گذارڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌيءَ سان گڏ انگريزي ٻولي ۽ تعليم تي به عبور حاصل ڪجي. (جنهن کان اڪثر سنڌ جا نوجوان لهرائيندا آهن) يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ جي طاقت نه رکڻ جي باوجود هن همت نه هاري. پنهنجي ليکي انگريزي پڙهڻ ۽ لکڻ ۽ ان جي باريڪ رمزن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. نيٺ انگريزي ادب ۾ سٺن نمبر سان ايم اي ڪري ورتائين. پنهنجين صلاحيتن تي اعتماد ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسلر سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان سنئون سڌو وڃي مليو ۽ سموري گفتگو شاهه صاحب سان انگريزيءَ ۾ ڪندو رهيو. شاهه صاحب، انور جي ذهانت توڙي انگريزيءَ کان بيحد متاثر ٿيو ۽ سڌيءَ طرح کيس انگريزيءَ جي ليڪچرار طور يونيورسٽيءَ ۾ رکيائين جيڪا ڳالهه گهڻن کي حيران ڪري وئي.
ڪجهه عرصو انگريزيءَ جي ليڪچرار طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ايئرفورس ۾ پائليٽ طور چونڊجڻ جو کيس ليٽر مليو ڇاڪاڻ ته هو ان جي لاءِ به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏئي چڪو هو. ايئر فورس پائليٽ جي پرڪشش آساميءَ تي هن پنهنجي يونيورسٽيءَ واري ليڪچرر شپ کي قربان ڪري ڇڏيو ۽ ايئرفورس جي اڪيڊميءَ ۾ پائليٽ آفيسر طور تربيت وٺڻ لڳو. ان ئي زماني ۾ انور بنگالين تي ٿيندڙ ظلم تي افسوس ڪندي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر دوست ڏانهن خط لکيو هو جيڪو پڪڙجي پيو هو. ان جي ڏوهه ۾ انور کي ڪورٽ مارشل ڪري نوڪريءَ مان ڪڍي، جيل اماڻيو ويو هو ۽ ان سان گڏ سرڪاري ادارن ۾ نوڪريءَ لاءِ مٿس تاحيات پابندي لڳائي وئي هئي.
سزا ڪاٽي نڪرڻ کان پوءِ، انور جي زندگيءَ جو اصل پر مشڪل سفر شروع ٿيو. نوڪريءَ لاءِ سڀ دروازا بند ڏسي مجبورن هن اخبارن جو رخ ڪيو ۽ معمولي معاوضي تي به هانءَ تي پٿر رکي مختلف سنڌي توڙي انگريزي اخبارن لاءِ ڪم ڪندو رهيو.
اهڙين حالتن ۾ به هن پنهنجوي تخليقي سفر جاري رکيو. مضمون، ڪالم، اداريه ۽ خاص ڪري شاعريءَ ۾ پنهنجو نئون انداز کڻي آيو، جنهن کيس هم عصر شاعرن ۾ مٿانهون مقام ڏياري ڇڏيو.
اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان
جنهن رات ۾ توٿي بيت چيا
سا رات اڃا ڀي جاري آ
۽ سِج ڏِنگايون ڪونه ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
انور جا محبوب موضوع هئا، سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي، سنڌ جا هاري ناري، موهن جو دڙو ان جي تهذيب ۽ ڀٽائي گهوٽ. سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي جو سير ڪري، اتي جي ماڳ مڪان، رهڻي ڪهڻي ۽ باشندن بابت تمام گهڻو لکيائين، سنڌوءَ سان ته سندس روحاني عشق هو. ڪن دوستن سان گڏجي، ان جي منڍ کان وٺي ٻيڙيءَ وسيلي سفر ڪري ڏٺائين ته سنڌ تائين پهچندي، سنڌوءَ کي ڪهڙا ڪهڙا جبل جهاڳڻا ٿا پون؟ انهيءَ تي رپورٽون لکيائين.  ڀٽائي گهوٽ ۽ سندس شاعري، انور جي نس نس ۾ سمايل هئي. ڀٽ تي لاڳيتو ايندو ويندو رهندو هو. اتي جي فقيرن سان دوستيون ڪري ڏينهن جا ڏينهن انهن سان رهيو پيو هوندو هو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ننڍن وڏن تائين لطيفي پيغام ۾ پهچائي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا اتي ڪيترائي حافظ ۽ عاشق پيدا ڪيائين. ٻلهڙيجيءَ ۾ اڄ به ڀٽائي گهوٽ جو ذڪر اهڙي انداز ۾ ڪيو ٿو وڃي جو ڪڏهن ڪڏهن گمان ٿو ٿئي ته شايد ڀٽائي گهوٽ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي ڄائو هو.
انور جي شخصيت، سندس ذوق شوق، دلچسپي ۽ صلاحيتن کي ڏسي سنڌ واسين توڙي سنڌ حڪومت کي گهرجي ها ته هن کان وڏو ڪم وٺن ها. کيس سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جو سربراهه ڪري رکيو وڃي ها ته شايد هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جا واهڙ وهاڻي ڇڏي ها. اهو ڪم هو ڪانٽريڪٽ بيس تي به ڪري پئي سگهيو.
دراصل هو ڪو عادي ڏوهاري ڪونه هو. مظلوم تي ظلم ٿيندي ڏسي هن احتجاج ڪيو هو. پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو هو، جيئن دنيا ۾ ڪيو ويندو آهي. دور بدلجڻ کان پوءِ اهڙيون سزائو ڪالعدم به ٿي وينديون آهن. معاف به ڪيون وينديون آهن. هن جو تعلق سرگوڌا يا کاريان سان هجي ها ته شايد ايڏي تڪليف نه اچيس ها. پر هن کي خبر نه هئي ته هو هڪ مسڪين ۽ لاوارث سنڌي آهي. ڦاسڻ کانپوءِ ڪير به کيس ويجهو نه ايندو. غالب چيو:
حد چاهيئي، سزا مين عقوبت ڪي واسطي
آخر گنهگار هون، ڪافر نهين هون مين.
مٿس سرڪاري نوڪريءَ تي تاحيات پابنديءَ واري سزا برقرار رهي. ان ڪري امير سنڌ جو غريب دانشور، سڄي زندگي قلم ۽ ڪاغذ جو پورهيو ڪري، رزق حلال سان پنهنجا ٻچا پاليندو رهيو، پر ڪنهن جي اڳيان جهڪي نه سگهيو. هٿ نه ٽنگيائين، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس پٽ اديب صحافي، شاعر ۽ دانشور ٿي پيا آهن. اهو اعزاز هر ڪنهن جي نصيب نٿو ٿئي.
سندس ڪتاب ”ڀڻ جهڻ“ جي پٺ تي لکندي، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي، انور ابڙو لکي ٿو: ”جيڪڏهن سنڌ ۾ آيل ڪو پرڏيهي ماڻهو، مون کان پڇي ته، ”سنڌي ماڻهو ڪيئن ٿيندا آهن؟“ ته مان کيس سڌو، محترم انور پيرزادي صاحب وٽ وٺي اچان ۽ کيس چوان ته، ”اِجهو، سنڌي ماڻهو هيئن ٿيندا آهن.“
هن شخص جي زندگي به عجيب ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن پائليٽ بڻجڻ چاهيو هو، هن کي جيل ۾ جاءِ ملي. هن ڀنڀوريون پڪڙڻ چاهيون هيون، هن کي سياست جي صحرا جي صحبت ملي. هن جواني ماڻڻ چاهي پئي ته کيس ۱۷ سالن جي عمر ۾ شاديءَ جا زنجير وڌا ويا. هن رولڻ ڀٽڪڻ چاهيو هو، ته هُن کي پيٽ جي مسئلن ۾ قيد ڪيو ويو. هُن ”گيت اڃايل مورن جا“ لکڻ چاهيا هئا، ته هن کي صحافت جي گود ملي. هن پنهنجي محبوبا جي هنج ۾ سالن جي ٿڪ ڀڃڻ چاهيو هو ته هن کي سنڌ ماءُ جي اوسارن ۾ جاڳ ۽ جاکوڙ ملي. هن ڪارن وارن جي ڪڪرن هيٺ جيئڻ چاهيو هو ته هن کي مُهين جي دڙي ۽ ڀٽائي جي عاشقي ملي. پر چڱو ٿيو جو هيءُ پائليٽ نه بڻيو، پائليٽ ته ڪوبه سنڌي نوجوان بڻجي سگهي ٿو، پر انور پيرزادو ڪير به نٿو بڻجي سگهي.
سندس ٻئي ڪتاب، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پٺ تي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: ”انور پيرزادو هڪ جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق هو. سنڌ جي هر ٺِڪر پٿر، لاڙ، وچولي، ڪاڇي، اتر، ڪوهستان، ڪراچيءَ جي سِر سِر سان پيار ڪندڙ ۽ ان لاءِ مهاڏو اٽڪائي بيهندڙ ماڻهو هو. هو روشنيءَ جو سفر هو. ان ڪري هن کي هر قسم ۽ هر سطح جي جهالت، ڪٽر پڻي، پوءِ اهو مذهبي هجي يا نظرياتي، ساڄي هجي يا کاٻي، نسلي هجي يا ذاتي يا قومي، انور ان کي هڪ وڏي نانهن سان تڙيندو هو. هو ڄڻ پنهنجي ويچارن ۾ هوا جي سخت مخالف ڏيئو ٻاري ويٺل شخص هو. افسوس جو سنڌ جو اهڙو سڄڻ ۽ داناءُ انسان، صرف ۶۲ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وڇڙي ويو.



انور پيرزادو
ڀٽائي، سنڌ ۽ سُونهن جو عاشق
عبدالحق پيرزادو
منهنجي سانڀر مطابق جڏهن مون انور پيرزادي کي ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ ڏٺو. ان وقت سندس ڦوهه جواني ۽ جوڀن سان ڀرپور عمر جي ڏهاڙن ۾ سندس وڏين ڪارين اکين مان سنڌ جي سُونهن، ٻهراڙيءَ جي نظارن جو  حُسن ۽ جوت اوتيل نظر اچي رهي هئي. اهڙي من موهيندڙ قدآور شخصيت، پنهنجي  فطري ڏات جي ڪشش سان مون کي به ٻين نوجوانن وانگي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ورتو هو ۽ هن جي اندازِ گفتگو لاءِ مون به ٻين وانگي پاپنديءَ سان ٻڌڻ لاءِ سندس دوستن سان مختلف موضوئن تي ٿيندڙ ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ شروع ڪيو. انور جي نوجوانن سان وڏي محبت هئي ۽ پنهنجي علم ۽ فطري ڏات ذريعي پنهنجي ذهن ۾ ڀٽائي، سنڌ، سونهن، محبت، تبديلي ۽ ترقي پسند خيالن کان نوجوانن کي واقف ڪرڻ ۾ وڏي خوشي محسوس ڪندو هو. انور پيرزادي ننڍپڻ ۾ پنهنجي هم عمر دوستن سان والي بال راند ڪرڻ ۾ دلچسپي ورتي، جيڪا وندر کيس جوانيءَ تائين نه وسري، انور ٻاروتڻ ۾ ئي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي فطري نظارن، درياهه، بندن، راندين جي ميدان ۽ برساتن کان سخت متاثر هو ۽ هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڳوٺ ويجهو درگاهه سخي شاهه جمال ڀرسان پنهنجي وڏي ڀاءُ فقير يار محمد پيرزادي کان ڀٽائيءَ جا بيت ٻڌا ۽ اُتي هر سومر جي رات صوفياڻي راڳ ٻڌڻ لاءِ باقاعده شوق رکيو. هن پنهنجي دوست ۽ ماسات مير محمد پيرزادي کان سنڌي سنگيت جي مڙني راڳين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڀٽائيءَ جي ڪلام سان ايترو ته عشق ڪيائين، جو هو ان جي شاعريءَ کي جديد ۽ ترقي پسند خيالن جي روشنيءَ ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کي سنڌ جي ترقي پسند حلقن ۾ اڄ به هڪ خاص مقام حاصل آهي. هن پرائمري استاد جي نوڪريءَ کان شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. انور کي انگريزي ۽ سنڌي زبان تي عبور هجڻ سبب سنڌ جا وڏا بيورو ڪريٽ انور آڏو محتاج هوندا . انور پيرزادو، ڀٽائي ۽ سندس شاعريءَ کان تمام گهڻو متاثر هو. انور پيرزادي، ڀٽائي، سنڌ ۽ سُونهن جي عشق ۾ شاعري پڻ ڪئي، جنهن کي ڪتابي شڪل ڏنل آهي، جنهن مان سندس ”چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“ واري مجموعي سڄي دنيا ۾ انور جي شخصيت کان متاثر ماڻهن ۾ وڏي مڃتا ماڻي، سندس هڪ نظم آهي ته،
اي بادلو ڇو ٿا رُلو،
مونسان هلو، اي بادلو،

منهنجي پرينءَ جي چِيچ آ،
ڇَلڙو جنهن ۾ گهرگهلو،
اي بادلو ڇو ٿا رُلو،
مون سان هلو.
انور پيرزادو اڄ جسماني طور تي اسان سان گڏ ناهي پر سندس يادون، ڏنل ليڪچر، ٽهڪڙا  ۽ سنڌ ۽ ڀٽائيءَ سان ڪيل عشق جا داستان اڄ به اسان جي ذهنن ۾ عڪسن وانگر موجود آهن.



انور پيرزادو
جنهن تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو
شبير شر
اسان جو يار، اسان جو ساٿي، لطيف سرڪار جو عاشق، جاني انور پيرزادو ڏاڍو ياد ايندو آهي، هن جون ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، ڪي هن جي ٽهڪن ۾ ته ڪي هن جي انداز بيان ۾، هو ڳالهائڻ شروع ڪندو ته محفل ۾ ويٺل جملي سنگتي خاموش ٿي هڪ ٽِڪَ ٻڌي اکيون کپائي هن کي غور سان ٻڌندا رهندا. ڪوبه وچ ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي ڀُلَ به نه ڪندو ته ڪٿي هن جو تسلسل نه ٽٽي پوي.
انور جڏهن ۲۰۰۴ع ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ ڪامريڊ غلام حسين شر جي وفات تي تعزيت ڪرڻ آيو ۽ هن بُڪ تي جيڪو تعزيتي نوٽ هنيو اهو به شاهڪار آهي .هن لکيو ته ”هيءُ ماڻهو (ڪامريڊ غلام حسين شر) قزاق هو، خانا بدوش هو، هن جا وڏا ڪٿان کان پنڌ ڪندا، مارا ماري ڪندا هن ڌرتيءَ تي پهتا ۽ هن ڌرتيءَ جا سچا پٽ ثابت ٿيا. هيءَ ثقافت، سڃاڻپ ۽ تاريخ لاءِ وڙهندي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي هي جهان ڇڏي ويو.“ ڀاءُ ڪامريڊ غلام حسين شر جي وفات بعد ڪي اهڙا دوست هئا ۽ آهن، جن کي ڏسي آٿت ايندي هئي ۽ آهي ته هو پاڻ نه آهي ته هن جا دوست ته نظر اچن ٿا. هن جي سڪ پوري ڪندا رهن ٿا.
ڪامريڊ غلام حسين شر هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ ناٿا خان ڳوٺ ۾ رهندڙ اسان جي پراڻي يگاني ڪامريڊ، ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادي وٽ رات رهيا، ڪامريڊ غلام حسين ان زماني ۾ ضياءُ الحق جي مارشل لا خلاف جلوس ڪڍڻ، جلسا ڪرڻ ۽ پمفليٽ ورهائڻ جي ڪيترين ايف آءِ آرس ۾ ايجنسين کي گهربل هو، منهنجو ٻيو ڀاءُ لياقت علي (هاڻ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ) بيروزگار هجڻ سبب روزگار جي ڳولها ۾ ڪراچي ويل هو، مان ان وقت گلستان شاهه عبداللطيف اسڪول ۾ نوڪري ڪندو هيس. لياقت عليءُ کي بيروزگاريءَ سبب رهڻ جو مسئلو هو، سوبه اسان جي يگاني يار انور پيرزادي جي ويجهو مائٽ ڊاڪٽر عبدالرحيم پيرزادو جي جاءِ تي وڃي رهيو. جيئن ته عبدالرحيم جو وڏو فرزند زلف (هاڻوڪي صحافي) ۽ لطف تازو ئي جيل ڪٽي نڪتا هيا، عبدالرحيم پيرزادو جو گهر ڪامريڊن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ ايجنسين جي به نظر تي اچي چڪو هو.
مان صبح جو گلستان شاهه عبداللطيف اسڪول ۾ نوڪري تي هيس ته انور جو ٻيو نمبر فرزند زرار پيرزادو جيڪو ان وقت چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، هو شرميلو هجڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪري چپ چپ رهندو هو، هو مون وٽ آيو ۽ هڪ پرچي ڏني، پڇيومانس ته ڪنهن ڏني آهي، چيائين ”انور“ ايئن چئي هليو ويو. انور جا سڀئي ٻار زبير پيرزاي سميت انور سان دوستن وانگر ڳالهائيندا هيا ۽ سندس نالو کڻندا هيا.، نئون ماڻهو ايئن سمجهندو هو ته هي ٻار مائٽن مان هوندس يا پاڙي وارا، ننڍي ۾ ننڍو زيد هوندو هو، اهو به انور سان هجائتو هوندو هو. انور جي اها ئي ته خاصيت ۽ خوبي هئي ته هو پنهنجي اولاد کي دوست ٺاهي رکندو هو. اهو ئي سبب آهي ته سڀ اولاد اسان وانگر سندس دوست رهيا ۽ آهن.
مان چٺي کولي پڙهي جنهن ۾ لکيل هو ته رات رات ڊاڪٽر (عبدالرحيم) جي گهر مان تنهنجن ٻنهي وڏن ڀائرن (غلام حسين شر ۽ لياقت علي شر) کي عبدالرحيم ۽ ان جي آڪهه سميت ايجنسيون گرفتار ڪري کڻي ويون آهن. گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، مان هڪ ڊرامو ڪيو آهي جي فٽ ويو ته ٻئي همراهه آزاد نه ته هڪ ته ضرور آزاد ٿيندو. مان پريشان ٿي ويس، انور ان وقت سوويت يونين تي قونصل خاني ۾ ملازم هو، مون ڪلاس ۾ وڃي زرار کان پڇيو انور هن وقت گهر هو يا نوڪري تي هليو ويو، هن وراڻيو نوڪري تي هليو ويو هو. مان سڄو ڏينهن بيچيني سان انتظار ڪندو رهيس. شام جو هن جي گهر ويس، پريشان ڏسي هو کلڻ لڳو، چيائين ته چٺيءَ ۾ مان جيڪو لکيو تو ان تي عمل ڪيو يا نه. مان چيو مان ڳوٺ نياپو ڪري ڇڏيو آهي ايئن ئي ٿيندو. هن، ڊرامي جو جڏهن ٻيو رخ ٻڌايو ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو. هو ڪنهن طرح سان منهنجي ٻنهي ڀائرن ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ لياقت علي شر سان رابطو ڪرڻ ۾ ترت ڪامياب ٿي ويو  هو ۽ هنن کي چئي موڪليو ته ڪامريڊ غلام حسين لطف يا ڪنهن ٻئي نالي سان پيرزادو آهي ۽ ٻلهڙيجي جو رهندڙ آهي. لياقت شر کي چيو ته هو ڪنهن به قيمت تي اهو نه چوي ته اهو مٿي ڪوڙيل همراهه (ڪامريڊ غلام حسين شر) ڪو سندس ڀاءُ آهي. منهنجن ڀائرن جي اها دعويٰ ايجنسين لاءِ چئلينج بڻجي وئي، هنن ٻه آفيسر روانا ڪيا، جن سان هڪ کي ٻلهڙيجيءَ ۽ ٻئي کي سينگهو فقير شر موڪليو ته اهي معلوم ڪن ته هي گرفتار همراهه ڪهڙي ڳوٺ جو آهي. انور مون کي چيو آفيسر روانا ٿي ويا آهن، توهان جا ڳوٺ وارا کين ٻڌائن ته ٿوري دير اڳ ۾ ڪامريڊ غلام حسين ٻاهر نڪري ويو آهي، اتي هيو. ٻلهڙيجيءَ ۾ ڪامريڊ گلاب پيرزادو کي، ڪامريڊ غلام حسين شر جي وارث جو رول ڏنو، جڏهن آفيسر ٻلهڙيجي پهتو ته گلاب پيرزادو پنهنجي عورتن سميت روئندو ٻاهر نڪتو، اسان جو بيگناهه مسڪين پڪڙيو آهي، هتان روزگار لاءِ ڪراچي ويو، اسان جو شرن سان ڪهڙو واسطو ر ته ڌاڙيل ٿيندا آهن، اسان مسڪين ماڻهو! ٻيو آفيسر اسان جي ڳوٺ پهتو ته اتي انور پيرزادي جي گهڙيل ڊرامي جا ساڳيا ڊائلاگ مليا ۽ و اتان رپورٽ کڻي پهتو ته هڪ آفيسر چيو، کيس يقين آهي ته هي ته ڪامريڊ غلام حسين شر آهي، ان تي هن جي برابر جي رينڪ جا جاچ ڪري ايندڙ آفيسر به اٽڪي پيا ته هنن به غلط جاچ نه ڪئي آهي هو وڏي تياريءَ سان مختلف روپ ڪري جاچ ڪري آيا آهن. جنهن جي بنياد تي منهنجي ٻنهي ڀائرن کي ۱۵ ڏينهن بعد آزاد ڪري ڇڏيو، لياقت علي ته آزاد ٿي وڃي ها پر ڪامريڊ مون جيان ڪافي سال جيل جي سزا ضرور ڀوڳي ها. مان شام جو انور وٽ ويس هي تو ڊرامو ڪيئن ڪيو، انور شربت جو گلاس اڳيان رکندي اسلم آزاد کي چيو، شر کي چئه ته انب کائيندو ڪري کوکڙيون نه ڳڻيندو ڪري. ان تي اسلم آزاد چيو، شر! انور به چي گويرا کان گهٽ ناهي.  مون هن جهڙا حاضر دماغ ۽ دلير ماڻهو گهٽ ڏٺا، هيءُ بيروزگاريءَ جي صورت ۾ به ڪڏهن به پريشان نظر نه آيو، چوندو هو ته صحافي ڪڏهن بيروزگار نٿو ٿي سگهي. او، ڀل وڃي جهور ڪراڙو ٿئي، تڏهن به پروف پڙهي روزگار ڪندو رهندو. بس پڙهندڙ پاڻ انڌو نه ٿئي. ايئن چئي وڏو ٽهڪ ڏيندو هو جيڪو اڄ به منهنجن ڪنن ۾ گونجي ٿو.  مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽن عظيم شخصيتن کان متاثر ٿيو آهيان، منهنجون ملاقاتون ته تمام گهڻين مشهور ۽ مصروف شخصيتن سان ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ سائين شيخ اياز، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، رسول بخش پليجو، جمال نقوي، ڪامريڊ امام علي نازش، شهيد فاضل راهو، شهيد علي احمد ڏاهري، امان الله چانڊيو، ڊاڪٽر تنوير عباسي شهيد نذير عباسي وغيره، هنن سڀني سياسي تربيت ۾ ضرور منهنجي مدد ڪئي پر  اولاد سان دوستاڻو رويو مون ٽن شخصيتن مان سکيو. نه رڳو سکيو پر ڪوشش ڪيم ته مان به پنهنجي اولاد سان دوست وانگر هجان. هاڻ اهو اڳتي هلي منهنجي اولاد ٻڌائيندي ته مان ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهيو آهيان. اهي ٽي شخصيتون آهن شهيد فاضل راهو، جمال الدين ابڙو ۽ انور پيرزادو. اسان جيل ۾ هوندا هئاسون ته جڏهن به شهيد فاضل راهو سان سندس اولاد ملڻ ايندي هئي ته هو هنن سان هٿ ۾ هٿ جهلي ايئن بيهندو هو ڄڻ ڪي فاضل دوستن سان بيٺو آهي. مرحوم صديق ته جهڙو شهيد جو ننڍو ڀاءُ لڳندو هو.  بهرحال جن شخصيتن کان مان اولاد سان رويو رکڻ جي سلسلي ۾ متاثر ٿيس، انهن ۾ اهي مٿي ڄاڻايل اسان جا بزرگ دوست هئا، انور سان سندس وڏي پٽ زبير کان ويندي زرار، زيد ۽ امر تائين سڀ انور سان دوستن وانگر ڳالهائيندا هيا. مان جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ سندس گهر ويس ته اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته هيترا ورهيه گذري ويا آهن پر زيد اوترو ئي اوترو ۽ اونئن ئي انور کي تنگ ڪري رهيو هو. مان بيزار ٿي چڙ ۾ انور کي چيو ته انور مان اٺ سال جيل ڪٽي آيس پر زيد نه وڏو ٿيو نه سڌريو. انور پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ان وقت مرحوم هدايت منگي ويٺو هو، تنهن کي مخاطب ٿي چيائين ته هدايت اسان جا ڪامريڊ جيل ڇا ويا ڄڻ هنن لاءِ زندگي بيهي رهي، هي اٺن سالن کان پوءِ آيو آهي ته سمجهي ٿو زندگي اتي جو اتي هوندي جڏهن هي جيل ويو هو ته زيد اٺن سالن جو هو هاڻ هو ۱۶ سالن جو جوان آهي. مونکي چيائين ته هوڏانهن ڏس مان ڪنڌ ورائي ڏٺو ته زرار جيان هڪ شرميلو ڇوڪر ڪتاب پڙهي رهيو هو. انور ٽهڪ ڏئي چيو شبير هي زيد ناهي هي امر آهي. زيد هو ويٺو آهي. انور سدائين يارن جي محفل گهر جي ڇت تي ڪندو هو، تنهن زماني ۾ ڪراچي جي سانوڻ جي موسم ڏاڍي قاتل موسم هوندي هئي. مئي کان وٺي آگسٽ تائين ڪراچي تي ڪارا بادل ڇانيل رهندا هئا ۽ هلڪي هلڪي بوند وسندي رهندي هئي. شام جي وقت اهڙي موسم ۾ انور مئي جا مٽ کڻي پنهنجي گهر جي ڇت تي هلي ويهندو هو ۽ سڀ سنگتي، تاج بلوچ، هدايت منگي، اسلم آزاد، مصباح اسراڻ، عبدالرحمٰن نقاش ۽ ٻيا دوست اچي هن جي ڇت تي ڪٺي ٿيندا هئا. ان دوران اسان جو ننڍڙو ۽ پيارو دوست زبير جيڪو ان وقت اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پڙهندو هو. ايندو ۽ ايندي ئي انور جو گلاس کڻي پي ويندو هو. اسان اهو منظر ڏسي دنگ رهجي ويندا هئاسين ته هي ماڻهو ڇاهي. جڏهن ڪجهه دوستن چيس ته هيءُ ٻار آهي هن کي خراب نه ڪر. تڏهن انور چوندو هو. ته توهان شادي ڪيو ۽ زبير جهڙو اولاد ٿيوَ ته پوءِ خبر پوندوَ ته اولاد ڪيڏو پيارو هوندو آهي. مان هن کي خراب نه پر ٺاهيان ٿو. واهه هي هو انور پيرزادو جنهن اولاد کي پنهنجو دوست بڻايو. منهنجي ته اڄ ڏينهن تائين انور پيرزادو بڻجڻ جي حسرت رهي آهي. انور تي لکڻ لاءِ مون وٽ انيڪ مواد آهي پر هي مختصر ليک انور جي ورسيءَ جي موقعي تي لکي سگهيو آهيان. دعا ڪجو ته وڌيڪ لکڻ جو وقت ۽ همت ملي.



انور پيرزادو
هڪ شاعر
شاهه محمد پيرزادو
نارائڻ شيام جي ڪتاب ”روشن ڇانورو“ تي سڳن آهوجا جو لکيل مقدمو سنڌي شاعريءَ جي تنقيد ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان مضمون ۾ هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته نارائڻ شيام شاعريءَ ۾ پنهنجي رُتبي کان مايوس رهڻ لڳو هو ۽ سندس اهميت کي واضح ڪرڻ لاءِ سڳن آهوجا اهو مضمون لکيو هو، جيڪو سنڌي ادب خاص طور تي شاعريءَ جي شاگردن لاءِ هڪ اهم دستاويز جي حيثيت ۾ رکي ٿو.
نارائڻ شيام جي ان ممڪنه ڪيفيت جي هڪجهڙائي مون کي انور ۾ به ملي ٿي، جيڪو پنهنجي شاعري ۽ شاعر هجڻ واري حيثيت کي فخر جي قابل شايد نه پيو سمجهي. جڏهن ته منهنجي ذاتي ۽ سوچيل سمجهيل راءِ ۾ سنڌي ادب ۽ مجموعي طور تي سنڌ لاءِ فخر ڪرڻ جهڙي شخصيت ”انور پيرزادو- هڪ شاعر“ آهي، هن جي شخصيت جا ٻيا سڀ پاسا شاعر جو ڦهلاءُ Extentions آهن.
انور جيڪڏهن صحافي آهي ته به شاعر آهي، لطيف جو پارکو آهي ته به شاعر آهي، سنڌ جو ۽ محقق آهي ته به شاعر آهي، ڪاڇي ۽ ڪارونجهر جو سياح آهي ته به شاعر آهي. يعني ”شاعر“ هجڻ کان پوءِ ئي سڀ ڪجهه آهي. زندگيءَ ڏانهن هن جا جيڪي به رويا آهن سي شاعراڻا آهن ۽ پنهنجي ان رُتبي تي ڪسرنفسي (شرميلي پڻي) کان ڪم وٺي رهيو آهي.
امداد حسينيءَ ويهارو سال اڳ ۷۷-۱۹۷۶ع ڌاري ”مهراڻ“ جي ايڊيٽريءَ واري زماني ۾ اهو جرئت منداڻو بحث هلايو هو ته ”شاعريءَ جي سونهري دور واري ٽهيءَ جو آخري شاعر انور آهي.“ هن جي ان راءِ تي ڪافي بحث هليو هو ۽ ائين هميشه ٿيندو آهي ته اهڙن معاملن ۾ فيصلا هڪ راءِ ناهن ٿيندا. ان وقت امداد جي سامهون انور جي ۱۹۷۷ع جي مارشل لا کان پوءِ واري شاعري نه هئي. هاڻي منهنجي راءِ ۾ ۱۹۷۷ع کان پوءِ ۽ ۱۹۸۰ع واري سڄي ڏهاڪي جي انور جي شاعريءَ کي آڏو رکجي ته ائين چوڻو پوندو ته ان سونهري ٽهيءَ جو آخري شاعر نه پر ايندڙ ٽهي ۽ Ayaz Phenomenon کان پوءِ جو نئين شعور جو سرواڻ شاعر انور ئي آهي.
هن جي شاعريءَ جو لهجو، محاورا، تشبيهون ۽ هن جو Analtical Mind هن کي پراڻي ٽهيءَ کان بنهه الڳ ٿا ڪن. ۱۹۷۷ع ۾ ڀُٽي جي گرفتاري، جمهوري حڪومت جي برطرفي، مارشل لا حاوي ٿيڻ ۽ نيٺ ۱۹۷۹ع ۾ ڀُٽي جي ڦاسي، انهن واقعن پاڪستان سميت خاص ڪري سنڌ کي هڪ سياسي Turmoil ۾ وجهي ڇڏيو. ان موقعي تي سنڌي ادب جو پڙهندڙ شدت سان محسوس ڪري ٿو ته Ayaz Phenoenon پورو ٿيو. سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ۽ نئون آواز (Metaphor) ڳولهڻو هو. سنڌ جي معاشري جو اهو بحران رڳو سياسي سطح جو نه هو پر پري تائين اثر ڪندڙ هو. سنڌ جي سهپ واري معاشري ۾ مذهبي جنون اُن وقت جي رياستي مشينريءَ جي وسيلي داخل ڪيو ويو، غربت ۽ عام ماڻهوءَ جي بي وسيءَ کي انتهائي درجي تائين پهچايو ويو، گڏيل خاندان Combined Family کي ڇيهو رسائڻ لاءِ ڪاروڪاري جهڙن واقعن کي نمايان ڪري پيش ڪيو ويو (۽  اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.) انهن سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ رکبو ته سنڌ جي نبض جيڪا ڪيفيت ٻڌائيندي، اهو سڀ ڪجهه انور جي شاعريءَ ۾ موجود آهي.
انور جو نظم ”ڪنٽراسٽ“ ۽ ٻيا سياسي ڪمينٽ وارا نظم سياسي ڌرين کي ڊئريڪشن ڏيڻ وارا نظم آهن، پر افسوس جو اسان جون سياسي پارٽيون ايتريون ادب دوست نه رهيون آهن. ڪنهن به سياسي جدوجهد جي ڪاميابي ان ڳالهه تي منحصر هوندي آهي ته اسان جي معاشري جو بنيادي تضاد ڪهڙو آهي ۽ ظالم ڪير آهي ۽ مظلوم ڪير آهي ۽ جدوجهد لاءِ صف بندي ڪيئن ڪجي ۽ ٻين متاثر حلقن کي پاڻ سان ڪيئن ملائجي. اسان وٽ جيڪي معاشرتي تضاد پيش ڪيا وڃن ٿا، مثلاً قومپرستن وٽ سنڌ- پنجاب، سنڌي- اردو، صوبا ”وفاق، جاگيردار، سرمائيدار بمقابله هاري، مزدور، آئين جي بالادستي- اهي سڀ فارمولا ۽ انهن مطابق سياسي جدوجهد ڪوبه نتيجو نه ڏئي سگهيا آهن، انڪريجو بنيادي تضاد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. اهو تضاد ڪنهن سياسي ڌُر وٽان نه پر هڪ شاعر جي نظم ”ڪنٽراسٽ“ مان اسان کي ملي ٿو. اديب ۽ شاعر اهو ئي ڪم ڪندا آهن، انهن جي نشاندهيءَ تي سياسي ڌريون صف بندي ڪري، منظم جدوجهد وسيلي سياسي ۽ معاشرتي تبديلي آڻينديون آهن، پر افسوس سنڌي مزاحمتي/ سياسي شاعري ”سگهاري“ ظلم خلاف FIR ته آهي پر سوچيل سمجهيل فيصله ڪن ڌُر ڪري صرف هن نظم ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اهو نظم صرف سنڌ لاءِ نه پر پاڪستان جي سڄي مظلوم عوام لاءِ اهڃاڻ آهي. افسوس اهو آهي جو ان نظم کي ڪو اڀياس ڪندڙ سچو نقاد نه ملي سگهيو. پر انور جي شاعريءَ کي سياسي ۽ نعريباز به نه ٿو چئي سگهجي، هن جي فني ۽ جمالياتي بيهڪ سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏئي ٿي.
”رتوڇاڻ سونهن جو شهيد گل“ هڪ اهڙو نظم آهي جيڪو جديد سنڌي ذهن جو علمبردار آهي. شروع کان وٺي آخر تائين لفظن جو هڪ اهڙو ڪُن (Whirl pool) پيدا ڪيل آهي جو پڙهندڙ ان جي رڌم ۽ سحر ۾ ٻڏندو ترندو رهي ٿو. ڪا چِٽي پِٽي معنيٰ ڪانهي، ڪو چِٽو پِٽو واقعو ڪونهي، بس هڪ تاثراتي ماحول آهي جنهن جي ختم ٿيڻ تي روح کي ڄڻ هڪ سُڏڪو اچي ٿو. اهو گهاڙيٽي جي لحاظ کان آزاد نظم ۽ نثري نظمجو سنگم آهي. ان سنگم جي ڪري هڪ نئون لهجو ٿي پيو آهي. ان نظم ۾ رڳو سنڌ آهي، درد آهي، شاعر موجود ناهي. ان نظم ۾ مون کي ٽي.ايس.ايليٽ جي نظم ”Waste Land“ سان هڪ عجيب مشابهت ملي ٿي. ”Waste Land“ نظم مغرب جي معاشري جي ڀڃ ڊاهه جو نوحو آهي، جيڪو ٻن عظيم جنگين جو شڪار ٿيل آهي ۽ اهو نظم Om shanti (اوم شانتي) تي ختم ٿئي ٿو.
انور جو نظم صوفين جي سرزمين، امن جي اهڃاڻ سنڌ جي معاشرتي ڀڃ ڊاهه جو نوحو آهي، ۽ اهو نظم ڊائنامائيٽ تي ختم ٿئي ٿو. اهو ڊائنامائيٽ شاعر جي اندر جو احتجاج آهي، ۽ اهو احتجاج سنڌ جو اهڃاڻ ٿي پيو آهي. ’آدرشن جي ڀڳ ٽوٽ‘ انساني آزادي تي لکيل شاهڪار نظم آهي. ترقي يافته ٻولين ۾ لکيل همعصر شاعريءَ جي قطار ۾ شامل آهي. هي نظم وري وري پڙهڻ جهڙو آهي. عورت کي جدوجهد جو ساٿي ڪري ساڻ کڻڻ پهريون دفعو سنڌي شاعريءَ ۾ صرف انور ئي پيش ڪيو آهي. ”زندگيءَ جو آپريشن ٿيٽر“ نظم مڊل ڪلاس فرد جي خانداني ۽ معاشي زندگيءَ جو ڪچو چٺوآهي ۽ ان نظم ۾ انور جا لفظ نه پر رت ڪم آيل ٿو لڳي. ان نظم کي Autobiographical پڻ چئي سگهجي ٿو، ان ڪري جو اهو نظم هن پنهنجي پيءُ جي وفات تي لکيو هو پر ان نظم تي فُٽ نوٽ ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي اٿائين. ۽ پنهنجي هڪ ٻئي نظم ۾ جڏهن انور چئي ٿو ته ”منهنجا لفظ ايڏا پيڙيل ناهن جيڏا منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو آهن، لفظ ته صرف ليڪا آهن- خالي ليڪا“، ته پوءِ شاعريءَ تي وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه ٿي رهي.
(”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان“ جي حوالي سان لکيل)




A Little Tribute to a Legend
امر پيرزادو
انور پيرزادو جنهن ”سونهري باب“ جو نالو هو، اُن جي دکدائڪ پڄاڻيءَ سڄي سنڌ کي اُداس ڪري ڇڏيو آهي! هو جيڪو پنهنجي هڪڙي نظم ۾ ڳوٺ جي ماڻهن جي تصوير چٽڻ پيو چاهي ۽ چئي پيو ته:
سوچان ٿو
تصوير جُڙي نه سگهندي
ڇو ته لفظ ۽ جملا
ايڏا پيڙهيل ناهن
جيڏا منهنجي ڳوٺ جا
ماڻهو آهن
لفظ ڪنهن رئندڙ ٻار جي
اک مان ٽمندڙ ڳوڙها ناهن
ليڪا آهن
خالي ليڪا آهن......!
سو واقعي لفظ لڙڪ نه ٿي سگهندا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن لفظ لڙڪ ٿي به پون تڏهن به شايد هن جي وڇوڙي واري پيڙا بيان نه ڪري سگهندا، ۽ وري لڙڪ به ته ايڏي وڏي ڳالهه ناهن جيئن فيض پيرزادي هڪ نظم ۾ چيو هو ته:
لڙڪ ته نيڻن جو پاڻي آهن
تنهنجي ڏنل ڏک جي
ترجماني ته نه ٿا ڪن....!
سو شايد ڪنهن ڪنهن سور جو بيان لفظن ۽ لڙڪن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر پوءِ به پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ شاعر شعر چوندا آهن:
درد بڙهه کر فغاڻنه هوجائي
يه زمين آسمان نه هوجائي.
پر وري جيڪڏهن انور پيرزادي جي فڪر کي ڏسبو ته هو ڏکن جو ماتم ڪرڻ بدران انهن کي پڻ Celebrate ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڀٽائيءَ جي اِها سٽ ٿو ٻڌائي ته:
اندر ايءُ اهنج سانڍج سُکائون ڪري.
ان جو عملي مثال هن پنهنجي دوستن جهڙي پهريٺي پٽ زبير جي لونءَ ڪانڊاريندڙ موت جي ردعمل ۾ ڏنو ۽ هو پنهنجا لڙڪ لڪائي ٽهڪ ورهائيندو رهيو. شايد هُو پنهنجن ڏکن سان ٻين کي افسرده نه ڪرڻ چاهيندو هو.
لياقت اسپتال ڪراچيءَ جي ICU وارڊ ۾ جڏهن شروع شروع ۾ هو موت جي منهن مان بچي نڪتو ۽ مان ساڻس ملڻ پيو وڃان ته سوچان پيو ته الائي پنهنجا لڙڪ روڪي به سگهندس الائي نه. مان بابا جي سامهون وڃي بيٺس. هو ICU جي بستري ۽ ڪينسر جهڙي خوفناڪ مرض ۾ مبتلا هجڻ جي باوجود بيحد حسين لڳي رهيو هو. مون کي ڏسي هن جون اکيون مُرڪيون ۽ گلن جهڙو ٽهڪ ڏئي مون سان هٿ ملائي پڇيائين: ”ڪهڙا حال اٿئي؟“ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته موت جي منهن مان بچي نڪتل ماڻهو مون کان منهنجا حال پڇي رهيو هو، جڏهن ته اِهو سوال مون کي ڪرڻو هيو. مون چيو ”مان ٺيڪ آهيان، توهان ڪيئن آهيو.“ مون پنهنجا لڙڪ روڪيندي پڇيو. هن جون اکيون ٻيهر مرڪيون، ۽ چيائين: ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان، هتي علاج ڏاڍو سٺو آهي، تون مهرباني ڪري هاڻي هتي گهڻي وزٽ نه ڪجان. تون پنهنجن امتحانن جي تياري ڪر، هي ڊاڪٽر مون کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا.“
سڀ ماڻهو هن کي گهڻ پاسائين شخصيت چوڻ جي باوجود اهو فيصلو نه ٿا ڪري سگهن ته هو بنيادي طور تي آخر ڇا هيو؟ شاعر، صحافي، ڀٽائيءَ جو پارکو، آرڪيالاجسٽ، دانشور يا ليفٽسٽ؟ اِهو ساڳيوئي سوال هڪڙي ڀيري ڪمال ڄامڙي کانئس کان ريڊيو جي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو ته ”توهان پاڻ کي ڪهڙي شعبي ۾ فِٽ ٿا سمجهو.“ وراڻيائين: ”پاڻ کي سنڌ جو شاگرد ٿو سمجهان.“ واقعي جيڪڏهن هن جي زندگيءَ جي مڙني شعبن کي ڏسبو ته ان جو محور ”سنڌ“ ئي آهي ۽ هن ”سنڌ“ سان عشق مختلف Dimensions ۾ ڪيو: ڪڏهن شاعري، ڪڏهن صحافت، ڪڏهن سياست، ڪڏهن تحقيق ته ڪڏهن سياحت. هن کي سنڌ سان ايتري ته محبت هوندي هئي جو هو چوندو هو ته ”منهنجو وس پڄي ته مان سڄي دنيا کي سنڌ ڪري ڇڏيان.“ مطلب ته هو سڄي دنيا کي سنڌ جي نظر سان ڏسڻ چاهيندو هو، جيئن ڀٽائيءَ پنهنجي بيت ۾ پهرين سنڌ ۽ پوءِ عالم جي آباد ٿيڻ جي دعا گهري هئي:
سانئين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
منفي سوچ نالي ڪابه شيءِ هن جي وجود سان تعلق ئي نه رکندي هئي. هڪڙي ڀيري پڇيومانس: ”اوهان جا ايترا دوست ڪيئن ٿيا؟“ چيائين: ”مان دوستن جي خامين کي نظرانداز ڪري، انهن کي برداشت ڪندو آهيان. زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به Corner نه ڪجي. جيڪڏهن ڏسو ته ڪو اوهان کي نظرانداز ڪري رهيو آهي ته اُن تي اِها ڳالهه واضح نه ڪيو، نه ئي ڪا شڪايت ڪيو، اُن کي پنهنجي Direction ۾ وڃڻ ڏيو، ڇو ته ڪنهن ماڻهوءَ کي Corner ڪرڻ بلڪل ائين هوندو آهي جيئن ڪنهن ٻليءَ کي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ گهيري آڻڻ، جيئن اُها اُتان نڪري نه سگهي. ان وقت جهڙو ردِ عمل ٻلي ڏيکاريندي ماڻهن  جو ردِعمل به بلڪل اهڙو ئي ٿيندو آهي، انڪري ماڻهن کيآزادي ڏيو ته جيئن هو توهان ڏي موٽن ته وڌيڪ اُڪير منجهان موٽي اچن.“
هڪڙي ڀيري سوال ڪيم ”بابا! توهان هاڻي شاعري ڇو نه ٿا ڪريو؟“ چيائين: ”اهو سوال اڪثر امداد حسيني مون کان پڇندو آهي، جنهن تي مان کيس چوندو آهيان مون کي Occur نه ٿو ٿئي. جنهن تي امداد چوندو آهي ته ”اِهو به لک،
اِهو به نظم آهي.“ ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ چيائين ”ڪڏهن به شاعري ڪرڻ جي شوق ۾ شعر نه چئجان ڇو ته:
Poetry is the Spontaneous overflow of emotions.
ان کان پوءِ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڀٽائيءَ جو بيت پڙهيائين ته:
پِٽيندي سائي، جنهن سورَ ٻڌايو سندرو،
ٻي هر ڪائي، هڻندي هٿ ميارَ جا.
ان کان پوءِ ٿوري غمگين لهجي ۾ چيائين: ”امان جي وڇوڙي کان پوءِ عشق ۽ انقلاب منهنجي زندگيءَ مان موڪلائي ويا ۽ پوءِ مان شاعري به نه ڪري سگهيس.“
پر مان سمجهان ٿو ته انور پيرزادو هڪ ”Born Poet“ هو، هو شاعري ڇڏڻ کان پوءِ به شاعر هو. هن جي زندگيءَ جا سمورا پهلو شاعراڻا هئا، تڏهن ئي ته هن جي هر ادا، هر جستجو جو ذڪر ڪندي اندر مان بي ساخته ”واهه“ نڪري ٿي وڃي.
انور پيرزادو- جنهن کي بابا چوڻ جو اعزاز مون کي حاصل ٿيو- ان جو ڪردار هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پڻ بيمثال هو. مون کي ڪڏهن به هن کان خوف نه ٿيندو هو، ٽئگور جي ان نظم وانگر ته:
”مون کي خدا جي وجود سان
ان ڪري محبت آهي
جو هن مون کي اِهو حق ڏنو
ته مان سندس وجود کان
انڪار ڪري سگهان....!
سو مون کي پنهنجي بابا سان ان ڪري به محبت هئي جو مان هن سان بحث ڪري سگهندو هوس، هن سان اختلاف رکي سگهندو هوس. منهنجي هن سان دوستن جهڙي بي تڪلفي ۽ انتها جي حد تائين عقيدت هئي. هو جيڪو پنهنجي ذات ۾ عشق ۽ محبت جو سيلاب هيو، ان پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي زندگيءَ مان محبت جو Complex ئي ختم ڪري ڇڏيو. منهنجي زندگيءَ جي الائي ڪيترا جذباتي فيصلا فقط هن جي Immense Support جي ڪري ممڪن ٿي سگهيا. شو ڀڳوان هڪڙي ڀيري چيو هو ته ”منهنجي شڪتي پاروتي آهي،“ بلڪل ائين ئي بابا منهنجي طاقت هيو. جيستائين بابا هيو، مون کي ڪنهن به شيءِ جي پرواهه ڪانه هئي. بابا کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ مون کان منهنجي محبت کسجي وئي آهي ۽ باقي زندگي ان جي بي انت محبت جي يادن سان گذارڻي آهي.
Art of Living“ معنيٰ زندگي ڪيئن گذارجي- اِهو ڏانءُ به ڪير هن کان سکي ها. چوندا آهن ته وڏو ماڻهو اُهو هوندو آهي جنهن جي محفل ۾ ويهي اوهان کي احساس ٿئي ته اوهان پاڻ ڪيڏي وڏي ڳالهه آهيو. ائين ئي انور صاحب جي محفل ۾ ماڻهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ٿيندو هو. ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪا هڪڙي خوبي، ڪنهن شاعر جو ڪو هڪڙو شعر ئي ڪافي هوندو هو جنهن تي هو انهن کي مان ڏيندو هو. پنهنجي تعريف ڪرڻ هن جي فطرت ڪانه هئي. هڪڙي ڀيري مون کي چيائين: ”تعريف هر ماڻهوءَ جي ڪمزوري ٿيندي آهي ان ڪري اهڙو ماحول ئي پيدا  نه ڪرڻ چاهيندو آهيان جو منهنجي تعريف ٿئي ۽ اُها مون کي وڻي.“ ڪجهه سال اڳ جڏهن انور ابڙي جي گهر اديب دوستن هن جي سالگره پئي ملهائي ۽ هن جي شخصيت تي باضابطه راءِ ڏيڻ شروع ڪئي ته انور پيرزادي چيو ”پليز! توهان مون تي نه ڳالهايو ۽ ڪچهري ڪيو. مون کي خبر آهي توهان سڀ هتي منهنجي ڪري گڏ ٿيا آهيو- اهوئي ڪافي آهي. توهان مون تي ڳالهايو ٿا ته مون کي Stress ٿو ٿئي. هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ محبتي ماڻهو هو. هن جو ڳالهائڻ بيحد حسين هوندو هو، ماڻهو هن جي ڳالهائڻ ۾ ميسوءَ جهڙو مزو محسوس ڪندا هئا ۽ فراز جي اها سٽ چوندا هئا ته ”بولي تو باتوڻ سي پهول جهڙتي هيڻ“ هن جون اسٽيج تي ڪيل تقريرون ۽ آف دي رڪارڊ ڪچهريون لاجواب هونديون هيون، جن کي سانڍي ڇپائڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن اسان جي مرده پرست قوم هجڻ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اِها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هن جا ڪتاب منظرعام تي ايندا، پر ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جيڪڏهن هو پنهنجا سمورا ڪتاب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسي ها. دوستو! پنهنجي Heroes کي انهن جي زندگين ۾ Tribute ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.
سنڌي قوم خوش قسمت آهي جو اڃا به هتي شمشيرالحيدري، امرجليل ۽ امداد حسينيءَ جهڙا ماڻهو موجود آهن. انهن ماڻهن جون راهون آسان ڪرڻ، انهن جو اڻ ڇپيل ڪم منظر عام تي آڻڻ ۽ انهن جي راهن ۾ عقيدتن جا گل وڇائڻ سنڌي ماڻهن جو فرض آهي.
انور پيرزادي کي جڏهن ڪا شيءِ لاجواب ڪري ڇڏيندي هئي ته هو پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هو ته ”ڀيڻي ناهي سائين.“ ائين ئي جڏهن اسان جو ذهن انور پيرزادي جون خوبيون ڳڻي ڳڻي ٿڪجي ٿو پوي ته آخرڪار هن جي ئي لفظن ۾ چئي ٿو ته: ”ڀيڻي ناهي!“ انور پيرزادي سنڌ تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي، پر مان سمجهان ٿو ته خود انور پيرزادو تحقيق جو تمام وڏو موضوع آهي، جنهن تي هڪ سنجيده ڪم جي ضرورت آهي. هو ڪيڏو وڏو انسان هو، هو ڪيڏو وڏو شاعر هو، هن جو صحافتي ڪردار ڇا هو، هن جو کاهوڙي پهلو، هن جو نظريو ڪهڙو هو؟ هن ڀٽائيءَ کي ڪيئن متعارف ڪرايو، هو هڪڙو وجود ايترن محاذن تي ڪيئن سرخرو ٿيو؟ منهنجي خيال ۾ جڏهن انور پيرزادي جو سمورو ڪم منظرعام تي آيو ۽ جڏهن هن تي ڪا جامع قسم جي Research ٿي ته دنيا هن کي اڃا به وڌيڪ احترام واري نظر سان ڏسندي.
اعجاز منگيءَ چواڻي ته: ”ايندڙ وقت جا ماڻهو انور کي Discover ڪندا. انور هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، پر هتان جو مطلع  ابر آلود آهي، جڏهن اِهو مطلع صاف ٿيندو ته اِهو ستارو اڃا به وڌيڪ روشنيءَ سان چمڪندو. ان ۾ ڏوهه ستاري جو ناهي، هتان جي ماڻهن جو آهي.“
مون ڪٿي پڙهيو هو ته هڪ قبيلي جو هڪڙو ماڻهو گذاري ويو ته هنن کي خبر پيئي ته هي اسان جي قبيلي جو وڏو ماڻهو هو. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ انهن کي خبر پوندي آهي ته هو هن سڄي ڳوٺ جو وڏو ماڻهو هو، اڃا ڪجهه وقت کان پوءِ هو ڄاڻندا آهن ته هو هن سڄي ملڪ جو وڏو ماڻهو هو ۽ هڪڙي ڏينهن هنن کي پتو پوندو آهي ته هنن جي قبيلي جو اهو  ماڻهو هن دنيا جو وڏو ماڻهو هو. مان اڄ اِهو مثال پنهنجي ناز ڪرڻ جهڙي بابا کي ارپيان ٿو.



ويراڳي نئون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَميا!
(انور پيرزادي جي ياد ۾)
امداد حسيني
موبائيل جي رِنگ وڄي ٿي:
”هيلو!“
”انور پيرزادو گذاري ويو آهي... اسين ڄام شوري کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهيون.....!“
شاهه محمد پيرزادو چئي ٿو.
”اِنا لله واِنا اليہ راجعون!“
دل تي ڌڪ لڳي ٿو، اندر مان انور جون هي سٽون سَٽ ڏئي ٻاهر اچن ٿيون:
وقت به وڃڻو
هو به نه اچڻو
آءٌ به نه رهڻو
اها ڪالهوڪي ڳالهه ٿي لڳي:
آءٌ سنڌالاجي اولڊ ڪئمپس ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس. هڪ قداور، مُرڪندڙ موڪري منهن وارو جانٺو جوان اندر هليو آيو: ”انور پيرزادو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگلش جو ليڪچرار.“ ملياسين، ويٺساين، ڳالهايوسين. ائين لاکيڻي لطيف جي بيتن جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي. لاکيڻي لطيف تي، انور وانگر، ايڏو سٺو ڳالهائيندي، مون گهٽ ماڻهن کي ڏٺو آهي. هن سرمارئيءَ جو هي بيت پڙهيو:
پاسا پولڙين ۾، ٻانهون سِر ٻيئي،
اکيون نڪ اَريج ري، ٽِمايم ٽيئي،
ڏور ٿيا ڏيهي، پرين پائر وَٽِ ۾.
ان کان پوءِ اسين سڄو وقت اُنهيءَ بيت تي ڳالهائيندا رهياسين. خاص ڪري ان بيت جي ٻي سِٽَ تي، جيڪا ان ٽِه- سٽي بيت جي وچين سِٽَ هئي. اهو ”رئڻ“ بابت لاکيڻي لطيف جو مشاهدو/تجربو حيرت انگيز ته هو ئي، پر ان مشاهدي/ تجربي کي لفظن جي ٻُڙن سان سِٽَ- سريءَ ۾ پوئڻ ڏات جو، بلڪ ڏاتار جو ڪرشمو آهي. ان کان پوءِ اسان وٽ ڳالهائڻ ختم ٿي ويو جهڙوڪر. هن موڪلايو ته پڇيومانس؛ ”لکندو آهين؟“ چيائين؛ ”ها!“ پچيومانس؛ ”ڇا؟“ هن ٻڌايو ته هو شاعري ڪندو آهي. اسين وري ويهي رهياسين. ”ٻڌاءِ!“ ۽ هو شاعري ٻڌائڻ لڳو، جيڪا ڪٿي به ڇپي نه هئي. کانئس شاعري ڏيڻ جو واعدو ورتم، جيڪو هن پاريو. کوڙ تخليقون هيون، مون انهن تي هڪ نوٽ لکيو، طارق اشرف ”سهڻي“ ۾ اُها شاعري ڇپي، منهنجي نوٽ سوڌي. مان نٿو چوان ته انور ۾ هڪ شاعر کي ڪو مون دريافت ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هن کي شاعري اڳي ئي دريافت ڪري چڪي هئي!
اها به ته ڪالهوڪي ڳالهه هئي:
ته زرار پيرزادو، انور جي جنم ڏينهن تي ”عوامي آواز“ جو صفحو ڪڍڻ ٿو گهري ۽ اُن لاءِ منهنجو مواد ٿو گهري. مان فون تي ئي کيس لکايان ٿو:
”اڄ جڏهن حالت اها آهي ته جيڪو آني مان ٿو ڦُٽي، اُن جو ڪتاب اچي ٿو وڃي، بلڪه ڪتاب اچي ٿا وڃن ۽ اهو شاعر طور مڙهجي به ٿو وڃي. تپسيا، رياضت، محنت، ڄاڻ، نظريو- ۽ سڀ کان وڌيڪ سرشت، خمير، فطرت ۾ شاعريءَ جو هجڻ- اهي سڀ ثانوي، بلڪ غير ضروري شيون بڻجي رهجي ويون آهن- تڏهن انور جهڙا شاعر ڪنڊ پاسو وٺي بيهي رهندا آهن. لکڻ تان ارواح کڄي ويندو اٿن! توڙي جو انور ڄاڻي ٿو ته هن جي ڪوتا پاروٿي ڍوڍي جيتري اهميت به نٿي رکي، جنهن سان ڪو بکيو پيٽ ڀري سگهي! پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته ان سچ جو اظهار وري به شاعريءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو:
ڪنهن گيت منجهان ڪو ڍءُ نه ڪري ٿو!
مها ڪويءَ کانمها ٿيو پاروٿو ڍوڍو!
اها به ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه ئي ته آهي:
جڏهن انور پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان“ شاهه محمد پيرزادي هٿان موڪليو هو، ته جيئن هو هٿوهٿ مون کي پهچائي. انور ان تي لکيو هو:
”امداد حسيني لاءِ
جنهن منهنجي شاعريءَ واري
بنگلاديش کي ۱۹۷۲ع ۾ سڀني
کان اڳ ۾ تسليم ڪري
ڇڏيو هو!!
انور پيرزادو
۲۰۰۵. ۱۱. ۲۴
انور پيرزادو لاکيڻي لطيف جو پوئلڳ آهي. ان جو ثبوت سندس مجموعو ”اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان!“ آهي. اهو نظم پهرين مون حنيف لاشاريءَ کان ٻُڌو ٽيچرز هاسٽل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾. پڇڻ تي ٻڌايائين ته اهو نظم انور پيرزادي جو آهي. چيم: ”اهڙو نظم انور پيرزادو ئي لکي سگهي ٿو.“ ڇاڪاڻ ته لطيف سان عشق کان سواءِ اهڙو نظم تخليق ڪرڻ ناممڪن آهي:
هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
ڌرتيءَ کان ڌار ڇني ڪن ٿا
ٿيون وايون تنهنجون وار پٽن
۽ سُرڙا تنهنجا اوسارن
هيءَ ارهي سرهي دانهن ڏجان
اي چنڊ! ڀٽائيءَ کي چئجان!
”سر کنڀات“ ۾ لاکيڻو لطيف پنهنجي پرينءَ کي چنڊ هٿان نياپا ٿو مُنجي:
اُڀر چنڊَ، پس پرين، تو اوڏا مون ڏُور،
سڄڻ سُتا وِلهه ۾، چوٽا ڀري ڪپُور،
پيرين آءٌ نه پُڄڻي، ٻاٻُل ڏي نه ٻُور،
جنهن تي چڙهي اَسُور، سنجهي سڄڻ سيٽِيان.
۽ انور چنڊ هٿان، پنهنجي محبوب شاعر لطيف ڏانهن، ڏانهن ٿو اُماڻي- ارهي سرهي دانهن! هن لاکيڻي لطيف جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي ۽ هو لطيف کان متاثر به آهي، پر هن لطيف کي ڪاپي نه ڪيو آهي ۽ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي.
انور جي سوچ، ٻولي، لهجي، سر ۽ لئه، گهاڙيٽن وغيره جي انفراديت کيس ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي:
ٿُڪ هجي ته کڻي
اُڇلائي ڇڏجي
جيون کي ڀلا
ڪاڏي ڪري
ڪاڏي ڪجي!!
انور سرءُ جا سور ان لاءِ سَٺا ته ”چيٽ ڦُٽي پئي من!“ هو دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ، آڻ مڃڻ بدران دل تي لت رکي ٽهڪ ڏيندو رهيو ۽ ڳائڻ تي آڀاريندو رهيو:
سرخيءَ لڳل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي موڙي ڳاءِ!
سنڌ، پاڪستان، ننڍي کنڊ ۽ سڄي دنيا جي اُگري صورتحال انور جي آڏو هئي، انڪري هن جي شاعريءَ ۾ ڇتائي، تيزي، شدت، ڪڙاڻ ڀري پئي آهي- ۽ اُن ۾ نعريبازي به اچي وئي آهي. انور هڪڙو ڀيرو مون کي چيو هو (۽ الاءِ ڇو چيو هو!) ته: ”پارٽيءَ اسان کي عشق ڪرڻ کان جهليو آهي!“ مون هن کان اهو به نه پڇيو ته ”ڪهڙي پارٽي؟“ ۽ رڳو هن سان گڏ آيل وينگس ڏانهن مرڪي ڏٺو هو. پر هر شاعر وانگر انور جو به ڪو پرين، ڪو پِيا، ڪو جاني- هو ضرور! توهين ان کي ’انقلاب‘ چئي سگهو ٿا:
ڪا ميڇ ملي، ڪو پيار ملي،
ڪا هير گهلي، تون آءُ پِيا.
--
جاني ري هتي جڳ ۾ انور،
جي به جياسي جاڙ جيا.
انور اکين تي کوپا چاڙهي وقت/ حالتن جي گهاڻي ۾ گهمندو نه رهيو، بلڪ پيڙبو رهيو. هن وٽ يقيناً هڪ نظريو هو. امن آشتيءَ جو. ”سنڌ سڪار ۽ عالم آباد“ جو نظريو- پر منهنجي راءِ ۾ شاعري (جيڪڏهن شاعري آهي ته) بذات خود هڪ نظريو آهي. ڏسڻو اهو پوندو ته انور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ نظريي بڻجڻ جي ڪيتري سگهه آهي؟!
انور ٻاهران توڙي اندران اَسانتيڪو هو. هڪ بي چين ۽ بيقرار روح! هن جي آسپاس- ڏيههپرڏيهه- جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، اُهو انتهائي اڻوڻندڙ ۽ اُگرو هو. ان سموري وِهه کي امرت ڪرڻ جو هن وٽ واحد وسيلو شاعري هئي ۽ هو بنيادي طور تي هڪ شاعر ئي هو، ٻين کان مختلف ۽ منفرد. مون کي ٻن شاعرن جي نه لکڻ جو سدائين ڏک رهيو- هڪ شمشيرالحيدري ۽ ٻيو انور پيرزادو! (هاڻي ان ۾ ٽيون نالو به آهي سروپچندر شاد!)
۽ اها ۷- جنوري ۲۰۰۷ع جي صبح جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهه محمد پيرزادي جي فون آئي هئي. آءٌ سحر کي اُٿاريان ٿو. پهرين ڄام شورو ٽول پلازا تي پڄون ٿا، پوءِ ڪوٽڙي اسٽاپ تي. موبائيل جي رِنگ وڄي ٿي. ”اسين ايمبولينس ۾ آهيون. ڄام شوري ٽيشڻ وٽ پهچو!“ اعجاز منگي چئي ٿو، ايمبولينس لانگهائو ٿئي ٿي. اسين ان جي ڪڍ لڳون ٿا. ڄام شوري ٽيشڻ وٽ اسين پنهنجي دوست- پنهنجي شاعر انور پيرزادي جو آخري درشن ڪريون ٿا! ايمبولينس هاءِ وي تي وڃڻ ٿي لڳي ۽ اسين (اعجاز- آءٌ ۽ سحر) هٿ لوڏي پنهنجي ساٿيءَ- پنهنجي شاعر انور پيرزادي کي الوداع چئون ٿا!
ڪنهن سَٽَ ڏني ۽ تار ڇني،
سو ساز ڀڳو، جنهن گيت چيا!



انور پيرزادو
لطيف جو پارکو
اشتياق انصاري
”انڊس ايڪسيپڊيشن“ جو آغاز ٿيڻ وارو هيو... ساري ٽيم پشاور کان مٿاهينءَ تي وارسڪ ڊيم جي هيٺان ڪابل درياهه جي ڪنڌيءَ تي خيما کوڙيون ويٺي هئي ۽ صرف ٻن صحافين جي پهچڻ جو اوسيئڙو هو، جيڪي ڪراچيءَ کان ڪنهن اُڏام ذريعي اسلام آباد پهچي، شامل ٿيڻ وارا هئا. آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون، رات جي پوئين پهر ٻه صحافي درياهه ڪناري خيمن ۾ آرامي ٽيم ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.
سنگلاخ جبلن جي اوٽ مان سورج شاخون ڪڍيون ته سنڌو مهم جي ساٿين سمنڊ تائين ساهڻ لاءِ سندرا ٻڌا. ڪليم لاشاري هڪ قداور، ٺهندڙ شهپر ۽ روشن چهري واري صحافي جو ”انور پيرزادي“ جي نالي سان ۽ ٻئي مناسب قدبت ۽ فلاسافرن جهڙي ڏيک ڏيندڙ جو ”بدر ابڙو“ جي نالي سان تعارف ڪرايو. منهنجي انور پيرزادي سان اِها پهرين ملاقات هئي، جيڪا اڳتي هلي ”عقدت“ ۾ تبديل ٿي وئي.
حقيقت اها آهي ته ايڪسپيڊيشن شروع ٿيڻ کان اڳ اسان کي اهو خدشو هيو ته اهڙي مشڪل مهم ۾ نازڪ ۽ نفيس صحافي اسان جو ساٿ ڏئي سگهندا الائي نه. ائين نه ٿئي جو انهن قلم ڌڻين جي سهل پسنديءَ جي ڪري ٽيم گهربل نتيجا ڏئي نه سگهي، پر وقت ثابت ڪيو ته هو ٻئي هر ڏکئي وقت ۾ ٽيم لاءِ مددگار ۽ حوصلي جو سبب بڻيا رهيا.
ان ڊگهي مهم جي پهرئين ڏينهن ٻيڙين تي چڙهڻ مهل سر جي سلامتي لاءِ ڪن دوستن قرآني آيتن جو ورد ڪيو، ته ڪن امام ضامن ٻڌا. اسان ڏٺو ته انور پيرزادو ”شاهه لطيف جو رسالو“ سيني سان لائيون ڌيرج ۽ سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. پوءِ ته ساري سفر دوران هو موقعي مهل جي مناسبت سان شاهه جا بيت ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هليو. انور پيرزادو لطيف جو وڏو پارکو هو.
ان مهم دوران ئي اسان آسمان سانمٿو گسائيندڙ جبلن جي وچ مان سنڌوءَ جي هڪ خطرناڪ ۽ سوڙهاڪ گاج مان گذري رهيا هئاسين. روايت مشهور آهي ته سنڌوءَ جي اُن ئي موتمار لنگهه مٿان جلال الدين خوارزم شاهه پنهنجي گهوڙي سوڌو سنڌو درياهه جي گجگاهه ۾ ٽپو ڏنو هو، جڏهن چنگيز خان هن جي ڪڍ هيو. چنگيز خان کيس اهڙي هيبتناڪ هنڌ تان درياهه ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي پنهنجي سپاهين کي خوارزم شاهه کي پويان تير هڻڻ کان منع ڪيو. اسان اهڙن ڪڙڪاٽ ڪندڙ قهري ڪُنن ۾ به انور پيرزادي جي زبان تي ڀٽائيءَ جا بيت ٻرندي ٻڌا:
دَهشت دَم درياهه ۾، جت جايون جانارن...!“
انور سان ان مهم کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي موقعن تي ٿر، بر ۽ بحر جي ايڪسپيڊيشنس ۾ ساٿ رهيو. هو هر هنڌ قديم آثارن ۽ تاريخ جي ججهي ڄاڻ جي ڪري اسان جي رهنمائي ڪندو رهيو، ڇو جو کيس ”موهن جي دڙي“ جي کوجنا دوران آمريڪا جي آرڪيالاجسٽ جارج ايف ڊيلس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو هو.
انور پيرزادي جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هو شاعر، صحافي، محقق ۽ آرڪيالاجسٽ کان سواءِ لطيف جو به وڏو ڄاڻو هو. هن جي ان رنگارنگ شخصيت جو سبب سندس ”ٻلهڙيجي“ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ به هو. ٻلهڙيجي جي هڪ پاسي کان سنڌ  جو تاريخي ماڳ ”موهن جو دڙو“، ته ٻئي پاسي سنڌو درياهه جون ٿڌيون ٿانوريون لهرون رقص ڪن ٿيون. ان وستيءَ جي ٽئين طرف ننڍي کنڊ جي هاڪاري دانشور سوڀي گيانچنداڻيءَ جي جنم ڀومي ”ٻنڊي“، ته ساڳئي وقت سڏ پنڌ تي سنڌ جي سدا حيات سپوت حيدر بخش جتوئيءَ جو ڳوٺ ”بکو ديرو آهي“. انور اهڙي ئي روشن ماحول ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رهي جوانيءَ جي چائنٺ تي پير پاتو.
انور ايترين خوبين، وسيع مطالعي ۽ علم جي ڄاڻ هوندي به هميشه پاڻ کي ”سيکڙاٽ“ ۽ ”شاگرد“ طور پيش ڪندو هو. سندس شخصيت جي وڏي خوبي نياز نوڙت، مِٺ محبت، ميٺاج ۽ ڌيرج پڻو هو. شايد شاهه جا پرسڪون سُر سندس ساهن سان گڏ سندس روح ۾ به پيهي ويا هئا!



انور پيرزادو
سنڌ جو لاکيڻو ليکڪ
نثار کوکر
هونئن ته حياتي ۾ ڪيترا ئي ”انور“ نالي وارا ماڻهو مليا آهن، پر انهن مان ڪجهه ”انور“ اهڙا به هئا/ آهن، جن جي ڳالهين جي ڳنڍ جڏهن به کوليون، هر طرف خوشبو ڦهلجي وڃي ٿي. اهو ڪو عجيب اتفاق نه پر ماڻهوءَ جي شعوري ڪوشش هجي ٿي ته اهڙن ماڻهن سان ملاقات ڪجي، جن جي حياتي هميشه درياهي سير جي سامهون هجي، جيڪي لهوارو لهڻ جهڙا نه هجن. انور پيرزادي جي حياتيءَ تي هڪ نظر وجهڻ سان ائين ئي لڳندو ته هو سنڌ جو اهڙو بيچين روح هو، جنهن کي ”پٿر پير ڊگها ڪري“ سنجهي ئي سمهڻ ڪڏهن نصيب نه ٿيو هو. هڪ سچي تخليقڪار جيان هميشه ان جستجو ۽ ان اُڻ تڻ ۾ رهيو ته هن ديس جي دکي انسانن ۽ پورهيت طبقي مٿان ڏکن جا بار ڪڏهن جهڪا ٿيندا؟ انور پيرزادي جهڙا ماڻهو، جيڪي شيخ اياز جي انهن سٽن جا پتنگن جيان ديوانا رهيا ته ’سماج کي ڌوڏ هن سماج کي، هي نظام آ خراب،‘ سي هميشه سسٽم سان وڙهندا رهيا ۽ انور ته ان ٽهيءَ جي اهڙن چند نالن منجهان هڪ هو، جيڪي آخر تائين سسٽم سان سرچاءُ نه سکي سگهيا. آئون سوچيان ٿو ته انور جيڪڏهن عام روايتي ”لڪير جو فقير“ ٿي هلڻ وارو ماڻهو هجي ها، ته هن وقت تائين هو ايئر فورس جو چڱو خاصو آفيسر ٿي ريٽائر ڪري ها. ڪنهن ڪنٽري ڪلب يا گولف ڪلب ۾ ماڻهن کان ڪٽيل، پر آرامده زندگي گذاري ها، پر هن ’ڪرنل کي ڪو خط نٿو لکي،‘ واري ناول جهڙو ڪردار ٿيڻ بدران، سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان ڦولاريل سرنهن جي گل جيان اڀري، نکري ۽ نسري فقط انور پيرزادو ٿيڻ پسند ڪيو.
هو ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَ جي ڏينهن ۾، انگريزي اخبار ’دي اسٽار‘ جو سکر جو نمائندو هو. هن جي صحافتي لکڻين ۾ به اهڙو ته تخليقي عنصر هو، جو کيس هڪ رپورٽ جيڪا حسن مجتبى چواڻي، رت جي لائين بابت هئي، ان رپورٽ کانپوءِ کيس جيل حوالي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ آپريشن دوران جڏهن فوجي ٽرڪون، ’رت جي لڪير‘ ٺاهينديون، روڊ تان گذري، پنهنجي ٺڪاڻي طرف ويون ته انور ان جي ڀرپور منظر نگاري ڪئي. ائين ته انور جون صحافتي لکڻيون بيشمار آهن، جن کي آهستي آهستي سندس فرزند ڪتابي شڪل ڏئي رهيا آهن، پر انور جون لکڻيون صرف صحافت يا سياست تائين محدود ناهن. انور پيرزادو پنهنجي لکڻين عيوض جيل جون سختيون سهڻ کانپوءِ جڏهن ٻاهر آيو، ته هو ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪرڻ لڳو. سياسي، نظرياتي ۽ صحافتي موڙن تي مليل مايوسين جو علاج کيس ڀٽائيءَ جي در تي نصيب ٿيو. اسان انور پيرزادي کي ڀٽائي جي شاعريءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي ٻڌو. اهو اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن جو دور هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران انور پيرزادو کان هڪ ليڪچر ڪرايوسين. ان ليڪچر ۾ انور ابڙو، قاضي آصف، محمد علي پٺاڻ، انور ڏنگڙائي، دادلو يا ناصر زهراڻي، حسن جوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترا ئي شريڪ ٿيا. ان زماني ۾ آڊيو ٽيپ تي ريڪارڊنگ ۽ ياشيڪا ڪئميرا تي اسٽل فوٽو گرافي ڪندا هئاسين. انور پاڻ سان گڏ لُطف کي به اهو چئي وٺي آيو هو، ته لُطف پيرزادو ڀٽائيءَ جو حافظ آهي، ڪٿي ڪنهن ريفرنس ۾ منجهي به پيس ته ڀٽائي جو اهو بيت لطف ياد ڪري ٻڌائيندو. ان ليڪچر کان ڪجهه مهينا بعد ۾ انور ڏنگڙائي جيڪو خود هڪ پروفائيل جو مستحق پورهيت ليکڪ آهي، جنهن حيدرآباد ۾ منهنجي هڪ اخباري آفيس ۾، ان وقت جي اداڪاره شمع جوڻيجو کي چيڙائي وڌو هو، سو انور ڏنگڙائي ساڻ ڪري آئون ٻلهڙيجي پهتس. اسان ٻلهڙيجي ۾ لال شاهه واري مئخاني ٻاهران کٽ رکي، هڪ ئي کٽ تي ٽيئي ڄڻا ويٺاسين ۽ انٽرويو لاءِ ڪچهري ڪندا رهياسين. اها ڪچهري ايتري ته ڀرپور ۽ مزيدار رهي، جو اسان جي ٽيپ رڪاڊر جون ٻئي آڊيو ڪيسٽون ختم ٿي ويون، پر ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. انور کي مون هميشه خوددار پورهيت ليکڪ ۽ تخليقڪار جي روپ ۾ ڏٺو. هن وٽ هٿرادو وڏائي، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي اجايو فخر يا پنهنجي ڏات کي ذاتي پبلڪ رليشنز ۾ ٻارڻ طور ڪتب آڻيندي، ڪڏهن ڪو نه ڏٺو.
نوي جي ڏهاڪي ۾ وري جڏهن اسان جي اوجاڳن ۽ رولاڪين جون راتيون شروع ٿيون، ته انور ادبي، صحافتي توڙي ٻلهڙيجي واري برادريءَ ۾ ڪاڪو انور ٿي چڪو هو. ان ئي ڏهاڪي ۾ اسان پنهنجي رولاڪين ۾، ڪاڪي انور کي ڪڏهن ڀٽائي جي در ته ڪڏهن سچل جي ميلي ۾، سنگتين جي چوياريءَ ۾ ڏٺو هو. هو جبل جهاڳيندڙ ۽ درياهه اڪرندڙ من موجي ماڻهو هو. توهان کي سنڌوءَ جي مهاڙ ۾ به انور ملندو ته پڇاڙ ۾ ’تمر‘ جي وڻن ۾ به ڪاڪو انور ملندو. هو آثار قديمه سان عشق ڪندڙ اهڙو ته الستي ماڻهو هو، جو ڪڏهن چوڪنڊي قبرستان ته ڪڏهن وري ڪاهوءَ جي دڙي تي بيٺل هوندو هو. سنڌ جي  ٻاڙي ٻاڙيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ انور، توهان کي انقلابين جي ميڙ ۾ به ملندو ته لاهوتين جي سفر ۾ به ساڻن ساڻ هوندو هو. هو اهڙن اڙانگن گسن تي هليو، جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو ته ”دودڪ دهليا جت، گوڏا هلن نه گس ۾“ يا جيئن سر ’سهڻيءَ‘ ۾ چيو اٿس؛ ’جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي.“ سو ڪاڪي انور جو سنڌ سان محبتن جو سفر، هر طرف هلندو رهيو. هو هڪ ئي وقت آرڪيالوجيءَ تي ڪنهن ماهر جيان ڪم ڪندو رهيو، هو کاٻي ڌر جي سياسي ٽيم جو حصو رهيو، هن شاعري به ڪئي، صحافت به ڪئي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪيو، پر هر عمل ۾ انور جو انداز تخليقي رهيو. انور پيرزادي جو ڀٽائي سرڪار سان عشق ايڏو ته  گهاٽو ۽ گهرو هو، جو مون کي سندس ان محبت تي رشڪ ايندو آهي. انور پنهنجي آسپاس سنڌي سماج اندر اوچ نيچ جي انائن کي ڏسي، هڪ شاعر جي دل واري دانهن ڪئي ۽ هن ڀٽائي کي نياپو ڏيڻ لاءِ ان ئي ”ميسينجر“ کي چونڊيو، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عاشق پنهنجي محبوب تائين نياپو پهچائڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. انور چيو:
’اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ،
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا،
سا رات اڃا ڀي جاري آ،
اڄ رات رنو آ رت ڦڙو،
۽ تارا سور پٽين ٿا پيا،
هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي،
۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا،
توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان،
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ!
هو عجيب شخص هو، جنهن ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪئي ۽ ڀٽائي کي ئي مخاطب رهيو. انور اهو چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي، ته سنڌ جي سورن ۽ دردن جو درمان، ڀٽائيءَ جي در وٽ آهي. دانهين ٿجي ته اهڙي شاعر وٽ، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ کي لازوال حيات بخشي ڇڏي آهي. انور جي ڀٽائيءَ سان محبت يا مرشد سان حجت جو عالم هو، جو کيس دنياداريءَ ۾ ڪا به تڪليف ڪو ڏک پهچندو هو، ته انور ڀٽ شاهه ۾ هڪ ڪتاب رکرائي ڇڏيو هو، جتي هو پنهنجي انداز سان وڃڻ شرط ڪا نه ڪا سٽ لکي چوندو هو، ته مون ڀٽائي سرڪار جي ديس ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي آهي. اهڙي ايف آءِ آر جون ڪاپيون مونکي ان ڏينهن هڪ ڪتاب ۾ نظر آيون، جيڪو زرار پيرزادي مهرباني ڪري مون کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ڀٽ شاهه تي ڀٽائي سرڪار وٽ داخل ڪرايل ايف آءِ آرز ۾ هن جيڪا ايف آءِ آر، ملڪ الموت خلاف پنهنجي جوان پٽ جي ڪمهلي موت تي درج ڪرائي آهي، سا پڙهڻ کانپوءِ هر حساس دل جون اکيون آليون ضرور ٿينديون. انور پنهنجي لکڻين ۾ ڀٽائي سرڪار کي شاعريءَ جو ديوتا سڏيو آهي.
انور جو اهڙو پيار سنڌ ديس سان ۽ اهڙي دانهن، ڀٽائيءَ در ٻڌي، مون کي پوري پڪ آهي ته سندس نالو سدائين روشن رهندو. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ هر ان ٽهيءَ جي ٽهڪن ۾ زندهه رهندو، جن جو ويساهه آهي ته تخليقڪار، ڌرتيءَ تي فرشتن جي روپ ۾ اچن ٿا ۽ انياءَ خلاف وڙهندي پرين جي ديس اڏامي وڃن ٿا، پر سندن يادون خوشبوئن جيان گڏ رهن ٿيون.



انور پيرزادو
جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق
حسن مجتبيٰ
سنڌ، موهن جو دڙو، ڀٽائي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز جو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ انهن شين گڏجي انور پيرزادو ٺاهيو هو بلڪل فراق گورکپوري چواڻي:
مت سهل همين جانو ڦرتا هي فلڪ برسون،
پهر خاڪ سي پردي سي انسان نڪلتا هي.
سنڌ ملڪ جي خاڪ مان نڪتل هي افتادگ خاڪ يعني ”مٽيءَ-هاڻو ماڻهو“ جنهن کي ”انور پيرزادو“ سڏين ٿا، ٺهڻ ۾ صديون لڳنديون آهن.
موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان نڪتل اهو ماڻهو، جنهن جو نالو محمد پريل (انور پيرزادو) هو، مٽيءَ-هاڻو ماڻهو هو ۽ مٽيءَ-هاڻن ماڻهن ۾ بلڪل ايئن آيو هو جيئن ڀٽائي چيو هو:
ماڻڪ مٽ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو
هي سنڌ جي اونداهي ۾ سوجهرو ڦهلائيندي ڦهلائيندي اونداهي ۾ گم ٿي ويو، پر پٺتي ڇڏي ويو آهي روشني. سندس ڳالهين جي، شاعري جي، لکڻين ۽ تخليقن جي، تقريرن جي، انٽرويوز جي، ڪچهرين ۽ رولاڪين جي، کوجنائن ۽ ڊسڪورين جي، عشق ۽ يارين جي، مهم جوئين جي ۽ محبتن جي. دلين ۽ دل وارن جي ننڊن پٺيان ڪچي جي پڪي چورن جيان ۽ سنڌ ۽ انهيءَ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جي ووڙ پٺيان ڪنهن پيروڊي جيان.
انور پنج هزار سالن جو پراڻو سنڌي ۽ ويهين توڻي ايڪويهين صديءَ جو ماڻهو هو. ڪتاب ۾ ڏنل انٽرويوز هن جي تقريرن يا بحثن ۾ هڪ پراڻي سنڌ جي مستند ڪٿا ۽ نئين سنڌ جو ويزن آهي جنهن جو سرچشمو هو بنيادي طرح ڀٽائي جي شاعري کي سمجهي ٿو. هڪ اهڙي سنڌ جو ويزن جيڪو عورت جي مڪمل آزادي کانسواءِ اڻپورو آهي ۽ انور اهڙن آدرشن ۾ ويساهه جو عملي مظاهرو پنهنجي گهر ۽ پنهنجي ڳوٺ مان ڪيو. هن جي ڳوٺ ۾ عورتن جو تعليم سان چاهه ۽ جاڳرتا ۾ انور جو ئي وڏو هٿ هو. هن ڪتاب ۾ ڪيئين هنڌن تي سنڌ جي سمورين عورتن کي هن ڊاڪٽر زبيده پيرزادي ڏسڻ پئي گهريو. هو عورت مٿان تشدد ڪندڙ ۽ ڪارو ڪاري ڪندڙ سنڌي مرد ۽ سنڌ مٿان مستقل قومي مصيبت، ڌاڙيل کي مڙس ماڻهو ته ڇا پر غيرت جي غين جي ويجهو به نٿو سمجهي.
مونکي لڳندو آ انور سنڌ ڄائو ۽ سنڌ جي کوجنا واري رل پن ۾ هڪ ٻيو رچرڊ برٽن هو. اوهان ڀل رچرڊ برٽن کي سٺو نه سمجهندا هجو پر هو شخص به پنهنجي دور جي سنڌ بابت پنهنجن مشاهدن جو ”انور پيرزادو“ هو. پر انور سنڌ کي رچرڊ برٽن نه پر سسئي ٿي ڪري جهاڳيو هو. انور ۽ انور جي لکڻين جي جيڏي اڄ لوڙ آهي اوتري شايد اڳ به هئي. ڇو ته هو ڀٽائي جي سر رامڪلي جهڙو، موهن جي دڙي جو ماڻهو، اڌوتي، اڙٻنگ، صوفي، لاڪوفي، مذهبي انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي جو ڪٽر مخالف سنڌي ليکڪ ۽ انسان دوست فنڪار هو. حيرت ڪو نه ٿيندي جو ڀٽ شاهه تي صوفي يونيورسٽي وارو انور جو لکيل خواب ۽ ويزن واري ڳالهه، هاڻوڪي پي پي پي حڪومت چورائي ورتي هجي.
هو هڪ جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق هو، هو خطرناڪ سنڌ پرست نه هو. سنڌو درياءَ جي ڪروڙن سالن جي ڪٿا کان وٺي، سنڌ جي فاتحن جي گهوڙن، ٽئنڪن، لانگ بوٽن توڻي قلم هٿان لوئجڻ خلاف هو لاڳيتو ويڙهه ۾ هو.
هو واحد سنڌي شاعر ۽ صحافي هو جنهن اڳوڻي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش)، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ فوجي آپريشنن خلاف لکيو، پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي واري سنڌ مان تحريڪ جي رپورٽنگ ڪندي، جيل قبوليا.



انور پيرزادو
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي
سائل پيرزادو
انور پيرزادو، عجيب سحر انگيز شخصيت جو مالڪ هو. هن جنهن سان به زندگيءَ جا ٻه پل گذاريا، ان کي ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت سمجهه ۾ اچي ويو ته:
جڏهانڪر ٿيام؛ ساڃاهه سپيرين سين؛
تڏهانڪر تر جيترو؛ ويل مَ وسريام؛
اندر روح رهيام؛ سڄڻ اوطاقون ڪري.
انور پيرزادي صاحب ڪيترين ئي دلين ۾ پيار جا آشرم اڏي ڇڏيا هئا، جيڪي اڄ هن جي وڇوڙي کانپوءِ اُداس آهن. اڄ به اسان جي شهر جو علينواز ڏاهري، هڪ ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهي ته؛ ”ڀٽائيءَ جي آسڻ تي انور سان ٿيل ملاقات، منهنجي زندگيءَ جا ڪارج ڀريا لمحا آهن. ڇا ته ان جون ڳالهيون هيون، ڇا ته هن جو انداز هو. مون کي ڀٽائيءَ جا ڪيئي ڀيرا پڙهيل بيت به هن جي واتان نوان لڳي رهيا هئا.“ ائين چوڻ کان پوءِ، سندس اکيون ماڪَ ڀِنيون مُکڙيون بڻجي وينديون آهن.
هينئر تازو ئي جڏهن انور صاحب جي ورسيءَ جون تقريبون اخبارن ۾ رپورٽ ٿي رهيون هيون،  ته مٺيءَ مان منهنجي پياري دوست ۽ سهڻي شاعر، امر ساهڙ جو هي ميسيج مون تائين پهتو ته، ”يار! انور پيرزادو ڪمال جو ماڻهو هو. هن سان منهنجي هڪ دفعو مٺيءَ ۾ مختصر ملاقات ٿي هئي، پر اڄ تائين سندس انسان-دوست، روشن ۽ سدابهار شخصيت جي ڇاپَ، سندم حواسن تي حاوي آهي. اهڙا ماڻهو الائي ڇو ايترو جلدي وڇڙيو وڃن، جيڪي سنڌ جا حقيقي ويڄ هوندا آهن.“ دوست جي ان ميسيج منهنجي اکين جي موسم تبديل ڪري ڇڏي.
انور پيرزادي سنڌ کي ڀٽائيءَ جي اکين سان ڏٺو هو. هُن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان مارئيءَ وانگر محبت هئي. سندس پير سدائين سنڌ جي سفر ۾ رهيا. جڏهن به ٿر تي ڪَڪرن وسڻ جا ويس ڪيا، گجڻ گوڙ لاتي، وِڄ چمڪاٽ ڪيا، تڏهن انور صاحب جا پير ڪارونجهر جا لڪ لتاڙڻ لاءِ بيچين ٿي پوندا هئا ۽ هو پياسي مورَ جيان ڊوڙ پائي ٿر وڃي پهچندو هو. هيءُ فطرت جو عاشق ماڻهو، دُور دُور تائين پکڙيل مينهوڳيءَ کانپوءِ سايون ٿي ويل ڀِٽن جي حُسن ۾ ڄڻ تحليل ٿي ويندو هو ۽ دُور ڪٿان تنبوري جي تارن مان ڀٽائيءَ جو سُر سارنگ گونجڻ لڳندو هو؛ ”اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا“ ته ڪارونجهر جي ڪور تي مور رقص ڪرڻ لڳندا هئا ۽ هُن جا مترنم ٽهڪ جڏهن ڪارونجهر جي چوٽين کي فلائنگ ڪِسِ ڪندا ها ته ماحول وجداني ٿي ويندو هو.
انور پيرزادو فقط هڪ فرد نه هو پر هُو هلندڙ ڦرندڙ يونيورسٽي هو، جنهن جا ڪيترا ئي شعبا ها. جنهن ۾ تحقيق جو شعبو، صحافت جو شعبو، سياست جو شعبو، شاعري ۽ ادب جو شعبو. هن هلندڙ ڦرندڙ يونيورسٽيءَ جا سمورا شعبا فعال ۽ نمايان هئا. هُن جي زندگيءَ جي سمورن پهلوئن جو ڇيد هن تحرير ۾ ڪرڻ منهنجي وَسَ جي ڳالهه ناهي. سندس ڊگها مزاحمتي نظم، جن ۾ هن هڪ دور جي تاريخ سهيڙي ڇڏي آهي ۽ اهي سندس نظرياتي پهلوءَ کي چٽو ڪن ٿا ۽ ايندڙ دور جي مورخ کي ۲۰هين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ اسان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال پرکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، انهن جي اهميت ۽ افاديت جو مان قطعن انڪاري نه آهيان، پر مونکي سندس ننڍڙا نظم وڌيڪ وڻندا آهن:
ڇو ٿي ڀٽڪين،
جُهڙ جي ڪَڪري،
رات رهي وڃ،
اکڙين ۾.
هن سحر انگيز شخصيت جي مالڪ سنڌ جي هن عظيم انسان جي وڇوڙي کي اڄ ڇَهَه سال گذري ويا آهن پر ائين ٿو لڳي ڄڻ هُو هاڻي هاڻي اسان کان موڪلائي ويو آهي.



انور پيرزادو
ڀٽائي جي لاڏلي جو وڇوڙو
مير نادر علي ابڙو
سياري جي سرد هوائن ۾ مٺي شهر جي ڀٽن وچ ۾ انور پيرزادي جي لاڏاڻي واري خبر پڙهي سرير مان سياٽيون نڪري ويون. سنڌ کان هڪ مهان ڪردار، هن لاءِ سپنا سانڍيندڙ، ڀٽائي جو پارکو، سچو انسان جدا ٿي ويو، جنهن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي جهڪڻ نه سکيو، هميشه حق ۽ سچ جو علم هٿ ۾ کڻي انسانيت جو پرچار ڪندي بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي بلند رکيو.
انور پيرزادي جي وڇوڙي بعد سنڌ جي صحافتي ۽ ادبي دنيا ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته ساڻس منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۶ع ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ ٿي هئي. تڏهن هن سنڌ جي پياري انسان انور پيرزادي مون کي اڻ ميو پيار ڏيندي پڇيو هو ’ابا ڪنهن جو پٽ آهين؟‘ مون وراڻيو ’ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو‘، ته پاڻ وري اٿي اچي ڀاڪر پائي ٻيهر مليو هو. ان کانپوءِ ڪڏهن ٻيهر انور پيرزادي سان ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، وقت جي گهٽتائي ۽ زماني جي مسئلن سبب لک ڪوششن  باوجود وري ڪڏهن ملڻ جو موقعو نه مليو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته هو سنڌ جو انتهائي وڏو ذهن، پارکو انسان هو. جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ويهندو هو، ته لفظ گهٽجي ويندا هئا، وقت ختم ٿي ويندو هو پر هو ڳالهائيندو رهندو هو، جيڪو اڄ هميشه لاءِ ماٺ ڪري، منهن موڙي اسان کان هليو ويو. اڄ سموري سنڌ هن جي لاڏاڻي تي سوڳوار آهي. ادبي لڏي کان ويندي صحافتي لڏي تائين سمورا حلقه انور پيرزادي جي لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ اڻ ميو نقصان قرار پيا ڏين. شايد وري ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙو ڪردار جنم وٺي سگهي. هڪ ته اسان وٽ اڳيئي اهڙن ماڻهن جي کوٽ هئي ته ٻئي طرف انهن جي لاڏاڻن سموري ادبي کيتر جي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاش اهڙن مهان انسان جي قدر داني سندن زندگي ۾ ٿئي؟!
انور پيرزادو ڪيترو وقت موت سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهندو رهيو ۽ هن وچ ۾ هن جي دل تان ڇا ڇا گذري هوندي ۽ اسان جا هن لمحي جيڪي رويا هن سان رهيا، يقينن، انهن به هن کي ڪجهه گهڙين لاءِ احساس جي دنيا۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪيو هوندو. منهنجو بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته پنهنجي علم دوست ڄاڻن جي قدر ڪرڻ جو فن سکو، اها ئي قوم ترقي ڪري سگهندي، جيڪا انهن جي سار لهندي پر اسان اهو سڀ فن وساري ويٺا آهيون. اهو ئي ڪارڻ آهي. جو اسان مان وقت سان گڏ قدرداني وارو فن پنهنجي موت پاڻ مرندو ٿو وڃي، اسان انهن مهان انسانن لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، سواءِ انهن جي لاڏاڻن تي لڙڪ هارڻ جي.
هاڻ اسان کي اها لڙڪ هارڻ واري رسم پوري ڪرڻي پوندي، انهن جي جيون ۾ ئي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪرڻي پوندي، انور پيرزادي جيڪي سنڌ لاءِ خدمتون سر انجام ڏنيون، هن جي موٽ ۾ هن لاءِ ڪهڙا مسئلا پيدا ٿيا، هن کي ڪيترو ڪجهه ڀوڳڻو پيو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هميشه هڪ وڏو حصو رهندو. اسان ماڻهن کي انهن مهان ڪردارن مان ڪجهه حاصل ڪرڻ کپي ۽ انهن ڪردارن کان هاڻ فراريت اختيار ڪرڻ جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته انور پيرزادي جيڪي رٿائون جوڙيون اسان تن تي عمل ڪريون۔ هن جا سنڌ لاءِ ڏٺل خواب پورا ڪيون. انهي عمل سان جتي انور جي روح کي سڪون ملندو ته اتي وري انهن جا سپنا پنهنجي منزل ماڻي سگهندا.
ڌڻي در دعا آهي ته شل الله پاڪ کيس سنڌ جي لاڏلي لطيف گهوٽ جي پارکو هن امر انسان انور پيرزادي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.

(هلال پاڪستان، عوامي آواز، سنڌ، عبرت، هلچل، سنڌو، مقدمو، سڪار، خبرون، فيصلو، تعمير سنڌ، سوڀ)



انور پيرزادو
شاعر، محقق، صحافي ۽ لطيف شناس
رضوان گل
نوان سال اميدن ۽ خوشين جا پيغام کڻي ايندا آهن، پر سال ۲۰۰۷ سنڌ لاءِ شروعات ۾ ئي ڳوڙهن، سڏڪن ۽ غمن جون ڀريون ٻڌي آيو هو. انهن سڏڪن جون صدائون سنڌ جي جهر جهنگ مان پڙاڏو ٿي ان ويل گونجڻ لڳيون جڏهن سنڌ جي عاشق، شاعر، آرڪيالاجسٽ، صحافي ۽ محبتي انسان انور پيرزادي جي لاڏاڻي جي خبر ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿي هئي.
لِٽل ماسڪو سڏجندڙ ڏوڪري تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجي) ۾ ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي جنم وٺندڙ محمد انور ولد شفيع محمد پيرزادو پنهنجي تخليقن ۾ اڄ به اسان وٽ موجود آهي، ڇوته موت ڪڏهن به ڪنهن تخليقڪار ۽ جاکوڙي عاشق کي ماري مات ڏئي ناهي سگهيو. انور پيرزادي پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ مڪمل ڪري سن ۱۹۶۲ ۾ مئٽرڪ ۽ بي اي ۱۹۶۷ ۾ ڪرڻ بعد ۱۹۶۹ ۾انگلش ايم اي ڪئي.
اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ارپي جاکوڙيندا آهن سي خود تاريخ بڻجي ويندا آهن ۽ تاريخ ڪڏهن به ناهي مرندي. انور پيرزادو پڻ اهڙن فردن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي تاريخ، آرڪيالاجي، جاگرافي، ٻولي، صحافت ۽ ڀٽائي جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي جديد فڪري بنيادن آڌار نئين سر متعارف ڪرايو. ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ شامل بيتن جي درست پڙهڻي، ذڪر ٿيل حالتن، واقعن ۽ مقامن بابت کيس کوجنا ڪرڻ جو پڻ جنون هو. ڪچهريءَ ۾ سندس گفتگوءَ جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ پنهنجائپ وارو هو، جنهن ۾ سندس مشاهدي جي روشنيءَ مان ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ۽ حقيقتون رونما ٿينديون هيون. ٿر، ڪاڇي، وچولي ۽ اٽڪ جي پهاڙن کان ويندي انڊس ڊيلٽا جي وسيع ميدانن تائين هن سموري خطي جو مشاهداتي سفر ڪيو.
انور پيرزادي کي ڀلي ته بنيادي طور شاعر ۽ صحافي چيو وڃي پر سندس سڃاڻپ جو هڪ ٻيو حوالو هڪ جاکوڙي آرڪيالاجسٽ وارو پڻ آهي. انهيءَ ڳالهه جو اندازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن سندس وفات کان ٻه سال اڳ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي آفيس ۾ انور پيرزادي سان هڪ ڀرپور ڪچهري ٿي. منهنجو سبجيڪٽ جاگرافي هئڻ سبب اسان جي ڪچهريءَ جو گھڻو موضوع پڻ جاگرافي، جيالاجي ۽ آرڪيالاجي رهيو. انور پيرزادي جي ڳالهين ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون صداقتون هيون جن کي اڄ تائين ڪنهن به لکت ۾ ناهي آندو. هو جتي به ويو نه فقط اتان جي زميني حالات جو مشاهدو ڪيائين، پر ان علائقي جي ٻولي، لهجي، محاورن ۽ موسمي حالتن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. هو ڪنهن به علائقي جي مٽي ڏسي ٻڌائي وٺندو هو ته ان ۾ ڪيتري زرخيزي آهي ۽ ان علائقي ۾ برساتون ڪيتري مقدار ۾ پوندڙ آهن. پاڻ ٿاڻي احمد خان مان پنڊ پهڻfossils  پڻ گڏ ڪيا هئائين. جهڙيءَ ريت پاڻ اتان جي زميني حالتن بابت تفصيل پئي ٻڌايائين ان مان اهو اندازو ٿي رهيو هو ته هن اتان جو چپو چپو سٺيءَ ريت ووڙيو آهي.
جاگرافي ۽ آرڪيالاجي بابت جيڪا ڄاڻ جي کاڻ انور پيرزادي وٽ هئي سا سطحي نه، پر گهرائيءَ سان مشاهدو ڪيل ۽ ذاتي طور ورتل جائزي جو نچوڙ هئي. هن جهر جهنگ لتاڙي سنڌوءَ جي پراڻن وهڪرن جو سير ڪيو. کيرٿر، هالار ۽ ڪارونجهر جي معدني ذخيرن کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان به هن ڪيترن ئي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ اهڙيون تجويزون ڏنيون، جن تي جيڪڏهن عمل ٿي ته هوند اسان جا اهي معدني ذخيرا ملڪ لاءِ تمام گهڻو فاديمند ٿي پون.
ذڪر ڪيل ملاقات ۾ انور پيرزادي مون کي صلاح ڏني ته جاگرافي توهان جو سبجيڪٽ آهي ۽ ادب ۾ به ڪم ڪيو ٿا. سائين ظفر حسن کان پوءِ سنڌ ۾ اوهان ئي واحد فرد آهيو، جيڪي هڪ ئي وقت جاگرافي ۽ ادب جي شعبن سان سلهاڙيل آهيو. اوهان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جاگرافيائي اهڃاڻ“ عنوان تحت ڪم شروع ڪيو، جنهن سان توهان کي شاهه سائين کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڪريڊٽ به ملندو ۽ هڪ نئين رخ سان شاهه صاحب تي ڪم به ٿي سگهندو. مون کي اها صلاح ايتري وڻي جو مون ان تي عمل ڪندي هڪ تحقيقي مقالو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو آهستي آهستي طويل مقالو بڻجي رهيو آهي، ڇو ته اڄ تائين اها اسائنمينٽ مڪمل نه ٿي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به شاهه سائين کي پڙهندو آهيان ته ان ۾ جاگرافيائي اهڃاڻن جي حوالي سان ٿيل ذڪر کي مقالي ۾ شامل ڪري ان ۾ اضافو ڪندو رهندو آهيان.
انور پيرزادي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”متان وساريو“، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”سنڌ“، ”ڀٽائي“، ”بمبئي ياترا“ ۽ ”انٽرويو ۽ تقريرون“ شامل آهن. انور پيرزادي وٽ انيڪ موضوع هئا جن تي هن ڪم پئي ڪرڻ چاهيو، سندس خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو عام ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن کي تحقيقي نوعيت وارا ڪم ڪرڻ لاءِ اتساهيندو هو، جنهن جو ننڍڙو مثال آءٌ مٿي پيش ڪري آيو آهيان. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سندس بي انتها عشق هيو. هو چوندو هو ”منهنجو وس هجي ته جيڪر سموري دنيا سنڌ بڻائي ڇڏيان.“ انور پيرزادي جو ڪيل پورهيو سنڌ جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڪم ڪندڙ محققن لاءِ کين بنيادي مواد (Source Material) طور ڪم ايندو. انور پيرزادو گهڻ پاسائون شخص هو جنهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز به غير روايتي هو. اهڙو جو ٻين لاءِ روشنين جا نوان در کوليندڙ. سندس ادب، صحافت، تحقيق ۽ آرڪيالاجي ۾ ڪيل پيار ڀرئي پورهئي مان اسان کي ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.



انور پيرزادو
ڀٽائي جي لاڏلي جو وڇوڙو
مير نادر علي ابڙو
سياري جي سرد هوائن ۾ مٺي شهر جي ڀٽن وچ ۾ انور پيرزادي جي لاڏاڻي واري خبر پڙهي سرير مان سياٽيون نڪري ويون. سنڌ کان هڪ مهان ڪردار، هن لاءِ سپنا سانڍيندڙ، ڀٽائي جو پارکو، سچو انسان جدا ٿي ويو، جنهن ڪڏهن ڪنهن موڙ تي جهڪڻ نه سکيو، هميشه حق ۽ سچ جو علم هٿ ۾ کڻي انسانيت جو پرچار ڪندي بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي بلند رکيو.
انور پيرزادي جي وڇوڙي بعد سنڌ جي صحافتي ۽ ادبي دنيا ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ٿيو آهي. مون کي ياد آهي ته ساڻس منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۶ع ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي وٽ ٿي هئي. تڏهن هن سنڌ جي پياري انسان انور پيرزادي مون کي اڻ ميو پيار ڏيندي پڇيو هو ’ابا ڪنهن جو پٽ آهين؟‘ مون وراڻيو ’ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جو‘، ته پاڻ وري اٿي اچي ڀاڪر پائي ٻيهر مليو هو. ان کانپوءِ ڪڏهن ٻيهر انور پيرزادي سان ملڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، وقت جي گهٽتائي ۽ زماني جي مسئلن سبب لک ڪوششن  باوجود وري ڪڏهن ملڻ جو موقعو نه مليو. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته هو سنڌ جو انتهائي وڏو ذهن، پارکو انسان هو. جڏهن ڳالهائڻ لاءِ ويهندو هو، ته لفظ گهٽجي ويندا هئا، وقت ختم ٿي ويندو هو پر هو ڳالهائيندو رهندو هو، جيڪو اڄ هميشه لاءِ ماٺ ڪري، منهن موڙي اسان کان هليو ويو. اڄ سموري سنڌ هن جي لاڏاڻي تي سوڳوار آهي. ادبي لڏي کان ويندي صحافتي لڏي تائين سمورا حلقه انور پيرزادي جي لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ اڻ ميو نقصان قرار پيا ڏين. شايد وري ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙو ڪردار جنم وٺي سگهي. هڪ ته اسان وٽ اڳيئي اهڙن ماڻهن جي کوٽ هئي ته ٻئي طرف انهن جي لاڏاڻن سموري ادبي کيتر جي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. ڪاش اهڙن مهان انسان جي قدر داني سندن زندگي ۾ ٿئي؟!
انور پيرزادو ڪيترو وقت موت سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهندو رهيو ۽ هن وچ ۾ هن جي دل تان ڇا ڇا گذري هوندي ۽ اسان جا هن لمحي جيڪي رويا هن سان رهيا، يقينن، انهن به هن کي ڪجهه گهڙين لاءِ احساس جي دنيا۾ جهاتي پائڻ تي مجبور ڪيو هوندو. منهنجو بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته پنهنجي علم دوست ڄاڻن جي قدر ڪرڻ جو فن سکو، اها ئي قوم ترقي ڪري سگهندي، جيڪا انهن جي سار لهندي پر اسان اهو سڀ فن وساري ويٺا آهيون. اهو ئي ڪارڻ آهي. جو اسان مان وقت سان گڏ قدرداني وارو فن پنهنجي موت پاڻ مرندو ٿو وڃي، اسان انهن مهان انسانن لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، سواءِ انهن جي لاڏاڻن تي لڙڪ هارڻ جي.
هاڻ اسان کي اها لڙڪ هارڻ واري رسم پوري ڪرڻي پوندي، انهن جي جيون ۾ ئي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪرڻي پوندي، انور پيرزادي جيڪي سنڌ لاءِ خدمتون سر انجام ڏنيون، هن جي موٽ ۾ هن لاءِ ڪهڙا مسئلا پيدا ٿيا، هن کي ڪيترو ڪجهه ڀوڳڻو پيو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هميشه هڪ وڏو حصو رهندو. اسان ماڻهن کي انهن مهان ڪردارن مان ڪجهه حاصل ڪرڻ کپي ۽ انهن ڪردارن کان هاڻ فراريت اختيار ڪرڻ جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته انور پيرزادي جيڪي رٿائون جوڙيون اسان تن تي عمل ڪريون۔ هن جا سنڌ لاءِ ڏٺل خواب پورا ڪيون. انهي عمل سان جتي انور جي روح کي سڪون ملندو ته اتي وري انهن جا سپنا پنهنجي منزل ماڻي سگهندا.
ڌڻي در دعا آهي ته شل الله پاڪ کيس سنڌ جي لاڏلي لطيف گهوٽ جي پارکو هن امر انسان انور پيرزادي کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.

(هلال پاڪستان، عوامي آواز، سنڌ، عبرت، هلچل، سنڌو، مقدمو، سڪار، خبرون، فيصلو، تعمير سنڌ، سوڀ)





انور پيرزادو
او چنڊ... .او چنڊ
مهتاب اڪبر راشدي
سالن مٿان سال گذرندا پيا وڃن، وقت واريءَ وانگر هٿن مان ترڪندو پيو وڃي، ۲۰۱۱ع جو سج به پنهنجي تمام تر تلخين سميت سنڌ جي افق مان غروب ٿي چڪو. ”تلخ“ ان ڪري چيم جو، سنڌ جي نصيب ۾ خوشين جي جهونگار ڄڻ ته رهي ناهي... .سو، جڏهن سال موڪلائي ويو، ته ان سان گڏ اُها ڪڙاڻ به وئي، جيڪا سنڌين جي زبان، ذائقي، سوچ ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي. پر... ڀائنجي ائين ٿو ته سالن گذرڻ سان، گذريل ساعتن جو حساب ڪتاب ته رکي سگهجي ٿو، پر دردن جي تسلسل کي روڪڻ شايد ممڪن نه ٿو رهي. نئين سال اچڻ سان ايندڙ وقت لاءِ اميد جا ڏيئا ٻارڻ ۾ هرج ته ڪوئي ڪونهي، اميد جي چڻنگ نه هجي ته شايد زندگي گهارڻ به ڏکي ٿي پوندي... سو هم وطنو! اميدِ بهار جي انتظار ۾ شجر سان به پيوسته رهڻو ئي پوندو.
گذرندڙ ماهه و سال جو حساب ڪندي، جڏهن هٿ ۾ ستين جنوريءَ تي ٿيندڙ انور پيرزادي جي ورسيءَ جو ڪارڊ مليم ته ڄڻ اندر جا چاڪ ٻيهر چڪي ويا. سنڌ جي مٽيءَ ۾ محو خواب سنڌ جو محبوب! جنهن کي پنهنجن پيارن کان جدا ٿئي اٺ سال گذري ويا آهن؟ يقين ڪو نه پئي آيم...  پر وقت ايترو ئي ظالم آهي، وڃي ٿو گذرندو...  اسان جي هٿ اچي ئي ڪو نه ٿو، نه وڇڙي ويلن کي ٻيهر ٿو مِلائي نه وڃڻ وارن کي روڪي ٿو سگهي. منهنجي هٿ ۾ سندس پيارن ٻارن پاران ٺاهيل ”انور پيرزادو اڪيڊمي“ پاران ڇپرايل ٻه ڪتاب هٿ ۾ آهن ”ڀڻ جهڻ“ ۽ ”مهين جو دڙو“. هنن جي طرفان اِها هڪ ڪوشش آهي، جوت جلائي رکڻ جي...  انور جي ياد کي تازي رکڻ جي...  هنن جي تحريرن کي گواهه بنائي رکڻ جي...  ماڻهن کي ياد ڏيارڻ جي... ته ڏسو ههڙو به هڪ مجنون هيو، جنهن لاءِ هُن جي ”ڀُونءِ“ ليليٰ مِثل هئي، هُن لاءِ هو پنهنجي مٿان ته پٿر کائي پئي سگهيو، پر پنهنجي محبوبه مٿان ته ڪک به نه پئي سٺائين. ڪيڏي نه چاهه سان، ڪيڏي نه پيار سان هن سنڌ جي سينڌ پئي سينگاري، سڏي سڏي پئي ٻڌايائين، ”اڙي! اچو ڏسو ته سهي، منهنجي سنڌ ڪيڏي نه سهڻي آهي! توهان هن جا واهڻ ته ڏسو، هن جا شهر ته گهمو...  هن جا ٻني ٻارا ڏٺا اٿوَ! ٿر جا پيچرا گهميا اٿوَ؟ ننگر پارڪر اڃان ڪو نه ويا آهيو؟ مار! ته باقي توهان سنڌ ۾ ڏٺو ڇا آهي؟ نه ٻيلي ائين ڳالهه مزو نه ڪندي... سنڌ ته وک وک تي پوڄڻ لائق آهي... ڇو ته هيءَ منهنجي ڌرتي آهي... منهنجو عشق، منهنجو جيئڻ... ۽ شايد مرڻ به... .
بس! انور پيرزادو اِهو ئي هو، سراپا عشق، سراپا محبت، هن جي سوچ ۽ قلم هن ڌرتيءَ جي امانت رهيو ۽ اُن لاءِ ئي وهندو رهيو. اڄ اٺن سالن کان پوءِ، جڏهن هو ظاهر جي اک کان لڪل آهي ته به يقيناً چاهيندو هوندو ته ساڻس هن مٺڙيءَ سنڌ جون ئي ڳالهيون ڪجن. هن به ڀٽ ڌڻيءَ تائين پنهنجو نياپو پڄائڻ لاءِ چنڊ کي ئي منتخب ڪيو هو، سو مان به چنڊ کي منٿ ٿي ڪيان ته مان جيڪو ٻڌايان سو جيئن جو تيئن، ٻلڙهيجي جي قبرستان ۾ سڪون سان ستل انور کي وڃي ٻڌاءِ. منهنجو نياپو ٻڌي، پهرين ته کلندو، ڇو ته اسان جي ملاقاتن ۾، جنهن ۾ شمشير (حيدري) به اڪثر شامل هوندو هو، ڳالهيون مسڪراهٽن سان شروع ٿينديون هيون ۽ ٽهڪن تي ختم ٿينديون هيون... پر اي چنڊ! جڏهن تون انور کي اِهو ٻڌائيندي ته، شمشير جون اکيون تنهن جي وئي پڄاڻان، ڪنهن کي ڏسڻ کان نابري واري بيٺيون آهن. هن جي آواز جي روشني ته کِڙيل آهي، پر اکين جي جوت رُسي ويئي آهي، ته هو ڏاڍو ڏکارو ٿيندو. اي چنڊ! کيس اِهو به ٻڌائجان ته تنهنجي وئي پڄاڻان، سنڌو ڏاڍي مستيءَ ۾ آيو، ايڏو جو سنڌ جي سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ جي سالن جي اُڃ وڃي اجهائي آيو...  اِن حد تائين جو نه واهڻ ڇڏيائين نه شهر... سنڌو جو ساڄو پاسو ته بس پاڻي ئي پاڻي هو... بس پوءِ ڇا ٻڌايان، ٻه سال گذري ويا، سنڌ جو شينهن درياءُ ته وڃي پنهنجن حدن ۾ سمٽيجي ويو، پر سنڌ جا  ڳوٺ، واهڻ، شهر، روڊ ۽ رستا ائين ڀڄي ڀُري ويا آهن، جو اڃان به سامت ۾ ڪو نه آيا آهن. ٻوڏ ته آئي ۽ ماڻهن کي آزمائش ۾ وجهي ويئي، پر سياستدانن جي سياست ۽ حڪومت جي سچائي ۽ ڪامورن جي اهليت تان به نقاب هٽائي مٿن به پاڻي ڦيري هلي وئي، پر انور! هي سڀ نڪ جا وڏا پڪا نڪتا. مجال جو شرم ۽ ندامت جو ڪو ڦڙو سندن پيشانيءَ تي نمودار ٿيو هجي، سنڌي ماڻهو ته توکي خبر ئي آهي ته پنهنجن محبتن ئي ۾ مار کائيندا آهن، اِها ته هاڻي وڃي کين خبر پئي آهي ته ”جنين لاءِ مُياس، سي ڪانڌي به ڪين ٿيا“. ها البته، حڪومت ٻيا گهڻا ڀال هنن سان ڀلايا آهن، قسمين قسمين ڪارڊ هنن ۾ رانديڪن وانگر ورهايا اٿائون ته جيئن هو انهن ۾ ريڌل هجن، وچڙيل هجن ۽ مٿو پٽيندا وتن. انهن ڪارڊن جا نالا به ڏاڍا ڀَلا آهن، ”بينظير ڪارڊ“، ”وطن ڪارڊ“، ”پاڪستان ڪارڊ“!!... ماڻهو هاڻي انهن ڪارڊن کي اکين تي رکي، چمي سيني سان لڳايون ويٺا آهن... بسيار خواري، مسئلو هنن جو حل ٿيو يا نه، اِها خبر ناهي اي چنڊ! اِهو به انور کي ٻڌائجانءِ ته ٻئي سال وري باقي رهي سهي ڪسر برساتن پوري ڪري ڇڏي. هن دفعي وارو سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ وارن جو هو، برساتون ايڏيون وسيون جو انور! تون اِهو ڏسي يا ته هراسجي وڃين ها يا زور زور سان کلين ها ته سنڌ جي صحرا ته جل ٿل ٿي وئي، پر مِٺيءَ جي پسگردائيءَ ۾ به ٻيڙيون هلڻ لڳيون. ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جهڙن وڏن شهرن سميت ڪيترائي شهر مهينا پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهيا ۽ حڪومت سميت اسان سڀ اِن کي الله طرفان آيل آفت سمجهي، رب جي رضا تي راضي ٿي ويهي رهياسين، ها البته هتي به هاڻي، رنگي به رنگي ڪارڊن جي راند اڃان جاري آهي. پڇاڻو ته پاڻ ڪنهن کان به ڪو نه ڪندا آهيون، سو اڃان به سنڌي ماڻهو ڪنهن کان ڪو نه ٿو پڇي ته هو ايترا نڌڻڪا ڀلا ڇو آهن؟ ها چنڊ! اِهو به کيس ٻڌائجانءِ ته پوين ڪجهه سالن ۾ قومپرست به ڪجهه وڌيڪ چرپر ۾ اچي ويا آهن. شايد ايندڙ چونڊن ۾ به ڪي حصو وٺندا نظر اچن، ڇو ته سنڌين جي محبوب پارٽي، پيپلز پارٽي... پٽڙيءَ تان ڪجهه لٿل ٿي نظر اچي... ڪٿي گم ٿي وئي آهي... بينظير جي وڃڻ پڄاڻان پنهنجي شناخت جي تلاش ۾ آهي، نعره به اوترائي زور سان لڳندا آهن، پر جوش مڙوئي گهٽبو پيو وڃي... ها پر، پنهنجن اتحادي پارٽين کي خوش رکڻ ۾ پيپلز پارٽي پنهنجا اڳيان پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي. انور! توکي اِهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته سنڌ جي حڪمران ڌُر بلڪل ”صوفين“ جي نقشِ قدم تي پئي هلي، مجال جو ڪنهن کي رنجائي؟ ايم ڪيو ايم، رُسي ته ڏسي! او، الهه تلهه گروي رکي به انهن ڀائي بندن کي گهرئون وڃي پرچائي وٺي ايندا. چون ٿا ته اِها ”مفاهمت“ جي پاليسي آهي، ان ۾ ڪنهن کي ”رنجائيو“ ناهي، ها. باقي پنهنجن ماڻهن کي ڀلي، کڏ جي تري ۾ اُڇلايو. انور! تو ته اِهو ڏاڍو سُٺو ڪيو جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ سيکاري وئين ۽ سرڪاري نوڪرين جي چڪر ۾ کين نه وڌئي. ائين هجي ها ۽ تون موجود هجين ها ته ڏاڍو پريشان ٿئين ها. خبر اٿئي هاڻي ته پنهنجا ملڻا جُلڻا ۽ ڏسڻا وائسڻا وزير به ڪنهن چڱي ڀلي کي ڪو نه ٿا سڃاڻن... سفارشون، ڪنهن چڱي وقت ۾ هلنديون هيون، هاڻي ته هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ باباءِ قوم حضرت قائدِ اعظم کي ئي تڪليف ڏيڻي پوندي ٿي. ٻڌو اٿئون ته، هر جاءِ ۽ هر آفيس ۾ ڪمن ڪارين جا ريٽ ڪارڊ موجود آهن، وقت وڃائڻ بنا، ئي مقصد جي ڳالهه ٿيو وڃي. آهي نه سنڌ ترقيءَ جي گامزن!
اي چنڊ! معاف ڪجانءِ توکي گهڻي تڪليف پئي ڏيان، پر انور کي اَپ ڊيٽ ڏيڻ ضروري آهي. اَپ ڊيٽ تي ياد آيو ته منهنجي سيڪريٽري انفارميشن واري دور ۾ Sindh up date نالي جيڪو ڪتاب مون، توکان ۽ شمشير الحيدريءَ کان لکرايو هو، سو ۲۰۰۱ع کان وٺي حڪومتي آءِ سي يو ۾ حالتِ نزع ۾ رهڻ کان پوءِ ۲۰۱۲ع ۾ جيئرو ٿي ساهه کڻي، پڌرو ٿي چڪو آهي. موجوده سيڪريٽري اطلاعات ممتاز علي شاهه مون کي ان جي مبارڪ ڏيندي، ۱۰ ڪاپيون موڪلي ڏنيون آهن. مون کي ڪتاب ۾ توهان جو لکيل ايڊيٽوريل (جيڪو مون ئي منظور ڪيو هو) جيئن جو تيئن ڪتاب ۾ موجود ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. حق بحقدار رسيم جي مصداق جنهن محنت ڪئي، اُها سڀني جي سامهون اچي وئي ۽ سنڌ واسين کي، سنڌ متعلق، بلڪل تازه ترين انگ اکر ۽ جائزو، حوالي طور ميسر ٿي ويو، سو انور! تنهنجي هن ورسيءَ تي سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران، تنهن جي لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي، اميد ته قبول ڪندين، شمشير کي اڃان ڪو نه ٻڌايو اٿم، توکي هي نياپو موڪلي، پوءِ کيس فون ڪنديس، هو ڪتاب ڏسي ته نه سگهندو، پر اِها خبر ٻڌي خوش ضرور ٿيندو.
چنڊ! انور کي اِهو به ضرور ٻڌائجانءِ ته هاڻي رات جو سنڌ واسين جون اکيون گهڻي ڀاڱي اُڀ ۾ ئي کُتل هونديون آهن، ڇو ته هاڻي پاڻ وري پٿر جي دور ۾ واپس وڃڻ جي تيارين ۾ آهيون. بجليءَ جا ٿنڀا ته لڳل آهن، پر بجلي ناپيد، سو ماڻهو گهڻي زماني کان پوءِ وري رات جو اُڀ ۾ کڙيل تارن کي به ڏسي سگهن ٿا ۽ چانڊوڪيءَ جو مزو به وٺن ٿا. اهڙا ئي تارا، کين ڏينهن جو به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. جڏهن، پليٽ فارم تي ريل نه ٿي اچي، جي موجود آهي ته هلي ڪو نه ٿي، بسون نه ٿيون هلن جو، ڪڏهن پيٽرول ڪونهي، ڪڏهن ڊيزل ڪونهي ته ڪڏهن سي اين جي غائب. انور، تون ته هونئن به مُهين جي دڙي جي تهذيب جو قدر دان رهيو آهين، سو هاڻي خوش ٿي ته اها ڏاند گاڏي جيڪا مهين جي دڙي مان ملي هئي ۽ جيڪا اڄ به اسان جي اتر سنڌ ۾ هلي پئي. شڪر جو موجود آهي، ڇو ته عنقريب اسان سڀ ٻيهر انهن ڏاند گاڏين ۽ ٽانگن ۾ سفر ڪندا نظر اينداسين، آهي نه خوشيءَ جي ڳالهه. قرآن پاڪ ۾ به ته اِهو ئي چيو ويو آهي نه، ”هر شيءِ کي پنهنجي اصل ڏانهن ئي موٽڻو آهي“.او چنڊ! هيءَ ڳالهه، ضرور انور کي پڄائجانءِ، مون کي خبر آهي، ٿورو ڏکارو ته ٿيندو، پر کيس ٻڌائڻ ضرور آهي ته اسان جي مادرِ علمي، جتي هو پاڻ به پڙهي ۽ پڙهائي آيو آهي، جيڪو، سنڌ جي درويش صفت عالم علامه آءِ آءِ قاضي جو خواب هئي، جتي سائين غلام مصطفيٰ شاهه جهڙا پرجوش استاد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا جاکوڙي، رضي الدين صديقيءَ جهڙا محنتي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جهڙا استاد رهيا، جن سنڌ يونيورسٽيءَ کي علم جو هڪ روشن چراغ ڪري اُجاريو، جتي هر ڪو علم جي چڻنگ سان پنهنجو سينو گرمائڻ لاءِ اتي اچي پهچندو آهي. سا ساڳي سنڌ يونيورسٽي مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي. اسان جا شاگرد، شاگرد ٿي رهڻ بجاءِ (پڙهڻ بنا) باقي سڀ ڪجهه ٿيڻ چاهين ٿا. اُتي هاڻي، شاگردن ۽ ملازمن کان پوءِ بندوقن جو رخ استادن ڏانهن کڄي چڪو آهي. ڄامشوري جون مست هوائون، بارود جي بوءِ سان ڳريون ٿي ويون آهن. هاسٽلون خالي ۽ ڪلاس روم ويران ٿي ويا آهن. استادن ۽ انتظاميه کي ايس ايم ايس ذريعي سڌري وڃڻ جا پيغام پيا ملن... سو انور! سنڌ جو شاگرد پڻ ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، پاڻ کي هاڻي ٻاهران ڪنهن دشمن جي ضرورت ئي ناهي. شڪر الحمد لله ان معاملي ۾ اسان سنڌي هميشه وانگر هاڻي به خود ڪفيل آهيون. جيئي سنڌ!
سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ هڪ شخص اٿيو آهي. چوي ٿو ته اچي لطيف جي اڱڻ تي گڏ ٿيو... ڏسو ته ڪيئن نه ٿي تبديلي اچي؟ پر سچ ته اِهو آهي ته تبديليءَ جي آس اسان سڀني کي آهي... مان ته اِهو ٿي چوان ته اڄ نه ٻڌايوسين ته ڪڏهن ٻڌائينداسين؟ ڪاش! تون هجين ها ته ان موضوع تي تنهنجا ٻه چار ڪالم ضرور شايع ٿين ها. ۽ ادا چنڊ! تون ضرور ٿڪجي پيو هوندين، پر هيءَ آخري ڳالهه انور کي ٻڌائڻ ڏاڍي ضروري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اسان جي پياري حڪمران پارٽي، پيپلز پارٽي پنهنجي صوفي عقيدي جي لڄ رکندي، پنهنجن حڪومتي ڀائيوارن ۽ ڀائي بندن ايم ڪيو ايم کي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ نون صوبن ٺاهڻ جي لاءِ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو نه صرف واعدو ڪيو آهي، پر ان سان ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺي آهي. نواز شريف تي پٽ پاراتا جام آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ ٻئي جي تاريخ، جاگرافي بيان پئي ٿئي، هن مهل ته سڀ پيپلز پارٽي وارا، ايم ڪيو ايم وارن کي هُشي ڏيڻ ۾ پورا آهن، پر اِهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته هتي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ انتظام هئڻ جي باوجود، هڪ ضلعو ٺاهي ڏيڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ناهن. اُها پيپلز پارٽي ان مهل ڪهڙي پاليسي اختيار ڪندي، جڏهن ”انتظامي“ بنيادن تي، سنڌ ۾ به ڪنهن صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه نه اُٿندي؟ پوءِ انور، تون ئي ٻڌاءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا سنڌي ماڻهو، ”مفاهمت“ جي ٽياس تي ٽنگجڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طرح سان تيار ڪري؟ انور! توکي وڌيڪ پريشان نه ٿي ڪرڻ چاهيان، بس، الله ڀلي ڪندو، سڀ ٺيڪ ٿيندو... رب کي ٻاجهه پوندي، پنهنجو رب کانسواءِ ٻيو آهي ڪير؟ بس تون پريشان نه ٿي.


انور پيرزادو
جيئڻ جو اتساهه ڏيندڙ ۽ شعور جي مشعل هو
حميده گهانگهرو
اڄ انور پيرزادي جي ۱۲ هين ورسي آهي. ۲۰۰۷ع جي صبح سان ٽي وي جي اسڪرين تي انور پيرزادي جي لاڏاڻي جي  خبر مسلسل هلي رهي هئي. هيءَ خبر ڪيتري تڪليف جوڳي هئي تنهن جو اندازو نٿو ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ جو انسانن جو وڇوڙو ته زندگي ۾ ازل کان ابد تائين هڪ اٽل حقيقت آهي. ڀلا ڪير ڪيترو جيئرو رهندو؟ پر ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن جي سڃاڻپ تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر رهندي آئي آهي. انور پيرزادو هڪ ڏاهو انسان، محقق، ذهين صحافي، سنڌي ادبي سنگت جو سرواڻ، هر ڪنهن کي ميڙي گڏ ڪرڻ وارو، ڀٽائي جي بيتن جو پارکو، اديب، دانشور، مارڪس، ۽ لينن جو پرچارڪ ظاهري طرح سنڌي سلڇڻو سٻاجهڙو، هر ڪنهن جي مهمان نوازي ڪري ٽهه ڪن جي خوراڪ سان آجيان سندس شان رهيو. ڀلا اهڙي گهڻ رخي شخصيت خاموش ٿي سگهي ٿي؟ سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اجرڪ ۾ ڍڪيل سندس سرد جسم ڄڻ ماءُ تنجڻن ۾ ٻڌي پنهنجي جهول ۾ سمهاريو ۽ سندس جنم جو نالو هن دنيا ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
انور پيرزادو سنڌ جي انهن مهان علمي ادبي شخصيتن مان آهي جن طبقاتي نظام سان مزاحمت ڪندي هميشه ڌرتيءَ واسين ۽ انساني بنيادن تي سڄي دنيا جي ڏتڙيل غريب محڪوم عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ ڪيترا دفعا کيس جيل جي سختين کي بردباريءَ سان منهن ڏيڻو پيو. بهترين نوڪري، بهترين آرائش ۽ آسائش جي زندگي گذارڻ کان وڌيڪ حق، سچ ۽ انصاف لاءِ قلم کي اهميت ڏني ۽ ڪچهرين، تقريرن، تجزين، تبصرن ذريعي شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي صلاحيتن پٽاندر شعور جي مشعل سان ٻلهڙيجي ۾ عورتن جي سجاڳي ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي. جيڪڏهن انگ اکر گڏ ڪبا ته سنڌ جي مڙني ڳوٺن ۾ ٻلهڙيجي نمايان هوندو جتي عورت جي آزادي ۽ آواز کي اجاگر ڪيو ويو آهي. قلم ذريعي تخليقي صلاحيتن ۽ سماجي سرگرمين ۾ ٻلهڙيجي کان سفر ڪيل سڀ باشعور عورتون سنڌ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهنديون هجن پر سندس شعور جي سڃاڻپ ٻلهڙيجي ۽ ٻلهڙيجي جي سڃاڻپ انور پيرزادو رهيو آهي.
ڪن جو خيال آهي ته انور صاحب ۾ سنڌيت هئي. امڙ جي ٻولي ۽ جهولي ته ڪنهن به نه وساري آهي. امڙ جي محبت ۽ پيار پاٻوهه مان سندس جهوليءَ جي آسيس ئي انسان کي محبت ۽ انسانيت جو جذبو سيکاري ٿي باقي بي حسيءَ جي دنيا ۾ ته ڪيترا مثال آهن جو تڙپندڙ مائرن کي ڪاري اوندهه ۽ تپش واري آسمان هيٺان ڇڏي ويندا آهن. انهن وٽ ٻوليءَ جي قدر قيمت ۽ احساس توڻي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه هوندي آهي. انسان ته هڪ دفعو وار ڪري ماريو ويندو آهي. پر اهڙا ماڻهو ته انسانيت کي هر وقت ڳڀا ڳڀا ڪري سماج جي سڀني قدرن کي قتلام ڪري ڇڏيندا آهن. انور پيرزادو صاحب جيڪڏهن سماج جي ريتن رسمن ۽ ثقافت کي به قدر جي نظر سان ڏٺو ته ان پويان ان سنڌي پورهيت جو پورهيو ۽ عقلمندي هئي. ڏسڻ ۾ هر وقت سندس ڪلها اجرڪ سان ڍڪيل ڄڻ ثقافت ۽ تهذيب کي بچائڻ جو بار سندس ڪلهن تي هجي.
سندس باشعور ۽ نظرياتي سڃاڻپ تڏهن پوي ٿي جڏهن تمام ڏکين حالتن ۾ به سندس قلم ۾ سگهه ايتري آهي جو لکي ٿو. ”جنرل ضياءَ جي دور ۾ سنڌ اندر جيڪڏهن شهيدن جو هڪ نجو قبرستان ٺاهجي ها ته شايد مڪليءَ جي قبرستان کانپوءِ وڏو قبرستان هجي ها.“
هو سنڌ جي تاريخ جي سڀني شهيدن جا انگ اکر گڏ ڪري اهو تجزيو ٿو ڪري تاريخ ۾ اهڙي ڳڻپ ڪري اها جرئت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هو تاريخ ٺاهيندڙ هو تاريخ ڊاهيندڙ نه. ٻي جاءِ تي وري سندس جرئت اهڙيءَ طرح ئي ظاهر ٿئي ٿي. هن کي ڪنهن پارٽيءَ جي پرواهه نه هئي ۽ سندس نذير عباسيءَ کي ڏنل ڀيٽا واري سوچ ڏسو. ”مون کي جڏهن شهيد نذير عباسي ياد ايندو آهي ته ڀٽائي صاحب جو هيءُ بيت ٻُرڻ لڳندو آهي:
اکيون ڪڍ مَ ڳجهڙي، تارا تون مَ کاءُ،
ٻيو نه پسين پٽ ۾، ريٻڙ يارو راءُ،
جيئري جنهن جوان کي، لڳا نو سو گهاءَ،
رات جنهن جي ماءُ، روئي پرتئو رب کي“.
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انور صاحب جي هٿ ۾ جيڪڏهن ڪميونسٽ ميني فسٽو آهي تڏهن به سندس سوچ جو محور ڪهڙو آهي پر جيڪڏهن شاهه جو رسالو کڻي ڪنهن سر کي پڙهي رهيو آهي ته ان ۾ به سندس انقلابيت جي تلاش رهي ٿي. بيت کي پڙهندي سندس ڀيٽا جي وضاحت هن ريت آهي ۽ شاهه صاحب لاءِ مبهم انداز ۾ سندس تجزيو آهي چوي ٿو ته ”هن بيت ۾ ڪهڙي شهيد جو ماتم آهي. اهو شاهه عنايت شهيد به ٿي سگهي ٿو ته اهڙو ڪو گمنام شهيد به هجي جيڪو انهن ڦلنگين سان وڙهي ڳڀا ڳڀا ٿي ويو هجي. جن جو ذڪر ڀٽائي صاحب سر سريراڳ ۾ ڪيو آهي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهو شهيد اهڙو عام سنڌي هجي جيڪو ۱۶۸۹ع ۽ ۱۷۵۲ع جي وچ ۾ ڪنهن لمحي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿيو هجي. بهرحال هن دور ۾ جڏهن مان اهو بيت پڙهندو آهيان ته اهو بيت جيڪڏهن جهوڪ واري شاهه عنايت لاءِ به لکيو ويو هو. تڏهن به ڄڻ هن بيت جو هيرو شهيد نذير عباسي آهي. ڇاڪاڻ جو هن دور ۾ سنڌي هارين جو انقلابي سرواڻ ۽ هن ويهين صدي وارو شاهه عنايت در حقيقت نذير عباسي آهي. نذير عباسي لاءِ مان ڪهڙي صفت استعمال ڪيان اهو مسئلو ايڏو ئي ڏکيو آهي جيڏو  هيٺ ڏنل سٽ لکڻ وقت ڀٽائي صاحب محسوس ڪيو هوندو. اها سٽ آهي:
”مون کان مطالعو نا ٿئي سندي سور صفت“
نذير عباسي دراصل ان درد جي دانهن جو نئون جنم هو“ ۽ لکي ٿو ته ”اسانجو شهيد هڪ سچو انقلابي هو ۽ رت ڏيڻ وارو مجنون هو. هن جي اها حقيقت ان وقت به برابر هئي جڏهن هو ٻارڙو هو ۽ جڏهن هو عام سنڌي ماڻهو ٿي اسريو تڏهن به هو ساڳيو انقلابي هو ۽ جڏهن شاگرد سياست جي ابتدائي مرحلي ۾ سنڌي قومپرست هو. تڏهن به هو انقلابي هو. جڏهن هو مزدور سياست ۾ آيو، ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيو. هن جي ڪميونزم واري سوچ ڪا ڪتابي نه پر ڌرتيءَ جي مسڪين عوام جي اکين مان ڳڙندڙ لڙڪ جيان اندر جي اڌمي جي پيداوار هئي“. لکي ٿو ته، ”مون ڪڏهن به نه ڏٺو ته ڪنهن ڏکي وقت ۾ کيس ڪونرڙ تي گهنج آيو هجي“.
انور پيرزادو جنهن کي مان ڀاءُ، ساٿي ۽ سنڌ جي شعور جو استاد سمجهان ٿي سندس لکڻين جي وضاحت سندس قلم جي لکيل ڪجهه ٽڪرن تان کڻي مون پنهنجي سوچ ۽ ذهني هم آهنگي جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن به مون ادا انور کي ڏٺو، ٻڌو، سمجهيو ته هو هڪ ڀرپور انقلابي هو. ان ڪري مان هميشه چوندي آهيان ته انور پيرزادو پنهنجي سوچ ۾ انقلابي هو. سندس لکڻي ٻڌائي ٿي جڏهن چوي ٿو ”اسانجو نذير عباسي“. ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه آهي ته جنهن پارٽيءَ سان نذير عباسي واڳيل رهيو اهي ساٿي وڇڙجي ويا. ڪي وڃي ٻين پارٽين ۾ پير کوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ڪي وري وڇڙيل ويراڳ دل ۾ سانڍي چون ٿا ”اسان جو نذير عباسي“، انور پيرزادو انهن مان هڪ هو.
هاڻي جيڪڏهن اهو چئجي ته اڄ سندس ورسي آهي ته پوءِ ڪهڙي ورسي، ورسي ته وڇڙيلن جي هوندي آهي. جيڪي تاريخ جو باب بڻجي وڃن اهي وڇڙيل نه پر لاٽ جيان ٻرندا نظر ايندا. مون کان اهو وقت ڪڏهن به نه وسرندو جڏهن ڏسي هڪ استاد وانگر پڇيائين ته حميده ڪيترو لکڻ کي اڳتي وڌايو اٿو ۽ مان فرمانبردار پر بهانن واري شاگرد وانگر چوندي هيس ته ادا بس ٻئي دفعي ضرور ڪتاب مڪمل ڪنديس سندس منهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب تي لکيل مهاڳ منهنجي لاءِ تمام گھڻو حوصلي وارو رهيو آهي. هر ماڻهوءَ ۾ اوڻايون پوڻايون هونديون آهن. مان به ڪا فرشتو نه آهيان پر جدوجهد جي حوالي سان اهي چيل لفظ ته ”عشق مان شادي ڪيل سنڌ جي شاندار انقلابي نوجوان مڙس جي فوجي ٽارچر سيل ۾ موت جي خبر ٻڌندڙ هيءَ عورت اڃان زنده آهي!! اهو به هڪ سياسي معجزو آهي“. لکي ٿو ته، ”نذير شهيد آهي ۽ هيءَ زندهه شهيد آهي“.
بلڪل جڏهن به ماڻهو ڪنهن وڇڙيلن کي ياد ڪندو آهي ته بلڪل ائين جيئن مان ادا انور جي چيل لفظن کي ياد ڪندي رهندي آهيان. ڇاڪاڻ جو مان هن لکڻيءَ ۾ ڪا الڳ روايت قائم ناهي ڪئي. وڇڙي ويل جون يادون ئي ساريون وينديون آهن. جيڪو منهنجو ادا انور سان رشتو هو سندس قلم جي زباني مان پنهنجي قلم ۾ سميٽيو آهي. هميشه سچن انسانن جي ڏنل حوصلي تي ماڻهو زندهه رهي سگهي ٿو. جيڪڏهن مان زندهه آهيان ته انهيءَ حقيقت سان زندهه آهيان نه ته معاشرو ته مارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو. منهنجو پيڙا جو سفر دراصل تڏهن وڏو حوصلو ۽ مون ۾ سگهه پيدا ڪري ٿو جڏهن ادا انور پيرزادي جو لکيل مهاڳ پڙهجي ٿو.
اڄ سندس اولاد، انور پيرزادو اڪيڊمي جي تحت کيس ياد ڪري ٿو، سڀني کي ميڙي هڪ ماڳ تي روشن خياليءَ سان لکڻين کي ڪتابي شڪل ۾ هر دفعي سڄاڻ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي لئبريرين کي رونق بخشي ٿو. اميد آهي ته پيءُ جي ٻاريل مشعل کي سندس اولاد انور پيرزادو اڪيڊمي جي نالي ۾ روشن رکندي.


انور پيرزادو
ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ سنڌ کي ڳوليندڙ
گل مورو
ڪنهن به ماڻهوءَ جي صلاحيتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ان جي ڳالهه ٻولهه مان ئي خبر پئجي ويندي آهي ته هي شخص ڪيترو فڪري ۽ فني حوالي سان ڪيترن سارن صلاحيتن جو مالڪ آهي ۽ هن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون ۽ خاميون آهن. انهيءَ حوالي سان ڏٺو وڃي ته موهين جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ انور پيرزادي جي لکيل ڪتاب “انٽرويو ۽ تقريرون” ئي جائزي طور پيش ڪري سگهجن ٿيون جيڪڏهن رُڳي سراسري طور تي جائزو وٺجي ته سنڌ جي ناليواري اديب حسن مجتبيٰ هن مٽي هاڻي ماڻهو بابت مهاڳ ۾ ئي سندس لکڻين جو خوبصورت عڪس جيڪو پيش ڪيو آهي ۽ پريت واري پنڌ کي پروڙيو آهي ان مان ئي ثابت ٿئي  ٿو ته واقعي به هي مٽي هاڻو ماڻهو جنهن کي انور پيرزادو سڏين ٿا ان جي جوڙڻ ۾ صديون لڳنديون آهن.
حسن مجتبيٰ جي هن چند سٽن مان ئي هن مٽي هاڻي ماڻهو انور پيرزادي جي خوابن جو تصور ۽ سندس آفاقي فڪر جي تصوير سندس بي چين روح، اوچي ڳاٽ سان اڄ به ڀٽائي جي آڳنڌ تي مور فقير جي اوتاري تي تنبوري جي تار تي ڀٽائي جا بيت ور ور ورنائي رهيو آهي ۽ سنڌو سڀيتا جي خوبصورت سپني کي ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهي ته؛
ماڻڪ مٽ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو (ڀٽائي)
هي موهين جي دڙي جي مٽي هاڻو ماڻهو گگهه اونداهي جي انت لاءِ ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ روشني جي تلاش ۾ هو ۽ ڪراڙ ڍنڍ تي جڏهن به ويهي ڪري مور فقير جي ميخانو پنهنجي سپنن ۾ سمائي ور ور وايون ورنائيندو هو ته اُتي به کيس هڪڙو ئي عڪس ۽ جواب ملندو هو ته ڀٽائيءَ جي فڪر جي موجودگي ۾ سنڌ کي ڪنهن ٻئي فڪر جي ضرورت ناهي ۽ اها حقيقت به آهي ته انور هميشهه ڀٽائيءَ جي ٻولي ۽ ان جي سُرن سان خوبصورت نموني سان نڀايو ڇو ته انور جي زندگيءَ جو جيڪڏهن نقشو چٽيو وڃي ته ان لاءِ سنڌ موهين جو دڙو، ڀٽائي، سوڀي ۽ اياز سنڌ جي سون ورني چيڪي مٽي ۾ سنڌوءَ جو پاڪ پويتر پاڻي اوتي مٽي ڳوهي محمد پريل “انور پيرزادو” ٺاهيو هو تڏهن ته سنڌ ۽ ڀٽائيءَ جي عاشق انور جو عڪس حسن مجتبيٰ پنهنجي لفظن ۾ هينئن چٽيو آهي ته ؛
“انور پيرزادو هڪ جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق هو سنڌ جي هر ٺڪر ڀتر، لاڙ وچولي، ڪاڇي، اُتر ڪوهستان، مورڙي جي ماڳ، ڪراچيءَ جي سر سر سان پيار ڪندڙ ۽ ان لاءِ مهاڏو اٽڪائي بيهندڙ ماڻهو هو. هو روشني جو سفير هو ان ڪري هن کي هر قسم ۽ هر سطح جي جهالت ڪٽرپڻي توڙي اهو مذهبي هجي يا نظرياتي، ساڄي هجي يا کاٻي، نسلي هجي يا ذاتي يا قومي انور ان کي هڪ وڏي نانهن سان تڙيندو هو. ڄڻ ته پنهنجن ويچارن ۾ هوا جي سخت مخالف ڏيئو ٻاري ويٺل شخص هو. هو واحد سنڌي شاعر ۽ بيباڪ صحافي هو جنهن اڳوڻي اوڀر پاڪستان هاڻوڪي بنگلاديش، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ فوجي آپريشن خلاف دليري سان لکيو ڪڏهن به آڻ نه مڃيائين. انور بابت وڌيڪ حسن مجتبيٰ لکي ٿو ته مون کي لڳندو آ انور سنڌ ڄائو ۽ سنڌ جي کوجنا واري رُل پن ۾ هڪ ٻيو رچرڊ برٽن هو. هوءَ شخص به پنهنجي دور جي سنڌ بابت پنهنجن مشاهدن جو انور هو پر انور سنڌ کي رچرڊ برٽن نه پر سسئي ٿي جهاڳيو هو. انور ۽ انور جي لکڻين جي جيڏي اڄ لوڙ آهي اوتري شايد اڳ ۾ به هئي ڇو ته هو ڀٽائيءَ جي سُر رام ڪلي جهڙو موهين جي دڙي جو ماڻهو اڌوتي، اڙٻنگ صوفي، لاڪوفي، مذهبي انتهاپسندي ۾ ۽ بنياد پرستي جو ڪٽر مخالف سنڌي ليکڪ ۽ انسان دوست فنڪار هو. هي مٽي هاڻو ماڻهو جنهن کي انور پيرزادو سڏين ٿا هن جو خواب ۽ تصور به اهو هو ته سنڌ مذهبي ڪٽرپڻي کان خالي هجي ۽ سنڌ ۾ هڪ خوشحال ۽ سوراج جو سپنو موجود هجي”.
ان ڳالهه ۾ ڪو به  شڪ ناهي ته ڪي ماڻهو فني ۽ فڪري حوالي سان ايترا ته ڳنڍيل ۽ مضبوط ارادن جا ماڻهو هوندا آهن جن جي سوچ سڃاڻپ جي خوشبو، تخليقي صلاحيتن جي سونهن ۽ سچائي فطري حسن مان نظر ايندي آهي انور به پنهنجي قلم ذريعي سياست، ادب، صحافت، تاريخ ۽ سماج تي پوندڙ منفي سوچن ۽ رجعت پسند خيالن جي ناسور جي خاتمي لاءِ علمي ڏاهپ ذريعي هر مورچي تي ڀٽائيءَ جي فڪر کي سهارو سمجهي مور فقير جي اوتاري تي رکيل وزيٽر بوڪ ۾ ايف آءِ آر جي شڪل ۾ پنهنجي پيارن جي لاڏاڻي تي ڀٽ ڌڻي جي در تي پنهنجا سور به اوريندو رهيو ته فريادون، دانهون ۽ شڪايتون به درج ڪندو رهيو. هن جي مقصود منزل سنڌ جي اونداهي ۾ سوجهرو ڦهلائڻ هئي سنڌ سان هر دور ۾ ويساهه گهاتيون ۽ ڌرتي تي ڌارين جون جيڪي ڪاهون ٿينديون رهيون يا وري اڄ تائين جيڪي سنڌ سان وارتائون ٿين پيون انهن جو حل ڳولڻ لاءِ هن ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ فڪري سوچ کي پنهنجو رهبر بڻايو هو. جڏهن به ڪنهن جهريل جهوپڙي کي ڪو واچوڙو اچي وڪوڙيندو هو ته پنهنجي ويچارن ۾ شيخ اياز جون سٽون ور ور پيو ورنائيندو هو ۽ هر ڏيهه ڌڻي کي ڏيئي ٻارڻ جو ڏس ڏيندو هو ته؛
ڏيئو ٻار ڏيئو ٻار
تنهنجي ڌرتي ديپ ڌڪاريا
تون نه ڌڪار
ڏيئو ٻار ڏيئو ٻار
انور هميشهه ڏيئو ٻارڻ جي تلاش ۾ هو ۽ هن گگهه اونداهه کي ٽارڻ لاءِ ڏيئو ٻاري روشني ڏيارڻ پئي چاهي ته جيئن سماج ۾ جيڪا اونداهي واري رات کٽي ئي نه ٿي ان ۾ نئين باک ڦٽڻ جي تمنا هئي. اهڙو ئي عڪس انور جي انٽرويوز ۾ جڏهن سنڌ جي نامياري ليکڪ انور ابڙي پرکيو ته هن سندس تعارف هن ريت ڪرايو هو ته “جيڪڏهن سنڌ ۾ آيل ڪو پرڏيهي ماڻهو مون کان پڇي ته سنڌي ماڻهو ڪيئن ٿيندا آهن؟ ته مان کيس سڌو انور پيرزادي وٽ وٺي وڃان ۽ کيس چوان ته اجهو سنڌي ماڻهو هينئن ٿيندا آهن ڇو ته انور پيرزادي انٽرويو ڏيندي سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل ان اڳيان چند لفظن ۾ بيان ڪندي چيو هو ته ڀٽائي جي فڪر جي موجودگي ۾ سنڌ کي ڪنهن ٻئي فڪر جي ضرورت ناهي ڀٽائي جو فڪر ئي انور جو سپنو هو. هو اڄ به موهين جي دڙي جي ڀڪ ڀرسان بيهي ڪري ٻيجل جيان ٻولي رهيو آهي ته مون کي هاڻ وري ڀٽائي ڳولي ڏيو ڇو ته ڀٽائي کان سواءِ سندس ٻيو ڪو رهنما ئي ڪو نه هيو.جنهن شخص جو ڀٽائي رهنما هجي اهو شخص ڪيڏو نه ڀاڳوند شخص هوندو سو واقعي به انور ڀٽائيءَ سان اهڙو ئي عشق ڪيو. هن صحافت ۾، ادب ۾، سياست ۽ سماج جي تبديلي لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي اها به ڀٽائيءَ جي فڪري سوچن کي نظر ۾ رکي ڪئي هئي تڏهن ته اڄ به سنڌ جو هر ماڻهو کيس ڀٽائيءَ جو عاشق تسليم ڪري ٿو جهڙي ريت چند صديون اڳ جرمني جي ٻولي ماهر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌ ۽ سنڌين کي ڀٽائي ڳولي ڏنو هو ائين انور به ڀٽائي سنڌين کي ڳولي ڏئي ڪري سنڌ جو تصور سهيڙي ڏنو هو ته ڀٽائي جي ٻولي کان سواءِ نه سنڌ نه وري سنڌي ماڻهو زندهه رهي سگهي ٿو ان ڪري ڀٽائي جي فڪر هوندي ڪنهن ٻئي فڪر جي ڪا به ضرورت ناهي. سو ڀٽائي جي عاشقن جو جڏهن به تاريخ جي ورقن ۾ ذڪر ٿيندو رهندو اُتي منهنجي نظر ۾ انور پيرزادي جو ذڪر به ٿيندو رهندو ۽ هي واقعي به ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي جي شاعري جي سٽ سٽ ۾ سنڌ جي هر مسئلي جو حل ڳولي ورتو هو اهڙا ماڻهو ئي تاريخ جي ورقن ۾ ياد رکيا ويندا آهن.




انور پيرزادو صاحب
ٻلهڙيجي جو ٻاٻيهو
قاضي آصف
هميشه کلڻو، نهٺو، سڀني کي پيار ڏيندڙ، سنڌ ۽ دنيا جي مظلوم محڪوم عوام جو عاشق، سائين انور پيرزادو، ڪڏهن ڪنهن ان ماڻهو کان وسري وڃي جيڪو هڪ دفعو به ساڻس مليو هجي، ممڪن ئي ناهي. ماڻهن کي محبتون، عزتون ڏيڻ جو سندس پنهنجو معيار ۽ طريقه ڪار هو.
اسان جي شعور اک پٽي ته ٻلهڙيجي جي ٻاٻيهي جي صدا ٻڌڻ ۾ آئي، اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان، نئون گهاڙيٽو، نئين پڪار، نوجوان نسل کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ورتو. ائين ناهي ته سندس جو انگ سنڌ ۽ ان جي عوام سان اڙيو هو، اهو فقط لفاظي هو، لفظن تائين محدود هو. پنهنجي ڳالهه پاڙڻ لاءِ هن جيل به ڪاٽيو، ته پنهنجي  ڪيريئر جي به پرواهه نه ڪئي.
ياد ناهي ته سائين انور سان پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي پر اهو ياد آهي ته ساڻس ڪو پراڻو تعلق رهيو هو. سياسي سرت، ادبي، يا تحقيقي ميدانن ۾ سندس ڪم هڪ سند بڻجي ويو. موهن جي دڙي سان سندس انسيت، ان جي باري ۾ ڪم. ادبي ۽ تحقيقي ميدان ۾ انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي جي جوڙي اهڙي اڳڀري ٿي، جن ڪيترا ئي پنڌ سٽيا، منزلن مٿان منزلون طئه ڪري سنڌ جي جهول ۾ جديد تحقيق تي ٻڌل املهه ليک ۽ ڪتاب وڌا. اها تحقيق ۽ ڪتاب هر ايندڙ نسل لاءِ سورس مٽيريل طور ڪم ايندا رهندا ۽ مشعل راهه رهندا. بدر ابڙو صاحب اڃان به ريت کي نڀائيدو اچي. ويڙهيچن سان وچن تي قائم آهي.
انور پيرزادو صاحب، جڏهن سکر مان ڊان گروپ جي شام جي اخبار اسٽار کي رپورٽ ڪندو هو. اهو سنڌ جي ڏکين دورن مان هڪ هيو. پر هن صحافتي ڪمٽمنٽ تي ڪڏهن سودي بازي نه ڪئي نه ڪنهن سبب خوف جو شڪار ٿيو. توڙي جو بعد ۾ قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيون.
بعد ۾ سنڌي اخبارن جو هفتيوار تجزيو ڊان ۾ ڇپبو هو. جيڪا به هڪ نئين ۽ بهتر روايت رهي. ان سان دنيا کي اها خبر پوندي رهندي هئي ته سنڌي ميڊيا جو موڊ ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙن واقعن کي ڪيئن بيان ڪيو وڃي ٿو.
هو صحافت ۾ به سنڌ جي نئين نسل جو آئيڊيل رهيو. صحافت ۾ به سنڌ جي تاريخ، ادب، تحقيق، آرڪيالوجي کي اهميت ڏيندو هو. انڪري جو اسان جو اهو پاسو بلڪل خالي هو. انور پيرزادو صاحب، ڪراچي مان نڪرندڙ نئين انگريزي اخبار جا ايڊيٽر بڻيا. مان انهن ڏينهن ۾ ڊان گروپ جي شام جي اخبار اسٽار ۾ رپورٽر طور ڪم ڪندو هيس. مونکي پيرزادي صاحب جو نياپو مليو ته ساڻس ملان. مان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس. سندس نئين آفيس ۾ ڪچهري ٿي. چيائين توهان کي انڪري گهرايو آهي جو توهان اسان جي نئين انگريزي اخبار ۾ رپورٽر طور شامل ٿيو. گڏ ڪم ڪبو، مزو ايندو. مون وراڻيو حاضر سائين. پوءِ پڇيائين، پر اهو ته ٻڌاءِ اڄڪلهه توهان ڪهڙي اخبار سان ڪم ڪريو ٿا. مون کيس گذارش ڪئي ته سائين مان اسٽار ۾ ڪم ڪندو آهيان. چيائين يار اها ته مونکي خبر ئي ناهي. خاموش ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ چيائين، توهان پهريون ئي سٺي اداري سان ڪم ڪريو ٿا، مونکي اها خبر نه هئي. سٺو آهي ته توهان اتي ڪم جاري رکو، اسان کي اهو محاذ خالي نه ڇڏڻ گهرجي.
اهڙي گهري نظر رکندڙ، ۽ پنهنجن ماڻهن جو ڀلو چاهيندڙ انور صاحب، چاهيندو هو ته اسان جا ماڻهو هر جاءِ تي موجود هجن. ان لاءِ هن ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته سندس اخبار کي رپورٽرز جي ضرورت هئي، پر هن اهو ڏٺو ته پنهنجي ماڻهو کان هڪ سٺو ادارو نه ڇڏرايان.
پوءِ هڪ دفعو ٻيهر هڪ ريسرچ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي چيائين گڏ ڪم ڪنداسين. ان دوران سندس وڏي پٽ جو انتقال ٿيو. خبر پئي ٻلهڙيجي پهتس. ساڻس ڀاڪر ڀري مليس، جرئت ڪٿي هئي ته ڪهڙن لفظن سان کيس آٿت ڏجي. اندر ۾ ڀڳل، ٽٽل انور صاحب محسوس ٿيو پر پاڻ کي سنڀالڻ ۽ کلڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ڀرسان ويهاري چيائين، يار هي وڏي حادثو ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪراچي اچبو، پاڻ واري تحقيقي ڪم جي شروعات ڪبي.
ڪراچي آيا، گلشن حديد ۾ سندس گهر ويس، پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ويهاريائين. ساڳئي قرب، محبت سان پيش آيا، پر وڏي پٽ جي نقصان کانپوءِ، سندس لکڻ ڳالهائڻ اصل ۾ پاڻ کي پرچائڻ جي ڪوشش هئي، باقي انور پيرزادو صاحب ڪٿي وڃائجي ويو هو.
ڳالهين دوران، انور صاحب اٿيو، مٿان کان ڳوٿري لاٿي، ان مان ڪجهه ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ جهلي چيائين، آصف پهريون دفعو منهنجي گهر آيو آهين، سوچان ٿو توکي اهڙو تحفو ڏيان، جهڙو اڄ تائين تو کي نه مليو هجي. چيائين هٿ کول، منهنجي تري ته هڪ مڻيو رکيائين، آصف، پنج هزار سال اڳ خبر ناهي هي مڻيون، ڪنهن ٺاهيو ۽ ڪنهن لاءِ ٺهيو، مونکي موهن جي دڙي مان مليو، مان اهڙي سوکڙي ڪنهن کي ڏيندو ناهيان، تو کي ڏيان ٿو. هميشه ياد رکندين.
مان ڪهڙن لفظن سان سندس مهرباني مڃان، اها سندس محبت هئي. انور صاحب، توهان جو تحفو، توهان جي ياد هميشه ساڻ رهندي. انور صاحب جهڙا وطن جا عاشق، هر وقت پيدا ناهن ٿيندا. پر هر وقت نئين نسل جا ڀرجهلو رهندا آهن. وي لو يو انور صاحب!


انور پيرزادو
ڌرتي! مان توسان.......
مون کي خبر ناهي ته هن بحث کي ماٺ ڪڏهن ايندي ته سنڌ ڄائو، سنڌ جو ليجنڊ انور پيرزادو ”آخر ڇا هو؟“ جيڪڏهن اهو ئي سوال ائين پڇيو وڃي ته“انور پيرزادو ڪير هو؟” ته سنڌ ڇا،سنڌ جي دانش ڇا ان سوال جو جواب ٻلڙيهجي جا اهي جوان به ڏئي سگهن ٿا جيڪي هاڻي انور پيرزادو صاحب پڄاڻا انهن جي وارن ۾ به اڇاڻ جرڪي رهي آهي ۽ انهن کي اهو احساس ورائي رهيو آهي ته؛
”وار چاندي ڪئي، عمر ايڏي ٺڳي!“
چاندي وار ٿيندڙ نسل به ان سوال جو جواب بغير ڪنهن سوچڻ ۽ علمي مغالطي جي ڏئي ڇڏيندو ته ”انور پيرزادو ڪير هو؟“
پر اڄ ايترا سال گذري وڃڻ جي باجود ڊاڪٽر رسول ميمڻ کان ويندي ان ماما قربان پيرزادو تائين جيڪو اڄ پاڻ سڀ ٿڪ لاهي ٻلڙيهجي جي مٽيءَ ۾ ائين ڀري مٽي ٿي رهيو آهي جئين ٺڪر جو ڪچو ٿانءُ مٽيءَ ۾ رکڻ سان مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويندو آهي ۽ تمام گهڻي ڪوشش ۽ ڳولڻ سان به نه ملندو آهي.اهي فقير محمد لاشاري، بدر ابڙي، انب گوپانگ، رسول ميمڻ، ڊاڪٽر پٺاڻ ۽ اهي سڀئي ساٿي جنهن ساٿين جو ساٿ رهيو انور پيرزادي سان اهي سڀئي ان سوال کي ائين ئي تشنه ِ لب ڇڏي ويا آهن ته انور پيرزادو ڇا هو؟
ان سوال نما بحث کي جڏهن سنڌ جا نوان پراڻا صحافي ٻڌندا آهن ته اهو چئي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن ته
”اصل ۾ ته انور صاحب صحافي ئي هو نه؟“
ان سوال ۾ پاڻ هڪ سوال آهي ته
”صحافي ئي هو نه؟“
جڏهن انهن نون پراڻن صحافين کان اهو پڇبو آهي ته سنڌ جا اهي ڪهڙا صحافي آهن جيڪي پنهنجي هلت چلت ۾ سنڌي لڳن، جيڪي علم جا جبل هجن،جيڪي سنڌو دريا ۾ ٽپو ڏئي لهي پون، جيڪي گلگت کان ويندي ڪيٽي جي بندر تائين پاڻيءَ مٿان راند ڪندا اچن، جيڪي دريا جي پاڻيءَ تي لهي دريا جي ٻولي ڳالهائن، جيڪي وڻجارن سان ملي وڻجارا ٿي وڃن، جيڪي موهن جي دڙي جي تهذيب ۾ لهي اهي انسان ٿي وڃن جيڪي موهن جي دڙي جا اصل رهاڪو هُئا،جيڪي موهن جي دڙي ۾ لهي پنهنجي پاڻ کي ڳوليندا هجن،جيڪي چانڊوڪي رات ۾ ٻيا نظارا پسن ۽ ڪارين راتين ۾ ٻيا جلوا، جيڪي من جي ٻولي سمجهن، جيڪي موسيقيءَ سان ائين محبت ڪن جئين ننڊو ٻار پنهنجي ماءُ سان محبت ڪندو آهي يا اها ماءُ پنهنجي معصوم ٻار سان ڪندي آهي. جيڪي موسيقيءَ جي من ۾ لهي ابول چئي سڀن کي ڇرڪ ڀرائي ڇڏين.
جيڪي سنڌ جي محبت ۾ پاڻ ئي سنڌ ٿي وڃن جيڪي سنڌ لاءِ بانسري ٿي وڃندا رهن.
اهڙو ڪهڙو صحافي آهي جنهن مٿان شعور جي برسات ائين وسندي هُجي جئين پغيمبرن مٿان وحي جو وسڻ، جئين موهن جي دڙي تي مينهن جو وسڻ،جئين خميسي خان مٿان سرن جو وسڻ، اهڙو ڪهڙو صحافي آهي جيڪو ٻين کي به جئيڻ جا نوان نوان ۽ جديد گس ٻڌائيندو هُجي؟ هن وقت ته نالي چڙهيا صحافي پاڻ پنهنجي بت مان بيزار آهن جڏهن انهن کي بيزارگي گهڻي تنگ ڪندي آهي ته اهي پاڻ پنهنجي ڦاهي تي جهولي ويندا آهن.
پر انور پيرزادو صاحب ته بلڪل مختلف هو اهو شعور جو ڀنڊار هو،اهو سڀني جو دوست هو،اهو هن وڏي شهر ۾ پيسو ڪمائڻ نه آيو هو، اهو ته هن وڏي شهر ۾ پاڻ جهڙا ماڻهو ٺاهڻ آيو هو ان ۾ اهو ڪامياب به ويو،هو جيڪو يارن جو يار هو ، اهو جيڪو نج سنڌي هو اهڙو سنڌي جهڙا سنڌي اوطاقن جا مور هوندا آهن جيڪي پنهنجن پراون سان ويهي اهڙيون من واريون ڪچهريون ڪندا آهن جن ڪچهرين جا ٿاڪ صدين تائين رهندا آهن اڄ جيڪو عورت جي نالي تي ٿي رهيو آهي يا جيڪو فيمنسٽ جي نالي تي عورتن سان مذاق ٿي رهيو آهي ان مذاق کي انور پير زادو زمانو پهرين ئي سمجهي ويو هو ان لاءِ انور پيرزادو فيمنسٽ لاءِ هڪ نئون نظريو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ٿيل آهي ته عورتون اسان جهريون آهن، اهي انسان آهن انهن کي انسان سمجهو،انور پيرزادو عورتن جي نالي ۾ ٿيندڙ فراڊ کان به واقف هو ۽ بر زبان سڀني کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو ته؛
”مٿن مٿي پوتڙا، ٽامي جئن آڪاش،
آيا پوري لاش، ڪيڏيءَ ٿڌيءَ ڇانو ۾!“
انور پيرزادو اسان کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اهي جيڪي عورتن جي آزادي،عورتن جي حقن جا وارث آهن اهي ئي عورت دشمن آهن اهي ٿڌي آڪاش هيٺ انهن سورمين کي پوري ايندا ۽ اسان کي خبر به نه پوندي ان لاءِ انور پيرزادي صاحب جيڪو فيمنسٽ چهرو ڏيکاريو اهو سڀ کان نرالو آهي،جنهن ۾ عورتون اسان جون عزتون نه پر اسان جهڙيون انسان آهن. اهي وڌڻ اڳتي ڇا وڌن پر اسان مردن کان تمام اڳتي نڪري وڃن.اڄ ڪهڙا صحافي آهن جيڪي پاڻ سان آئيڊياز جا ڀنڊار به کڻي هلندا هجن؟سواءِ ڪنهن هڪ ٻه جي پر اهي به پنهنجي ذات ۾ تمام گهڻا ڪنجوس ظاهر ٿيندا آهن اگر انهن کان ڪجهه پڇبو به آهي ته اهي ٻڌائڻ کان پهرين انسان کي پنهنجي زبان ۽ روئي سان ئي ڏنگي ڇڏيندا آهن.
پر انور پيرزادو صاحب هر ان انسان کي ڪجهه نئون ٻڌائيندو هو جيڪو انور پيرزادي صاحب جي ويجهو ايندو هو ۽ انور پيرزادي صاحب کان ڪجهه پڇڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اهو هڪ آدرشي انسان هو  انهن آدرشن ۾ به محبت سمايل هوندي هُئي، هو ظلم کي ظلم چوڻ وارو انسان هو.ان ڪڏهن به ظالم ۽ ظلم جو پاسو نه کنيو پوءِ ظلم ڀلي ڪيڏو به سگهارو ڇو نه هُجي. انور پيرزادي هميشه سچ جو پاسو کنيو پوءِ ان کي ان سچ ڀلي ڪيڏو به ڏنگيو هُجي پر ان صوفيءَ جي گودڙيءَ ۾ هميشه سچ جي مورتي پيل هوندي هُئي نه ان ڪڏهن سچ کي ڇڏيو نه ئي ان کي ڪڏهن سچ ڇڏي ڪيڏاهن ويو.انور پيرزادو سچ جو ٻيو نالو هو.
اهو انور پيرزادو جنهن سنڌ جي ميٽ جهڙي مٽيءَ مان جنم ورتو ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين سنڌ جي خمار سان ٽمٽار رهيو اهو جڏهن ڪنهن پروگرام جي ڪري منهنجي ڳوٺ ۾ آيو تڏهن وڏا ماڻهون تمام وڏيون تقريرون ڪري اسٽيج تان لهي ويا، جڏهن انور پيرزادو ان اسٽيج تي چڙهيو ۽ ان جيڪا ڳالهه ڪئي اها ڳالهه اڄ به مونکا نٿي وسري مونکي اڄ به ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هو اتي ئي موجود آهي ۽ اهو پنڊال به ائين ئي سجايل آهي ۽ هو لطيف جا بيت پڙهي پنهنجي ڳالهه کي اڃان به وڌيڪ وزنائتو ڪري پيش ڪري رهيو آهي.
انور پيرزادي صاحب ان پروگرام ۾ چيو هو ته پنهنجا پئسا فضول ڪمن ۾ نه وڃايو ان پئسي سان پنهنجي ڇوڪرين کي پڙهايو پنهنجي ڇوڪرين کي ڳرا ڳرا ڏاج نه ڏيو پنهنجي ڇوڪرين کي ان لائق بنايو ته جئين انهن کي عاليشان تعليمي ادارا عاليشان ڊگريون ڏين، پنهنجي ڇوڪرين کي ڊگريون ڏيارڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪيو.
انور پيرزادي صاحب جي اها ڳالهه تمام گهڻن ماڻهو کي سمجهه ۾ آئي انهن ماڻهو پنهنجي نياڻين کي پڙهايو اڄ انهن مان ڪيتريون ئي نياڻيون اعليٰ ڊگرين جون حامل آهن ۽ پنهنجي پروفيشنلن سان به لڳل آهن.
اهو جيڪو ڀٽائيءَ کان به واقف هو ته ان جي تبنوري کان به ،جيڪو نم جي ڇانون جهڙو هو.جيڪو درياهه جو ائين دوست هو جئين اسان ماڻهن جا به دوست ناهيون، هو سنڌ ۾ ڪارونجهر جبل جي گلابي لاٽ جو آخري جبل هو.جنهن جبل مان پنڊت اچي مورتيءَ لاءَ پٿر چونڊيندا آهن. هو ماحول دوست انسان هو ان لاءِ انور صاحب جو اهو مشن هوندو هو ته هر سنڌي پنهنجي حصي جو وڻ ته ضرور پوکي.
اسان انور پيرزادي کي ان سٽ ۾ نه ڳوليون جنهن سٽ ۾ ان چنڊ کي نياپو ڏئي ڀٽائيءَ لاءِ موڪليو آهي پر اسان انور صاحب کي اتي تلاشيون جتي سنڌ گڏجي ٿي ۽ سنڌ کان اهو سوال پڇون ته انور پرادو ڇا هو؟
شايد ان سوال جو سنڌ جواب ڏئي جيستائين سنڌ ان سوال جو جواب ڏئي تيستائين ان سوال جو اڌ جواب اياز به ڏئي رهيو آهي ته
”ڌرتي! مان تو سان توڙي مان آڪاس جو!“
ها انور پيرزادو آخري وقت تائين ڌرتيءَ سان جڙيل رهيو بس ڌرتي ئي ڇا پر ڌرتيءَ جي انسانن سان به پوءِ اها ڌرتي چاهي سنڌ جي هُجي چاهي بنگال جي!
پر خبر ناهي ڇو اڄ جا دانشور ان انورکي ائين نه سڃاڻي سگهيا آهن جئين انور اڄ کان ڪئي سال پهرين سنڌ کي سڃاتو هو، انور ته سنڌ سان ملي سنڌ ٿي ويو پر اڄوڪن دانشورن جو حال پورو آهي.

انور پيرزادو
ڪوهيڙي ۾ لڪيل
رسول ميمڻ
سخت سيارو، ڪوهيڙو، موهن جو دڙو، ڌنڌلڪا منظر تيز نظرن سان ڏسڻا پوندا آهن. نظر اچي وڃن ته نقش ٿي ويندا آهن. ظاهر منظر وسري سگهن ٿا، ڌنڌلڪا منظر خوابن جو روپ ڌاري نه وسرندڙ تعبيرن ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. مون موهن جو دڙو نون سالن جي عمر ۾ ڏٺو، سخت سيارو، ڌنڌ ۽ خوابناڪيون، نه وسرندڙ عڪس ۽ موهن جي دڙي ڀرسان رهندڙ انور پيرزادي کي ٻاويهن سالن جي عمر ۾ ڏٺو، پوءِ ڏسندو رهيس، آخر تائين انور پيرزادو اهو ئي هيو جيڪو جوانيءَ ۾ ڏٺو، دنيا پوڙهي ٿي وئي، انور اهو ئي هيو، سدا جوان، مرڪندڙ، هشا بشاش ۽ سَرهو شخص، جيڪو ڪوهيڙو ۾ گم ٿي وڃڻ باوجود اڄ به نه وسرندڙ يادن جي منظر ۾ جيئرو آهي.
اهو ستر وارو ڏهاڪو هيو، جڏهن مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هيس، هاسٽل ٽي، ڪمرو نمبر پنج، صفا نئين هاسٽل، جيڪا اڃان مس ٺهي هئي، ڪمري جي ڀتين مان تازي عمارت جي بوءِ ايندي هئي. ٽي بيڊ پيل هوندا هيا، هڪ ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر جو هيو، ٻيو منهنجو ۽ ٽيون خالي هوندو هيو، خالي بيڊ اديبن ۽ شاعرن لاءِ هيو، انور پيرزادو ٽي دفعا هاسٽل تي آيو ۽ چار راتيون ان سان رهاڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر ثناءُ الله صحت جي موضوع تي مسلسل ڏهه سال “ويڄ” رسالو ڪڍيو، تازو گذاري ويو، انور پيرزادو به گذاري ويو. وقت گذرندو آهي، گذاري نه ويندو آهي، ماڻهو گذاري ويندا آهن ۽ گذري ويندا آهن. ماڻهوءَ جي رفتار وقت کان تيز آهي. وقت گذري ٿو ماڻهو گذري وڃي ٿو. ڪي شخص روپ مٽائي وقت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. اڀرندا آهن، لهندا آهن، وري اڀرندا آهن ۽ انڪري لهندا آهن ته وري انهن کي اڀرڻو آهي. انور پيرزادو وقت ۾ تبديل ٿي ويو ۽ گهڙي، گهڙي ٿي هر گهڙيءَ ۾ موجود آهي.
منهنجو دوست جنهن لاءِ اهو سوچي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون ته ان جي ورسي آهي، عجيب خيال آهي، اسٽيج جنهن تي بيهي هو سڀ کان سٺو ڳالهائيندو هيو، اڄ اسٽيج تي مان ان جي ورسيءَ تي ڳالهائي رهيو آهيان، بيشڪ هلڻو آهي پر هو ڏاڍو تيز هليو ۽ اڄ اسان جي يادن ۾ ان جا ٿَڪَ ڀڃن ٿا.
گلشن حديد، اڻويهه سئو اٺيانوي، گرميءَ جا ڏينهن، رات ۽ رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ، انور اوچتو ظاهر ٿيو، ڏسي مرڪيو. ڀاڪر پائي مليو.
“ساڳي شهر ۾ رهندي ايڏيون دوريون” ان چيو.
“ڇا ڪجي؟” مون چيو. “آهيان ته ڊاڪٽر پر مصروفيتن جو مريض آهيان.”
“ڇڏ جذباتي ڳالهيون.” هن چيو. “هي وٺ منهنجو نمبر، گهٽ ۾ گهٽ فون تي ته ڳالهائيندو ڪر.”
هن کيسي مان پين ڪڍي، کيس ڪاغذن نه هيو، گهٽيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن سگريٽ جو پاڪيٽ يا ڪاغذ ٽڪرو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيائين، نظر نه آيس، کيسي مان نوٽ ڪڍيائين، نوٽ جي پاسي کان سنهو اڇو حصو وڪڙ ڏئي ڦاڙيائين ۽ نمبر لکيائين.
پوءِ گلشن حديد ۾ هن سان ملاقاتيون ٿيون جيڪي مختلف گڏجاڻين ۾ هيون، اياز جانيءَ کي شابس آهي جيڪو مون کي ڳولهي لهندو هيو ۽ دوستن سامهون پيش ڪندو هيو.
انور پيرزادو هڪ شاعر، هڪ مصنف، پر مون لاءِ هو هڪ انسان دوست هيو، هو سماجي ڪارڪن ۽ وطن دوست انسان هيو، هن کي ماروئڙن لاءِ پيار ۽ همدريون هيون.
جڏهن هائوس جاب ڪندو هيس ته هو غريب ڳوٺاڻن ۽ صفا مسڪين ماڻهن کي علاج لاءِ اسپتال وٺي ايندو هيو، هڪ دفعي ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جي طبيعت خراب هئي کيس داخل ڪرائڻو پيو، ان بيمار شخص سان اٽڪل ست اٺ ماڻهو ساڻ هيا. انور مريض کي داخل ڪرائي انهن سان ٻاهر لان ۾ رلهي وڇائي ويهي رهيو. مون کي مريض جي پارت ڪيائين. منجهند جو ٻي بجي مان هن کان موڪلائي ٻئي ڏينهن صبح جو اسپتال آيس ته انور انهن سان لان ۾ رلهي وڇائي ويٺل هيو. مان هن سان مليس ۽ پڇيم
“ناشتو پاڻي ڪيو اٿوَ يا نه؟”
هن چيو؛ “نه”
مان ڪيڪ ۽ چانهه گهرائي انهن جي خاطر توازع ڪئي، مون کان انور ڪيئن وسري سگهي ٿو. هن سان گهڻيون ملاقاتيون نه هوندي به، جيڪي گهڙيون گذريون، اهي مدتن تي حاوي آهن. منهنجي مشاهدي ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ آهن. خاص ڪري هن دور ۾ جڏهن انسان جو ماس لذيذ ٿي پيو آهي.
۱۹۷۶ع ۾ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “امن جي نالي” شايع ٿيو. انور انهن ڏينهن ۾ پي ٽي ويءَ تي سنڌي ادبي پروگرام “مخزن” جي ميزباني ڪندو هيو، ڪجهه ٻين ڪتابن سان تبصري لاءِ هن منهنجي ڪتاب کي به شامل ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ منهنجو آزاد نظم “امن” پڙهيو، جيڪو ان ڪهاڻي ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل هيو. اها منهنجي ادبي شروعات هئي ۽ انور کان ٽي ويءَ تي اهو آزاد نظم پڙهندي جيڪا خوشي حاصل ٿي هئي، اها اڄڪلهه پوري ڪتاب شايع ٿيڻ تي به نه حاصل ٿيندي آهي.
انور ديو مالائي حيثيت رکندڙ شخص هيو، جڏهن ان سان واقفيت نه ٿي هئي ته ڪچهرين ۾ ان جو تذڪرو ٿيندو هيو، ڪو چوندو هيو؛ “انور ٻلھڙيجيءَ جي ڳوٺ ۾ ٻارن کي سائيڪل تي کڻي اسڪول ڇڏڻ ويندو آهي، جيئن ڳوٺ جا ٻار علم حاصل ڪري سگهن.”
وري ڪو چوندو هيو؛ “انور تمام سهڻو جوان آهي، اڌ وهيءَ جون عورتون پئسا ڏئي، هن سان دوستي رکنديون آهن.”
وري ڪو ائين چوندو هيو؛ “انور سوويت يونين جو ايجنٽ آهي، کيس ايجنسيون مالي مدد ڪنديون آهن.”
جيڏا وات تيڏيون ڳالهيون، ڪيئن به هجي، پر هو وقت جو پراسرار شخص هيو، ڀٽي صاحب جي اقتدار جو وقت مون هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. ماڻهن مراعتون حاصل ڪيون، انور هڪ وڏي قربانيءَ کانپوءِ به ڪجهه وقت بي روزگار رهي، هڪ فري لانسر جي حيثيت ۾ رزق ڪمايو. ضيا جي ڏينهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ جي دوران هو بي بي سيءَ جي نمائندي حيثيت ۾ سکر آيو. هن کي پڪڙي ٿاڻي جي لان ۾ کٽ تي ويهاري ڇڏيائون.
اديب جو الميو آهي، شراب تي بندش هجي ته سگريٽ گهڻا پيئندو آهي. انور سگريٽ گهڻا پيئندو هيو، دونهي ۽ ڪوهيڙي ۾ ڳوڙهن جو فرق آهي.



انور پيرزادو

جديد دور جو ڀٽائيسٽ

حسن مجتبي

سنڌ، موھن جو دڙو، ڀٽائي، سوڀو گيانچنداڻي، ۽ شيخ اياز جو ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي انھن شين گڏجي انور پيرزادو ٺاھيو ھو  بلڪل فراق گورکپوري چواڻي:

”مت سهل همیں جانو پھرتا هے فلک برسوں

پھر خاک سے پردے سے انسان نکلتا هے”

سنڌ ملڪ جي خاڪ مان نڪتل ھي خاڪ يعني مٽيءَ-ھاڻو ماڻھو، جنھنکي انور پيرزادو ٺھڻ ۾ صديون لڳنديون آھن.

موھن جي دڙي جي مٽي مان نڪتل اھو ماڻھو جنھن جو نالو محمد پريل انور پيرزادو ھو مٽي ھاڻو ماڻھو ھو ۽ مٽي ھاڻن ماڻھن ۾ بلڪل اييئن آيو ھو جيئن ڀٽائي چيو ھو:

ماڻڪ مٽ سندوم، اونداھي ۾ سوجھرو،

ھي سنڌ جي اونداھي ۾ سوجھرو ڦھلائيندي ڦھلائيندي اونداھي ۾ گم ٿي ويو پر پٺتي ڇڏي ويو آھي روشني سندس ڳاليھن جي، شاعري جي، لکڻين ۽ تخليقن جي، تقريرن جي، انٽرويوز جي، ڪچھرين ۽ رولاڪين جي، کوجنائن ۽ ڊسڪورين جي، عشق ۽ يارين جي ، مھم جوئين جي ۽ محبتن جي. دلين ۽ دل وارن جي ننڊن پٺيان ڪچي جي پڪي چورن جيان، ۽ سنڌ ۽ انھي جي ماڻھن سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين جي ووڙ پٺيان ڪنھن پيروڍي جيان.

انور پيرزادو ھڪ ڊگھي عرصي پڄاڻان ٻه ھزار ھڪ ۾ مونکي واشنگٽن ۾ مليو ھو ۽ اسين ورجينيا رياست کان پوٽامڪ ندي پار آمريڪي گادي واري شھر وڃي رھيا ھئا سين تڏھن ھن پوٽامڪ ندي ۽ ورجينيا جي ساوين ٻنين ۽  اڪثر تماڪ وارين پوکن ڏانھن  ڏسندي چيو ھو ”ابوء ھي آمريڪي پٽ ڄڻ تان سنڌ جھڙا آھن ” ۽ ڪجھ دير تائين انھن لينڊ اسڪيپس ڏانھن  نھاريندي گم ٿي ويو ھو ۽ اکيون بند ڪندي ھڪ ننڍڙي ٽٻي ھڻي ڀٽاني جي ھن بيت سان موٽي آيو ھو:

سڃو ھجي ديس ته به وھيڻي وترو

گھوريو سو پرديس توڻي ڦلن ڇانئيو

پر جي اوھين انور کي پڙھندا ته اوھان کي لڳندو ته  سنڌ ديس پنھنجي سڃائي مان نڪري سڄو ڦلن ڇانئيو بڻجي ويو آھي گھٽ ۾ گھٽ انور وٽ ته اھڙي سڄي ديس کي پاڻ وھيڻو ۽ وترو بڻائڻ لاء ڪيئين خواب ڪيئين گيت ۽ ڪيئين ڳالھيون يا مشاھدا ھئا جيڪي ھن جي ڪتابن ۾ جا بجا ملن ٿا.

مون اڳي به چيو ھو ۽ ھاڻ ٻيھر چوان ٿو ھو سنڌ جو عاشق ۽ ان جي ھر ٺڪر ڀتر، لاڙ وچولي ڪاڇي اتر ڪوھستان ڪراچي جي سر سر سان پيار ڪندڙ ۽ ان لاء مھاڏو اٽڪائي بيھندڙ ماڻھو ھو. ھو روشني جو سفير ھو انڪري ھنکي ھر قسم ۽ ھر سطح جي جھالت، ڪٽرپڻي پوء اھو مذھبي ھجي يا نظرياتي، ساڄي ھجي يا کاٻي، نسلي ھجي يا ذاتي يا قومي، انور انکي ھڪ وڏي نانھن سان تڙيندو ھو. ھو ڄڻ ته پنھنجن ويچارن ۾ ھوا جي سخت مخالف ڏئيو ٻاري ويٺل شخص ھو بلڪل شيخ اياز چواڻي:

ڏيئو ٻار ڏيئو ٻار

تنھنجي ڌرتي ديپ ڌڪاريا

تون نه ڌڪار

ڏيئو ٻار

ٻلهڙيجي اهو  ڳوٺ آھي جيڪو سماجي ۽ سياسي شعور جي حساب سان سنڌ ڇا سموري پاڪستان ۾ به شايد ھڪ اڌ اھڙن ھنڌن مان ھڪ يا واحد ھو لاشريڪ ڳوٺ ھجي. خاص طور اتي گذاريل انور جو ننڍپڻ، صوفياڻو ماحول، انور جا ماءُ پيءَ، انور جو قبلو سوڀو گيانچنداڻي، استاد غلام رسول منگي، ھدايت منگي، اڳوڻو ۽ ھاڻوڪو پيارو گلاب پيرزادو، ڀرپور فقير، انور جو وڏو ڀاءٌ فقير يار محمد ۽ ٻيا صوفي ڪردار ۽ موھن جو دڙو ۽ ان تي ڪم ڪندڙ جڳ مشھور آثار قديما جو ماھر ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلس، عبدالرحيم پيرزادو ۽ سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿيندڙ ڊراما، ٻييون ڪيئين ڪھاڻيون تن تي هن جي ڪتاب انٽرويو ۽ تقريرون جي هڪ انٽرويو پڙھندڙ جي حيثيت سان منھنجي ته سئي ڪڏھوڪو اٽڪي پيئي آھي. انور وٽ ھر شيءِ ”نان ڪلاسيفائيڊ“ ٿي سگھي ٿي سواء ھن جي  عشق جي جيڪو سندس ئي لفظن ۾ ڀٽائي جي ڪنڀر جي آويءَ ۾ پوريل ۽ پچندڙ ٿانءُ وانگر ھيو. ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.

انور پنج ھزار سالن جو پراڻو سنڌي ۽ ويھين توڻي ايڪويھن صد ي جو ماڻھو ھو  هن جي لکڻين ۾ ھڪ پراڻي سنڌ جي مستند ڪٿا ۽ نئين  سنڏ جو ويزن آھي جھنن جو سرچشمو ھو بنيادي طرح ڀٽائي جي شاعري کي سمجھي ٿو. ھڪ اھڙي سنڌ جو ويزن جيڪو عورت جي مڪمل آزادي کانسواء اڻپورو آھي ۽ انور اھڙن آدرشن ۾ ويساھ جو عملي مظاھرو پنھنجي گھر ۽ پنھنجي ڳوٺ مان ڪيو، ھن جي ڳوٺ ۾ عورتن جو تعليم سان چاھ ۽ جاڳرتا ۾ انور جو ئي وڏو ھٿ ھو ۽ ھن ڪيئين ھنڌن تي سنڌ جي سمورين عورتن کي ڊاڪٽر زبيدھ پيرزادو ڏسڻ پئي گھريو. ھو عورت مٿان تشدد ڪندڙ ۽ ڪارو ڪاري ڪندڙ سنڌي مرد ۽ سنڌ مٿان مستقل قومي مصيبت ڌاڙيل کي مڙس ماڻھو ته ڇا پر غيرت جي غين جي ويجھو به نٿو سمجھي.

مونکي لڳندو آ انور سنڌ ڄائو ۽ سنڌ جي کوجنا واري رل پن ۾ ھڪ ٻيو رچرڊ برٽن ھو. اوھان ڀل رڇرڊ برٽن کي سٺو نه سمجھندا ھجو پر ھو شخص به پنھنجي دور جي سنڌ بابت  پنھنجن مشاھدن جو انور پيرزادو ھو.پر انور سنڌ کي رچرد برٽن نه پر سسئي ٿي ڪري جھاڳيو ھو. انور ۽ انور جي لکڻين جي جيڏي اڄ لوڙ آھي اوتري شايد اڳ به ھئي ڇو ته ھو ڀٽائي جي سر رامڪلي جھڙو ھي موھن جي دڙي جو ماڻھو اڌوتي اڙٻنگ صوفي لاڪوفي مذھبي انتھاپسندي ۽ بنيادپرستي جو ڪٽر مخالف سنڌي ليکڪ ۽ انسان دوست فنڪار ھو. حيرت ڪونه ٿيندي جو ڀٽ شاھ تي صوفي يونيورسٽي وارو انور جو لکيل خواب ۽ ويزن واري ڳالھ ھاڻوڪي پي پي پي حڪومت چورائي ورتي ھجي.

ھو ھڪ جديد ڀٽائيسٽ ۽ سنڌ جو عاشق ھو، ھو خطرناڪ سنڌ پرست نه ھو.سنڌو درياءُ جي ڪروڙن سالن جي ڪٿا کانوٺي سنڌ جي فاتحن جي گھوڙن، ٽئنڪن، لانگ بوٽن توڻي قلم ھٿان لوئجڻ خلاف ھو لاڳيتو ويڙھ ۾ ھو. جيستائين سنڌ ۽ انھي جي ڳالھ ان  جي چاھڻ وارن وٽ آھي انور کي مون لاء زمان ماضي ۾ ڳالھائڻ ڏکيو آھي.ھو واحد سنڌي شاعر ۽ صحافي ھو جيڪو اڳوڻي اوڀرپاڪستان (ھاڻوڪي بنگلاديش) ، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ فوجي آپريشنن خلاف لکيو، پاڪستان م جھموريت جي بحالي واري سنڌ مان تحريڪ جي رپورٽنگ ڪندي  ۽ جيل قبوليا   "‍زندان جون ديوارون ڳوليون ڪالھ ڇڌي گھر گھاٽ اسان- چوڌاري چمڪاٽ اسان”

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۰۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

انور پيرزادو

ايندڙ زمانن جو شاعر!

حسن مجتبي

خبر ناھيم ته ڪيترا سنڌي اديب يا اديب دوست ڪنھن شاعر يا شاعره کي جڏھن اھو لکندا يا سڏيندا آھن “خوبصورت شاعر” يا “خوبصورت شاعرہ” ته ان مان سندن مراد شاعره يا شاعر جي جسماني خوبصورتي ھوندي آھي يا انھن جي تخليقات جي خوبصورتي! بھرحال انور پيرزادي سان اھي ٻئي خوبيون ٺھڪي اچن ٿيون. انور کي زمان ماضي ۾ ڳالھائڻ به مشڪل، ھو ته اسان جو حال به نه مستقبل ھو. ھلندڙ جنوري مھيني جيڪو پرينھن ڄاڻ گذريو، انور جي جنم ڏڻ توڻي لاڏاڻي جو مھينو پڻ آھي.

اڻويھه سو ٽيھتر جي شايد بھار جي ڪنھن مھيني واري طارق اشرف واري رسالي ماھوار “سھڻي” جي شاعري واري حصي ۾ سنڌي ٻولي جي ھن مھل سڀ کان سھيوڳي سنڌي شاعر امداد حسيني، محمد پريل پيرزادي انور پيرزادي ۽ سندس شاعري کي متعارف ڪرائيندي گھٽ ۾ گھٽ مونکي ۽ مون جھڙن ڪيترن ئي کي حيران ڪري ڇڏيو ھو. مان ته اڃان ناصر ڪاظمي واري انھي حيرانگي ۾ آھيان ته، “عجيب مانوس اجنبي ٿا مجھي تو حيران ڪر گيا وه” انور پنھنجي انھي شاعري ۾ شايد وائي يا گيت ۾ لفظ “ڪونگو ٽارا” ڪتب آندو ھو. جنھن لاءِ انور يا امداد ڏسيو ھو ته ڪونگو ٽارا اصل ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ اھو گاھه آھي جنھن جي پن مان شرناءِ جي نئه ٺھي ٿي جيڪا شرناءِ کي وڄائيندي آھي. جي سنڌي شاعري شرناءِ ٿي پوي ته انور ان جو بسم الله خان ھو. اوھان مان ڪيترن بسم الله خان کي يو ٽيوب يا ٽيليويزن تي خوشين جي يا طربيه ڌنن کانسواءِ محرم جي اٺين تاريخ واري ماتامي جلوس جي اڳيان انھي نوحي جي ڌن به وڄائيندي ٻڌو ۽ ڏٺو ھوندو

ڪرتي ھين ماتم حرم عباس ڪا

ھو گيا مرنا ستم عباس ڪا

اھي شرناءِ جون ڌنون جيڪي زوار وسنت به وڄائيندو هو ته استاد ڌمالي به. محرم جي راتين ۽ چانڊوڪين ۾ پڙن، چاڙھين ۽ آنگاسن واري شھر حيدرآباد سنڌ جي سپرين جي ڀاڪر جھڙين سنھڙين گھٽين ۾ گذرندڙ پڙن ۾ وڄندڙ اھي شرنايون. انور چواڻي، “ابول! پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو سروم دکم دکم!” راھي معصوم رضا جي ھندي ناول “آڌا گائون” ۾ آھي ته ھتي مٺي عيد جي سئين ۽ محرم جي شرناءِ جي ڌن جو آواز گڏ گڏ اچي ٿو. راھي معصوم رضا جو اھو ناول جيڪو ورھاڱي کان گھڻو گھڻو اڳ ۽ ڪجھه پوءِ جي ھندوستان ۾ شيعه مسلمان ڳوٺاڻي سماج جي تر بابت لکيل آھي،

اردو ۾ به ڪڏھوڪو ترجمو ٿي چڪو آھي، پڙھڻ وٽان آھي. مونکي اھو راھي معصوم رضا جنھن رامائڻ جي ٽي وي سيريز پڻ ڏني آھي، تنھن جو اھو ناول “آڌا گائون” پڙھي مونکي الائجي ڇو حيدرآباد جو ٽنڊو ٺوڙھو ياد آيو.  ته بس پيارا پڙھندڙئو! گنگا ڪپ جي ڪنارن تي آڌ ا گائون ته ڦليلي جي ڪپ تي ٽنڊو ٺوڙھو.  سنڌو جي ڪپ تي ٽکڙ ته سنڌوءَ جي ڪپ ۽ موھن جي دڙي ڀرسان ٻلھڙيجي ۽ اتي جنم وٺندڙ انور پيرزادو. پر خبر ناھي ته انور جي شاعري ڪڏھن جنم ورتو .پر اھا خبر آھيم ته انور جي پنھنجي ڳوٺ ٻلھڙيجي، موھن جي دڙي، موھن جي دڙي واري روبيندر ناٿ ٺاڪر (ٽئگور)جي ماڻھو سوڀي گيانچنداڻي ۽ سندس وڏي ڀاءُ فقير يار محمد، ٻن عشقن ۽ شيخ اياز جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته شاھه لطيف جي شاعري ۽انھي جي ياد حافظ فقيرن انور جي شخصيت ۽ شاعري جي جوڙجڪ يا تشڪيل ڪئي. پوءِ شاعري به اھا جيڪا جي.ايم سيد کي به روئاري ڇڏي،

“اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان

جنھن رات ۾ تو ٿي بيت چيا

سا رات اڃان به جاري آ”.

سوچيان ٿو پنھنجا پنھنجا ماحول، جھان ۽ ڪائناتون ۽ زمانا ھوندي به ھنن ٻن سنڌي ٻولي جي شاعرن جي آوازن ۽ موضوعن ۾ ڪٿي ڪٿي ملندڙ حيرتناڪ ھڪجھڙائي آھي، سنڌو درياءَ جي پنھنجي ٻن ڪنارن پنھنجي پنھنجي محل وقوع ۾ ھوندي به. امداد حسيني انور کان گھڻو اڳ “شاھه لطيف جي حضور ۾”  لکيو ھو؛ “ڏور آسمانن تي مٿي ڏاڍو مٿي ويھي رھين، جي ھيٺ ايندين به ته ڪافر سڏبين.” انور گھڻو پوءِ لکيو، “اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان!” جي امداد پنھنجي انتھائي ذاتي ٽرئجڊي جي حوالي سان نظم شاندار رچيو ھو، “ڊاڪٽر مختيار جا قاتل ڇاڙتا موت جي فرشتي جا” انور لکيو “زندگي جي ليبارٽري” جنھن ۾ ھن چيو “ڊاڪٽر تاريخ جا نابين روح جن کي نفرت سان ڀٽائي ھو سڏيو انڌا اونڌا ويڄ.” (جي انور اڄ ھن ڪووڊ جي قاتل زمانن ۾ ھجي ھا ته کيس ڊاڪٽرن بابت پنھنجي ھن نظم تي نظرثاني ڪرڻ جو چوان ھا۔ صدر حيدرآباد ۾ ويٺلن ڪن سندن ڪرسين پويان ٽوالز رکندڙن کي ڇڏي باقي سموري دنيا جا ڊاڪٽر، نرسون، ھيلٿ ورڪر صحيح سورھيه جنرل ۽ سپاھي آھن جن ھن مھاڀاري جنگ ۾ انسانن کي بچايو پئي آ)

امداد ۽ انور شيخ اياز سميت انھن چند ڳاڻ ڳڻين سنڌي شاعرن مان آھن جن جي ساڳئي وقت نج ٻھراڙي جي ماحول ۽ رنگ ۽ لھجا ھجڻ سان گڏو گڏ شھري ۽ صنعتي پس منظر واري شاعري پڻ آھي. جي امداد لکيو “رات بيگاھه آخري ويگن” ته انور لکيو “ڪراچي جو بنگلو جھر مر جھر مر لان نيرو سوئمنگ پول اليڪٽرانڪ گٽار جي تان” يا “دل ٿي چوي ته اڄ لگزري ھوٽل ۾ ڊانس ڪريون” ۽ يا وري “ مونکي تنھنجي ساڙھي جو پلئه نه گھرجي مونکي منھنجا ھاريل ڳوڙھا واپس ڏي، تون پنھنجن يارن سان دل وارن سان خوش ھجين شل خوش ھجين” ابول ھي ته ٻڌو ني “پوسٽ مئن به ڪڏھن ڪڏھن ته ڏاڍو پيارو لڳندو آھي ھو بند لفافي وانگر ھوندو آھي.” پر مونکي انور جون ھي سٽون بس ٿيراپي وانگر لڳنديون آھن “زندگي دور اڃان دور وٺي ويندي آ، لڙڪ لاڙڻ ته ڪا نئين ڳالھه نه آھي جاني.”

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۳۰ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 


انور پيرزادو

زنده هو، زنده آهي ۽ زنده رهندو

زرار پيرزادو

¨ اڄ ترقي پسند اديب، صحافي، دانشور، نقاد، ڀٽائي جي پارکو، سنڌ جي عاشق، مهين جي دڙي جي نگهبان، پاڻ کي سنڌ جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر ڪندڙ، سراپا انقلابي شخص انور پيرزادي جي ۱۵ هين ورسي آهي.

¨ پاڻ آچر جي صبح ساڍي چئين وڳي لياقت اسپتال ۾ سال ۲۰۰۷ع ۾ جسماني طور تي اسان کان وڇڙي ويو ۽ سنڌ جي فخر لائق، عظيم ۽ اڻموٽ فرزند طور پاڻ کي امر ڪري ويو.

¨ هو زنده هو، زنده آهي ۽ زنده رهندو ان ڪري اهڙين شخصيتن جون صرف ۽ صرف زندگيون ئي ملهايون وينديون آهن.

¨ انور پيرزادي کي جڏهن مان ”ترقي پسند“ چوان ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته هُو شخصي طور توڙي علمي ۽ ادبي حوالي ۾ رائج روايتن کي ڇڏي نئين روايتن کي جنم ڏنو، ان حساب ۾ هو حقيقي معنيٰ ۾ ”جديد انسان“ هو.

¨ هُو هر پاسي ۾ غير روايتي هو. هن دنيا جو هوندي به ڄڻ ڪنهن ٻي آدرشي ۽ انقلابي دنيا جو ماڻهو هو جنهن مُنڍ کان ئي دنيا کي زماني جي اکين سان نه ڏٺو، زماني جي ڪنن سان نه ٻڌو ۽ نه ئي زماني جي زبان ڳالهايائين پر هن دنيا کي پنهنجين اکين سان ڏٺو، پنهنجن ڪنن سان ٻڌو ۽ پنهنجي زبان ڳالهايائين ۽ هميشه منفرد ئي ڳالهايائين.

¨ هُو انهن دانشور شخصيتن مان هڪ هو جيڪي جڏهن ڳالهائيندا هيا ته ائين ڀانئبو هو ڄڻ ڪو ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي، ڪو لکيل مضمون اظهارجي رهيو آهي. سندس ڳالهين يعني تقريرن ۽ انٽرويوز تي ٻڌل ڪتاب ”انٽرويو ۽ تقريرون“ پڙهي ڏسو ايئن لڳندو ڄڻ سندس اهو ڳالهايل نه پر لکت جو ڪو مواد آهي.

¨ سندس شخصيت تي آيل ڪتاب ”تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن“ ۾ مون پنهنجي پاران لکيو آهي ته: انور پيرزادو صاحب جيئن ته هر دور ۾ غير معمولي صلاحيتن ۽ خيالن جو غير روايتي شخص رهيو تنهن ڪري هو بحيثيت هڪ شخص، اديب، شاعر، نقاد، ڀٽائي جي پارکو، دانشور، صحافي، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ طور به غير روايتي رهيو.

¨ هُو پيءُ به هو ته غير رواجي، قيدي به هو ته غير رواجي طور قيد ڪاٽيائين، ڪمپيئر به هو ته غير رواجي، سندس شئين کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انهن کي اظهارڻ يا لکڻ جو طريقو به غير رواجي هو. عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن ڏانهن سندس رويو به غير روايتي هو، ٻيو ته ڇڏيو ڪئنسر جي بيماري يعني موت جي منهن ۾ هوندي به غير روايتي مريض نظر آيو.

¨ انور پيرزادي جي مٿي ڄاڻايل انهن مڙني غير روايتي ۽ غير معمولي پاسن جا تفصيل سندس ڪتاب ”تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن“ ۽ امر پيرزادي جي نئين ڇپجندڙ ڪتاب ”بابا“ ۾ شامل آهن.

¨ اسان وٽ ماڻهن جي مرڻ پڄاڻان ئي ڪم ٿيندو آهي. انور صاحب تي به اصل ۾ سندس وفات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان جي ٽيجهي تي انور پيرزادو اڪيڊمي کي قائم ڪيو ويو جنهن جي تجويز محمد علي پٺاڻ صاحب ڏني هئي ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين هو ان اڪيڊمي لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل آهي.

¨ انور صاحب جيئن ته گهڻ رخي ۽ گهڻ صلاحيتي شخصيت هو تنهن ڪري سندس شخصيت توڙي سندس علمي، ادبي، تحقيقي، سياسي ۽ سماجي ڪمن جو مواد به سندس هڪ زندگي کان گهڻو وڏو آهي جنهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ادارا ئي ڪم ڪري سگهن ٿا.

¨ انور صاحب جي چاليهي تي پهريون سندس مشهور شارٽ ڪالمن ”متان وساريو“ کي ڪتابي شڪل ڏئي پڌرو ڪيو ويو ۽ پوءِ هر سال ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن ٻه ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندڙ آهي ۽ هن وقت تائين انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان انور صاحب جا ۱۶ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، ڪن جا ٻيهر ڇاپا آندا پيا وڃن. جڏهن ته مجموعي طور تي انور پيرزادي جي ڪتابن جو تعداد ۲۵ کان مٿي آهي.

¨ انور صاحب کانپوءِ ئي سندس نالي تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ لائبريري جو بنياد پيو ۽ ڪمپيوٽر سينٽر تي انور پيرزادو رسيورس سينٽر جو نالو رکيو ويو. مهين جي دڙي کان ڳوٺ ٻلهڙيجي ويندڙ رستي کي شاهراھ انور پيرزادو جو نالو ڏنو ويو.

¨ انور پيرزادي جي شخصي ۽ ادبي توڙي صحافتي ڪم تي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي ٻن شاگردن تحقيقي ڪم ڪيو آهي.

¨ هن سال ۲۵ جنوري تي انور صاحب جي سالگرھ جي موقعي تي انور پيرزادي جي علمي سوانح عمري تي سندس پٽ امر پيرزادي جو يادگار ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انور پيرزادي جي سڀني پاسن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي.

¨ امر جو اهو ڪم پي ايڇ ڊي جي معيار جو تحقيقي ڪم آهي جنهن ۾ کيس ٽن سالن جو عرصو لڳو آهي. مان سمجهان ٿو ته انور صاحب سان جهڙو انصاف هي ڪتاب ڪندو اهڙو اڃان تائين ڪير به ساڻس نه ڪري سگهيو آهي.

¨ امر جو اهو ڪتاب ”بابا“ هڪ مستند ۽ ريفرنس جوڳو ڪتاب آهي جيڪو انور صاحب کي درست ۽ حقيقي نموني محفوظ ڪري ٿو. ان ڪتاب کانپوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي انور صاحب بابت شعوري يا لاشعوري طور گمراھ ڪرڻ جي همت نه ٿيندي جو ان ڪتاب ۾ انور صاحب جي شخصيت متعلق پيدا ٿيل يا ٿيندڙ سڀني سوالن جا واضح ۽ چٽا جواب موجود آهن.

¨ تاريخ ۾ ڪنهن کي درست نموني اهو ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو جيڪو مثبت سوچ جو هوندو ۽ ڪنهن به تعصب کان مٿانهون هوندو. انور صاحب جي حوالي ۾ اهڙو ڪم امر پيرزادي ڪري ڏيکاريو آهي جنهن جو منظوم اظهار وري محمد علي پٺاڻ انور صاحب جي شخصيت تي لکيل ”ڪوتا ناول“ ۾ ڪيو آهي جيڪو پڻ تيزي سان لکجي رهيو آهي.

¨ انور پيرزادو پاڻ چوندو هو ته منهنجي شاعري سان حقيقي انصاف ناهي ٿيو، ان جو اڀياس ئي ناهي ٿيو. اسان جي خيال ۾ اهو ڪم هاڻي انور پيرزادو اڪيڊمي جي معرفت ٿي رهيو آهي. هاڻي اهو دور آهي جڏهن پاڻ ادارا ٺاهي ڪم ڪجي ٿو تڏهن ٿئي ٿو.

¨ ڪجھ ڏينهن اڳ منظور مارفاڻي صاحب ذاتي طور ”وارھ گريٽئر“ مرتب ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي ايڊٽنگ انور پيرزادي صاحب ڪئي هئي جيڪا سندس زندگي جي آخري اسائنمينٽ هئي.

¨ انور صاحب جي زندگي صرف ۶۲ سالن جي رهي پر ان مختصر زندگي ۾ هن الائي ڪيترن جنمن جيترا ڪم ڪيا جن کي سنڀالڻ ۽ سهيڙڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ چيئرز قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

¨ هي شخصيتون اهڙيون آهن جيڪي جيئن جيئن وقت گذرندو تيئن تيئن سندن خال وڌندو ويندو، ڊگهو ويڪرو ٿيندو ويندو. سندس ڪم ئي هاڻي سندن زندگي جي متبادل طور جتي ڪٿي پاڻ ڳالهائيندو ۽ اظهاريندو ايندو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اِها آهي ته انور پيرزادو جيڏو پنهنجي زندگيءَ ۾ فل آف لائيف هو، سرگرم متحرڪ ۽ پرجوش هو تيئن ئي سندس پڄاڻان هُو پنهنجين ورسين، سالگراهن، ڪتابن، انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ انور پيرزادو ميلن ذريعي مچندو نظر پيو اچي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


انور پيرزادو

ڀٽائي ۽ سنڌ جو عاشق

معشوق ڌاريجو

انور ڪير سڏائي. ھو ڀٽائي ۽ سنڌ جو عاشق ھو. انور ڀٽائيءَ جو پارکو، شاعر، ڪالم نگار، صحافي، سيلاني، موسيقي سان پيار ڪندڙ ۽ ڪچھرين جو مورُ ھو. قداور ھمراھ، بت ۾ ڀريل، ويڪري پيشاني، گورو رنگ، منھن تي ٺھندڙ شھپر، سنڌي ٽوپي، ڪڏھن مٿو اگهاڙو.

انور کي مون مختلف پروگرامن ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو ھو. وٽس تقرير جو وڏو فن ھو. ھڪ ڀيري لطيف ڪانفرنس ۾ کيس ٻڌم ته موھي ڇڏيائين. لطيفيات تي لکيل سندس مضمونن جو ڪتاب ´ڀٽائي` ان جو ثبوت آھي. اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان` سندس شاعريءَ جو ڪتاب آھي. جنھن جي ارپنا ”عشق جي نالي“ ٿيل آھي. عشق ھنن جي رَڳَ رَڳَ ۾ سمايل آھي. سندس ننڍي پٽ امر پيرزادي جي ته شعري مجموعي جو نالو ئي ´عشق` آھي. ٻلھڙيجي جا پيرزادا نه رڳو عاشق آھن پَرَ ھي سھڻا به ڪمال جا آھن. سنڌ جا اُھي ڳوٺ جيڪي پنھنجي انفرادي سڃاڻپ ۽ ناماچاري رکن ٿا، انھن ۾ ٻلھڙيجي به نمايان آھي.

ھن ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا ڏاھا، عالم، اڪابر، شاھ جا پارکو، محبتي، محنتي، موسيقيءَ جا ڄاڻو، وطن پرست ۽ دلير آھن. انور ھن ڳوٺ جو مھندار ھو. ٻلھڙيجي جو نالو ايندي ئي انور پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي جو نالو ۽ حوالو اڳيان اچي وڃي ٿو. جن جي ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ٻلھڙيجي اڻپورو آھي. باک ٽرسٽ جو سرواڻ شاھ محمد پيرزادو لکي ٿو ته: ” جديد ٻلھڙيجيءَ جو ٻج جنھن نسل مان اڀريو، انور ۽ مير محمد ان نسل جا ٻه اھم ڪردار آھن. ماسات، ، ادب ۽ آرٽ ۾ ھم خيال. “

انور جا نظم باغيانه نظم آھن. جن کي پڙھي سندس ھمت، جرئت ۽ غيرت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ھن ھڪ ھن لکيو ھو ته: ”حسن فنا آھي، ماڻهوءَ وانگي، بقا رڳو ماڻهپو آھي. “ ھي ماڻهپي وارو انسان ھو. جنھن کي ادب، آرٽ، ڪلچر ۽ موسيقيءَ سان تمام گهڻو پيار ھو. ھو بي خوف ۽ بي ڊپو انسان ھو. انور جھڙو بھادريءَ سان لکڻ ڪنھن ماءُ جي لعل جي وس ۾ نه آھي. سندس نظمُ توڙي نثرُ ان جو پڌرو مثال آھي.

سندس نظم ´اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان` جون سٽون آھن ته:

”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!

جنھن رات ۾ تو ٿي بيت چيا،

سا رات اڃا ڀي جاري آ،

۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون،

ھي پنڌ پري جو واري آ،

مان ڪنھن سان پنھنجا سور سليان،

اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!“

انور ٻلھڙيجيءَ جي حسن ۽ عشق جو اُھڃاڻُ ھو. شاھ جمال جو اھو آسڻ جِتي ھو ابدي آرامي آھي سو سندس حياتيءَ ۾ ھن جي گفتن جي گونجار سان مھڪندو ھو. سنڌو ڄڻ ته سندس پڳ مَٽُ يار ھو، ۽ موھن جو دڙو ڄڻ ته ھن جو اباڻو ڳوٺ ھو.

مون کي ستين جنوري ٻه ھزار ست جو اُھو ڏينھن ياد آھي جڏھن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي اجلاس ڪراچي ۾ ھلي رھيو ھو. مان مرڪزي خزانچي ھئس. ان ئي اجلاس ۾ اسان کي انور جي فوتگيءَ جو اطلاع مليو ھو. اھو اجلاس پوءِ سندس تعزيتي اجلاس ٿي ويو.

انور جي ڪاريءَ مَسُ واريءَ پينَ سدائين حق ۽ سچ جي حمايت ۾، جرئت، ھمت ۽ غيرت سان لکيو ھو. انور وٽ شاندار ٻولي ھئي. ھو لفظن، فقرن ۽ جملن جو استعمال ڏاڍي احتياط ۽ خبرداريءَ سان ڪندو ھو. ھو احساسن کي موتين وانگر جَڙي ۽ مَڙھي ۽ لفظن ۾ ساھ وجهي ڄاڻندو ھو. ھي ماڻڪ منير ۽ آفتاب نظاماڻي وانگر اگهاڙو سچ لکي ڄاڻندو ھو. تڏھن ئي ته لکيو ھيائين ته:

”منھنجي ڏات برابر،

ننگي آھي،

پر سچ به ته،

ننگو آھي. “

انور پيرزادي، شمشيرالحيدري ۽ فقير محمدلاشاري جي روايتن کي برقرار رکندي متان وساريو جي سِري سان مختصر ڪالم لکيا، جيڪي انتھائي سگهارا ۽ پڙھڻ جھڙا آھن. جن کي سندس وڇوڙي کان پوءِ ´متان وساريو` ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

ھن جا اھي ڪالم جنھن به پڙھيا ھوندا، سو سندس ذات ۽ ڏات جو شيدائي ضرور بڻيو ھوندو. انور لکي ٿو ته:

”متان وساريو ته صحافت جي دنيا ۾ ”ننڍڙي ڪالم“ وارو ڪلچر پڻ سنڌي پريس جي ايجاد آھي جنھن ۾ ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو ويندو آھي. “ ھن وڌيڪ لکيو

”ٿر سنڌو تھذيب جو جيئرو جاڳندو ميوزيم آھي. “

”علم فيلڊ ۾ آھي، لائبريرين ۾ ڪتاب ھوندا آھن. “

مون کان جيڪڏھن ڪير انور پيرزادي جو ٻن لفظن ۾ تعارف پڇي ته چوندس ´ڀٽائي ۽ سنڌ. انور زندگي ۽ فطرت جي حسن جو عڪاس ھو. کيس زندگيءَ ۽ فطرت سان ڪيترو پيار ھو ان لاءِ سندس نظم آھي ته:

”زندگي ڪيڏي به رُکي،

ڪيڏي به ڏُکي،

ڪيڏو به ڏَچو،

جي سچ پُڇو،

موت کان پياري آ. “

يا

”ٽاريون چيري،

چيٽ ڦٽو آ،

ڪونگو ٽارا (ڪُنگو ٽارا)،

ڄڻ ڪي منھنجا سپنا آھن. “

انور فطرت جي حسن جو فوٽوگرافر شاعر ھو. انور پيرزادو سيلاني طبيعت، موڊ ۽ مزاج وارو ماڻهو ھو. سياحت سندس پراڻو شوق ھو. ان حوالي سان سندس ڪتاب ´ممبئي ياترا` لا جواب ۽ بي مثال ڪتاب آھي.

انور جي ڪتاب ´ڀٽائي` جي مھاڳ ”´ھڪ عشق جو تعارف“ ۾ انور ابڙو لکي ٿو ته: ”ھِنَ ڪتاب جو ليکڪ(انور پيرزادو) مُھين جي دڙي جي ڪُک مان اٿي آيو ھو. ھُن سنڌوءَ جي ڪنارن سان سفر ڪيو ھو. ھُن ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي تاريخ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سونھن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ھُن اھڙي ڳولا لاءِ ويرانا وسايا ھئا. جبلن ۾ ترسيو ھو. سمونڊ سيويو ھو، سنڌو ڊيلٽا ۾ ويو ھو ۽ ٻيلن ۽ برپٽن ۾ پَکا اڏيا ھئا. پنھنجي زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ھن لاءِ جيڪڏھن ڪو وڏو ذڪر ھوندو ھو ته اُھو ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ جيڪڏھن سندن وڏي ۾ وڏي ڪا سڪون واري جاءِ ھوندي ھئي ته، اُھا ڀٽ شاھ ھوندي ھئي. “

انور جي صالح پٽڙن زرار، زيد ۽ امر کي جس آھي، جيڪي سندس بي بھا علمي ۽ ادبي خزاني کي محفوظ ڪري رھيا آھن ۽ جن سندس ٽيجهي تي انور پيرزادو اڪيڊمي قائم ڪئي ھئي، جيڪا شاندار ڪم ڪري پئي.

انور پيرزادي جا چوڏھن ڪتاب اسان جي سوچَ ۽ شَعورَ جا چوڏھن طبق روشن ڪري سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته اسان اُھي خريد ڪريون، پڙھون، انھن جي فڪر کي سمجهون، ان تي عمل ڪريون ۽ پنھنجي پيارن کي پڙھايون. .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

انور پيرزادو ۽ ارضيات

ڊاڪٽر حليم مگسي

جيئن انسان هڪ اسرار آهي، ان کي ڄاڻڻ جي ضرورت آھي. اھڙي طرح لکيڪ، شاعر، محقق به ھڪ اسرار آھي. جنھن بابت لکڻ جو مقصد سندس زندگي جي ڳجهي راز کي ظاهر ڪرڻ آھي. جيڪو ڪنهن حد تائين سندس راز جي نئين پھلو کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ھوندي آهي. اهڙن مضمونن سان شخص جي زندگي جي مفهوم کي ظاهر ڪري سائنسي سوانح حيات جي تخليق تي عمل ڪيو وڃي ٿو.

چارلس آگسٽين سينٽ بيو جي مطابق ھر ليکڪ منفرد حقيقي تخليقي شخصيت ھوندو آھي. اِن شخصيت جي ٺاھڻ ۾ ادبي وراثت ۽ سياسي ماحول شامل ھوندو آھي. ان کي سمجڻ لاءِ شاعر کي شخصيت جي حيثيت ۾ ڏسڻ گھرجي. جڏھن ته ڪوتلوياريوسڪي ليکڪ جي شخصيت جو تعين سندس ڏات ۽ فني صلاحيتن جي ذريعي ٺھڻ تي زور ڏئي ٿو. ھو سمجهي ٿو ته لکيڪ جي تخليق سندس دور جي يادگري جو دستاويز آھي. تخليق جي توانائي دستاويز کي ڍانچي شڪل ڏئي روح ڀري لڪيل مقصد حاصل ڪرڻ جي تلقين سان گڏوگڏ سندس مقصد حاصل ٿيڻ تائين لاٽ کي ٻاري رکي ٿي. جيئن انور جو سنڌ جي ڌرتيءَ جي خشڪ نڙي کي آلو ڪرڻ وارو آواز هڪ دستاويز آھي .

ھونئن ته ٻلھڙيجي سان ناتو ۱۹۶۹ ۾ شروع ٿيو.انور سان پھرين مولاقات ڪراچي ۾ ننڍپڻ جي دوست گهنشام سان گڏ ۷۰ جي ڏھاڪي ۾ ٿي. پوءِ ملاقاتن جو سلسلو ڪراچي، گلشن حديد ۽ سنڌيونيورسٽي ۾ جاري رھيو. آخري ملاقات ٽيليفون تي ٿي ھئي. انور سان ھر موضوع تي ڪچھري ٿيندي ھئي پر اسانجو جو مرڪزي موضوع سنڌ جي ارضيات ھوندو ھو. جبلن تان چونڊيل پٿر ۽ پنڊپاھڻ آڻڻ ۽ انھن جي سڃاڻپ ۽ تشريح ۽ سندس مشاھدو ڪچھري جا موضوع ھوندا ھئا. سنڌ جي ارضيات جي اھميت تي ڳالهھ ٻولهه ۾ وقت گذرندي خبر نه پوندي ھئي. سنڌ جي ارضيات تي لکڻ لاءِ وڏو زور ڏيندو ھو. بس اِن سلسلي ۾ ايترو لکندس ته اِي چنڊ انور کي چئجان مون سنڌي ۾ سنڌ جي ارضيات لکڻ شروع ڪئي آھي .

انور پيرزادو جي زندگي جي اڀياس ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ڪردار جي ڦلڪاري ۾ حب وطني، برادري ۽ اشتراڪيت، ڳوٺاڻي، شهري ثقافتي نموني، خلوص، سادگي، دنيا واري نظاري سان مشابهت رکندڙ، ۽ محقق جي نقطه نظر کان هرڪنهن لاءِ اعليٰ اخلاقي ورتاءُ جي رنگ ڀريل هو. ڦلڪار ۾ ڀريل رنگَ اِن سوچ جي اجازت ڏين ٿا ته هو مڪمل طور سنڌي قومي ڪردار جي پورائي ڪري ٿو. سندس لکڻي ۽ شاعري ۾ دستووسڪي وانگر سانحو، مصيبت، آزمائش، زوال، قرباني، سچائي، خوبصورتي، خوداري، سنڌ جي جذبي جو عڪس ملي ٿو. انور جي مٿيون صفتون ۽ احَساسَ گهڻن دوستن جي لکڻين ۾ موجود آھن ۽ اڳتي به لکندا. پر انور جي سنڌ جي ارضياتي تارخ سان لڳاءُ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي.

سياحت ۽ رومانس جي شڪار انساني علم (Anthropology) جو محقق انور پيرزادو سنڌ جي جبلن جي اھڙن ھنڌن جو سير ڪيو جن جو سياح سير ڪرڻ جو خواب نه ڏٺو ھو. سنڌ جي انھن دور دراز جبلن جي خوبصورتي پٿرن ۽ پنڊپاھڻ گڏ ڪرڻ جي شوق کيس ماھر ارضيات ڪري ڇڏيو ھو. پوئين صدي جي ۸۰ جي ڏاھاڪي ۾ جنھن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ جيالاجي شعبن ۾ سنڌيونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي استادن جو جٿو فقط نصابي سرگرمين ۾ مشغول ھو ۽ تحقيق جي شعبي ۾ تجربيگاهن ۾ مٽي جا تھ چڙھي رھيا ھئا. اُن وقت ۱۹۸۹ع انور پيرزادو جو سنڌو درياهه جي مٿاڇري (Fluvial Geomorphology) جو اڀياس وڏي اھميت رکي ٿو. جنھن ۾ انور پيرزادي سنڌو درياهه جو ۲۲ ڏينھن اٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين سفر ڪري درياهه جي مندائتي مٽاسٽا ۽ پيچ يا لھرائپ (Sinuosity) جي تفصيلي رپورٽ ڏئي ٿو. اڳ ۾ اھڙو ڪم انگريزن واپار شروع ڪرڻ جي خيال سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۱۹ صدي جي ۳۰ واري ڏھاڪي ۾ سنڌو درياهه جو سير ڪيو ھو. ڪتي جي قبر مضمون ۾ ڏاڙھياري جبل جي آبياتي ذخيرن جو حوالو ڏئي ٿو ته ڪاڇي جي ڪھاڻي ۾ سطحي پاڻيءَ سان گڏ زير زمين ذخيرن جي نشاندھي ڪري ٿو. متان وساريو ۾ ”اڇر“ اصطلاح جي سمجھاڻي سان خبر پوي ٿي ته سندي ۾ اڇر چرٽ (Chert) پٿر کي چيو وڃي ٿو. جنھن جو ٽٽڻ وارو پاسو ڏاڍو تيز ھوندو آھي. بن جي جبل جي ٿومي ٺھندڙ پٿر ۾ گرمائش گهڻي دير تائين رھڻ جي ڪري رڌپچاءُ لاءِ ڪم ايندو آھي.

ھن وقت سنڌ يونورسٽي جي جيالاجي شعبي ۾ سنڌ تي تحقيق ٿيڻ جي باوجود انور پيرزادي جا جبلن تان پٿرن ۽ پنڊپاھڻ جو هٿ ڪرڻ ۽ سندس ھٿ سان لکيل نوٽس وڏي اھميت رکن ٿا. جن جو تجزيو ڪري ترتيب ڏئي بھترين دستاويز تيار ڪري سگهجي ٿو. ان پٿرن ۽ پنڊپاھڻن جي تشريح ۽ نوٽس کي ميوزم ۾ انور پيرزادو ڪارنر طور نمائش لاءِ رکجي ۽ ان سان گڏ ٻلھڙيجي ڳوٺ ۾ پڻ اهڙي ميوزم ٺاهي سگهجي ٿي. اھڙي ميوزم مون سائبريا جي ھڪ شھر ۾ ۹۰ ڏھاڪي ۾ ڏٺي هئي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بابا انور پيرزادو

رئوف نظاماڻي

بابا انور پيرزادو، جيئن ڪتاب جي ٽائيٽل مان ظاهر آهي، امر پيرزادو جو پنهنجي پي انور پيرزادو جي زندگي جي مختلف پاسن متعلق لکيل ڪتاب آهي.

انور پيرزادو جي شخصيت سنڌ جي ماڻهن لاء هر لحاظ کان ڄاتل سڃاتل ۽ هڪ کليل ڪتاب وانگر آهي. سندس ادبي، سياسي ۽ ڪنهن حد تائين ذاتي زندگي کان سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص طور اهي جيڪي سندس ويجھو رهيا آهن واقف آهن.

انسان جي شخصيت ۾ گھڻي ڀاڱي هڪ تسلسل هوندو آهي پر ڪڏهين ڪڏهين اتفاق سان اهڙا واقعا ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙا ڪم ٿي ويندا آهن جن جي نتيجن جي اڳواٽ ماڻهو کي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ اهي ماڻهو جي زندگي ۾ هڪ خاصيتي تبديلي آڻي ڇڏيندا آهن. آئون سمجھان ٿو ته انور جو ايئر فورس جي ٽريننگ ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي دوست کي اوڀر بنگال جي صورتحال متعلق لکيل خط جو اتفاقي طور ڪنهن غلط ماڻهو جي هٿ اچي وڃڻ سندس آئنده جي زندگي جي سڄي سفر کي بدلائي ڇڏيو. جڏهين ته هن جو ارادو اهڙي ڪنهن مهم جوئي ڪرڻ جو نه هو. هو آرام سان پنهنجي ايئر فورس جي نوڪري ڪري ها ۽ پنهنجي خاندان سان هڪ خوشحال زندگي گذاري ها. اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهين اهو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪو انور پوء اسان جي آڏو آيو اهو نه اچي ها.

انور هڪ نالي وارو صحافي ۽ ليکڪ رهيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي سان سندس ويجھو لاڳاپو رهيو. اها ڳاله سندس ڪريڊٽ تي آهي ته هن گھڻن موقعن هئڻ ۽ گھڻن حڪمرانن سان ويجھن ناتن هئڻ جي باوجود پنهنجي لاء ڪي ذاتي فائدا نه ورتا ۽ ڏکي سکي زندگي گذاري. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن پنهنجي اندر ۾ ان باغي نوجوان کي جيئرو رکيو هو جنهن ستر جي ڏهاڪي ۾ کيس ان خط لکڻ تي اتساهيو. سندس انعام ۽ ايوارڊ اهو هو ته هن جمهوري جدوجهد ۾ حصو ورتو ۽ جيل جون سختيون به سٺيون. ساڳي ريت سنڌي ادبي سنگت جي احياء ۽ ان کي گڏ رکڻ ۾ سندس نمايان ڪردار هو.

انور سان سياسي تنظيم جي حوالي سان ته آئون گڏ نه رهيو آهيان. منهنجو ساڻس تعلق ادبي سنگت جي حوالي سان رهيو آهي. هو پنهنجن دوستن سان محبت ڪندڙ پر سنگت جي معاملي ۾ نهايت حساس ۽ جذباتي ماڻهو هو. جيڪڏهين ڪراچي شاخ جو ڪنهن معاملي تي مرڪز سان ڪو اختلاف ٿيندو هو ته کيس فوري طور اهو محسوس ٿيندو هو ته ان سان متان سنگت جي اتحاد کي ڪو نقصان نه پهچي جڏهين ته دوستن جو اهڙو ڪو ارادو نه هوندو هو. پر هو فوري طور شاخ جي موقف جي مخالفت ۾ بيهي رهندو هو.

مون کي انور جي شخصيت جي حوالي سان ڪو خاص منفي پاسو نظر نه ٿو اچي. سياست، صحافت ۽ ادب جي حوالي سان اهو چئي سگھجي ٿو ته هن انهن مان ڪو به ڪم پنهنجي ذاتي فائدي لاء نه ڪيو بلڪه ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن انهن ڪمن ۾ ذاتي حوالي سان سراسر خساري جا سودا ڪيا. انور متعلق منهنجو اهو تاثر هوندو هو ته هي چوويه ڪلاڪ پنهنجين سرگرمين ۾ رڌل آهي ۽ سندس پنهنجي گھر ۽ بارن ڏانهن ڪو ڌيان ناهي. پر پوء انور جي خاص طور چئني پٽن سان ملڻ کانپوء منهنجو اهو خيال غلط ثابت ٿيو. انور جي وڏي پٽ مرحوم زبير سميت اهي چار ئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ پنهنجي ورتاء ۾ مهذب آهن. اها پڻ هڪ خوش آئند ڳاله آهي ته انهن پنهنجي پي کي پنهنجو آدرش ٺاهي علم ۽ ادب جي واٽ اختيار ڪئي آهي. .

امر جي ان ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ انور جي زندگي جي گھڻن پاسن جو احاظو ڪيو ويو آهي پر مون کي ائين لڳو ته لکڻ مهل ليکڪ هڪ دٻاء ۾ رهيو آهي ته انور جي هر عمل ۽ ڪم جي تعريف ئي ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ هن گھڻين جاين تي وڌاء کان ڪم ورتو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ جي ڪتاب ۾ دلچسپي گھٽجي وڃي ٿي. اهو ڪتاب هڪ لحاظ کان هڪ پٽ جي پنهنجي پي سان محبت جو اظهار آهي جيڪا عقيدت جي حد تائين وڃي ٿي. ان جي ڪري انور جي زندگي جا گھڻا پاسا ان عقيدت جي ڪري سامهون نه ٿا اچي سگھن جيڪا ڳاله ساڳي وقت انور ۽ پڙهندڙ سان هڪ زيادتي آهي.

 

(رئوف نظاماڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

انور پيرزادو

سندس ناقابل يقين وڇوڙو

حميده گهانگهرو

۲۰۰۷ع جي اڀاڳي صبح جو هر سنڌي ٽي وي چئنل تي پٽي جي صورت ۾ خبر هلي رهي هئي جنهن کي ڏسندي ڀر سان ڪمري مان منهنجي ڌيءَ موتيا، ڊڪندي آئي ۽ چيائين ته خبر ڏس” انور پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو“ مٿو چڪرائجڻ لڳو بوٽ بيسن جيسن ڪنڊومينم ۾ مان موتيه ۽ عامر جي گهر رهندي هئس، ڀرسان واري بلاڪ ۾ سلطانا وقاصي رهندي هئي. تصديق لاءِ فورن سندس گهر ويم جيڪا نڍهال حالت ۾ ويٺي هئي. ڏکياري اکين سان لڙڪ لاڙيندي چيائين ” سچي خبر آهي پر ڳوٺ کڻائي ويا اٿس“

ڪيڏو نه تڪليف ده جملو آهي کڻائي ويا اٿس.“ اهو ماڻهو جيڪو دوست ساٿين سان سفر ڪري گهمندو ڦرندو هو، سير، سياحت لاءِ اڪثر هلندو رهيو اڄ هو قافلي ۾ نه هلندو پر کڄي ويو. سندس سفر ڪراچيءَ کان ٻلهڙيجي جو هو پر سندس قلم جو سفر ته سنڌوءَ جي سينڌ ۾ اٽڪ کان ڪيٽي بدر جي ڊيلٽا تائين. وري سڀني سنڌ جي ڪوٽ قلعن جي پٿريلي زمينن پيرن جي لڦن باوجود به هلندو رهيو.مون سوچيو پئي ته ماڻهو ڇو مرندا آهن پوءِ سوچيم ته انسان ته هڪ صديءَ جي پيٽ ۾ پيدا ٿي وڇڙي وڃي ٿو پر جيڪي پنهنجي سوچ، فڪر، قلم ذريعي وڇڙي به وڃن ته صدين تائين زنده رهندا آهن.

سال ۲۰۰۷ کان ۲۰۲۳ع جو سفر ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اڄ به ادا انور پيرزادي جي هٿ ۾ قلم آهي. هو ڪجهه لکي ٿو، سوچي ٿو وري اٿي چيلهه کي هٿ ڏئي چشمي کي قميص جي پلئه سان صاف ڪري ٿو سندس نظرون ڊرائنگ روم جي دريءَ مان ٻاهر گهٽيءَ کي ڏسن ٿيون. هو ڇا ٿو سوچي سوچ جي سمنڊ ۾ وڇڙي وڃي ٿو پر سندس سوچون ڇولين وانگر بار بار ذهن تي اڪري اچن ٿيون. هيءُ نذير عباسي جو به دوست آ ته سڀني سان ياري دوستي رکڻ وارو به آ. بس هڪ قلم ٻيا سندس درد ڀري دل مان زور ٽهڪن جي گونجار ڪڏهن به وسرڻ نه ڏيندي.” ۷ جنوري ته شروعات آهي اڳتي ڪيترا نسل ان گونجار کي نه وساريندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

انور پيرزادو

سراپا انقلابي ۽ باغي هو

امتياز دانش

انور پيرزادو هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو، شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڀٽائي جو پارکو، محقق، صحافي ۽ سياسي دانشور هو. سندس زندگيءَ جي انهن پاسن جو جائزو وٺجي ته هو سنڌي سماج جو رول ماڊل ٿي آڏو اچي ٿو. جيڪو هڪ اڳواڻ کي پنهنجو مخلصيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اهو ڪردار انور پيرزادي ادا ڪيو. هن شاعري، ڪهاڻي،  مضمون ۽ ڪالم پنهنجو نالو ڪمائڻ لاءِ نه لکيا پر هن اهي سماج جي تبديليءَ لاءِ لکيا. اها سماجي تبديلي، جنهن جي لاءِ کيس پنهنجي سرڪاري نوڪري جي به قرباني ڏيڻي پئي.

هو هڪ نظرياتي ماڻهو هو، ان وقت ملڪ اندر جيڪو سياسي واءُ گهلي رهيو هو، ان ۾ هيءَ ته رڳو نوڪري هئي پر مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن انور صاحب کي سماج جي تبديليءَ لاءِ پنهنجي جان به ڏيڻي پوي ها ته هو ان کان به نه ڪيٻائي ها. ڇو ته هو هڪ اهڙي فڪر ۽ هڪ اهڙي پارٽيءَ سان سلهاڙيل هو، جتي انفراديت بدران اجتماعيت لاءِ جيڻو پوي ٿو ۽ هن پنهنجي زندگي اجتماعيت لاءِ ڏکن ۾ رهي گذاري. ڇو ته هو جنهن سطح ۽ جن صلاحيتن جو مالڪ هو، چاهي ها ته الائي ڇاڇا ٿي پئي سگهيو پر هن دنيا جي هر سک کي ٺڪرائي غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان گڏ بيهي رهيو ۽ پنهنجي سڄي زندگي مفلسيءَ ۾ گذاري، ان وقت جيڪا هو ضمير وڪري جي هوا گهلي رهي هئي ان ۾ الائي ڪيترن انور پيرزادي جي همعمر ۽ همعصر ليکڪن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو پر انور اهڙو ڪسو ڪم نه ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته جو هن پنهنجي سڄي زندگي ڳاٽ اوچو ڪري گذاري ۽ ٻين کي به اهو درس ڏنو. ان وقت جن ليکڪن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو، اڄ اهي تاريخ ۾ ڪٿي بيٺا آهن؟.

انور پيرزادو تمام وڏو ماڻهو هو. هڪ غير معمولي، هڪ خوددار، هڪ سچو پڇو انقلابي سندس شاعري هجي، ڪهاڻيون، ڀٽائي ۽ ٻين موضوعن تي تحقيق ۽ صحافت، هن ان ۾ غير روايتي ڪم ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سندس انهن موضوعن تي لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون ته انهن سماج ۾ٿرٿلو مچائي ڏنو. اهريءَ ريت هن جڏهن صحافت ڪئي، اها به غير روايتي هئي. جيڪا خبر ۾ صداقت هئي هو ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي ان کي ان صداقت سان عوام آڏو کڻي آيو. اهو صحافتي دور هڪ ڏکيو دور هو. ضياءُ الحق جو دور هو. ملڪ ۾ هڪ اونداهو دور هو. ان دور ۾ انور جو هڪ هڪ لفظ ڏيئو ٿي ٻريو ۽ ماڻهن جي خاموشي ٽوڙڻ، ماڻهن کي ڳالهائڻ، ظالم سان وڙهڻ جو رستو ڏسيو.

انور پنهنجي مزاج ۾ ته باغي هو ئي هو پر جن جي صحبت ۾ آيو، اهي به باغي هئا. جن سان گڏجي هن پنهنجي زندگي تريءَ تي رکي سماج جي تبديليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن هر شيءِ ۾ نواڻ ٿي ڏسڻ چاهي. هر شيءِ ۾ تبديلي ٿي ڏسڻ چاهي.

انور پيرزادو سنڌي ليکڪن کان بنهه منفرد هو. هن پنهنجي سڄي زندگي خودداريءَ ۾ گذاري ۽ زندگيءَ جا جيڪي آخري پل گذاريا ۽ آخري ساهه کنيا، اهي به خودداريءَ سان. موجوده وقت جي ليکڪن کي ڏسجي ته کين کنگهه به ٿئي ٿي ته هو حڪومت کي علاج جي وينتي ڪن ٿا پر انور پيرزادو ڪينسر جهڙي مرضن سان جهيڙي رهيو هو. هو مرندي مري ويو پر حڪومت کي ڪڏهن به علاج جي لاءِ وينتي نه ڪئي ۽ حڪومت کي علاج لاءِ وينتي کان پنهنجي گهر وارن کي به سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيو. ڇو ته مرڻو ته هر ماڻهو کي آهي پوءِ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگي ڇو مري؟

انور جيئن اوچي ڳاٽ سان زندگي گذاري تيئن اوچي ڳاٽ سان هي دنيا ڇڏي، اوچي ڳاٽ سان ماڻهن کي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ويو. خوددار ۽ انقلابي ماڻهو ايئن زندگي گذاريندا آهن ۽ ايئن هي دنيا ڇڏي هليا ويندا آهن. انور پيرزادو هڪ سچ هو. خودداري هو. بغاوت هو، مزاحمت هو ۽ هو اهو پنهنجي لکڻين ۾ سنڌي سماج کي ڏئي ويو ته جيئو به ته ڳاٽ اوچو ڪري مرو به ته ڳاٽ اوچو ڪري.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

انور پيرزادو

هڪ گهڻ صلاحتيو ۽ لاڀائتو دانشور

تحرير: زاهد مخدوم

سنڌيڪار: ثريا مخدوم

انور پيرزادو گهڻو ڪري سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ اصول پرست دانشورن مان هڪ هو. هن جو عالمي نظريوگهڻي ڀاڱي مارڪسي تصورن واري سماجي انصاف، سامراج مخالف ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تصوف، فيمينزم، ويندي بين الاقواميت جي نقطه نظر تي تمام گهڻو ٻڌل هو.هن ڪڏهن به تخليقي لکڻين، صحافت ۽ تحقيق لاءِ پنهنجي گهري ذوق کي سماجي انصاف، اظهار جي آزادي، برابري ۽ امن لاءِ پنهنجي انتهائي گهربل ۽ مفيد سرگرميءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏنو.

مون کي مارچ ۱۹۷۱ع جي آخري ڏينهن کان، اولهه پاڪستان جي فوجي-بيوروڪريٽڪ-جاگيرداراڻي اسٽيبلشمينٽ جي هٿان اوڀر بنگال جي عوام جي نسل ڪشي جي ڪوششن جي مخالفت ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ انور کي به گرفتار ڪيو ويو. منهنجي ڀيڻ ظلمن جي انهن ڏينهن جي هڪ عجيب ڪهاڻي ٻڌائي. انور جي ماء، جيڪا منهنجي خاندان جي تمام ويجهي ۽ پياري هئي. اسان جي ڳوٺ، اسان جي حاويليءَ ۾ آئي. ٿوري دير کان پوءِ هن خواهش ظاهر ڪئي ته هوءَ منهنجي ناني سائين جي مقبري تي پنهنجي پياري پٽ انور جي سلامتي ۽ جلد بازيابي لاءِ دعا گهرڻ وڃي رهي آهي. منهنجي پياري ڀيڻ، ثريا، کيس سنجيدگيءَ سان ٻڌايو ۽ صلاح ڏني ته، “ماسي، ناني سائينءَ جو پنهنجو پيارو ڏوهٽو پڻ جيل ۾ آهي، سو مهرباني ڪري کين اهو ياد ڏيارجاءِ ته ادا انور سان گڏ سندن نوجوان ڏوهٽو پڻ جيل ۾ آهي”.

مون کي جنوري ۱۹۷۲ع ۾ آزاد ڪيو ويو. ادا انور ا ن کان اڳ آزاد ڪيو ويو هو. مان جڏهن آزاد ٿيس، ان وقت هو اڳي ئي هڪ مشهور صحافي ٿي چڪو هو. سندس حوصلا افزائي، بلڪه مسلسل اصرار مون لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه ڇڏيو هو ته مان پنهنجي منتشر سوچن کي هڪ هفتيوار، تنقيدي ۽ طنزيه ڪالم (“دوزخ مان هڪ خط”) لاءِ قلمبند ڪريان، جنهن کي سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ انور سنڌي روزاني “هلال پاڪستان” ۾ شايع ڪيو. اهو ڪالم جلد ئي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ان سرڪاري اخبار جي صفحن تان بليڪ آئوٽ ڪيو ويو. پر پوءِ به انور نه رڪيو ۽ اصرار ڪندو رهيو ته مان لکان. منهنجو ڪالم مختلف رسالن يا اخبارن ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت ڇپيو، جيستائين مون ۱۹۷۷ع کان مرحوم، عظيم انسان مظهر علي خان خان جي رسالي “ويو پوائنٽ” لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڳالهه کيس تمام گهڻو مطمئن ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو سياسي بنيادن تي ناخوش هو ته منهنجي دوست سليم اڪبر قاضي جي اوچتي وفات کان پوءِ مون هفتيوار “سنڌ آبزرور” جي ايڊيٽر شپ سنڀالي هئي. يقينن، سليم جي پيءُ قاضي اڪبر جي پاليسيءَ سان اختلافن سبب فقط چند شمارا ايڊٽ ڪرڻ بعد مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. مان اقرار ڪريان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي سهڻي ڪامريڊ ۽ دوست انور جي سهڻي صلاح ۽ سهڪار نه هجي ها ته مان ڪڏهن به پنهنجو قلم ڪاغذ تي نه هلايان ها. سچ پڇو ته ٻيا به ڪيترائي سنڌي اديب ۽ صحافي آهن، جن پڻ انور کان اتساهه حاصل ڪيو.

آخري دفعو مون انور کي ۲۰۰۵ جي آس پاس ڏٺو هو. هو دل ۽ ساهه جي مشڪلاتن جي تشخيص هيٺ پننهنجو علاج ڪرائي رهيو هو، پر بستري تي نه هو. مون کي ياد آهي ته مون هن لاءِ شيري ڪاسڪڍ سنگل مالٽ وسڪي جي بوتل ۽ عراق جنگ جي حوالي سان رياست، ڪارپوريٽزم ۽ سامراجيت تي مارڪسي تبصرو، “اپاهج ڪيل طاقتون”، جيڪو فرانسسڪو بَي ايريا جي مارڪسسٽ مفڪرن ۽ تعليمي ماهرن جي ڇاپي رٽورٽ RETORT پاران پڌرو ڪيو ويو هو سي آندا هيا. انور کلندي چيو ته تو کي ان بوتل تي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته منهنجي صحت ان کي پيئڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. باقي هن خوشيءَ سان اهو ڪتاب قبول ڪندي چيو ته “مان لکڻ ۾ ڏاڍو مصروف آهيان پر ٺيڪ آهي توهان چاهيو ٿا ته مان هي ڪتاب پڙهان، مان پڙهي وٺندس”.

هن جي انتهائي تخليقي دانشوراڻي زندگيءَ جي عروج ۾، مان هن جي صحت جي خرابيءَ جو مشاهدو ڪري تباهه ٿي ويس. ڪجهه ڏينهن مان ڪراچيءَ ۾ رهيس، ڪيترائي ڀيرا هن وٽ گهمڻ وياسين ۽ هر ڀيري هن مون کي ڀٽائيءَ جي ڪنهن ٻئي املهه نقطي جي تعليم ڏني. روايتي انينٿروپولوجي جي ماهرن جي برعڪس جن جي يوروپي مرڪزيت جي اڌمن هميشه ماڻهن ۽ سندن تمدنن کي “دريافتن” ڪرڻ جي نقطه نظر سان ڏٺو آهي، انور جي انٿروپالاجي جي نقطه نظر جون پاڙون هن جي انسانيت ۾ کتل هيون، جن جي آبياري ڪئي هن جي تجسس، ۽ جن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪئي سندس روايتن ۽ ماڻهن جي احترام ڪرڻ جي روِش. ان ڪري هن صرف کوجنا ڪئي، انهن مضمونن جي اهميت کي تسليم ڪيو، جن تي هو تحقيق ڪري رهيو هو، ۽ پنهنجا نتيجا پڌرا ڪيائين.

هو هڪ پڪو مارڪسي هو پر هن ڪڏهن به پنهنجي نظريي کي حقيقتن کي ٽوڙڻ نه ڏنو.ان جو ڪاٿو لڳائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي ته اسان جي وچ مان سندس وڃڻ سان ڪيترو وڏو علمي خال پيدا ٿيو آهي. انور پنهنجي آخري دم تائين هڪ ثابت قدم ڪامريڊ، طاقتور ڪارڪن، سخت علمي پورهيو ڪندڙ دانشور، پختو شاعر، ڏاهو نقاد، هميشا جوڳي صلاح ڏيڻ لاءِ موجود استاد، نهايت پيار ڪندڙ، خيال رکندڙ، نرم دل دوست ۽ خاندان جو ميمبر رهيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 


انور پيرزادو

شاھ لطيف جي وڏي پارکوءَ کي ڀيٽا

سرويچ مجاھد فتاحي

سنڌ جي مھان عالم، شاھ لطيف جي پارکو، سچي ۽ بيباڪ صحافي سائين انور پيرزادي ۲۵ جنوري ۱۹۳۹ع سنڌو تھذيب جي شھر موھن جو دڙو ڀرسان ٻلھڙيجي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس ولادت جو نالو محمد پريل ولد شفيع محمد پيرزادو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊوڪري مان پاس ڪيائين. هن ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان انگريزي ادب ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي. ان ٻلھڙيجي جي ئي خمير مان ڪيترن ئي لطيف جي پارکن جنم ورتو آھي جن ۾ سائين غلام مرتضٰي پيرزادو ۽ اقرار پيرزادو به آھن.

هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۶۳ع ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪئي ۽ ۱۹۶۸ع تائين مختلف اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ تعليم پڻ جاري رکيائين. ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ کيس پاڪستان ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر طور چونڊيو ويو. هن ڇهن مهينن جي ٽريننگ مڪمل ڪئي، پر اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ آپريشن جي مخالفت جي ڪري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. پاڻ ستن مهينن کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيو ۽ روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو. ۱۹۷۵ع ۾ کيس پاڪستان جي روسي سفارتخاني پاران شايع ٿيندڙ انگريزي بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن بليٽن جي اشاعت ۱۹۸۰ع ۾ بند ٿي وئي، ان کان پوءِ هن انگريزي روزاني ڊان لاڙڪاڻي جي نمائندي طور ۽ روزاني دي اسٽار ۾ بطور بيورو چيف شامل ٿيو. تحريڪ بحاليءَ جي تحريڪ (M.R.D.) دوران پاڪستان ۾ مارشل لا حڪومت خلاف ڪالم لکڻ جي ڪري کيس ڇهن مهينن لاءِ جيل ويو. هو عوامي آواز، جاڳو، سنڌ سُجاگ، برسات، سنڌ ٽربيون ۽ سچ سميت ٻين ڪيترن ئي اخبارن سان پڻ لاڳاپيل رهيو. پاڻ ھڪ روس جي اخبار پليٽن لاءِ ڪالم لکيائين ۽ ان جو خاص ايڊيٽر رھيو ۽ بعد ڊان اخبار جو ڪالم نگار، ايڊيٽر ۽ بيورو چيف رھيو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن ۾  “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ”، “متان وساريو”، “ڀٽائي”، “ممبئي ياترا”، “جديد سنڌي ادب”، Sindhi Language and” Literature- A brief account، “انٽرويو ۽ تقريرون”، “سنڌ”، “ڀڻ جھڻ”، “عشق”، “فنا”، ۽ “انور پيرزادي جون ڪھاڻيون” مشھور آھن. سندس ڪتاب “ڀٽائي” اھڙو ته شاھڪار ڪتاب آھي جو ھر ھر پڙھڻ وٽان دل ڪري ٿي. اچو ته سندس ان ڪتاب مان ڪجھ حوالا پڙھون. سائين انور پيرزادو پنھنجي پڙھڻ لائق ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ڀٽائي انساني جينيالاجيءَ جي ڪا انوکي ايجاد آھي، جنھن جو ڇيد شايد جينيٽڪ (Genetic) جا ماھر به نه ڪري سگھيا آھن. ڀٽائي مختصر عمر (۱۶۸۹ - ۱۷۵۲) يعني ۶۳ سالن جي ڄمار ۾ جيترو سنڌ کي ڏسي پسي ڊاڪيومينٽ ڪيو آھي، اسان گذريل ٽي سؤ سالن ۾ به نه ڪري سگھيا آھيون. ڄڻ ته ھن جي فوٽوگرافڪ (Photographic) ميموري ھئي. ڀٽائيءَ جي اک ڄڻ ته وڊيو ڪيمرا ھئي، جو ھن جيڪو ڏٺو پئي سا فلم ٺھندي پئي وئي ۽ پوءِ ڀٽائي جڏھن تنبورو تاڻي راڳ جي سرواڻي ڪندو ھو ته ان وقت اسڪرين تي سنڌ جي ھڪ اھڙي ڊاڪيومينٽري ھلندي ھئي، جنھن ۾ ڪٿي ڪا ڪوِل به چرندي ھئي ته نظر ايندي ھئي.

يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻن اھڃاڻن سڀ کان گھڻو جنجھوڙي وڌو ھو. ھڪ ته ھن انگريز مصنف کي اھو معلوم ڪري عجيب لڳو ھو ته جنھن دور ۾ ايشيا جي شاعريءَ لاءِ ٽي وڏيون ٻوليون، يعني فارسي، عربي ۽ ھندي موجود ھيون ۽ ڀٽائي اھي ٽيئي ٻوليون ڄاڻندو به ھو، پر پوءِ به ھن پنھنجي عظيم شاعريءَ لاءِ ھڪ اھڙي غير معروف مقامي ٻوليءَ جو انتخاب ڪيئن ڪيو، جنھن جي ان وقت ھڪ “لساني لھجي” کان وڌيڪ حيثيت ڪانه ھئي. البت جڏھن ڀٽائيءَ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ته انکانپوءِ ئي دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو ٿيو. ظاھر آھي ته جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جھڙي شاعر کي پاڻ ۾ سمائي سگھي ٿي، اھا دنيا جي عظيم ۽ سڌريل ٻولين مان ئي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻي ڳالھ جيڪا انگريز ماھر کي سمجھ ۾ نه آئي ھئي، سا اھا ھئي ته ڀٽائيءَ پنھنجي اعلٰي شاعريءَ لاءِ جيڪي موضوع چونڊيا ھئا، سي سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسوي دوران دنيا جي عظيم شاعري جا ڪڏھن به موضوع نه رھيا ھئا. سو مڇيءَ جي ڇٽَ، بدبوءِ ۽ کِکَ، ڀٽائيءَ جي خوبصورت شاعريءَ جو موضوع بڻجي امر مھڪ ماڻڻ لڳا. ائين ڀٽائي صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي چرندڙ پرندڙ ھر شيءِ ۽ ھر زندھه سوچ سان گڏ پنھنجي ماڻھن، عوام ۽ ڏکويل انسانن جي خاص ڪري اھڙي ڪنھن به ننڍي وڏي جذبي ۽ امنگ کي نظرانداز نه ڪيو آھي، جيڪو شاعريءَ جو موضوع بڻجي سگھي ٿو.

(ڪتاب “ڀٽائي”، انور پيرزادو، ص ۲۸/۲۷)

سنڌ جي اقتصادي توڙي سياسي قومي اتحاد پويان جيڪو دائمي قدر موجود آھي، سو آھي سنڌ جو ثقافتي اتحاد، جنھن جو اڏيندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائي آھي. سنڌ جي بي مثال شاعر ھئڻ جي ناتي ڀٽائيءَ جيڪا سنڌي ٻولي لکي آھي، ان ۾ سنڌ جي مڙني جاگرافيائي حصن جا لساني لھجا موجود آھن. اُن ڪري رسالو پڙھي سري وارا ماڻھو وچولي کان واقف ٿي وڃن ٿا ۽ وچولي وارا ٿر ۾ رائج ٻولي سمجھي وڃن ٿا، جڏھن ته سنڌ جي پھاڙي علائقن جي ماڻھن سان پاڻيءَ تي رھندڙ سنڌين سميت مختلف ماڻھن جي سماجي عليڪ سليڪ ٿي وڃي ٿي. سو ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ڀٽائي سڀني سنڌين لاءِ ھڪ اھڙو مرڪزي نقطو آھي جتي مختلف ڏسائن کان ھو ڊوڙندا اچي گڏ ٿين ٿا ۽ اھڙي طرح سنڌي قوم وجود ۾ اچي ٿي.

لساني لحاظ کان سنڌين جي قومي وجود کي خلقي، ڀٽائيءَ اھڙي اتحاد کي ثقافتي تاريخ جي مھر ھڻي ڇڏي آھي. پنھنجي رسالي ۾ ٿر وارن ماڻھن جي اٿڻي ويھڻي، لوڪ گيت، آسون ۽ امنگ توڙي انھن ماڻھن جي پوشاڪ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ذڪر ڪري ڀٽائي باقي سنڌين کي ٿر جي ثقافت ساڻ سلھاڙي ڇڏي ٿو. اھڙي طرح سنڌ جي ڪوھستاني علائقي جا جبل جھڙوڪ ڪارو، ڪانڀو، ھاڙھو، گوندر، وندر، ڇپر، پٻ وغيره ۾ جيت جڻيا، ماڻھو، پھون، جانور، ٻوٽا، پھاڙن جا پنڌ، رائو، وڻڪار، نانگ بلائون ۽ زندگي جو ھر اولڙو ڏيکاري ٿو. اٺن جي اوڳر واري بوءِ تائين ماڻھوءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. سنڌو درياءَ جي ٻنھي ڪنارن وارن ميدانن ۾ رھندڙ ماڻھن کي الھندي سنڌ سان واقفيت ڪرائي ٿو ۽ وري سر سامونڊي، سريراڳ وغيره ۾ پاڻيءَ تي رھندڙ ماڻھن جي زندگيءَ جو عڪس ٿو چٽي. ان سان ٿر جي ماڻھن کي اندازو ٿي وڃي ٿو ته سنڌ جي ھڪ علائقي ۾ پاڻي جي ڦڙي لاءِ انسان واجھائين ٿا ۽ ٻئي علائقي ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي ۾ وڏي ندي وھي ٿي.

(ڪتاب “ڀٽائي”، انور پيرزادو، ص ۳۶)

محقق اي ايس تربو وائيل چيو آھي ته “عام طور تي ماڻھو پنھنجي روزاني زندگي ۾ سياسي معاملن کي انتھائي دلچسپ موضوع سمجھي ان تي ڀرپور انداز ۾ تبصرا ڪندا آھن ۽ دل کولي لکندا آھن، ڀلي ته اھي موضوع اڳتي ھلي ايندڙ نسل لاءِ ٻُسا ۽ ڇَسا ڇونه ثابت ٿيندا ھجن، پر روزاني زندگيءَ جي سماجي مسئلن کي ھميشه گھٽ اھميت وارو ليکيو ويندو آھي”.

ڊاڪٽر سورلي مطابق؛ “اھو ئي سبب آھي جو ونسنٽ سمٿ، لين پول، مورلئنڊ سرڪار جھڙن وڏن سماجي تاريخدانن جو قلمي پورھيو ۱۷ ۽ ۱۸ ھين عيسوي واري ھندستان ۾ سماجي حالتن کي سمجھڻ لاءِ غير اھم ليکيو وڃي ٿو”.

پر ان سلسلي ۾ جڏھن اسان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پڙھون ٿا ته ان ۾ اسان کي سنڌ جي اھا سماجي تاريخ ملي ٿي، جيڪا ۱۷ھين ۽ ۱۸ھين صدي عيسوي دوران نه ته سنڌ جي مقامي تاريخدانن لکي آھي ۽ نه وري انھن يورپي ليکڪن قلمبند ڪئي آھي، جيڪي ھتي واپار سانگي اچي سھڙيا ھئا، پر پوءِ حڪومت ڄمائي ويھي رھيا ۽ سنڌ کي برطانوي سلطنت جو حصو بڻائي ڇڏيائون. مقامي تاريخدانن جون مجبوريون ڪجھ ٻيون ھيون، جن ۾ ان ڳالھ کي به خاص اھميت ھئي ته انھن مان گھڻا تاريخ نويس درٻاري قسم جا ماڻھو ھئا ۽ وري اھا به ھڪ حقيقت آھي ته ارغونن ۽ ترخانن توڙي عربن جي سنڌ تي حملن دوران سنڌ جا ڪتب خانا ۽ ادبي خزانا ساڙي رک ڪيا ويا ھئا. باقي جيستائين يورپي تاريخدانن جو تعلق آھي، ته انھن جي سنڌ سان دلچسپي رڳو ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ واپار ۾ نفعي خوريءَ جي ڪري ھئي ۽ جيئن ته ۱۶۶۲ع کان وٺي ۱۷۵۸ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪاروبار سنڌ ۾ ٺپ رھيو ھو، ان ڪري يورپ جا تاريخ نويس ان دور واري سنڌ جي تاريخ قلمبند ڪري نه سگھيا، جيڪو ڀٽائيءَ جو دور ھو.

ھيءَ ڳالھ پنھنجي جاءِ تي اھميت رکي ٿي ته جيستائين ڀٽائي جيئرو ھو، تيستائين سنڌ جي سرزمين جا دروازا انگريز بيٺڪيت جي سرچشمي يعني ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ بند ھئا ۽ جڏھن سنڌ جي ھن مھان شاعر ۱۷۵۲ع ۾ وفات ڪئي ته ان کان ڇھه ورھيه پوءِ ئي انگريز واپارين کي سن ۱۷۵۸ع ۾ ٻيو دفعو پنھنجيون واپاري ڪوٺيون سنڌ ۾ قائم ڪرڻ جي ھمت پئدا ٿي.

ان لاءِ يورپي مصنفن جيڪي سبب ڄاڻايا آھن انھن ۾ سنڌ اندر فصلن جي تباھي، ڏڪار جھڙيون حالتون ۽ بدامني شامل آھن. پر جيڪڏھن عقلي بنيادن تي سوچجي ٿو ته ان ڳالھ جو وڏو امڪان نظر اچي ٿو ته سنڌ جي صوفين جي انقلابي تحريڪ جيڪا ڀٽائي جي دور کان اڳ ھن جي حياتيءَ ۾ ۽ ان کانپوءِ به جاري رھي ھئي، جيڪا پنھنجي دور جي مقامي جاگيردارن، مرڪزي بالادست شھنشاھيت توڙي بيروني بيٺڪيت جي خلاف ھئي، اھا به ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي راھ ۾ ھڪ وڏي رڪاوٽ بڻي ھوندي. سو بھرحال جيستائين ڀٽائي صاحب جيئرو ھو، تيستائين انگريز ڪمپنيءَ جو منحوس پاڇو سنڌ جي سرزمين تان ھٽيل رھيو ۽ ان وچ ۾ جھوڪ واري شاھ عنايت شھيد جي ھارين واري انقلابي تحريڪ به جاري ھئي، جنھن کي ۱۷۱۸ع ۾ چيڀاٽي ختم ڪيو ويو. ڀٽائي صاحب انھن ڏينھن ۾ پنھنجي ڦوھُه جواني ۾ ھو ۽ ھن جي عمر ۲۸ کان ۳۰ سالن جي وچ ۾ ھئي.

  ھڪ سماجي مفڪر جي حيثيت ۾ ڀٽائي صاحب سنڌ جي جيڪا سماجي تاريخ لکي آھي، اھو ھڪ اھڙو داستان آھي، جنھن کي نه نادر شاھ لشڪر سن ۱۷۳۹ع ۾ باھ ڏئي ساڙي سگھيو، نه احمد شاھ ابداليءَ جي گھوڙن جا سنب ان کي چيڀاٽي سگھيا ۽ نه انگريزن جون توبون ۱۸۴۳ع ۾ ان کي تباھ ڪري سگھيون. اھو علمي ۽ ادبي خزانو ان ڪري بچي ويو، ڇا ڪاڻ ته ان کي سنڌ جي ڏتڙيل، ڏکويل ۽ پيڙھيل عوام پنھنجي دل، دماغ ۽ سيني ۾ سانڍي رکيو ھو.

(ڪتاب “ڀٽائي”، انور پيرزادو، ص ۳۸ - ۳۹  - ۴۰)

بدين ۽ لاڙ ۾ ته ڀٽائيءَ جا جيئرا جاڳندا حافظ ويٺا آھن. خاناڻي جت ۽ ڪي ٻيا اھڙا قبيلا آھن، جي زالين مڙسين ڀٽائيءَ جو ڪلام قرآن جي حافظن جيان ياد ڪن ٿا ۽ پڙھن ٿا.

بدين ۾ ھڪ دفعي ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جا مھمان ٿي وياسي، ميزبان اسان لاءِ نيرن مڇيءَ سان تيار ڪرائي ھئي. اڳتي سفر لاءِ رواني ٿيڻ جي جلدي ھئي. اسان ميزبان کي چيو ته اسان جي ھڪڙي حسرت پوري نه ٿي سگھي، جو بدين جي ڪنھن جت کان ڀٽائي ٻڌون ھا. ھن ھڪدم پنھنجي ھڪ ھمراھه کي رڙ ڪئي ته اڙي ٻاھر ڏس بازار ۾ ڪو جت ھجي ته وٺي اچينس. اڃا ماني ئي ڪانه آئي ته جت ذات جو ھڪ ھمراھه اچي نڪتو. ويھندي چيائين: “سائين ڇا ٻڌندئو؟” “سسئي داستان جا اھي بيت جن ۾ بلوچي ٻوليءَ جا لفظ ۽ جملا استعمال ٿيل آھن”... ۽ پوءِ بدين جو جت شروع ٿي ويو... ايتري ۾ ماني به اچي وئي جا اسان کائڻ به شروع ڪئي ۽ بيت به ٻڌندا رھياسين. ماني ايڏي لذيذ ھئي جو ھٿ ڪڍڻ واڪ ئي نه پيو ٿئي. پر اڳتي جي سفر واري اوسيئڙي اٿاري وڌو... پر جت اڃا ڀٽائي جا اھي بيت ختم نه ڪيا ھئا، جن ۾ بلوچي ٻوليءَ جا لفظ ۽ جملا استعمال ٿيل آھن. چون ٿا ته اھي جت پنھنجي ٻارن کي پھريائين شاھ جو رسالو ياد ڪرائيندا آھن ۽ انکانپوءِ ئي ڪنھن ٻئي ڌنڌي سان کين لڳائيندا آھن. سنڌ ۾ ڪي اھڙا ماڻھو به سجھن ٿا، جيڪي مماتيءَ وقت ماڻھو جي مڙھه مٿان رڳو ڀٽائيءَ جا بيت پڙھن ٿا. ٿر ۾ ماڻھو ڀٽائيءَ جي بيتن سان ھڪ راند کيڏندا آھن، جنھن سان سڀ اشارا ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ھوندا آھن. اھا سڄي راند ڀٽائيءَ جي بيتن تي ٻڌل ھوندي آھي ۽ اردو واري ڳجھارت يا سنڌي واري ڪسوٽي سان ملندڙ آھي.

ٿر جو الھداد جنجھي جنھن پنھنجي يادگيريءَ سان ڀٽائي جو رسالو ڇپرايو آھي. تنھن اسان کي ٿر جي ھڪ دوري دوران اھا راند کيڏي ڏيکاري. ھن ميز تي ھڪ ڪپڙو وڇايو جنھن تي چورس خانا ليڪيل ھئا، جن جو تعداد ۲۰ ھو. ھن پنھنجي ھڪ ڇوڪري کي چيو ته تون پري ڪٿي وڃي لڪ، پوءِ ھن اسان کي چيو ته اوھان مان ڪو ھڪ ھمراھه اڳتي اچي ھنن خانن مان ڪنھن به ھڪ خاني تي آڱر رکي. اسان ائين ڪيو ۽ پوءِ لڪل ڇوڪر کي پاڻ وٽ گھرائي ميز آڏو بيھاريو. ڇوڪر جي تيز اکين ميز تي وڇايل ڪپڙي تي ليڪيل خانن مان ان خاني جي تلاش شروع ڪري ڏني، جنھن تي ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي آڱر رکي ھئي. ايتري ۾ جنجھي، ڀٽائيءَ جا بيت پڙھڻ شروع ڪيا. بيت ھو بنا اسٽاپ پڙھي رھيو ھو ۽ انھن بيتن ۾ ڇوڪر کي گھربل اشارا ڏئي رھيو ھو ۽ ٿيو به ائين ته ڏھن يا يارھن بيتن کانپوءِ ڇوڪر برابر انھيءَ خاني تي ھٿ رکيو، جنھن تي ڪنھن مھمان آڱر رکي ھئي.

سو ڀٽائي عوام کي ايترو ويجھو آھي، جو ھن جي بيتن سان رانديون کيڏن ٿا. پنھنجي شاعريءَ ۾ ڀٽائي عوام جي ٻولي ڳاتي آھي، ان ڪري عوام ڀٽائيءَ جي ٻولي وڌيڪ سمجھي ٿو، ڇا ڪاڻ ته اھا سندن ٻولي آھي. (ڪتاب “ڀٽائي” انور پيرزادو، ص - ۶۶، ۶۷ ۽ ۶۸)

پاڻ ۷ جنوري، ۲۰۰۷ع ۾ وفات ڪري ويا.

 

(سرويچ مجاھد فتاحي جي فسيبڪ پوسٽ تان ۸ جنوري ۲۰۲۴ع کنيل)



انور پيرزادو

ٻلھڙيجيءَ جو ٻاٻيھو

حبيب ساجد

ھو سالَ ۱۹۹۳ع جو ھڪ گرم ڏھاڙو ھو ۽ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي پيھ سدائين کان ڪجھ سرس ئي ھئي. يونيورسٽيءَ جي مئن گيٽ وٽ ھُو مون کي اوچتو نظر آيو ھو. مون کيس سڃاڻڻ ۾ صفا به ڪا غلطي ڪانه ڪئي. قدآور، اڇا نرم ۽ سنواريل وار، جيڪي ڳوٺاڻي انداز سان ڦڻي ڏنل لڳي رھيا ھئا. ھُو ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو، ڄڻ ڪنھن کي ڳولھيندو ھجي. مون اڳتي وڌي کيس سلام ڪيو ۽ ھن سان کيڪار ڪئي، ھن مون ڏانھن اڻ ڄاڻ نظرن سان نھاريو. مون پنھنجو تعارف ڪرايو ته مان اوھان جي پٽ زرار جو دوست ۽ ڪلاس فيلو آھيان. ھُو اصل ۾ پنھنجي پٽ سان ملڻ يونيورسٽيءَ آيو ھو، پاڻ ٿورو ئي ھليا ھئاسين ته پريان کان زرار به ھلندو اچي اسان سان مليو. مان ٻنھي کي وش ڪري پنھنجي فئڪلٽيءَ ھليو آيو ھئس. اھا منھنجي سائين انور پيرزادي سان پھرين ۽ آخري ملاقات رھي ھئي، ان بعد مون پياري دوست پرويز ابڙي سان سائين انور سان ڪراچيءَ ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ شاھراھ فيصل تي نرسريءَ جي ڀڪ ۾ سائين يوسف شاھين جي اخبار “برسات” آفيس جو چڪر به ھنيو ھو پر افسوس ان ڏھاڙي ھُو آفيس کان موڪل تي ھو ۽ سائين شيخ اياز لاءِ ٻڌايائون ته شام جو ايندا آھن. ايئن سائين انور سان وري ڪڏھن به ملاقات ٿي ڪونه سگھي. ڇا ڪوئي تصور ڪري سگھي ٿو ته ٻلھڙيجيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ محمد پريل پٽ شفيع محمد پيرزادو اڳتي ھلي پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي صوبي ۽ پنھنجي ماڻھن لاءِ سج جھڙو سونھون ڪردار ٿي اڀرندو!

انور سائين پنھنجي زندگيءَ ۾ اھو سڀ ڪجھ سَٺو ۽ برداشت ڪيو، جنھن کي وقت جي باھ چوندا آھن ۽ جنھن مان گذري ھڪ انسان ڪندن بڻجي پوندو آھي. انور سائين جو ننڍپڻ به روايتي طور تي ايئن ئي شروع ٿيو، جيئن تقريبن ھر سنڌي ٻار جو ٿيندو آھي، يعني پيءُ جي پيرن تي ھلڻ جي ڪري ھُو ھن سان گڏ جھنگ مان ڪاٺيون ڪري ڳوٺ جي مسجد ۾ نمازين لاءِ پاڻي گرم ڪري رکندو ھو ۽ ڪڏھن پيءُ جي چوڻ تي مسجد ۾ ٻانگ به ڏيندو ھو. چوڻ وارا چون ٿا ته ڪنھن وٽان انور سائين کي شيخ اياز جو جڳ مشھور ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ھٿ اچي ويو. اھو ڪتاب انور سائين جي زندگيءَ ۾ ھڪ ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو ۽ ھن ڪجھ مختلف سوچڻ شروع ڪيو، اھا سوچ کيس ٻنڊيءَ جي ڳوٺ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ وٽ وٺي آئي، جتان انور سائين ھڪ نئين سفر جو راھي ٿيو. لکڻ جي باقاعده شروعات ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ڪيائين ۽ ۱۹۷۳ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو بنا ڪنھن شڪ جي ھڪ مُهم جُو صحافي رهيو. ھن جو ھڪ اھم ڪم اھو به رھيو ته ھن سنڌو درياءَ جي مُھڙ يعني جهانگيره کان نومبر ۱۹۸۹ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي پورٽ قاسم تائين سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو، جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. ٿر ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو تاج بلوچ، بدر ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ ٿر هئا.

تمام پيارو دوست ۽ صحافي نثار کوکر جڏهن سکر ۾ بي بي سي جو نمائندو هو ته هن سان هڪ ڪچهريءَ ۾ انور سائين جو ذڪر ڇا نڪتو، نثار ريشمي ڏور جيان ڌاڳو ڌاڳو کُکندو ويو. سندس چواڻي: انور پيرزادو جن ڏهاڙن ۾  ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ جي ڏينهن ۾، انگريزي اخبار ‘دي اسٽار’ جو سکر جو نمائندو هو، هن جي صحافتي لکڻين ۾ به اهڙو ته تخليقي عنصر هو، جو کيس هڪ رپورٽ جيڪا حسن مجتبى چواڻي، رت جي لائين بابت هئي، ان رپورٽ کانپوءِ کيس جيل حوالي ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ آپريشن دوران جڏهن فوجي ٽرڪون، ‘رت جي لڪير’ ٺاهينديون، روڊ تان گذري، پنهنجي ٺڪاڻي طرف ويون ته انور ان جي ڀرپور منظر نگاري ڪئي. ائين ته انور جون صحافتي لکڻيون بيشمار آهن، جن کي آهستي آهستي سندس فرزند ڪتابي شڪل ڏئي رهيا آهن، پر انور جون لکڻيون صرف صحافت يا سياست تائين محدود ناهن. انور پيرزادو پنهنجي لکڻين عيوض جيل جو سختيون سهڻ کانپوءِ جڏهن ٻاهر آيو، ته هو ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪرڻ لڳو. سياسي، نظرياتي ۽ صحافتي موڙن تي مليل مايوسين جو علاج کيس ڀٽائيءَ جي در تي نصيب ٿيو. اسان انور پيرزادي کي ڀٽائي جي شاعريءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندي ٻڌو. اهو اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن جو دور هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ پاران انور پيرزادي کان هڪ ليڪچر ڪرايوسين. ان ليڪچر ۾ انور ابڙو، قاضي آصف، محمد علي پٺاڻ، انور ڏنگڙائي، دادلو يا ناصر زهراڻي، حسن جوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترائي شريڪ ٿيا. ان زماني ۾ آڊيو ٽيپ تي ريڪارڊنگ ۽ ياشيڪا ڪئميرا تي اسٽل فوٽوگرافي ڪندا هئاسين. انور پاڻ سان گڏ لُطف کي به اهو چئي وٺي آيو هو،  ته لُطف پيرزادو ڀٽائيءَ جو حافظ آهي، ڪٿي ڪنهن ريفرنس ۾ منجهي به پيس ته ڀٽائي جو اهو بيت لطف ياد ڪري ٻڌائيندو. انور ڏنگڙائي سان گڏجي مان به ٻلهڙيجي پهتس. اسان ٻلهڙيجي ۾ لال شاهه واري مئخاني ٻاهران کٽ رکي، هڪ ئي کٽ تي ٽيئي ڄڻا ويٺاسين ۽ انٽرويو لاءِ ڪچهري ڪندا رهياسين. اها ڪچهري ايتري ته ڀرپور  ۽ مزيدار رهي، جو اسان جي ٽيپ رڪاڊر جون ٻئي آڊيو ڪيسٽون ختم ٿي ويون، پر ڳالهه ٻولهه ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.

انور کي مون هميشه خوددار پورهيت ليکڪ ۽ تخليقڪار جي روپ ۾ ڏٺو. هن وٽ هٿرادو وڏائي، پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي اجايو فخر يا پنهنجي ڏات کي ذاتي پبلڪ رليشنز ۾ ٻارڻ طور ڪتب آڻيندي، ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. نثار چواڻي: نوي جي ڏهاڪي ۾ وري جڏهن اسان جي اوجاڳن ۽ رولاڪين جون راتيون شروع ٿيون، ته انور ادبي، صحافتي توڙي ٻلهڙيجي واري برادريءَ ۾ ڪاڪو انور ٿي چڪو هو. ان ئي ڏهاڪي ۾ اسان پنهنجي رولاڪين ۾، ڪاڪي انور کي ڪڏهن ڀٽائي جي در ته ڪڏهن سچل جي ميلي ۾، سنگتين جي چوياريءَ ۾ ڏٺو هو. هو جبل جهاڳيندڙ ۽ درياهه اڪرندڙ من موجي ماڻهو هو. توهان کي سنڌوءَ جي مهاڙ ۾ به انور ملندو ته پڇاڙ ۾ ‘تمر’ جي وڻن ۾ به ڪاڪو انور ملندو. هو آثار قديمه سان عشق ڪندڙ اهڙو ته الستي ماڻهو هو، جو ڪڏهن چوڪنڊي قبرستان ته ڪڏهن وري ڪاهوءَ جي دڙي تي بيٺل هوندو هو. سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ انور، توهان کي انقلابين جي ميڙ ۾ به ملندو ته لاهوتين جي سفر ۾ به ساڻن ساڻ هوندو هو. هو اهڙن اڙانگن گسن تي هليو، جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو ته، “دودڪ دهليا جت، گوڏا هلن نه گس ۾” يا جيئن سر ‘سهڻيءَ’ ۾ چيو اٿس، “جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي”. سو ڪاڪي انور جو سنڌ سان محبتن جو سفر، هر طرف هلندو رهيو، هو هڪ ئي وقت آرڪيالوجيءَ تي ڪنهن ماهر جيان ڪم ڪندو رهيو. هو کاٻي ڌر جي سياسي ٽيم جو حصو رهيو، هن شاعري به ڪئي، صحافت به ڪئي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪيو، پر هر عمل ۾ انور جو انداز تخليقي رهيو. انور پيرزادي جو ڀٽائي سرڪار سان عشق ايڏو ته گهاٽو ۽ گهرو هو، جو مون کي سندس ان محبت تي رشڪ ايندو آهي. انور پنهنجي آسپاس سنڌي سماج اندر اوچ نيچ جي انائن کي ڏسي، هڪ شاعر جي دل واري دانهن ڪئي ۽ هن ڀٽائي کي نياپو ڏيڻ لاءِ ان ئي “ميسينجر” کي چونڊيو، جيڪو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عاشق پنهنجي محبوب تائين نياپو پهچائڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. انور چيو:

’اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجانءِ،

جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا،

سا رات اڃا ڀي جاري آ،

اڄ رات رنو آ رت ڦڙو،

۽ تارا سور پٽين ٿا پيا،

هوءَ سانجهي سڏڪي روئي ٿي،

۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا،

توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان،

اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ!

نثار کوکر چواڻي: انور عجيب شخص هو، جنهن ڀٽائي جي شاعريءَ جي نئين سر تشريح ڪئي ۽ ڀٽائي کي ئي مخاطب رهيو. انور اهو چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته سنڌ جي سورن ۽ دردن جو درمان ڀٽائيءَ جي در وٽ آهي. دانهين ٿجي ته اهڙي شاعر وٽ، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ کي لازوال حيات بخشي ڇڏي آهي. انور جي ڀٽائيءَ سان محبت يا مرشد سان حجت جو عالم هو، جو کيس دنياداريءَ ۾ ڪا به تڪليف، ڪو ڏک پهچندو هو، ته انور ڀٽ شاهه ۾ هڪ ڪتاب رکرائي ڇڏيو هو، جتي هو پنهنجي انداز سان وڃڻ شرط ڪا نه ڪا سٽ لکي چوندو هو، ته مون ڀٽائي سرڪار جي ديس ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائي ڇڏي آهي. اهڙي ايف آءِ آر جون ڪاپيون مونکي ان ڏينهن هڪ ڪتاب ۾ نظر آيون، جيڪو زرار پيرزادي مهرباني ڪري مون کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ڀٽ شاهه تي ڀٽائي سرڪار وٽ داخل ڪرايل ايف آءِ آرز ۾ هن جيڪا ايف آءِ آر، ملڪ الموت خلاف پنهنجي جوان پٽ جي ڪمهلي موت تي درج ڪرائي آهي، سا پڙهڻ کانپوءِ هر حساس دل جون اکيون آليون ضرور ٿينديون. انور پيرزادي پنهنجي لکڻين ۾ ڀٽائي سرڪار کي سدائين شاعريءَ جو ديوتا سڏيو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment