Pages

03 April, 2011

وتايو فقير


وتايو فقير
واھ وتايا واھ
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
ھو تمام وڏو اصلاح ڪندڙ، عقلمند انسان ۽ سندس عقل اتاھين درجي تي فائز ھو. عقل جو ھي اھو اتاھون درجو آھي جتان انسان فنا کان بقا جون منزلون طئه ڪري اتاھين اڏام اڏامي سگھندو آھي. ھو عالم به ھو ته فاضل به ھو. مخدوم محمد اسماعيل سومري اگھاماڻي واري جو شاگرد ھو. ھو پاڻ نه صرف مخدوم صاحب وٽ پڙھندو ھو پر مدرسي جي شاگردن جا وار به ڪوڙيندو ھو ۽ سندن ڪپڙا به ڌوئيندو ھو. سندس وڏي ڀاءُ جو نالو عبدالعالي ۽ سندس نالو عبدالمعالي ھو. ھو شاھ ڪريم بلڙي واري کان ننڍو ۽ شاھ عنايت رضوي کان ڄمار ۾ وڏو ھو. مخدوم عبداللطيف لنواري واري جي پٺيءَ کي چميائين جو کيس مخدوم محمد الزمان لنواري واري جي ولادت جي مبارڪ ڏنائين ۽ شاھ حبيب کي دعا ڪيائين ته توکي اللھ پاڪ صاحبزادو ڏيندو ۽ سندس نالو عبداللطيف رکجان. ھي اھو عبداللطيف ڀٽائي ٿيو جيڪو سنڌ جي شان، مان، عزت ۽ عظمت جو علمبردار آھي. سندس وڏو ڀاءُ خوش الحان ھو ۽ سندس ان ئي مٺي آواز ۽ مڌر لات جي ڪري شيخ لحينڙو يا شيخ لھينڙو سڏيو ويو، جنھن جو مقبرو ٽنڊي الھيار شھر جي اولھ ۾ آھي ۽ قبو بس اسٽاپ سڏجي ٿو ۽ شيخ لحينڙي جي دامن ۾ شيخ عبدالمعالي جي مزار آھي، جنھن جي ظاھري طور طريقن سبب کيس وتايو فقير سڏيو ويو.


وتايو فقير پنھنجي ظاھري فقيراڻي لباس ۾ وتايو، اندر ۾ وڏو عالم ۽ اڪابر ھو. سندس دور جي سنڌ ملڪ جي حالتن کيس وتايو فقير بڻايو. سندس دور جو سنڌ ملڪ ان وقت تمام ڏکين انتظامي ۽ معاشي حالتن ۾ ھو. پنھنجن ۽ غيرن جي تڪرار واري انھي سنڌ ۾ اصلوڪا بدحال ۽ غير خوش الحال ۽ غالب ھئا. برسر اقتدار قوتن نه صرف سچ ۽ ڪوڙ جا معيار مٽائي ڇڏيا ھئا بلڪ پنھنجي دين جون وصفون به پنھنجي پسند جون ٺاھي ڇڏيون. جنھن جا ڪپڙا اڇا اھو چڱو مڙس ڄڻ مانُ مڙس جو نه پر ڪپڙن جو ھو. تڏھن ته ڪپڙن کي پئي چيائين ته ڀت کائو.
فقير جيڪو ديني علم پڙھي آيو انھي جو ته اظھار ڪرڻ به ڏکيو. ھنن حالتن ۾ ھن ڏاھي ماڻھوءَ ويھي ويچاريو ته ڪھڙي طرح عقل ۽ سمجھ جون ڳالھيون ڪجن. پوءِ ھن ويھي وتائي وارو روپ  ڌاريو ۽ وتندو ھو تمام اھم ۽ ڏاھپ واريون ڳالھيون عوامي لھجي ۾ چوندو. ھن جو مقصد به ھو ته عوام کي صحيح گس به سونھائجي ۽ سندس رستا روڪ به نه ٿئي. ھن جڏھن اگھاماڻي جي جامع مسجد مان نمازين جا ٽولا خشوع ۽ خضوع کان خالي ايندي ڏٺا ته انھن جي ڀرسان بيھي مسجد کي مخاطب ٿيو ته “جامي! (اي جامع مسجد) ھينئر ته ڏند پئي ڪڍين. ڪڏھن سجدي لاءِ سڪنديئين.” اھا ڳالھ ٻڌي تماشائي ته کلندا ويا پر اھلِ دل تڏھن به رنا ۽ اڄ اگھاماڻو پنھنجن دڙن ڀڙن سميت انھيءَ سچ جو شاھد آھي. اگھاماڻي جي کنڊرن جي اوڀر ۾ جيڪو پراڻو وھڪرو آھي اتي مخدوم صاحب جي مقبري جي سامھون جيڪو گھيڙ آھي اھو اڄ به “وتائي جو گھيڙ” سڏجي ٿو ۽ ان گھيڙ جي سامھون وتائي جي مسجد جون ديوارون اڄ به زمين ۾ پنھنجا وجود سُجھائين ٿيون. ھن عَبدَ ۽ مَعبود جو فلسفو ڦِٿل گدري جي نقل ۾ ڪيڏو آسان ڪري سمجھائي ڇڏيو آھي ته انسان جنھن حقيقي معبود کي سجدو ٿو ڪري ان جي ڪَٿِ ڪيئن ٿو ڪَٿي. ھن دور ۾ ته اظھار جا ڪيئي ذريعا آھن ۽ انسان پنھنجي اندر جو آواز اُچاري سگھي پيو پر فقير صاحب گُھٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ ڪيترائي عام فھم لفظ اسان کي ڏئي ڇڏيا آھن جيڪي ورجائي اسين تمام ڏکيا ڪم به آسان ڪريو ڇڏيون ته، “چَريا کَريا آھيون ته به پنھنجا سڃاڻون پيا.”  پنھنجا ھن ته سڃاتا پئي پر اسان کي به سمجھائي ويو ته غير ته غير  آھن، پنھنجا سڃاڻون.
ھن پنھنجي ادراڪ، عقل ۽ فھم سان اھو طريقو اختيار ڪيو جنھن سان ھو تمام ڏکيون ڳالھيون آساني سان چئي سگھي. ڪنھن ڪنواري عورت جي جنازي کي ڏسي اھو چوڻ ته، “مُئي برداشت ڪيائون پر ڏنائون ڪنھن کي به نه.” ھن دور ۾ به ڪيترو ڏکيو آھي اھا ڳالھ ڪرڻ. ھن ننڍڙي جملي ۾ اھا سگھ آھي جيڪا اڃان تائين دنيا ۾ عورتن جون نمائنده تنظيمون به حاصل ڪري نه سگھيون آھن. عورتن کي حق نه ڏيندڙن لاءِ ھن ننڍڙي جملي ۾ تير ۽ تفنگ جيتري طاقت آھي پر ايترو سڌو سچ چوڻ ۽ اڳئين کي اھو سچ ٻڌڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه ڏيڻ، اھو طريقو صرف وتائي فقير وٽ ھو. فقير سيکاريو ته اللھ پاڪ سان محبت ڪريو. حق تي ھلو ۽ حجت ڪريو. ھي جيڪو عوام الناس کي اسان جي مبلغن رڳو ڊپ ڏنا آھن ۽ ڊپ به اھڙا جو معصوم ماڻھو به ڪنبن ۽ پگھرجن، فقير ان کي ايڏو ته سولو ۽ سنھجو ڪري پيش ڪيو آھي جو ڳالھ سمجھ ۾ اچيو وڃي. ايئن به ٿيو آھي ته ڪجھ نقلي فقيرن پنھنجا نقل ٺاھي وتائي فقير جي کاتي ۾ لکيا آھن پر اھا ڳالھ سمجھڻ مشڪل نه آھي ته فقير جو ھر لفظ اعليٰ انساني معيارن سان مناسبت رکندڙ نقطو آھي ۽ سندس نالي ۾ گھڙيل ڳالھيون ان ئي معيار کان وانجھيل آھن. فقير جي نقطي جو معيار ته ڏسو، “امان دوزخ ۾ باھ ته ھر ڪو دنيا مان پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو!”



درويش وتايو فقير ۽ الهيار جو ٽنڊو
قائم سولنگي
اڄ شهر ٽنڊو الهيار ۾ جنهن جي قيام کي ۲۱۳ هون سال آهي بنياد وجهندڙ ان شخصن مير فتح خان ٽالپر (ماڻڪاڻي) پنهنجي وڏي پٽ مير الهيار خان جو نالو ڏئي بنياد رکيو، اُتي دوريش صفت “وتائي فقير” نالي جشن رٿيل آهي. آڳاٽو مرهيات جي قبر تي وڃڻ ٿيو جيڪا ٽنڊوالهيار ميرپورخاص روڊ تي ڌڱاڻو بوزدار اسٽاپ ڀرسان واقع آهي. سندس مرقد جي سيراندي وٽ پٿر جي ڪتبي تي هي ٻه سٽون لکيل هيون ته.
“اڳي آئون ائين هئس، جيئن هينئر اوهان آهيو،
سڀاڻ اوهان ائين هوندئو، جيئن  اڄ آئون آهيان.
جيتوڻِيڪ سندس چوڻين ۽ حياتيءَ بابت ٻه ضخيم ڪتاب ڇپيل آهن. هن روايت مان فقير وتائي جو پيرو کڻي  سگهجي ٿو. گلزار خليل مدرسي جي باني پير ابراهيم جان سرهندي آف سامارو هڪ واقعو ٻُڌايو ته ڪامارو شريف جي مدرسي ۾ ديني اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت اڳوڻي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان به قبول ڪئي هئي. ان موقعي تي هن اوڏي مهل ڊپٽي ڪليڪٽر کي حڪم ڏنائين ته هيءُ هاري جيتري زمين سال ۾ آباد ڪري سگهي ٿو، اها مالڪ کان خريد ڪري، هن جي نالي ڪيو ۽ رقم سرڪاري خزاني مان ادا ڪيو. پوءِ ائين ٿيو. ياد رهي ته اهو هاري ڌڱاڻو بوزدار هو. جنهن جي نالي اهو اسٽاپ ڳوٺ آهي ۽ اسٽاپ ويجهو “وتائي فقير” جو آخري آرامگاهه به اُتي آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته وتائي فقير جو مسڪن انهيءَ علائقي جي آسپاس هوندو!!
جيستائين ٽنڊوالهيار جي ڳالهه آهي ته هن شهر کي ويجهو “بُڪيرا شريف” آهو جنهن جو ۱۷۴۰ ۾ نادرشاهه جي حملي تائين اوج هو تڏهن ٽنڊوالهيار ڳوٺ جهڙي بستي هوندو هو، تقريبن ۱۱۰۰ کان ۱۷۰۰ دور ۾ “سانڱرو واهه” جنهن تي نصرپور شهر وٽ بند، قائم هو انهيءَ زماني ۾ ٺٽي ۽ ملتان تائين ٻيڙين ذريعي تجارت ٿيندي هئي. چچ نامي موجب فارسي زبان ۾ “سانڪره” لکيو ويو آهي انهيءَ جا ڦٽل نشان اڄ به ٽنڊوالهيار ويجهو موجود آهن، سنڌ  جي هاڪاري حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حاڪميت واري دور يعني ۱۷۵۲ ڌاري هيءُ بندر لٽجي ويو سانڱري جي ڦٽڻ بعد ميان غلام شاهه  وارو نئون ٻڌايل شهر شاهپور جيڪو الهڏنو ساند ويجهو هو، اهو به واريءَ ۾ لٽجي ويو جنهن جي ڪري اُن کي شاهپوردرپور چيووڃي ٿو.
مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا حسن ارغون نصرپور جا گورنر رهيا هئا تن مان شاهه قاسم ارغون جيڪو خان زمان جي نالي سان مشهور هو تنهن سانڱري واهه مٿان “شاهه ڳڙهه” نالي قلعو جوڙايو، اُن جا نشان هينئربه شيخ موسى آشيداڻي جي مُقام تي اُتر طرف ۾ سيدڀورل شاهه جي ڳوٺ کان ۵ ميلن جي مفاصلي تي اوڀر پاسي موجود  آهن تحفته الڪرام ۾ پڻ ڄاڻايل آهي ته اهو ساڱرو، گجو بندر هو ياد رهي ته، مرزا شاهه بيگ جي قبر ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار روڊ تي ميون وهيون مقام ۾ موجود آهي.
حڪمران ماڻڪاڻي خاندان جو ميرالهيار خان ٽالپر پاڻ شهيد مير فتح خان جو وڏو فرزند هو جوانيءَ ۾ پنهنجي والد سان گڏ رهيو ڀاءُ مير ٺاري خان سان اڪثر مشهور لڙاين ۾ جيڪي ڪلهوڙن ۽ اُنهن جي مدد ۾ پٺاڻن، راٺوڙن ۽ بروهين حاڪمن سان ڪيون هيون، اُنهن ۾ ٽالپوري فوج جي سردار جي حيثيت سان شموليت ڪيائين پاڻ جيتوڻيڪ  صاحب سيف هئو مگر سندس لاڙو ۽ خيال تصوف ڏي زياده هو پاڻ فقير عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان تعليم حاصل ڪئي هئائين، جيتوڻيڪ پاڻ سفارت ۾ افغانستان به ويندو هئو، جتان هندو ويدانت يعني گيان جي ماهر فقير سوامي سکديو کي غزنئي مان سنڌ ۾ وٺي آيو، جلدئي سندن اڪيلو فرزند مير مسو خان ڪنهن سازش جي ڪري هڪ حڪيم جي هٿان شهيد ٿي ويو پاڻ دنياداري جي ڪمن کان الڳ رهيو جنهن جي ڪري حڪومت جي واڳ ۽ پڳ پنهنجي ننڍي ڀاءَ مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائين بعد سندس نالي ٻڌايل شهر جيڪو هن جي والد شهيد مير فتح خان “ ٽنڊوالهيار”  ٻڌايو هو، پاڻ اُت ئي رهيو جتي ڪچو قلعو ۽ محلاتون هيون، قلعي جون زبون ديوارون اڄ به شهر جي ٽائون پوليس ٿاڻي لڳ نشابر آهن.
ميرالهيار خان ٽالپر فارسي زبان جو وڏو شاعر ۽ صاحب ديوان هئو، مير ٺاري خان ٽالپر جي درٻاري شاعر مير ضياءُالدين ضيا  جي ديوانن ۽ ڪُلياتن ۾ سندس شعر ملي ٿو جنهن جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريري ۾ موجود آهي ٽنڊي الهيار جي حاڪم مير الهيارخان ٽالپر ٻه شاديون ڪيون هيون هڪ ٽنڊوآدم جي بانيءَ رئيس آدم خان حاجي زئي جي ڀيڻ سان ۽ ٻي شادي ننگرپارڪر جي راڻي جي سوٽ ڀوڏيسر جي ٺڪرن منجهان ، جي ننگرپارڪر جي راڻپ جا دعويدار هئا ۽ ٻاهرين فوج ڪشيءَ سبب هن هڪ دفعي ٽنڊوالهيار ۾ اچي پناهه ورتي هئي. رڪارڊ ۾ به سندس ذڪر ڪيل آهي مير الهيار خان ۱۲۳۱ هجري مطابق ۱۸۱۶ ۾ وفات ڪئي مير مائل سندن وفات جي تاريخ هن ريت ڪڍي آهي.
“زاهل جنان شد اينگونه سال ”
“بخت رسده الهيارمير”
۱۲۱۳ هجري مطابق ۱۸۱۶ع
ماڻڪاڻي ٽالپرن جي هن خاندان وڏو مير ماڻڪ خان ابن سليمان پهرين “ ڪاڇي” ۾ آيو ۽ ڊرگهه شهر ٻڌايائين هي پنهنجي راڄ سميت چوٽيءَ ديره غازي خان کان ڊگهه زيرين ۽ بعد ۾ ڊرگهه بالا ۾ اچي رهيا جتي سندن ٻه پيڙهيون  مير ماڻڪ خان ۽ مير الهيار خان (اول)  اُتي ئي گذريا ۽ دفن ٿيا.  پوءِ مير مسو خان جي وقت ۾ ميرپورخاص طرف آيا در حقيقت ٽالپرن کي مغلن به سنڌ ۾ اچڻ لاءِ اماده ڪيو هو ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن جي به اها مرضي هئي ته بلوچ سنڌ ۾ زياده تعداد ۾ اچن ته جيئن سندن فوج مظبوط ٿئي. مير ماڻڪ خان ۽ سندس وڏي پٽ مير الهيار خان هتي سنڌ جو وڏو حصو بطور انعام جي، مغلن ۽ ڪلهوڙن کان حاصل ڪيو هو ۽ ننڍي پٽ مير جادو خان جي اولاد رهندڙ ٽنڊو غلام علي کي جاگيرون مليون ۽ وڏي پٽ مير الهيار خان جي اولاد کي حڪومت ۽ پڳ ملي. سالار جنگ مير الهيار خان وڏي همت جو صاحب ۽ تعميرات جو شوقين هو، ڊرگهه بالا ۾ سندس ڪوٽ هو ان کان سواءِ  جبل تي به گرميءَ جي موسم ۾ رهڻ لاءِ ڪوٽ ۽ جايون ٺهرايائين.
روايتن موجب پنهنجي سئوٽ مير مبارڪ ولد مير علي خان بن مير سليمان خان جي گهران شادي ڪيائين کيس ٽي فرزند هر هڪ فقير مسو خان مير جادو خان ۽ مير راجو خان ڄاوا مير مسو خان ٽالپر جنهن جي وفات ۱۱۶۷ ۾ ٿي پاڻ پنهنجي والد مير الهيار خان جي وفات وقت ۳۹ سالن جو هو، پاڻ ميرپورخاص جي علائقي ڪاٺڙيءَ جي آس پاس ۾ “ليلان جي لهور”  دڙن وٽ سڪونت اختيار ڪيائين۽ مير شهداد خان(مورث اعلى)  حيدرآبادي حڪمران جي گهران شادي ڪيائين، ان گهرواري مان کيس هڪ لائق فرزند مير فتح خان پيدا ٿيو پاڻ مير شهداد خان جو ڏوهٽو هو ان طرح مير سهراب خان (والي خيرپور رياست) جو والد مير چاڪر خان “مامو” هئس سندس شادي مير بهرام خان جي گهران ٿي هئي.
هڪ اهو به مرحلو آيو ته مير غلام علي خان ۽ مير ٺارو خان جيڪي پاڻ ۾ ماروٽ پڦاٽ هئا جي وچ ۾ گدري جي ول تان ٿيل گهريلو ويڙهه جيڪو ول وارو فساد طور مشهور ٿيو هو، ميرپورخاص کان ۱۲ ڪلوميٽر اتر ۽ اولهه واقع چٽوڙي قبرستان آهي جتي هن خاندان جون ۹ پيڙهيون دفن آهن جتي هن خاندان جي پڳدار هزهائنس  مير فتح خان ٽالپر جو عاليشان مقبرو موجود آهي ان کانپوءِ ۱۸۸۵ ۾ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ مير پير بخش ٽالپر کانسواءِ بمبئي اسيمبلي جو ايم ايل او مير احمد خان ٽالپر ۽ مير الهداد خان جو ڪٽنب ، مير امام بخش ٽالپر ، مير علي بخش خان ٽالپر (جيڪو مير منور علي خان ٽالپر جو والد ۽ مئڊم فريال ٽالپر جو سهرو هو) ۽ اڳوڻو ايم پي اي مير آچن ٽالپر ۽ ۱۸۷۱ ۾ وفات ڪندڙ ميرپورخاص جو حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر جو آخري آرامگاهه به هتي آهي “دٻي” جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ ڪن جو قبرون هتي آهن چٽوڙيءَ جو قبرستان جيڪو ۳۵ ايڪڙن جي ايراضيٰ تي پکڙيل آهي، والي ٽنڊوالهيار جي مرقد تي لڳل تختيءَ تي عقيدت ۾ ايصال ثواب خاطر؛عوامي شاعر ۽ سگهڙ خليل کوسي جو نالو به لکيل آهي (وفات ؛ مير الهيار خان ٽالپر  ۱۲۱۳ هجري مطابق ۱۸۱۶ع).


وتايو فقير
 (۱۷۶۸ع – ۱۸۳۱ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
وتايو فقير، اصل هندو نسل مان هو. سندس پتا امر سنگ اجواڻي[1] هو، جيڪو تاجپور (پنجاب) جو رهاڪو هو. سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي هو. مائٽ کيس پيار وچان ”وتو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. سندس جنم وسپت ڏينهن، تهه سياري جي ۱۲ جنوري ۱۷۶۸ع تي ٿيو هو. ڪن سببن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا، جتي نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا.
ظاهري طرح تي وتائي کي ننڍپڻ کان وٺي ڪا به تعليم ڪا نه ملي هئي، مگر ڌڻيءَ سڳوري سندس ذهن ۽ ذڪاءُ اهڙو ته تيز ڪيو هو؛ جو وڏن عالمن کي به شهه ڏيئي ٿي ڇڏيائين. هو طنز جي اوٽ ۾ اهڙا ته عالمانه گفتا بيان ڪندو هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. سندس سادگيءَ مان ماڻهو اڪثر چريائپ جو اندازو لڳائي، ساڻس ٽوڪ طور ڳالهائيندا هئا. مگر پاڻ انهن کي اهڙو ته منهن تي معقول جواب ڏيندو هو، جو ڏندين آڱريون ڏئي هليا ويندا هئا.
سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي هئي؛ جنهن ڪري اسلام لاءِ کيس وڏي عزت هئي. ستت ئي عمرڪوٽ[2] مان سندس شادي به ٿي. ٿورن ڏينهن بعد سندس پتا پرلوڪ پڌرايو. پوءِ ته پاڻ، ماءُ ۽ زال سميت مسلمان[3] ٿيو. جيئن ته پاڻ اصل نالي ”وتو“ سان مشهور هو؛ ان ڪري پاڻ کي ”وتايو فقير“ سڏائڻ لڳو. سندس جيون ساٿي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. پوءِ پاڻ کي اڪيلو پئي ڀانيائين. البته پوڙهي والده جي خدمت کي افضل عبادت ڪري ڄاتائين. زندگيءَ جا ۶۳ ورهيه دم کڻي، والده کي وڇوڙو ڏئي، اربع ڏينهن ۲۲ ذوالحج ۱۲۴۷هه مطابق ۱۹ جون ۱۸۳۱ع تي ٽنڊوالهيار (حيدرآباد) ۾ وفات ڪيائين. کيس شهر کان ٻاهر ٽن ميلن جي مفاصلي تي ابدي ننڊ ۾ آرامي ڪيو ويو آهي.
وتايو، سچ پچ هڪ لاطمع انسان هو. پئسي سان سندس ڪا نه پئي. سندس تعليم جو طريقو به بالڪل نرالو هو. کلندي کلندي عام انسانن کي اهڙا ته دانائيءَ جا سبق سيکاريندو هو، جو سڄي حياتي سندن دل تان ميسارجي نه سگهيا. اسان کي سينه به سينه طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ڪافي نقل ياد آهن، جن کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪجي، ته هوند هڪ ضخيم ڪتاب تيار ٿي وڃي. نموني طور هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:-
”پاڻ هڪ ڀيري گڏهه تي چڙهي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي گڏهه گوهي ڪري، ڦيرائي پٽ تي کڻي اڇلايس. هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي، گڏھ ڏانهن گهوري چيائينس ته؛ ”بس، وڌيڪ تو کي چوڻ مناسب ناهي. ڇاڪاڻ جو جيڪو تو لاءِ منهنجي زبان تي تري آيو هو، سو تون ته اڳ ئي آهين، باقي ڇا چئي ٻڌايانءِ!“
[مطلب ته ارڏي جي ارڏائي ظاهر ڪرڻ مان ڪو به سود نه ٿو سري، ڇاڪاڻ جو ڏنگيءَ هلت واري مان ڪڏهن به چڱائيءَ جي توقع ڪري نه ٿي سگهجي].



[1] امرسنگ اجواڻيءَ کي ٻيا ٻه پٽ: ورايو، وسايو ۽ ورائي ٻائيءَ نالي هڪ نياڻي به هئي.
[2] چون ٿا ته سندس مڱ عمرڪوٽ ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن جيئن ئي پاڻ عمرڪوٽ کان وڃي نڪتو، ته پريان ڪجهه عورتون کوهه تي پاڻيءَ جا گهڙا ڀري رهيون هيون. مڄاڻ ڪا انهن ۾ سندس مڱ به موجود هئي. عورتن کيس چريو ڄاڻي، مڱ کي منهن ۾ ڏيئي کيڪار ڪرائي؛ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مشڪي چيائينس، ته ”چريا کريا ضرور آهيون، مگر سڃاڻون سڀ کي ٿا!“ اهو جواب ٻڌي عورتون وٺي ڀڳيون.
[3] ان وقت سندس عمر ۳۷ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. سندس اسلامي نالو ”طاهر“ رکيو ويو هو.



وتايو فقير
ڊاڪٽر نجم الدين الاشرفي
هڪ روايت موجب وتائي فقير جا وڏا اصل ۾ هندو هئا، سندس والد ميلهو رام پنهنجي گهرواري، پٽ ۽ ننهن سوڌو مسلمان ٿيو هو. سندس والد ميلهو رام جو نالو شيخ غلام محمد رکيو ويو ۽ وتايو جنهن جو اصل نالو وتڻ مل هئو، ان جو نالو شيخ طاهر رکيو ويو پر عوام ۾ وتايو جي نالي سان مشهور ٿيو. وتايو فقير ايتري مشهور شخصيت هجڻ باوجود سندس بابت ڪا تحقيقي تاريخ اسان کي نٿي ملي. مختلف ڪتابن ۾مختلف روايتون هن سٻاجهي ۽ کل ڀوڳ ۾ حق جي گفتگو ڪرڻ واري شخصيت لاءِ موجود آهن. وتايو هن دنيا جي انهن مجذوب هستين مان هڪ هو جنهن انسانن کي اخلاص، محبت ۽ حق سچ جو درس ڏنو. هن جي ڀوڳن جي پويان سياڻپ ۽ حق جا عجيب و غريب نڪتا سمايل آهن. منهنجو ڪم فقير جي صرف انهن گفتن مان چند اهي گفتا بيان ڪرڻ آهي جيڪي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهو لاءِ موجوده حالتن ۾ اصلاح جو ڪارڻ بڻجن ۽ فقير جا اهي ڀوڳ بيان ڪجن جيڪي ڪنهن جي دل آزاري جو سبب به نه بڻجن ۽ گڏوگڏ سنڌ سونهاري جي ان عظيم شخصيت جو ذڪر به تازو ٿي وڃي ۽ اسان جي اصلاح جو سبب به بڻجي پوي.
مراد ما نصيحت بود و گفتيم حوالت باخدا ڪرديم و رفتيم. وفات: وتائي فقير جي مرڻ جا به ۳-۴ واقعا ملن ٿا، چون ٿا ته وتايو ۳ ڀيرا فوت ٿيو هو، هن ڳالهه کان پاسو ڪندي هڪ روايت موجب پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ اٽڪل ۷۰ سالن جي عمر ۾ پنهنجي سئوٽ شيخ عالي جي قبي تي مجاور ٿي ويٺو، هڪ ڏينهن فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀر واري ڪڙيي مان وضو ڪرڻ لاءِ ڪپ تي ويو ته پير ترڪي پيس، ڪڙيي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، پوءِ آخرڪار ماڻهن پاڻي مان ڪڍي پنهنجي سوٽ شيخ عالي جي قبي جي دروازي جي سامهون ٽنڊوالهيار شهر ويجهو دفن ڪيو ويو.
وتائي جا ڪجهه سبق آموز ڀوڳ؛ هڪ ڀيري وتايو فقير نفي اثبات جو ذڪر ڪري رهيو هو. اوچتو ڪنهن ماڻهو هن کي هڪ رپيو ڏنو. خيال ڪرڻ لڳو؛ رپيي جو ان وٺان يا امان کي ڏيان يا رکي ڇڏيان! ان سوچ ۾ ذڪر وسري ويس. سوچي سوچي چيائين؛ ’هڪ رپيو آهي جو الله پاڪ جو ذڪر وساري ڇڏيو اٿائين! جيڪڏهن گهڻا هجن ته الائي ڇا ٿئي.‘ ائين چئي، رپئي کي اڇلائي ڇڏيائين.
هڪڙي ڀيري وتايو فقير بيٺو هو. اوچتو هڪ ماڻهو دانهون ڪندي ڀڳو ٿي ويو. وتائي ڀڄي وڃي کيس روڪيو ۽ پڇائينس ته؛ ’ابا ڇو ٿو ڀڄين؟‘ چيائين ته؛ ’ڳوٺ ۾ وڏيري اعلان ڪرايو آهي ته؛ جنهن جي نماز گسي ته مون کي ٻڌايو، ان تي ڪتن جي بڇ ڪرائيندس. سو مون کان فجر جي نماز گسي وئي آهي، اها ڪا وڏيري کي خبر پئجي وئي آهي. وڏيري جا ماڻهو منهنجي ڪڍ آهن.‘ ائين چئي وٺي ڀڳو. مٿي منهن ڪري وتائي چيو؛ ’مولا! جيڪڏهن وڏيري جهڙو بندوبست هجي ته ڪو نماز ئي نه گسائي.‘
هڪ ڀيري وتائي فقير کي گڏهه لت هنئي. ڏسي چيائينس ته؛ ’جيڪو مون کي تو کي چوڻو هئو سو ته تون اڳ ۾ ئي آهين، ان کان اڃا وڌيڪ ڇا چوان.‘
هڪ ڀيري وتائي فقير جي ڀر واري گهر ۾، زال ۽ مڙس جو جهيڙو ٿيو. مڙس، زال کي اچي موچڙن جا وسڪارا ڪيا. تنهن تي وتايو به ان گهر ۾ گهڙي ويو ۽ اهو به موچڙو لاهي ان مرد جي زال کي هڻڻ لڳو. تنهن تي مرد چيس ته؛ ’تون ڇو ٿو مارينس؟‘ چيائين ته؛ ’پهريان تون ٻڌاءِ ته تون ڇو ٿو مارينس؟‘ چيائين ته؛ ’مان مڙس آهيان.‘ وتائي جواب ڏنو؛ ’تون مڙس آهين! اسان باقي کدڙا آهيون ڇا؟ اسان به مڙس آهيون.‘ تنهن تي ان مرد وتائي فقير کي چيو؛ ’فقير معاف ڪر! وڃي گهر ويهه! اسان جو پنهنجو معاملو آهي.‘



وتايو فقير

خاڪ سان خاڪ ٿي رهندڙ

قائم سولنگي

وتايو فقير هن ڌرتي جو اهو الله لوڪ درويش هو جنهن عام ماڻهن کان وٺي خاص تائين جي دلين ۾ سرت ساڃاهه ۽ شعوري آگاهي جا گس ٺاهي ڏنا جيڪي اڄ به سندس چوڻين ۽ قولن جي آڌار تي ماڻهون سبق حاصل ڪري کيس محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪن ٿا، وتائي فقير جي قولن گفتن ۽ نقلن ۾ فڪر ۽ ذڪر سوچ ۽ لوچ عبرت ۽ عمل جو وکر سمايل آهي ۽ هو مام ۾ اهڙيون ڳالهيون چوي ٿو جن سببان عقل کي مهميز ملي ٿي، هن جي خوش طبعي ۽ ظرافت ۾ دانائي آهي وتائي فقير جي گفتن ۾ ڌيان ۽ گيان ، دعا شفا سخن وري ۽ سخن فهمي سمايل آهي سندس عام فهم سلوڪن ۽ سمجهاڻين جو اثر نامور شاعرن تي به پيو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ طنزو مزاح واري  انداز ۾ انمول نصيحتون ڪيون آهن جيئن پنهنجو پورهيو پاڻ ڪرڻ لاءِ  قول سان هيءُ شعر هڪجهڙائي رکي ٿو.

ٻانها ٻي ڇڏ پنهنجي ٻار، ٿي نه ڀري ڪنهن ٻئي تي بار،

سکي هنر ٿي هل هوشيار، پني پنهنجو پيٽ نه پار،

دائم دل رک ڌنڌي ساڻ، ڪوهه ڪڍين ٿو ٻئي جي ڪاڻ.

محقق محمد حسين ڪاشف لکيو هو ته وتائي نيوٽن وانگر سمنڊ تان حسين ڪوڏيون نه چونڊيون آهن پر زندگي جي بحر عميق ۾ ٽٻيون ڏنيون آهن سندس هر لفظ ۾ ان وقت جي جاگيرداري ۽ سرمائيداري سماج جي تصوير لڪل آهي ته ساڳي وقت وتائي فطرت جي اٽل طاقت تي جرح به ڪئي آهي، ته ڇا اهي تنهنجا بندا جن کي سڃاڻپ جي اک ڪانهي جو پنهنجي پالڻهار جي تصور خدا پرستيءَ بجاءِ شخصيت پرستي جو شڪار بنجي رهيا آهن.

آءٌ ڪريم بخش خالد جي انهي حوالي سان متفق آهيان جنهن لکيو ته جيڪو انسان خدا سان بحث ڪري ۽ شڪوه شڪايت ڪندي نظر اچي ان جي پنهنجي عبديت جي به ڪا منزل هوندي. سندس ظرف ڪيترو بلند هوندو، ذهني رفعت ۽ قلبي وسعت جو ڇا عالم هوندو. هڪ دفعي وتائي ڪنهن کي اجاين وهمن، وسوسن ۽ ڌاڳن ڦيڻن کان پليو ۽ نصيحت ڪئي هئي ان ڳالهه جي شاعر مستان فقير هن بيت ۾ چٽائي ڪئي آهي ته

نه ٻڌ ڇوڏو، نه ٿي روڏو، نڪي ڀڃ گهر اڳيان گوڏو،

ڇو ٿو پوڄين پٿر ڪنهن کي، ته ڏيهه هٿ ڄاڻ ڏاڙهي ۾.

ڪيترن نامور شاعرن به وتائي فقير جيان پنهنجن گفتن ۾ طنزيه انداز اختيار ڪريو آهي شمس الدين بلبل ۱۸۶۰ع کان ۱۹۳۴ع تائين محمد هاشم مخلص، مولوي احمد ملاح ۱۸۷۷ع کان ۱۹۶۹ع تائين ائين پر سرام ضياءَ ۱۹۱۱ع کان ۱۹۵۸ع  تائين نور نظاماڻي ۽ احمد فقير مستان پڻ طنزو مزاح جا شعر چيا آهن. خاص طور حمل فقير لغاري جي ٻولن ۾ اظهار جي بيمثال فني سونهن  ۽ حسناڪي به ڏسجي ٿي. اهڙي طرح وتائي جو نقل جيڪو ٻن زالن واري همراهه بابت آهي شاعر احمد مستان جي نظر ۾ هيءُ بيت مشابهت رکي ٿو.

ٻنهي ٻيڙي ڇڏي پوڙي، ٻڌو ٻائتال ٻن زالن،

ڏنا سؤ سور سچ مون کي، سڄي هن سال ٻن زالن،

نڀائي نينهن هڪ ناري، گهڻين زالن ڪنان زاري،

رکي آگو عمر ساري، شدت کان شال ٻن زالن.

ڪنهن هندوءَ وتائي سان رهاڻ پئي ڪئي کانئس سوال پڇيائين ته ڀائي وتو، توهان ڪهڙي اهنج کان هندو ڌرم ڇڏي مسلمانن جو مذهب اختيار ڪيو، وتائي چيو ته مسلمانن جو رڳو هڪ خدا آهي سندن خيال ۾ خدا واحد لاشريڪ آهي انلاءِ لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏي ٿڙ کي وٺيو ويٺا آهيون. ولي محمد طاهر زادو رقم تراز آهي ته، عام اعتقاد هو ته جيڪو ماڻهو ساڱري واهه جي تري مان ٽي ڀتر کڻي وتائي فقير جي تربت مٿان رکي قل پڙهي ختمو بخشيندو ته ان جي من جون مرادون پوريون ٿينديون ان ڪري وتائي درويش جي قبر مٿان ڀتر رکندي مٽي جو دڙو ٺهي ويو تنهن ڪري ڪنهن به ماڻهون مزار ٺهرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي شايد هن ڍير ڌڻي کي خاڪ سان خاڪ ٿي رهڻ پسند هو، پر جڏهن ساڱرو واهه لٽجي ويو سکر بيئراج نڪرڻ ڪري اڳوڻا واهه ۽ ڀڏا لٽجي ويا بلڪ کيڙ جي پوک هيٺ اچي ويا ته اهو پراڻو دستور به ختم ٿي ويو ويجهڙائي ۾ معتقدن هن فقير تي چوڪنڊي ٺهرائي هئي، پر هاڻ ضلعي انتظاميه ٽنڊو الهيار مٿس پختو قبو ۽ گيٽ ٺهرائي ڇڏيو آهي هاڻ ڪو به ماڻهون ساگري واهه جا ڀتر رکي ختمو ڪونه ٿو ڏئي بلڪ قل پڙهي زيارت ڪريو هليو ٿو وڃي .

فقير وتايو حياتي ۾ ملن ۽ مجاورن تي به مهرباني رهيو ۽ سندس دلپذير گفتا ڳوٺن ۾ ڪچهرين ۾ ورجائجن ٿا ميان صاحب ڏني جو بيت جنهن ۾ ملان مجاور ۽ ڪانءَ جي نفسيات سمايل آهي

ملان مجاور ڪانءُ، ٽيئي اکر هيڪڙي،

هو ويجهو نه ٿئي وصال کي، هو نينهن نه ڳنهي نانءُ،

هو واجهائي واٽن تي، ڀريل اچي ڪو ٿانءُ،

جت گرڙ پکي جو گانءُ، ات ڪنگ رڙندو ڪيترو.

هڪڙي ڀيري وتائي جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي وتائي کي پڪ ٿي ته امان مري ويندي سو ان جي سيراندي کان ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳو وتائي جي جيجل توکان سواءِ هن دنيا ۾ چرئي جو ڪو به مائٽ ڪونهي وتائي کي اڪيلو ڇڏي نه وڃجان هن جي آلاپن تي پاڙي جون ڪيتريون زالون اچي ڪٺي ٿيون، انهن مان هڪ ڪراڙي وتائي جي مٿي تي هٿ رکي چيو ته ٻچڙا هلڻو هر ڪنهن کي آهي ماءٌ مٿان ڪروڌ نه ڪر، اسين تنهنجون هيتريون مائرون ويٺيون آهيون وتائي چيو ته آءٌ انهن گشن تي ڪيئن اعتبار ڪريان جڏهن منهنجي زال مئي ته ڪنهن به نه چيو ته ڳڻتي نه ڪر، اها امڙ هئي جنهن چيو ته پٽ روءٌ نه آءٌ تنهنجي ٻي شادي ڪرائيندس سو امان جهڙيون دلداريون ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگهي؟ انهي گفتگو تي ماڻس اکيون پٽيون ته فقير خوش ٿيو.

ائين وتائي جي چيل دنيا دم گذر واري ڳالهه جيان هيءُ مستان لغاري جو بيت ته

هت نه رهندو هميشه هيڪڙي هادي بنا،

منجهه دنيا هر ڪو مثل مهمان آخر سڀ ختم.

رئيس ويا راجا ويا، راڻيون ويون راڻا ويا،

تن سندي آڪهه اندر، ارمان آخر سڀ ختم.

قلندر شاهه لڪياري پنهنجي راءِ لکي ٿو ته هن فقير جي ٽو ٽڪن  مان مونکي شفا جو سڳنڌ حاصل ٿيو آهي هڪ ماهر نبض شناس وانگر هو انسان کي سندس سموري پيڙا جي اصل سبب کان آگاهه ڪري ٿو ۽ ان جو ڪامل ۽ شافي علاج به ڏسي ٿو ڪهڙي نه وڏي ڳالهه ڪهڙي نه سادي پيرائي ۾ ڪري ٿو تنهن ڪري وتائي ولي جون ڳالهيون ٻڌي سگهڻ ۽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ همت گهرجي جيئن وتائي جو هي ٽوٽڪو ته ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو گذاري ويو سو سڀ ماڻهون اچي ڪانڌي ٿيا وتايو به مقام تائين گڏجي آيو جنازي نماز بعد ملان قرآن بخشائڻ لاءِ هڪ عزيز کي ويهاري دعا گهري وتائي چيو ته جي بخشائڻي ۾ ملان کي مينهن ڏيندين ته وڏيرو سڌو بهشت ۾ ويندو جي گهٽ وڌ ڏيندين ته ٽنگيو پيو هوندو|| اهو بهشت منٿون ڪري ملن الله کان  ٺهرائي ورتو آهي تڏهن هام هڻيو بيٺا آهن جڏهن سڌ اٿن ته ائين پاڻ به بهشت ۾ ڪونه ويندا سو سندن هٿان وڏيرو وري بهشت ۾ ڪيئن ويندو. شاعر خليل کوسي جي چواڻي ته جنهن به سچ جو سندرو ٻڌو ان لاءِ ته ڄڻ تڪليفن جا ڪارخانا قائم ٿي ويا ان سان اهڙو ته ويڌن ڪيو ويندو آهي جو ان جا وڻ ئي وڄي ويندا آهن وقت جي انڌن کي حق سچ چوڻ لاءِ دنيا جي ماڻهن مختلف مورچا استعمال ڪيا ڪن تير ۽ تلوار ذريعي پنهنجو ڪم ڏيکاريو ڪن وري عقل ۽ اٽڪل سان پر اسان واري فقير وتائي وري مزاح جي مورچي مان بيهي مت جي موڙهين تي لفظن جي گولاباري ڪئي

اڄ ڪلهه جي مهانگائي ۾ پنهنجو پيٽ پالڻ به ڇا ڇا  نٿو ڪرائي؟ رستا سڀ کليا پيا آهن

توتڙيون، طبلا، تنبورا ۽ ستارون سرمنڊل،

سارنگيون، سرندا پٽن تي، ساڙهيون ٻڌائي پيٽ ٿو.

حاصل مطلب ته جڏهن تنگ نظري بي راهه روي ۽ انسانيت جي توهين ٿيندي ۽ مذهب کي ڍال طور استعمال ڪيو ويندو تڏهن وتائي فقير جهڙا الستي سالڪ پيدا ٿيندا آهن هونئن به سچي صحبت ۽ فرحت فقيري ۾ سمايل آهي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هنن الله لوڪ درويشن جي پرک ڪيئن پئي ؟ انهن جي ڄاڻ اک کولي ڏسڻ سان نه پر اک بند ڪرڻ سان جڙيل آهي.

گفتگو ۾ عبدالحفيظ لغاري جو ڪارائتو جملو ته هينئر جڏهن انسان ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي ته اهڙي شدت بيزاري ۾ وتائي فقير جهڙن ڏاهن جي ڏاهپ ڄڻ ته سمورن مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ مدد گار ٿيندي ائين شبير جان جسڪاڻي وتائي جي ڪردار کي شيخ چلي ۽ ترڪي جي ملا نصير الدين سان تشبيهه ڏيندي چئي ٿو ته وتائي جي صوفياڻي ڏاهپ وارين ڳالهين اخلاقي ۽ روحاني رمزن ذريعي انسانيت جي شعور جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچي ٿو. قابل ديد ڪاوشون ضلع انتظاميه ٽنڊو الهيار جون جنهن هر سال ڪا نه ڪا جدت ۽ نوان رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جناب محمد عباس بلوچ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي دلچسپي ۽ هينئر ويجهڙائي ۾ ڊي سي ٽنڊ والهيار جي مسند تي براجمان ولي محمد بلوچ ۽ جاکوڙي اي ڊي سي (ون) عبدالحفيظ لغاري سموري ٽيم سان سرگرم رهندو آهي ان ڏس  ۾ اڳوڻي ڊي سي عبدالرشيد زرداري کي وسارڻ آسان نه ٿيندو، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ هر سال جشن وتائي فقير ملهائڻ ۾ سهڪار ڪري ٿو جيڪا خوش آئيندهه  ڳالهه آهي.  هرڪو پنهنجي حصي جون يادگار يادون ڇڏيو ٿو وڃي

اميد ته ڏاهپ جي ڏاتار فقير وتائي کي ياد ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو.

 

 (ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment