Pages

21 August, 2013

انور ابڙو

انور ابڙو
جيئن کيس ڏٺم
ادل سولنگي


انور پيرزادي ۽ محمد علي پٺاڻ جي سٿ جو ساٿاري، انور ابڙو، جديد سنڌي ادب ۽ صحافت جو معتبر نالو ۽ حوالو آهي، جنهن پهرين جنوريءَ تي پنهنجو جنم ڏهاڙو ملهايو ۽ اسان سندس جنم ڏينهن تي کيس جنم ڏينهن ۽ نئين سال جون واڌايون ڏنيون ۽ سندس ڊگهي ڄمار جون دعائون گهريون.


انور منهنجي لاءِ سدائين پيار ۽ احترام وارو نالو رهيو آهي، انور ابڙو لالي جا ڀاڻ کان وٺي ڏوڪريءَ تائين، ڏوڪريءَ کان ڄامشوري تائين ۽ ڄامشوري کان ڪراچيءَ تائين جيڪو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي سفر ڪيو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي انور جو پنهنجو ئي سفر رهيو آهي. پر ان سفر ۾ انور پيرزادي جي رهنمائي ٻاجهه ۽ شفقت ساڻس گڏ رهي آهي. انور ابڙو  ئي خوابن جي ڪنهن شهزادي جهڙو ڳڀرو، تهڙو سندس، سڀاءُ، مزاج ۽ رويو رهيو آهي، ڳالهائڻ جو سيبتو، سچيتو پنهنجي سماجي وهنوار ۾ اعتبار جوڳو، سياسي حوالي سان آدرشي ۽ ڪميٽڊ، سنڌ دوست ۽ انسان دوست فڪر ڦهلائيندڙ، سهپ ۽ رواداري جو اهڃاڻ ۽ علام، ذهين، ڏاهو، دورانديش شخص جيڪو ”ابڙي وڏ-وڙي“ جي روايتن جو پاسدار ۽ امين رهيو آهي، منهنجي انور ابڙي سان تڏهن سڃاڻپ ٿي هئي، جڏهن اسان تتل سج کي گهورڻ شروع ڪيو هو. سنڌي ادبي سنگت ڏوڪريءَ جون گڏجاڻيون اسان جي گڏجڻ جو سبب ۽ وسيلو رهيون آهن، سنگت ۾ ايندي ويندي سنگتي ٿياسين، ايترا گهاٽا ۽ ويجها جو اڄ نه رڳو اسان هڪ ٻئي جا دوست آهيون پر هڪ ٻئي جا ڄاڃي ۽ ڪانڌي به آهيون.اسان جا انفرادي درد اجتماعي درد جو روپ ڌاري چڪا آهن، اسان ڌرتيءَ درد جي ناتي اڃا به هڪ ٻئي کي ويجهو ٿيا آهيون، ڇاڪاڻ جو ڌرتيءَ جو درد اسان جو گڏيل قومي درد آهي، ”وطن جون ويڙهاڪ روايتون“ اسان جو مقدر بڻجي ويون آهن ۽ اسان پنهنجي مٿان مڙهيل ويڙهه پنهنجي طريقي سان وڙهي رهيا آهيون. ادب ۽ صحافت جي مورچي ۾ ويهي وطن جي ويڙهه وڙهندڙ انور ابڙو اسان جي نسل جو ساٿاري آهي ته سونهون به آهي، جنهن پنهنجي تخليقي ڏانءَ سان ڪيترائي مورچا سر ڪري ورتا آهن. انور ابڙو گهڻ پڙهيو ۽ گهڻو لکندڙ پنهنجي زماني جو سجاڳ ذهن رکندڙ ليکڪ آهي، هن جون لکڻيون نيون نڪوريون آهن ۽ هن جون پنهنجون آهن، هن ٻين جا ڪتاب پڙهي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو پنهنجو ئي لکيو آهي، جنهن تي انور ابڙي جي سڃاڻپ جي ڇاپ لڳل محسوس ٿئي ٿي.
هن جي لکڻين جو اسلوب موضوعن جي چونڊ ۽ نواڻ هن جي الڳ سڃاڻپ آهي، انور پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جون اجتماعي درد ڪٿائون به لکيون آهن ته پنهنجون  انفرادي پيڙائون به بيان ڪيون آهن. انور ابڙي وقت جي هر وار کي پنهنجي قلم جي ڍال سان هارايو آهي. هن وٽ ويڙهاند جو تصور جمالياتي آهي، جنهن ويڙهه ۾ ڪنهن جو رت نه ٿو وهي، هي لفظن جون مشعلون ياري اونداهين خلاف ويڙهاند ڪري ٿو، انور ابڙو علم ۽ شعور جي روشني ڦهلائيندڙ مستقبل جو سونهون بڻجي پنهنجي ڏات ڏيا سان سوجهرن جو سفير بڻجي سامهون اچي ٿو.
انور ابڙو سچ جو سنيهو ۽ نينهن جا نياپا ڏيندڙ تخليقڪار به آهي، جيڪو پنهنجي فڪري ڏات سان لفظن جي جسم ۾ روح ڦوڪي ٿو ۽ شاعري، ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، ڪالم، اسٽوريون لکي ڌرتيءَ جي چوڏسائن ۾ علم ۽ ادب جي نئين روشني جو زور سڃاڻي ٿو، انور ابڙو جيڪو اورنگزيب جهڙين ميرين اکين وارن حاڪمن جي اکين ۾دارا شڪوه ۽ سرمد وانگر اکيون وجهي گهوري ٿو. للڪاري ٿو ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي قلمي ويڙهه وڙهندو رهي ٿو، انور ابڙي جون لکڻيون جهرندڙ اميدن جي ڪوٽن جي نئين سر اڏاوت ڪري انهن کي ڀرڻ کان بچائي ٿيون. هو انساني اندر مان مايوسيءَ کي نيڪالي ڏيندي پنهنجو شعوري ڪردار ادا ڪري ٿو. انور ابڙي جون لکڻيون لوڪ جون ڪٿائون آهن ته ڌرتيءَ جي درد جا داستان پڻ آهن، هن جي لکڻين جي ڪنهن ڇيڙي تي اڀيچند به نظر اچي ٿو ته ڪنهن ڇيڙي تي سرمد به بيٺل آهي، منصور جو اناالحق به آهي ته سندس گوگول جي مرڪ به آهي. مير باگي جي سونيتيءَ جي سونهن به آهي ته ڦليلي جا وهڪرا به آهن،  جڏهن ته هن جي لکڻين ۾ ڪيئي تاريخي تمثيلون به ملن ٿيون، ”منهنجو چنڊ مارجي ويو“ انساني اندر جي اونهائين مان اٻڙڪا کائيندڙ درد جي ڪٿا ڪاري آهي. چنڊ جي مارجڻ جو ڏک پيڙا ۽ سج کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جون اذيتون سهندڙ، لوڪ جي ڪروڌ جي ڪٿا، لوڪ راڄ جي بحاليءَ جي اٿل ۽ اڇل جنهن کي لوڪ بغاوت جو نالو ڏنو ويو هو. انور ابڙوان  لوڪ بغاوت جو شاهد آهي، تاريخ جو پيري بڻجي هو تاريخ جا پيرا کڻندي، واقعن کي پيش ڪري ٿو. انور ابڙي نه رڳو دنيا جي انقلابن ۽ نظرين کي پڙهيو آهي پر انقلابي ۽ نظرياتي ويڙهاند ڪندڙ تحريڪن ۾ اهم ڪردار به ادا ڪيو آهي.
رسول حمزاتوف وانگر انور وٽ پنهنجي ديس جون لازوال قومي روايتون آهن، هن وٽ سياست کان ادب ۽ ادب کان صحافت تائين جيڪو تجربو ۽ مشاهدو آهي اهو ڄڻ ته آوار ٻوليءَ جي ان داغستاني ليکڪ جهڙو آهي جنهن پنهنجي داغستان کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻائي دنيا ۾ داغستان جي نئين سڃاڻپ ڪرائي، اهڙي طرح انور ابڙو پڻ دنيا ۾ سنڌ جي نئين سڃاڻپ ڪرائيندڙ ڌرتي دوست ليکڪ رهيو آهي.
انور سنڌ جي ماڳن مڪانن کان ويندي سنڌ جي تاريخ ڪلچر جي پس منظر ۾ يادگار لکڻيون لکي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي. انور ابڙو اڻويهين صديءَ جي ڪنهن سال پهرين جنوريءَ جي ڏهاڙي تي لالي جا ڀاڻ ۾ چاچي علي گل ابڙي جي گهر ۾جنم ورتو، چاچو علي گل ابڙو منهنجي ڳوٺ محراب پور جي نالي واري يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو آهي. چاچي علي گل ابڙي جي هن سلڇڻي پٽ تي جڳ ريسون ڪندو آهي ته شال اسان جو اولاد به انور جهڙو ڪارائتو ڪردار نڀائيندڙ هجي. مون کي ياد آهي ته جڏهن ڏوڪريءَ ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ هو اسان جي ڳوٺ ۾ حاجي غلام مصطفيٰ جتوئي جي اوطاق ۾ چاچي علي گل سان گڏجي ايندو هو ته اوطاق ۾ ويٺل ماڻهو کيس حسرت مان ڏسندا هئا ۽ ڀوتار وري سندس خوبصورت اکرن مان متاثر ٿيندا هئا. هن وٽ اکر لکڻ جي فطري ترتيب آهي.ڏات ۽ ڏانءُ آهي، انور ابڙو تر جي زميندار گهراڻي جو فرد هوندي به ڪڏهن اهڙو ڏيکاءُ نه ڏنو آهي، خوش لباس، خوش گفتار، انور پنهنجي علمي ادبي وهنور ۾ انور پيرزادي جون سڪون لاهيندو آهي. هي آدرشوادي نوجوان ، گهٽ ڳالهائون، سنجيدو رهندڙ نهائت ئي نازڪ، نفيس ۽ پراسرار شخصيت جو مالڪ دوست سان گڏ وڏا ٽهڪ ڏئي کلندڙ. مون سندس اهڙا ٽهڪ، سمنڊ ڪناري سئنڊس پٽ لياقت لائبريري جي لان ۽ پريس ڪلب ۾ شام غزل  ۾ شريڪ ٿيندي ٻڌا آهن، زندگيءَ کي ڀرپور نموني ماڻيندڙ انور جي اکين ۾ نه رڳو آئيندي جون رٿائون پلجن ٿيون پر هن جي مرڪ ۾ تنقيدي علم جو هڪ آبشار وهندي محسوس ٿيندو آهي.
سنڌ سجاڳ، روح رهاڻ، سارس کان سوڀ مئگزين ۽ ڪاوش دنيا تائين هن جو اهڙو تنقيدي سفر جاري رهيو آهي، انور ڊگهن داستانن کي مختصر ڪري جامع نموني پيش ڪرڻ جو ماهر آهي. هو اڄ جي زماني جو ذميوار ۽ سچيتو ايڊيٽر آهي. جيڪو ڳالهوڙي مان ڳالهه ڪندو آهي. ڳالهه مان ڳالهوڙو ناهي ڪندو.
سنڌي صحافت ۾ انور ابڙو، اعجاز منگي نثار کوکر، جامي چانڊيي، حسن درس جي جوڙ جو صحافي آهي پر ايڊيٽنگ ۾ هن جي مهارت جا سندس ايڊٽ ڪيل اهي رسالا ۽ مئگزين شاهدي ڏين ٿا جيڪي هن جي نظرداري هيٺ جاري ٿيا آهن.
انور سان منهنجي گهڻي ويجهڙائي رهي آهي، شانتي نگر کان چنيسر ڳوٺ تائين، نامڪو سينٽر کان عبدالله هارون روڊ تي روح رهاڻ جي آفيس تائين، رمپا پلازا کان لياري سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين تائين، يوني پلازا ۾ پڪار اخبار کان سنڌ مدرسي تائين، صائمه پلازا کان چڪرا ڳوٺ تائين، ڪڏهن روزانو، ڪڏهن هفتيوار ۽ وري ڪڏهن ماهوارگڏجاڻين، پروگرامن ۾ گڏيا آهيون. ڪڏهن ڪنهن ڪاڄ ۾ ڪڏهن ڪنهن مرتئي جي تڏي تي گڏ ويٺا آهيون. ڪڏهن گڏ کليا آهيون ۽ ڪڏهن گڏ رنا به آهيون ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي کي پرچايو به آهي ته هڪ ٻئي کي آٿتون به ڏنيون آهن . زندگيءَ جا رڻ جهاڳيندي اڳتي ڪنهن چيٽ مند جهڙي خوبصورت منزل ڏانهن به وکون کنيون آهن. انور سان وقت جي گهڻي وڇوٽيءَ پڄاڻان جڏهن ملڻ ٿيندو آهي تڏهن اهو محسوس ئي ناهي ٿيندو ته ڪو اسان گهڻي وڇوٽيءَ کان پوءِ گڏيا آهيون. فون تي هڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ ۽ گڏجڻ لاءِ وس پيا ڪبا پر ملڻ جي مند به پنهنجي هوندي آهي، جڏهن به اهڙي مند موٽندي آهي پاڻ ملي ويندا آهيون.
انور ابڙو ”خودڪشيءَ جو رومانس“، ”پهرين جنوري“، ”ڀڳل رانديڪو“، :عني ۽ مائو“، ”هڪ مهمان ڇوڪري“ ۽ ”قلم جا وارث“ تائين تخليقي ۽ تنقيدي پنڌ ڪيو آهي. هن جون خانه بدوش اکيون مسلسل  جاڳندڙ ڳولا ڪنديون رهنديون آهن، اهڙن منظرن، اهڙن موضوعن اهڙن، ڪردارن، اهڙن احساسن، دردن ۽ پيڙائن کي جن کي تخليقي طور تي نئين رنگ ڍنگ سان ٻين کي ڏيکاري سگهجي محسوس ڪرائي سگهبي، جنهن ڪرت ۾ هن خوب نڀايو آهي، هن جي لکڻين ۾ سماجي اٿل پٿل، اجتماعي درد ۽ پيڙائن جي ڪڙاڪاري، سياسي شعور، تخليقي توڙي تنقيدي نواڻ محسوس ٿيندي آهي.جيڪا نه رڳو  هن  انفرادي پيڙا آهي پر اها ته اجتماعي ڀوڳنا به آهي، جيڪا هن جي ميرٽ آهي ۽ جديد سنڌي ادب جي نئين روايت آهي، جنهن کي مسلسل جاري رکڻ جي انور ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، انور ابڙو ايڪويهين صديءَ جي ليکڪن ۾ سنڌي ادب جو نهايت ئي ذميوار ۽ سگهارو نالو ۽ حوالو بڻجي سامهون آيو آهي، جنهن جي ڪٿ پرک ڪندي علمي ۽ ادبي ادارن سندس مڃتا ۾ کيس ايوارڊ به ڏنا آهن ته لفظن جون ڪيئي ڀيٽائون به ڏنيون آهن. انور ابڙي جو نه رڳو اهو ادبي ڪم آهي جيڪو اڄ  اسان سامهون آيو آهي پر ان کان ٻيڻيون ٽيڻيون ڪم پوئتي رهيل آهي، جيڪو به جلد سامهون ايندو، هن جيڪو مختلف ادبي ادارن جو ادبي تخليقي ڪم ڪيو آهي، اهو الڳ آهي، ٽي وي لاءِ سندس ڪيل ڪم ڌار آهي، سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن جا يادگار انٽرويو ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي نبيري لاءِ لکيل ڪالم، ٻاراڻي ادب لاءِ سندس ڪيل پورهيو نهايت ئي اهم آهي، انور ابڙو، جنهن ادبي دنيا ۾ نوان لاڙا آندا آهن جنهن سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کي پنهنجي لکت ۾ نئين سر ڊاڪيومينٽ ڪيو آهي.
انور ابڙو سنڌ جي نامياري ٽه مورتيءَ جي هڪ مورت آهي. جمال ابڙو، بدر ابرو ۽ انور ابڙو، اهي ادبي ٽه مورتيءَ جا اهم ڪردار آهن، جيڪي گڏجي جديد سنڌي ادب کي مٿاهين پڌ تي بيهارين ٿا. انور ابڙو زرعي سماج کان صنعتي سماج ڏانهن جيڪو شعوري سفر ڪيو آهي اهو پنهنجي ايندڙ نسل کي اڳتي وڌڻ جو نئون اتساهه ۽ ويساهه ڏياري ٿو ته زندگي اڳتي وڌڻ جو نالو آهي. جاگيرداري سماج ۾ دشمني کان ڪوهين ڏور رهي، هن رڳو دوستيون ئي پاليون آهن ۽ جنهن کي نڀايو آهي، انور جي اکين ۾ رڳو سندس جيون ساٿياڻي، امبر، پٽن حنيف ۽ غريب جي مستقبل جا خواب ناهن پر هن جي اکين ۾ سنڌ جي اجتماعي حقن ۽ مفادن جي حاصلات جو اونو ۽ خواب به آهن ۽ سنڌ جي روشن آئيندي جا خواب ۽ رٿائون آهن. انهن جي حاصلات لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري علمي، ادبي پورهيو ڪيو آهي ڇاڪاڻ جو ڇاڪاڻ جو پورهيو هن جي سرشت ۾ شامل رهيو آهي.
انور ابڙو پنهنجي تخليقي ڪرت ۽ سماجي وهنوار ۾ ”لڪا ڀن لوڪ ۾“ جو استعارو آهي، جيڪو پنهنجي ليکي پنهنجي منهن، شانتيءَ سان ڪنڊائتو ويهي ڪنهن اهم تخليقي ڪرت ۾ رڌل رهيو آهي، هن کي ڪجهه ڪرڻ جي نه پر گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي جستجو به آهي، ولوڙ به آهي، پهرين جنوري هن پنهنجو جنم ڏينهن ملهايو، اسان کيس واڌايون ڏنيون ۽ سندس ادبي ڪتابن کي پڙهيو ۽ سکيو ته پيار ۽ محبت، احترام، مهذپڻو، ماڻهپو، انسان دوستي ۽ وطن دوستي جا ماڻ ۽ ماپا ڪهڙا هوندا آهن.



انور ابڙو
شنڪر لعل
پهرين جنوري ۱۹۶۵ع تي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. هُن ايم اي (صحافت) ۲۰۰۶ع ۾، بي اِي (ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ) ۱۹۹۱ع ۾ ۽ ڊيٽابيس ڪورس پاڪستان ڪمپيوٽر بيورو اسلام آباد مان ۱۹۹۹ع ۾ پاس ڪيو. هن وقت سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ هيڊ آف ٽيڪنيڪل سيڪشن ۽ پبلڪ رليشن آفيسر آهي. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”خودڪشيءَ جو رومانس“ ۲۰۰۱ع ۾، ناول ”ڀڳل رانديڪو“ ۲۰۰۸ع ۾، ڪهاڻين جو مجموعو ”منهنجو چنڊ مارجي ويو“ ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيا آهن. هن ڪيئي ڪالم لکيا ۽ ڪتابڙا به ترجمو ڪيا آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش اٿس.


انور ابڙو

سنڌ جو ڏاهو  دانشور - هڪ شخص هزار عڪس

آصف رضا موريو

انور ابڙو سنڌ جو ناماچاري ليکڪ، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مورخ، تعليمدان، ايڊيٽر، سوانح نگار ۽ ڊرامه نگار آهي جيڪو ڪجهه سالن کان پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکي رهيو آهي. باقي هاڻي لڳي ٿو ته ادبي صنفن ۾ سندس لاءِ سفرنامو لکڻ رهجي ويو آهي. دنيا ۾ لکئي ۽ پڙهئي ويندڙ هر موضوع کي انور ابڙو پنهنجي قلمي جادوگري سان سينگاريندو رهيو آهي.  جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سندس نالو ٻڌي فنون لطيفه جون جمله صنفون شرم ٻوٽي جيان سڪڻڻ لڳنديون آهن ته غلط ڪونه ٿيندو. خوش مزاج، خوش لباس، خوش اندام، خوش گفتار، نرم خو ۽ آڌرڀائي طبيعت جو مالڪ هي بردبار انسان جيترو ظاهر ۽ ملنسار آهي اوترو ئي پنهنجي ادبي لڏي ۾ پراسرار، گهرو ۽ لڪل پڻ ڀانئيو ويندو آهي.

انور ابڙو جديد سنڌي ادب جي انهن لکارين منجهان آهي جن جي سوچ جي لکڻ لکائڻ جو انداز ڪليتن مختلف ۽ صاف هوندو آهي.  هو هڪ حساس دل رکندڙ لکاري آهي جيڪو سماجن ۽ انسانن جي چڱ ڀلائي  آهرِ پنهنجي قلمي ساڃاهه سميت سدائين جاڳرتائي ڪردار رهندو آيو آهي. ڪنهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي بيچيني کيس مشاهدي تي اڀاريندي رهندي آهي ۽ جڏهن هو مشاهدو ڪندو آهي ته معاملن ۽ مسئلن جي پاڙ وڃي لهندو آهي.  ڪٿي ڪٿي سندس افڪار ۽ نظريات سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ان ڳالهه ۾اختلاف جي ڪابه گنجائش موجود ڪونه آهي ته سندس دل ۾ مخلوق لاءِ خلوص، پيڙا ۽ درد مندي جا جذبه اتم موجود آهن.

سنڌ جي ادبي، نظرياتي ۽ انقلابي آجپي جي واٽ وٺندڙ ننڍڙي ڳوٺ جي هن واهرو پنهنجو جنم سجايو ڪرڻ لاءِ سموري عمرسماج جي گهڻن پاسن ڏانهن هڪ متحرڪ ڪردار رهندي انسانن جي ازلي آزادي لاءِ قلمي مورچي تان هڙئون وڙئون ويڙهاند ڪندو رهيو آهي.  سندس لکڻين ۾ سنهري ۽ نڪور موضوعن جي چونڊ انتهائي شاندار هوندي آهي.  هي آدرش وادي انسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪيڙن ماڪوڙن جيان چرندڙ پرندڙ بي پهچ ماڻهن جي گهپ اونداهي رستن ۾ پنهنجي لفظن آڌار نظرين جا ديپ ٻاري روشني ڪندو رهيو آهي ته من ڪو انڌيري واٽ جو مسافر سندس لڪيرن جي لاٽ پسي پنهنجي منزل جو گس ماڻي.

انور ابڙو جو جنم

انور ابڙو جو جنم ۱ جنوري ۱۹۶۵ع ڌاري باقراڻي تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ لالي جا ڀاڻ ۾ ٿيو. وڏ وڙن جي گهر ۾ ڄمندڙ هن نومولود جا جوان ٿيڻ تي اهڙا هنر ظاهر ٿيا جن سان نه رڳوسندس شخصيت ۾ نکار آيو پر هن پنهنجي قلمي پورهئي سان سنڌ جي ادبي دنيا کي امير بڻائي لکين سيکڙاٽ اديبن قريبن جي ٻيڙي پڻ ڪنڌي لائي کين پنهنجي پير تي بيهاري شهرت جي آسمان تي به پهچايو.  انور ابڙو جو تعلق کاڌي پيتي واري گهراڻي سان رهيو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ هو ڪنهن هاريءَ جو دل رکندڙ اهڙو آديسي ڀانئبو آهي جنهن جي سوچن پٺيان سندس وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار جهاتيون پائيندا آهن.

ڳوٺ لالي جا ڀاڻ

انور ابڙو جي ڳوٺ جو نالو لالي جا ڀاڻ آهي. سنڌ جي اڪثر ڳوٺن تي اهڙا عجيب و غريب نالا پيل ملندا آهن جن جو ڪو تهذيبي، شخصي يا سماجي پسمنظر ضرور هوندو آهي. لالي جا ڀاڻ مان لڳي ٿو ته هن وستي کي جوڙن واري پهرئين ماڻهو يا ويڙهي جي چڱي مڙس کي يقينن ڍور ڍنگر رهيا هوندا. ڳاهئي، ٻاڪري يا ماهيي مال جي ڇيڻن يا ڦولڙين جي ڍڳ کي واهڻن ۾ ڀاڻ ڪوٺبو آهي جو ان مان زمينن لاءِ ڀاڻ جوڪم ورتو ويندو آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪنهن لال محمد، لالو يا لال واري نالي جي ماڻهو جي اهڙي ڀاڻ جي ڍڳ سبب جيڪو ڪنهن جاءِ تي ڪٺو ٿيل هوندو تنهن ڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو (ممڪن آ) پيو هجي. اهڙو ئي هڪڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ميهر جا مننهن جي نالي سان به آهي ميهر پڻ ذات جو ابڙو هيو.

ڏوڪري شهر کان ڳجهڙ وارو رستو وٺي ڳجهڙ پائي اڳتي وڌي واهوچا ڳوٺ اڪربو ته ٿورڙو اڳيان لالي جا ڀاڻ جون زرعي زمينون آڌرڀاءُ ڪندي ملنديون، جتي ڳوٺ جي اولاهين پاسي اوڀر منهون هڪ گهر موجود آهي جتي سنڌ جي هن سهڻو اديب انور ابڙو جنم ورتو هيو. ترائي ۽ بکر ڪارڙا به هن ڳوٺ جون پاڙيسري وسنديون آهن. اوسي پاسي ۾ پنهورن، چنن، ڪٽپرن، راهوجن ۽ ابڙن وغيره جون ٻيون به ڳچ آباديون آهن. لالي جا ڀاڻ جي ڀرسان ويجهڙو آبي وهڪرو رئيس ڪينال ڳوٺ کان قريبن اڍائي ڪلوميٽر اوڀر پاسي نانگ جي لڪير ٺاهيندي ڏکڻ طرف وهي ٿو. لالي جا ڀاڻ کي تر پاسي ۾ “جنگياڻي” به ڪوٺيو ويندو آهي جيڪو ڳيريلي شهر کان قريبن ٻارنهن ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻو شهر کان چاليهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ ڏانهن هڪ رستو مهين جو دڙو ريلوي اسٽيشن وٽان به وڃي ٿو. ڏوڪري کان جهنگياڻي تائين پراڻو ڌوڌڙيو رستو موجود آهن جنهن کي گاڏر چارو چئي سگهجي ٿو پر ان جي حالت زار سدائين سڪراتي رهي آهي جو جيڪڏهن اهو ڪڏهن پڪو به ڪيو ويو هوندو ته اهڙو جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ٽٽي، ڦٽي ڌوڙ دز ٿي ويندو آهي.

توڙي جو لالي جا ڀاڻ ۾ هڪ پراڻو پرائمري اسڪول آهي پر اسان جي واهڻن جي اسڪولن ۾ هفتي جا پنج ڏينهن ته استاد ايندا ڪونه آهن ان لاءِ اهڙن اسڪولن جو هئڻ نه هئڻ جي برابر هوندو آهي تنهن ڪري انور ابڙو پرائمري پنج درجا پاڙيسري ڳوٺ راهوجا مان پاس ڪيا. ان دور ۾ ڳوٺن جا حالات، رستا، صحت، امن امان ۽ تعليم وغيره جا معاملا چڱا ڪونه هوندا هيا.  چوريون، ڌاڙا، ڦرون روز جو معمول هونديون هيون ان ڪري ان ئي دور ۾ سنڌ جي پرامن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن آهستي آهستي واهڻن مان لڏڻ شروع ڪيو.  پنهنجي ڳوٺ مان انور ابڙو جي والد چاچي علي گل جي لڏڻ جو خاص سبب اهو هيو جو سندس ٻه پٽ انور علي ۽ منظور احمد ڏوڪري ۾پڙهندا هيا جن لاءِ ست اٺ ڪلوميٽر ڪچو ڪنو رستو تتي ٿڌي صبح سويري ڪهي وڃڻ ۽ نٽهڻ ۾ واپسي ڪرڻ گهڻو ٿڪائيندڙ عمل هوندو هيو ته انهن کي اسڪول کان کڻي اچڻ ۽ چڏڻ وارا به پريشان ٿيندا هيا.  اهڙي صورتحال ۾پنهنجي ٻارڙن جي تعليم ۽ چڱ ڀلائي واسطي چاچي علي گل ڏوڪري جي جوڻيجا محلي ۾ جامع مسجد ڀرسان هڪ ننڍڙو گهر خريد ڪيو جتي ٻچڙا اسڪول کان موٽڻ محل ڪجهه آرام ڪري کائي پي پوءِ ڳوٺ موٽندا هيا.  ڪجهه عرصي کان پوءِ هن ان گهر کي بهتر نموني سان ٺهرائي باقاعده رهائش اختيار ڪئي.  انور ابڙو جو وڏو ڀاءُ منظوراحمد اڃان تائين ان گهر ۾ رهندو آهي.

سندس وڏڙا

انور ابڙو جا وڏڙا صدين کان پنهنجي تر ۾ زمينن، باغن، ڍور ڍنگر، کير لسي، تڏي ۽ منھ وارا خوشحال ماڻهو ليکيا ويندا هيا. سندس پڙ ڏاڏو محمد ٻڍل، ڏاڏو رسول بخش ۽ والد علي گل ابڙو پڻ پنهنجي ڳوٺ جا ڳڻي، سخي ۽ مهمان نواز ڳوٺائي هوندا هيا جيڪي ڏکي سکي، اوير سوير، پنهنجي پرائي جي ڪم اچڻ  ۾ سدائين اڳڀرا هوندا هيا. رسول بخش ابڙو پنهنجي دور جو ديومالائي وڏيرو هوندو هيو جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ لچ، لوفر، اوباش ۽ واندي ماڻهو کي برداشت ئي ڪونه  ڪندو هيو.  انور ابڙو جا وڏڙا توڙي جو اهي وڏا کاتيدار ڪونه هيا پر پوءِ ٻه اڍائي ٽي سو جريبن جي مالڪي سبب اوري پري سوکا ڀانئيا ويندا هيا. هو متارا مڙس پنهنجي زمينن تي موسمي لاهپي جي فصلن جو ڪاروبار ڪندا هيا ته اوڙي پاڙي مان ٺيڪي تي زمينون کڻي به کيڙيندا کائيندا رهندا هيا.  سندن ويڙهي ۾ ان اناج جون گنديون ڀريون پيون هونديون هيون. هيءُ اهو دور هيو جو اسان جي ڳوٺن ۾”سنڌي ڀلي جو سمهندا هيا پر سنڌ ۽ سنڌيت جاڳندي رهندي هئي”. اکين ۾ سڄاڻ هوندي هئي ته دليون به ڪٽ کان آجيون هئڻ سبب اڃان ڪٺ ڪونه ٿيون هيون. گهرن توڙي اوطاقن ۾ مهمان مسافرن لاءِ جوئر جي ماني، مکڻ جو چاڻو ۽ لسي جو چونرو الڳ ڪري رکيو ويندو هيو. جتي مخلوق لاءِ انسانن جون دليون ڪشاديون هجن اتي پروردگار ڪنهن قسم جي کوٽ ڪونه ڏيندو آهي. 

انور ابڙو جو والد علي گل ابڙو جو سياست سان ڪو گهڻو ياراڻو ڪو نه هوندو هيو پر سندس ٿورڙو سياسي تعلق مرحوم حاجي غلام حسين انڙ سان رهيو جيڪو انڙ خاندان ۾ آخري اصول پسند ۽ کرو وڏيرو هوندو هيو. علي گل ابڙو سنگين ساٿين، راڄ ڀاڳ وارو اوطاقي ۽ سخي مرد هوندو هيو جيڪو ڪنهن وقت به ڪهي آيل سواليءَ کي خالي هٿين ڪونه موٽائيندو هيو. دال روٽي، چانهه پاڻي، لسي ڌونئري جي ته مهمانن لاءِ کوٽ ئي ڪونه هوندي هيس. علي گل ابڙو جون ٻه شاديون ٿيل هونديون هيون. کيس پهرئين گهرواري مان اٺ پٽن جي اولاد ٿي ۽ ٻئي گهرواري مان منظور علي ۽ انور علي ٿيا. انور جي ننڍي هوندي کان دوستي گهڻي تڻي پنهنجي ڀائرن سان ئي هوندي هئي. ٻهراڙي جي ماحول ۾ جڏهن ڪنهن ٻار کي گهر ۾ نو ڀائر هجن ته اهو ٻين ڪهڙي دوستن لاءِ واجهائيندو. انور ابڙو جي والد جو لاڏاڻو ۱۴ ڊسمبر ۲۰۱۳ع تي ٿيو.

تعليم

انور ابڙو ۱۹۷۷ع ڌاري پنج درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول راهوجا مان پاس ڪري حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري ۾ داخلا ورتي. جتان (۱۹۸۵ع) ۾ هن انٽرميڊئيٽ ڪئي. سال ۱۹۹۱ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو مان ميٽلرجيڪل انجنيرنگ ۾ B.E  ڪئي. سال ۲۰۰۶ع ڌاري انور ابڙو وفاقي اردو يونيورسٽي مان صحافت ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪيو. انجنيرنگ جي ڊگري وٺي انور ابڙو ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان اسٽيل مل ڪراچي ۾ ميٽلرجيڪل انجنيئر طور ڪم ڪيو پر گهڻو عرصو انجنيرنگ سان نڀائي ڪو نه سگهيو جيڪا سندس ادبي طبيعت ۽ مزاج وٽان ڪونه هئي.  ۱۹۹۵ع ڌاري سنڌ جي تاريخي ۽ تعليمي اداري سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل سيشن جو انچارج مقرر ٿيو جتي بعد ازان ميڊيا سيڪشن انچارج، پبلڪ ريليشن آفيسر ٿيو ۽ هاڻي اتي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور خدمت ڪري رهيو آهي. استادي جو اهو پيشو اختيار ڪري انور ابڙو ڦٽيل پيرين مڃتا جي رڃ جو رستو وٺي ادب جي خاردار وادي ۾ ڪهي آيو جتي ڪمالِ فن، آسودگي ۽ شهرت جي ديوي سندس جلوه پسڻ جي منتظر هئي. انور ابڙو لکڻ جي شروعات ٻاراڻي شاعري سان ڪئي جيڪا ان دور ۾ نڪرندڙ ڊائجسٽ، رسالن ۽ ٻاراڻي اخباري صفحن ۾ ڇپبي رهندي هئي. اهڙي ريت بعد ازان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ باقائدگي سان ڪم ڪرڻ ۽ ڇپجڻ لڳو. انور ابڙو جي بيشمار نظمن جا ڪجهه شاعرن اردو ۾ ترجما ڪيا آهن.

زندگي

سندس شادي ۲۸ فيبروري ۲۰۱۲ع ۾ ٿي. کيس ٻه خوبصورت ٻچڙا آهن جن مان عنيق علي ۱۰ نومبر ۲۰۱۲ع تي ۽ عريب ۴ آڪٽوبر ۲۰۱۴ع ۾جنم ورتو. انور ابڙو جي زندگي سندس ڳوٺ لالي جا ڀاڻ، ٻلهڙيجي، ڏوڪري، ڄامشوري، علي باغ، پارسي گيٽ ۽ ڪراچي جي علمي، ادبي، سماجي، تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي روايتن جي چوطرف ڦرندي رهي آهي جيڪي سندس لاءِ پريم ڀوميون به رهيون آهن ته گيان ڀوميون به. ڪراچي ۾ سندس رهائشي ۽ ڪرتي معاملا ڪراچي پريس ڪلب، شانتي نگر، چنيسر ڳوٺ، ريگل چوڪ، نامڪو سينٽر. يوني ٽاور، رمپا پلازا، پاڪستان چوڪ، چندريگر روڊ جا طواف ڪندا رهيا آهن. سندس ادبي سفر سدائين گللڙن جهڙا ٻارڙا، روزاني آفتاب، سنڌ سجاڳ، روح رهاڻ. روزنامه جنگ مڊ ويڪ، سارس، سوڀ، ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش ميگ جي ياترائن هيٺ رهندي آئي آهي.

انور ابڙو پنهنجي ادبي سفر شروعات پڙهائي دوران مهراڻ يونيورسٽي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي “معمار” (۱۹۹۱ع) جي ايڊيٽر طور ڪئي. جولاءِ ۱۹۹۲ع ۾ هو روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر ۽ هفتيوار رنگين ايڊيشن جو انچارج ٿيو. سنڌ سجاڳ اخبار ۾ ۱ جنوري ۱۹۹۳ع کان سيپٽمبر ۱۹۹۳ع تائين ايڊيٽر رهيو. بدر ابڙو جي رسالي ماهوار “روح رهاڻ” ڪراچي جو (۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۴ع) تائين جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو جنهن آفيس ريگل چوڪ جي ويجهو الفلاح مارڪيت جي ٽين ماڙ تي هوندي هئي.  روزاني جنگ ڪراچي جي مڊويڪ ميگزين جو (۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۴ع) تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو جتي کيس معروف صحافي قاضي آصف متعارف ڪرايو هيو. روزاني پڪار ڪراچي جو (۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۵ع) تائين نيوز ايڊيٽر رهيو جنهن جي آفيس يوني ٽاور جي نائين ماڙ تي هوندي هئي. ان کان پوءِ ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي ميگزين سارس جو ايڊيٽر ٿيو. ۲۰۰۹ع کان وٺي سنڌي اخباري گروپ “ڪاوش” جي ٻن هفتيوارميگزينن “ڪاوش دنيا” ۽ “ڪاوش مڊ ويڪ” جو اعزازي ايڊيٽر آهي.  پنهنجي صحافتي سفر ۾ انور ابڙو ۵۰ کان مٿي علمي ادبي شخصيتن جا انٽرويو وٺي چڪو آهي. مني اسڪرين تي پڻ سندس ڪافي سيريئل، سيريز ۽ سوپ هلي چڪيون آهن جن مان پي ٽي وي تان نشر ٿيل سندس ڊراما سيريئل “سيج” ۽ ڪي ٽي اين تي “ڪشالا” خاص آهن.

شخصيت

گذريل اڌ صدي جي سفر دوران ڏوڪري تعلقي جي اوسي پاسي ۾ رهندڙ، ٺهندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ لکارين لاءِ انور پيرزادو ۽ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي اهڙي ادبي گاهي درسگاهه جي حيثيت رکي آهي جتان هر ڪوئي پنهنجي ذوق ۽ شوق آهر فيضياب ٿيندو رهيو آهي. سندن نظرياتي ترقي پسندي جا چرچا بريصغير جي سياسي ۽ ادبي تاريخ جو پڙاڏو رهندا آيا آهن.  اهڙن درياهه دل دلارن جي قربت، عقيدت ۽ سنگت ۾ ڳچ عرصو رهي انور ابڙوبه پنهنجا جوهر وڌائيندو ويجهائيندو رهيو.  جاگيرداري ڏاڍ ڏمر خلاف صف بندي، هارين نارين جي حالتِ زار لاءِ پتوڙڻ، مزدورن جي استحصالين تي مهاڏو اٽڪائڻ، سرمايه دارن جي لٽ مار کي نندڻ سان گڏ تبديلي، ترقي، ارتقا جهڙا معاملا سندس پسنديده موضوع رهيا آهن.  انور ابڙو هڪ اهڙو مستقل مزاج اديب آهي جنهن کي هوش سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين قلمي پورهئي مان بظاهر ساهه پٽيندي ڪونه ڏٺو ويو آهي هو نه رڳوپاڻ مسلسل لکندو رهي ٿو پر ان ڏس ۾ اسان جهڙن دوستن يارن جون ادبي پيڙهيون ٻڌنڌي ۽ ٻيڙيون پڻ ڪنڌيءَ لائيندو رهندوآهي.  مون انور جهي وڏن ماڻهن جي شخصيت ۾ اها ڳالهه گهڻي ڏٺي آهي ته “جيڪا تبديلي هو دنيا ۾ ڏسڻ چاهن ٿا ان جي شروعات پنهنجو پاڻ کان ڪندا آهن”.

ڪتاب

انور ابڙو جا ڪجهه ڪتاب مون ٻه اڍائي ڀيرا ورجائي ورجائي پڙهيا آهن جيڪي هر دفعي پڙهن سان اڻ ڏٺل جزيرن جيان نوان نوان لڳندا آهن. علمن جي وشال دنيائن ۾ سٺا ڪتاب اهي ئي ڀانئيا ويندا آهن جي هڪ واري پڙهن سان پنهنجا تمام راز قاري جي حوالي نه ٿا ڪن. نت نوان  موضوع انور ابڙو جي چوڌاري ڦرندا رهندا ڏٺا ويا آهن جنهن جو خاص سبب شايد اهو هجي جو لکڻ سان سندس رشتو “پنهنجي زندگي سان سلهاڙيل تمام رشتن کان گهڻو پراڻو ۽ ويجهڙو آهي” جنهن کي هو پنهنجي تمام ذميدارين کان وڌيڪ وقت ڏيندو رهيو آهي. سندس ڪتاب “هڪ مهمان ڇوڪري” پڙهي اسٽيفن ڪنگ جي ان چوڻي تي يقين اچي پيو ته “لکڻ جادوگري هوندو آهي.” سندس ان ناول ۾ انور ابڙو لکڻ جي شروعات پنهنجي تخيلات کان ڪئي آهي پر ان جو انت قاري جي خيالن ۾ ڪري ٿو” جيڪو سندس ئي ڪمالِ فن آهي جنهن سنڌي ادب کي ڪيترا ئي ماسٽر پيس ڏياريا آهن. سندس سلجهيل، قابلِ فهم ۽ آسان لکڻيون ثابت ڪنديون آهن ته لکاري جي من ۾ “مونجهارو ۽ اساٽ ڪونه آهي”. سندس ناول سندس ان “زندگيءَ تي ڏنل تاثر” رهيا آهن جيڪا هن “ڏٺي يا ڀوڳي” آهي جو خوبصورت شفق کي ڪڪرن ڀريو آسمان ئي ڏسڻ وٽان بڻائيندو آهي. انور جهڙن اديبن وٽ پنهنجي ٿورڙي عمر ۾ به هزارين ورهين جيتري تجربي جهڙيون ۽ جيتريون يادون هونديون آهن پر افسوس آهي جو هو اهڙي قوم لاءِ مزاحمتي جنگ جوٽيندو رهي ٿو جيڪا صدين کان پنهنجي حقن کان بي نياز  ظالمن جا هٿ مظبوط ڪندي رهندي آئي آهي. 

ملڪ جي دانشور طبقي انور ابڙو جي تحريرن کي سدائين سراهيو آهي. گهٽ ئي لکاري هوندا آهن جن جي شخصيت جو وزن سندن تحريرن سان ميل کائيندو آهي نه ته مون ته سدائين اديبن کي پنهنجي لکڻين کان گهڻو ننڍڙو ۽ بندرو لڌو آهي.  ان پسمنظر ۾ مان جن اديبن جو گهڻو احترام ڪندو آهيان انهن ۾ انور ابڙو پڻ هڪ آهي جيڪو پنهنجي شهپارن جي آئيني ۾ شخصي اعتبار کان مٿاهون لڳندوآهي. سندس ڪتابن ۾ روحاني ۽ نفسياتي مسئلن جا حل پڻ هوندا آهن ۽ کيس انساني نفسيات جي مختلف گوشن جو شعور سنڌ جي گهڻن اديبن کان سرس نظر اچي ٿو ۽ سندس لکڻيون ٺوس، جامع ۽ سنجيده قسم جون هونديون آهن. انور ابڙو منهنجي نظر ۾ سنڌ جو واحد اديب آهي جيڪو نه رڳو پڙهندڙن سان رابطي ۾ رهندو آهي پر لکندڙن سان به شايد اهو ئي سبب آهي جو هاڻي پڙهندڙ انور ابڙو جي هر نئين ڪتاب لاءِ اوسيئڙو ڪندا آهن.

علي آزاد جوڻيجو جي ننڍڙي راءِ سندس لاءِ ڪيتري نه جامع آهي ته “انور ابڙو ڪهاڻي کان نظم تائين ۽ ڪالم کان ايڊيٽوريل تائين هڪ سماجي دانشور جيتري پهچ رکندڙ تخليقڪار آهي. سندس جديد ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻي جو حيرت انگيز تسلسل آهي. هو هڪ ئي وقت ڪمال جو ايڊيٽر پڻ آهي سندس سمورو ادبي ۽ صحافتي پورهيو سنڌ جي مڪمل تاريخ جو عڪس آڇيندڙ آهي”. اهڙي ريت رحمت الله ماڃوٺي جي سندس ناولن ۽ ڪهاڻين متعلق خيال آرائي آهي ته “انور ابڙو صاحب هن وقت سڀ کان وڏو ۽ پيارو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو ڪردارن کي زوري پنهنجو گس نه ٿو وٺرائي پر ڪردارن کٿ پنهنجي مرضي  تي ڇڏي ٿو ڏئي ته پنهنجو ڏٺو پاڻ ڪريو”.

انور ابڙو جا ڪتاب

انور ابڙو جو پهريون ڪتاب “خود ڪشي جو رومانس” آهي جيڪو (۲۰۰۲) ۾ ڇپيو جڏهن ته سندس پهريون ناول “ڀڳل رانديڪو” ۲۰۰۸ع ۾ پڌرو ٿي پڙهندڙن جي هٿن جي زينت بڻيو. اهڙي ريت “منهنجو چنڊ مارجي ويو”(۲۰۰۹) ۾، “اڌ صدي جو اوجاڳو”(۲۰۱۳ع) ۾ پبلش ٿيو.  انور ابڙو جو ۲۵۰ صفحن تي مشتمل ڪتاب ننڍڙو چنڊ جو پبلشر موهن مدهوش آهي جنهن ڪويتا پبليڪييشن طرفان هي ڪتاب شايع ڪيو آهي جنهن جو مهاڳ مشهور سنڌي سياح الطاف شيخ صاحب لکيو آهي جڏهن ته ان جو ٽائيٽل اسان جي دوست منور ابڙو جي ننڍي ڀاءُ ڪپتان ابڙو جوڙيو آهي جيڪو پاڻ بهترين ڪيري ڪيچر هئڻ سان گڏ چترڪار پڻ آهي.

سنڌي ادب ۾ ٻارڙن لاءِ ادب سرجڻ جو سلسلو ورهين کان رڪجي ويو آهي خاص طور تي اڪبر جسڪاڻيءَ جي گل ڦل جي بند ٿي وڃڻ کان پوءِ پر ان جمود کي ڪڏهن ڪڏهن ڪو فرهاد پنهنجي تيشي سان ڏار ڪري وري ان جي عمر وڌائيندو رهندو آهي.  “عني ۽ مائو” لکي انور ابڙو شاندار ڪارنامو سرانجام ڏيو آهي جنهن کي سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان ۲۰۱۶ع ۾ “ٻاراڻي ادب جي بهترين ڪتاب” جو ايوارڊ ڏنو هيو. “عني ۽ مائو” قربان منگي ۽ امر اقبال پنهنجي اداري پوپٽ پبليڪيشن طرفان ڇپرايو هيو جنهن جو مهاڳ نصير مرزا لکيو هيو.

موهن مدهوش جي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيل سندس ڪتاب پهرئين جنوري جو مهاڳ بادل جماليءَ لکيو جڏهن ته هن ڪتاب ۾ جهنگ کان وٺي سڀاڻو ڪنهن ڏٺو آهي ڪل  اٺاويهه ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن.

تعلقات جون مختلف ڪڙيون جڏهن هڪ ٻئي سان ملنديون آهن ته سماجي زندگي وجود ۾ ايندي آهي. تعلقات ۾ توازن قائم رکڻ جو ٻيو نالو ڪامياب زندگي آهي.  هي توازن ڪيئن برقرار رکو وڃي، هي هڪ نهايت ئي مشڪل سوال آهي جنهن جو جواب ڪجهه لفظن ۾ ڏيڻ تمام مشڪل آهي.  انورابڙو هن سوال جو جواب پنهنجي هن ڪتاب “هڪ مهمان ڇوڪري” ۾ وضاحت سان ڏئي ٿو.  هن اسان جي روزمره واري زندگي متعق معاملن کي اسان جي ماحول ۽ ان جي تقاضن کي پيشِ نظر رکي زندگي جي مسئلن کي سادي، آسان ۽ دلچسپ انداز ۾ حل پيش ڪيو آهي ۽ اها ئي هن ڪتاب جي خاصيت آهي.  ان خوبي سبب هن ڪتاب کي زندگي ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرز ڪراچي طرفان ڇپايل ۲۶۸ صفحن واري هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ۵۰ علمي ادبي شخصيتن سوانحي خاڪا موجود آهن جيڪي مختلف دورن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپيا ويا يا وري ادبي پروگرامن ۾ پڙهيا ويا هيا. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري ناول نگار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي.

زندگي هڪ اهڙو سمنڊ آهي جنهنجو ڪو ڪنارو ڪونه ٿئي ٿو تنهن ۾ حادثا، واقعا ۽ لهرون اڀري اڀري تسلسل جون فطري ڪڙيون پيدا ڪنديون رهنديون آهن اهي ڪڙيون جيڪڏهن هڪ ٻئي مان ٽٽي پون ته زندگي جو وهڪرو ختم ٿيو پوي.. هن وهڪري ۾ بيشمار هنگاما، وٺ پڪڙ، پريشانيون جنم وٺنديون رهنديون آهن جيڪي ناولن ۽ ڪهاڻين کي تخليق ڪنديون رهن ٿيون. جنهن ماحول ۾ زندگي گهري ۽ طوفاني هوندي ڪهاڻيون اوتري ئي شدت سان اڀرنديون آهن. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين ۽ ناولن جي تاريخ انهن طوفانن مان گذرڻ ڪري پنهنجي انفرادي حيثيت ڪيتري عرصي کان قائم رکي ڪونه سگهي آهي. ان جي باوجود انهن طوفاني لهرن ۾ انور ابڙو جهڙا مانجهي سامهون ايندارهيا آهن جن پوري شعور سان ڪهاڻين کي نئي زندگي ڏني. سندس ڪهاڻين ۾ سماجي ۽ احساساتي شعور جو رنگ گهاٽو رچيل هوندو آهي. 

انور ابڙو ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي بهترين نموني سان ڪندو آهي ته پنهنجي ڪردارن کان اصلاح جو ڪم به وٺندو آهي جيو سندس خوبصورت انداز نگارش ۾ سادگي ۽ بي ساختگي هئڻ سبب ڪامياب ٿيندي نظر اچي ٿو.  هو لکڻين ۾ مختلف جڳهن تي مختلف ادارن، ملڪ، سماجي گروهن جي اهم مسئلن تي زور ڏئي ٿو.  ڪٿي هو نظام تعليم جو تجزيو ڪندوملي ٿو ته ڪٿي استاد کي پنهنجيي ذميداري ياد ڏياري رهيو آهي،ڪٿي شاگردن ۾ محنت ۽ رياضت جو شوق اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪٿي قوم جو مزاج ۽ نوعيت جو تعين ڪري رهيو آهي. هو هڪ ڳوٺائي لوڪ آهي جنهن زندگي جي صعوبتن، مسئلن ۽ مامرن کي گهڻو ويجهو کان ڏٺو آهي ان لاءِ  هو پنهنجي لکڻين ۾ خدمتِ خلق جا تمام معني خيز تصور پيش ڪندو رهيو آهي. انورابڙو جي فنپارن ۾ سنجيدگي ۽ درد سان گڏ سادي ۽ سليس زبان ۾معاشري کي ڌوڻي رکڻ جي صلاحيت موجود آهي. 

جيڪڏهن سندس افسانن جي ڳالهه ڪجي ته انور ابڙو افسانه نگارن جي ان جٿي سان تعلق رکي ٿو جيڪي افسانن ۾ حقييقت جي پيوندڪاري ڪندا رهندا آهن. هن زندگي جي مختلف گوشن، روپن ۽ ڪيفيتن کي شدت سان محسوس ڪيو آهي.  انتظامي، معاشرتي ۽ تهذيبي زندگي سان ڀرپور ان مشاهدي ۽ احساس سندس ڪتابن کي جنم ڏنو هوندو جن جو مطالعو هن معاشري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.  انور ابڙو پنهنجي مطالعي جي بڻياد تي پنهنجي هر ڪتاب کي معلوماتي ۽ دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو نظر اچي ٿو جيڪا ڪوشش سندس ڪتابن کي دلڪش بڻائڻ  ۾ ڪامياب نظر اچي ٿي.

انور ابڙو جي قوتِ مشاهدو تيز ۽ تخيل دور رس ۽ مزاج معتدل نظر ايندو آهي.  هو ماحول جو گهرو مطالعو ڪري اهڙي زبان استعمال ڪندو آهي جنهن ۾ سنڌيت جو عنصر غالب نظر ايندو آهي.  هو پنهنجي هر ڪتاب ۾ زندگيءَ جو ڀرپور عڪاس هوندو آهي.  سندس ڪنهن ڪٿاب ۾ زندگي جا مختلف تاڃي پيٽا صاف نظر اچن ٿا ته ڪنهن ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي نهايت صحيح عڪاسي آهي. ڪنهن ۾ جيل خاني جي زندگي کان تمام پاسن سان اجاگر ڪيو ويو آهي. سندس ناولٽن جا اڪثر ڪردار جاندار آهن ۽ پنهنجي ماحول ۽ ٻاهر جي زندگي سان گهرو تعلق رکن ٿا. جنهن سبب زندگي جي رنگا رنگي ۽ جذبات جي بوقلموني، فن جي توانائي سان گڏ اڀري ٿي.  سندس ڪتابن ۾ معاشري جو خاميون احساسان جون لغزشون، نيڪي ۽ بدي جي ڪشمڪش جا پڙاڏا صاف طور تي ڏسي سگهجن ٿا.  انور ابڙو جي هي ڪتاب هڪ سٺي ادبيي تخليق چئي سگهجي ٿي جنهن کي پڙهڻ سان قاري جي خيالن ۾ وسعت ۽ لچڪ پيدا ٿئي ٿي.

انورابڙو جي تمام ڪتابن ۾ جيڪا کوٽ محسوس ٿئي ٿي اها هيءَ آهي ته پنهنجي ڪتابن ۾ پنهنجو پاڻ کي افسانن ۾ ته ظاهر ڪري ٿو پر پنهنجي زندگي جي جدوجهد، اوسر ۽ حالات کي قلمبند ڪونه ٿو ڪري جيڪي ڪنهن به ڪتاب جي جامع سازي لاءِ پڻ ضروري هوندو آهي جو قاري سمجهڻ چاهيندا آهن ته جنهن لکاري کي اسان پڙهي رهيا آهيون اهو اصل ۾ ڪهڙن ڪهڙن حالتن مان گذريو آهي يا هن پنهنجو پاڻ کي حالتن جي ڪٺالي ۾ ڪيئن پچايو آهي

سندس لکڻين ۾ سياسي تصورات به آهن ته معاشرتي ۽ سماجي رحجانات به. انور ابڙو جا ناول ۽ ڪهاڻيون توڙي جو پنهنجي خاص انفراديت رکن ٿيون جن ۾ ڪرداريت جا مختلف پاسا اجاگر ٿيندا آهن پر سندس ڪم ۾ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ کان سگهارو صحافي اڳيان اچي بيهي ٿو.  ڪجهه معاملن ۾ ڪتابن جي طباعت ۽ ڪتابت متعق ڪافي جاين تي سائنسي خاميون نظر اچن ٿيون جن جي ذميواري يقينن پبلشر تي هئڻ گهرجي. ٿورڙيون گهڻيون پروفن جون غلطيون به ظاهر ٿين ٿيون.  انور جڏهن زبان ۽ قوم جي مسئلي کي ڇيڙي ٿو ته حقيقتن ۽ معنائن کي ننڍڙي ڀانڊار ۾ بند ٿو ڪري وجهي. سندس خيال ۾ زبان جو مسئو محض علمي نه پر قومي وقار جو مسئلو به آهي. هي پڻ صحيح آهي ته انور ابڙو پنهنجي هر لکڻي ۾ سماج ڏنهن ڪونه ڪو نواڻ وارو فڪري لمحو ضرور رقم ڪندو آهي جيڪا خاصيت دنيا جي معتبر ۽ مڃيل لکارين ۾ هوندي آهي ان پسمنظر انور ابڙو کي بين الاقوامي معيار جو اديب چوڻ بيجا ڪو نه ٿيندو.


 

انور ابڙو

کيس جنم ڏينهن مبارڪ

امر پيرزادو

نئين سال جون اسان سڀ مبارڪون وصول ڪندا آھيون پر سنڌ جو ذھين دانشور ليکڪ ۽ ايڊيٽر انور ابڙو ان ڏينهن پنهنجي جنم ڏينهن جون به مبارڪون وصول ڪندو آھي چوندا آھن ته جنم ڏينهن ڇو ملهائجي اهو ته زندگي جو سال گهٽائي ٿو پر اسان سمجهندا آھيون ته جنم ڏينهن تي انسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گذاريل زندگي جو جائزو وٺي پنهنجي غلطين مان سکي ۽ ڪاميابين تي قائم رهڻ جو جتن ڪندو آھي ۽ ساڳي ڪيفيت نئين سال اچڻ وقت به هوندي آھي سو انور ابڙي لئه اهي ٻئي تاريخون گڏجي ان جي زندگي ۾ نئون اتساهه ڦوڪينديون آھن هن جي هڪ ڪهاڻي ۽ ڪتاب جو نالو به پهرين جنوري آھي. ڪي ماڻھو اهڙا هوندا آھن جن لئه هي زندگي ڀلي ڪيڏي به طويل هجي پر اها بلڪل مختصر لڳندي آھي ڇو ته انهن وٽ ڪرڻ لئه تمام گهڻا ڪم هوندا آھن ۽ جڏھن هو ڪم ڪري بس ڪندا آھن ته اهو سوچي اداس ٿيندا آھن ته ڪيترا ڪم اڄ به ڪرڻ کان رهجي ويا ايئن سندن هر ڏينهن گذرندو آھي اهڙا ماڻھو وقت وڃائيندا نه آھن پر وقت تي حاوي ٿي ويندا آھن.

انور ابڙو به هڪ اهڙو محنتي صحافي اديب استاد ۽ ايڊيٽر آھي جيڪو هر وقت ڪم کي عبادت سمجهندو آھي ا ن ڪري هو ادبي ۽ سوشل پروگرامن ۾ ورلي نظر ايندو آھي پر هن جون لکڻيون هن جا ڪتاب هر وقت نظر ايندا رهندا آھن هن جي موجودگي هن جو ڪيل ادبي پورهيو هوندو آھي. هن وقت تائين هن جا ڇهه ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن ۽ ڪيترا ئي ڪتاب اڃا اسان جي هٿن تائين نه پهتا آھن انور کي ڪتابن تي ادارن توڙي عوام جي دلين ايوارڊ ڏنا آھن پر انور جهڙا  ماڻهو پنهنجي ڪيل ڪم کي ئي اصل ايوارڊ سمجهندا آھن انور ابڙو اهڙو شخص آھي جنهن سان ڪچهري ڪرڻ سڀني دوستن جي خواهش ھوندي آھي ڇو ته هو انتهائي قرب ۽ عزت ڏيندڙ روائتي سنڌين جهڙو پرخلوص ماڻھو آھي. انور پيرزادو کيس سڀئين وصفين سهڻو ماڻھو ڪوٺيندو هو جيترو هي ماڻھو ملڻ ۾ مٺو آھي اوتري ئي سندس لکڻي به صاف سادي موهيندڙ چيڪي مٽيءَ جهڙي ھوندي آھي پڙھندڙ هن جي ٻولي پڙھندي ايئن رواني سان ورق ورائيندو ويندو آھي جيئن صاف پاڻي نڙي مان سولائي سان لهي ويندو آھي  انور ابڙي پنهنجي سوچ جي امرت رس لفظن ۾ اوتي اسان کي پياري آھي.

انور ابڙو هن وقت عمر جي ان حصي ۾ آھي جنهن ۾ ھن کي سينئر اديب سمجهڻ گهرجي پر الئه ڇو اسان وٽ تيستائين اديب نوجوان سڏبا آھن جيستائين هوڪراڙا نه ٿين ۽ سينئر اديب نه سڏجڻ جو کين نقصان اهو آھي ته اسان انور ابڙي جي ٽھي وارن اديبن سان نه شام ملهائيندا آھيون نه سندن نالي ڪو روڊ يا عمارت ڪندا آھيون نه انهن کان صدارت ڪرائيندا آھيون نه انهن کان آتم ڪٿا جي فرمائش ڪندا آھيون نه انهن کي ادارن جو سربراهه مقرر ڪندا آھيون نه انهن جو اهو قدر ڪندا آھيون جيڪي هو لڻندا آھن اهو ئي سبب آھي ته اسان انور ابڙي ۽ ان جي همعصر اديبن مثال رئوف نظاماڻي حسن مجتبي عطيه دائود، امر سنڌو، خدابخش ابڙي، شاهه محمد پيرزادي، جان خاصخيلي، نورالهديٰ شاهه، جامي چانڊيي، رسول ميمڻ، اعجاز منگي جهڙن ماڻهن کي اهو مان نه ڏئي سگهيا آھيون جنهن جا هو مستحق آھن اسان انهن کي اڃا سينئر نه ٿاسمجهون ۽ انهن جي ڪراڙپ جو انتظار ڪيون ٿا جڏھن ته هي وقت آھي انهن کي مڃتا ڏيڻ جو جڏھن اهڙا اديب وڇڙي ويندا آھن ته پو بس افسوس رهجي ويندو آھي جيئن اسان نه حسن درس تي ڪو وڏو پروگرام ڪيو نه اياز جاني کي اهڙو شانائتو ٽربيوٽ ڏنو نه سعيد ميمڻ کي لاءِ ڪو چڱو پروگرام ڪرائي سگهياسين.

انور ابڙي ڪيترا ئي اهم ڪم ڪيا آھن هن سنڌي ادب کي معياري ادبي ميگزين ۽ رسالا ايڊٽ ڪري ڏنا آھن جن جا لي آئوٽ ڏسي ليکڪ کي پنهنجي ڪيل تخليق پورهيي جو حق ادا ٿيندي محسوس ٿيندو آھي انور ابڙي ٻاراڻي ادب تي گهڻو ڪم ڪيو آھي ۽ ھڪ ناول “ڀڳل رانديڪو” ۽ هڪ ڪهاڻين جوڪتاب “عني ۽ مائو” ڏنو آھي هن اهو ڪتاب منهنجي پٽ ساز لئه لکي موڪليو هو ڇو ته هو سمجهي پيو ته ٻاراڻي ادب تي پهريون حق ٻارن جو هجڻ گهرجي انور ابڙي سنڌ جي اديبن جا سهڻا پروفائيل لکي انهن کي تاريخ ۾ ايئن محفوظ ڪيو آھي جو ايندڙ نسل اهي لکڻيون پڙھي انهن اديبن کي پڙھڻ جي حثرت ضرور ڪندو اهڙا پروفائل سندس ڪتاب “قلم جا وارث” ۾ موجود آھن انور سٺيون ڪهاڻيون لکيون آھن جيڪي “پهرين جنوري” “خودڪشي جو رومانس” ۽ “منهنجو چنڊ مارجي ويو” ۾ گواهي طور موجود آھن انور زبردست شاعر آھي ۽ مون کي سندس ان ڪتاب جو سڀني کان گهڻو انتظار هوندو آھي ان ڪتاب جو مهاڳ انور پيرزادي پنهنجي حياتي ۾ لکي ويو هو، انور ڊراما لکيا ڊاڪيومينٽريون ٺاهيون اديبن تي  ٻارن لئه سبق لکيا خبرون ٺاهيون مڃتا ڪارنر ڏنا هن محبتون ورهائيون ماڻھپو زندهه رکيو ۽ مسلسل ڪم ڪيو جنهن هن عمر ۾ ادب توڙي صحافت ۾ هن کي مانائتو مقام ڏنو آھي.

انور پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي محبت کي حاصل نه ڪري سگهڻ واري درد مان نڪري ناهي سگهندو ۽ بار بار ان درد کي شاعري توڙي نثر ۾ نئين انداز ۾ بيان ڪندو آھي پر هن اها محبت وڃائي تخليق ۾ ان درد کي اوتي جيڪا محبت ماڻي آھي اها ئي سندس زندگي جي حاصلات آھي، ڀائرن جهڙي انور ابڙي کي جنم ڏينهن مبارڪ ان دعا سان ته هن جا ڪم هن جي زندگي ائين ئي امر ڪندا رهن.

No comments:

Post a Comment