Pages

▼

29 July, 2012

شوڪت علي ٻرڙو رياضت ٻرڙو


شوڪت علي ٻرڙو
رياضت ٻرڙو
”لاهوتي شوڪت علي“ جي نالي سان مشهور، شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو قنبر جو هڪ پورهيت شخص هو، جنهن دين ۽ علم سان گھڻي پنهنجي لڳاءَ سبب هڪ تفصيلي ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن ٿوري شاعري به ڪئي، جنهن ۾ تخلص ”شوق“ ڪتب آندو.


شوڪت علي ولد محمد عثمان ٻرڙو ۱۹۲۰ع ۾ قنبر جي نور شاهه محلي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي محمد عثمان ٻرڙو پنهنجي دَور جي نمايان شخصيت هو. پنجن سالن جي عمر ۾ والد جي وفات ۽ غربت سبب شوڪت علي ابتدائي تعليم کان پوءِ ثانوي تعليم حاصل ڪري نه سگھيو ۽ پورهيو ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳو. کيس لکڻ پڙهڻ جو بيحد شوق هو، جنهنڪري مطالعي سان پنهنجي دلچسپي برقرار رکيائين ۽ ڊاڪٽر محبت جي ورتل ڪتابن مان تاريخ ۽ مذهب سان واسطيدار انيڪ ڪتاب پڙهيائين. هن ۲۹ نومبر ۱۹۶۳ع تي مٿي ڄاڻايل ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکڻ شروع ڪيو ۽ ۱۱ فيبروري ۱۹۸۱ع تي لکي پورو ڪيو، جيڪو قلمي صورت ۾ فل اسڪيپ سائيز جي ۹۴۰ عدد صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو موضوع مذهبي تاريخ آهي. ”آزاد حقيقت“ جي پيش لفظ ۾ هُو لکي ٿو: ”مان به گھڻي مدت کان پئي سوچيو ته ڪا ڳُوڙهي ڳالهه لکان. ان لاءِ دل جو ارادو بيٺو ته ’آزاد‘ هجي ۽ حق جي ’حقيقت‘.... جو مان ڪنهن به وقت ٻاهر ويندو هوس ته بيان ڪندو هوس حضرت آدم عليه سلام کان وٺي قيامت تائين ٻڌائي پار ٿيندو هوس، جو من ٻڌي ڪو نصيحت وٺي ۽ فائدو پِرائي.“ ان ڪتاب جو هڪ نقل، ڊاڪٽر محبت جي هٿ اکرن ۾ پڻ لکيل آهي.
هُو ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي هلچل دوران، پنهنجي اولاد ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ صحبت ٻرڙي جي عيوضي ۾، ڪجھه وقت ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي قيد پڻ رهيو.
شوڪت علي ٻرڙي کي اولاد ۾ پنج پٽ پيدا ٿيا: رستم علي ٻرڙو (تَـــرَ جو ناليرو فنڪار، بهترين اسٽيج اداڪار ۽ والي بال جو مشهور رانديگر آهي)، فتح علي ٻرڙو (بهترين ٽيلر ماسٽر آهي)، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو (علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ مڃتا ماڻيائين)، صحبت علي ٻرڙو (سڄاڻ صحافي ۽ روزاني ”جاڳو“ ڪراچي جو ايڊيٽر رهيو آهي) ۽ رياضت علي ٻرڙو (ليکڪ).
شوڪت علي ٻرڙي جي وفات ۱۹۸۷ع ۾ قنبر ۾ ٿي، کيس عيد گاهه لڳ غريب آباد مُقام ۾ دفنايو ويو.

No comments:

Post a Comment