حفيظ کوهارو
سنڌ جي منظرن
کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
حفيظ چانڊيو
خبر
ناهي ته هُن جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻي لڙڪ لاڙيا به هوندا الائي نه! پر سندس موت تي سنڌ
جو شعور ڍنڍڪرون ڏئي رنو هو، ايئن جيئن سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻيءَ نه هجڻ تي روئي
ويهندو آهي. هُن جي هٿن مان جڏهن رنگن وارو برش ڪِريو هو، ۽ موت کيس پنهنجي ڀاڪر ۾
ڀڪوڙيو هو ته ان وقت اهي رنگ به روئي پيا هوندا، جن بيجان رنگن کي پنهنجي آرٽ
ذريعي هن نئون جيئندان بخشيو هو. هُو مصور هو، تڏهن ئي سندس دل به سنڌوءَ جون
چلولاين جيان رنگين هُئي، سندس وجود ۾ سنڌ سمايل هئي، سندس هر ساهه ۾ ديس سان پيار
سمايل هو، اهو ئي سبب هو جو هُن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي پينٽ جو محور ڪيو هو، ۽
سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي سندس هٿ ۾ پيل برش اهڙو ته جنبش ۾ اچي ويندو هو جو سندس هٿ
مان نڪتل پينٽ سنڌ جي هڪ دانهن بڻجي ايوانن تائين پهچندي هُئي ته ايوانن کي لوڏي
وجهندي هو.
هُو
برش کي آڱرين ۾ جهلي، هٿن سان تصويرن ۾ جان وجهڻ جو عجب جادو رکندو هو، ٻالڪپڻ کان
وٺي، هو پنهنجي هڪ جيڏن سان راند رچڻ بجاءِ رنگن سان راند رهندو هو. تڏهن ته ننڍڙي
عمر ۽ مختصر عرصي ۾ هن فطرت جي منظرن کي چٽڻ تي دسترس حاصل ڪري ورتي، مصوريءَ جو
انساني تاريخ ۾ نهايت اعليٰ مقام رهيو آهي، جيڪڏهن مصوري نه هجي ها ته شايد
زندگيءَ بنا برشن جي بي رنگي ۽ ڇسي لڳي ها، زندگيءَ ۾ رنگن جي جيڪا اهميت آهي سا ان
خوبصورت خواب جهڙي آهي، جنهن ۾ شعور جون شاخون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن، جنهن جي
گهاٽي ڇانو، محبتي ماڻهن جو مرڪز ۽ محور بڻجي ويندي آهي.
برشن
جي مدد سان مصور ئي انسان جي بنهه ٻسي جيون ۾ پوپٽي رنگ پئي ڀريندو آيو آهي، مصور
ئي آهي، جيڪو علائقائي حوالي سان، قومن جي عروج ۽ زوال، سندن علمي ۽ ادبي اوسر جا
اولڙن جا عڪس پيش ڪندو آهي، جنهن ۾ سندن سياسي توڙي سماجي، قومي، روشن خيالي توڙي
مذهبي اوج ۽ زوال کي فن جي مدد سان بيان ڪندو آهي.
اها
قوم جيڪا پنهنجي ڪُک مان مصورن کي جنميندي آهي، سا پنهنجي وجود ۾ ڀاڳوند ۽ خوشقسمت
هوندي آهي، سنڌ ڌرتي به اهڙين شاندار ڌرتين مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪُک مان ڪيترن
غيرمعمولي ماڻهن کي پئي جنميو آهي، جن مان لاڙڪاڻي جو مرڪندڙ مصور حفيظ الله
کوهارو به هڪ آهي، جنهن ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ سهڙا
ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ نيڪ مرد حامد الله کوهاري جي گهر ۾ ٿيو.
سندس والد به هڪ نامور مصور هو، جنهن سبب رنگ سندس هرپاسي رهيا، هن
کي والدين جڏهن پڙهڻ لاءِ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته سندس اندر جو آرٽسٽ جاڳي
پيو، سندس تصورن کي حقيقي روپ مليو، پڙهڻ دوارن سندس سمورو ڌيان، سليٽن تي قلم سان
تصويرون ٺاهڻ هوندو هو، هو ان وقت سموري اسڪول جي استادن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو
هيو، جڏهن هو کين قسمين قسمين اسڪيچز ٺاهي ڏيکاريندو هو، سندس استاد هن ننڍڙي ۽
معصوم شاگرد مٿان فخر پيا ڪندا هئا، پرائمري کان مڊل تائين، مڊل کان هاءِ اسڪول
تائين، هاءِ اسڪول کان ويندي يونيورسٽيءَ تائين جيتوڻيڪ سندس جهول ۾ لاتعداد
امتحان آيا، پر هن انهن تي ڌيان ڌرڻ کان مصوريءَ تي ڌيان ڏنو، اهو مصور جو شعور
آهي، نه ته ماضيءَ ۾ قومن جي ابتر حالتن جي خبر ڪيئن پوي ها، اهو انهن مصورن جي
پيار ۽ غير معموليءَ فن جو نتيجو آهي، جو صدين گذري وڃڻ باوجود به اتي رهندڙ ماڻهن
جي تاريخ اسان آڏو آهي، جنهن مان سندن رهڻي ڪهڻي ۽ ترقي جي راز جي خبر پوندي آهي،سندس
ان آرٽسٽڪ شعور، کيس سمهڻ نه ڏنو، هو هر ڏکندي کي ڏسي ڏُکي پوندو هو، جيئن جيئن هو
وڏڙو ٿيندو ويو، منجهس مصوريءَ جي مام عيان ٿيندي وئي، مصوري ۽ حفيظ کوهاري جي
دوستي بي مثال هئي، برش سندس هٿن ۾ اچڻ سان خوشي مان عجيب رقص ڪندا هئا، هن رنگن
سان اهڙو ته خوب نڀايو جو بدوبودار سماج اندر سندس سُڃاڻپ هڪ استاد کان وڌ مصوري
بڻجي وئي، ماڻهو سندس فن کي ڏسي، ڀائنڻ لڳا هئا، حفيظ کوهارو مثالي استادن مان هڪ اهڙو
اهڙو استاد هو، جنهن ڪلاس ۾ وڃڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايو، بنهه ٿورڙا اهڙا ماڻهو هوندا
آهن جيڪي ايمانداريءَ ۽ سچيتائيءَ سان، شاگردن جي اهڙي ته شاندار تربيت ڪندا آهن،
جو سندن مثال ورلي ملندو آهي، سندن محنتن جي ڪري شاگردن جون بي مثال کيپون تيار ٿيون،
جيڪي اڳتي هلي مختلف ميدانن ۾ ڌاڪو ڄمايو.
حفيظ
کوهاري صاحب، هڪ وڏي ظرف وارو انسان هو، وٽس لوڀ ۽ لالچ بنهه بيڪار بڻجي، هن آڏو
شرمسائيندا هئا، هو هڪ آدرشي انسان هو، جنهن اصولن جي پاسداري ڪندي ڪندي وار چاندي
ڪري ڇڏيا، تعليم کاتي ۾ سندس ڪردار هڪ بهترين استاد سان گڏ شاگردن جو محافظ به
رهڻو آهي، خوشنصيب هوندا اهي شاگرد جن جي حصي ۾ هڪ شفيق استاد جو پيار آيو، جن
سندن والد جيئن سندن هر وک تي رهنمائي ڪئي، هن هميشه شاگردن کي سچ جا سبق ڏنا، برشن
سان کين شناسائي ڪرائي، پيار پاٻوهه مان هن پنهنجي شاگردن کي، پيار جي پرٿويءَ جو
سير ڪرايو، جتي هن کين محبت ڀريو ماحول مهيا ڪيو، ان سان گڏ ماحول ۾ ڇا وهيو
واپريو ٿي، انهن کان کين خبردار به ڪيو، ته جيئن اهي برش جي رنگن سان ان زهر آلودهه
ماحول ۾ پيار جا پوپٽ اڏاري ان کي بي اثر ڪن ۽ پاپين کي پيار جي پرچار سان
شرمائين، ته جيئن هو اڳتي ڪي پاپ ڪرڻ بدران پيار جا پودا پوکن، جنهن سان نه صرف
صحتمند ماحول جُڙي پوي پر سندن ان مجرماڻين ڪڌين حرڪتن مان سندن هميشه جان به آجي
ٿي پوي.
اها
کوهاري صاحب جي وڏي خصوصيت هئي، جو هو جنهن به اسڪول ۾ رهيو، اتي هن لطيف سائين جي
سٽ “جو دم غافل، سو دم ڪافر” جي پوئواري ڪئي، هن اندر جي آرٽسٽ کي ديس جي دردن جو
درمان بنائڻ چاهيو، اهڙا ماڻهو جيڪي هميشه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رهيا آهن، سي واقعي
به وقت جا وڏا ماڻهو ثابت ٿيا آهن، ها حفيظ کوهارو واقعي به هن مهذب قوم جو مرڪندڙ
مصور ۽ هڪ غير معمولي انسان ثابت ٿيو آهي، جنهن هڙان وڙان ڪري اسڪولن ۾ ڊرائنگ
هالن جو بنياد وڌو، جن کي هن پنهنجي فن سان سنواريو ۽ خوب سينگاريو، اڄُ به اهي
اسڪول سندس ڪيل بي لوث خدمتن جا جيئرا جاڳندا ساکي بڻيل آهن، جنهن ۾ گورنمينٽ پائلٽ
هاير سيڪنڊري هر ماڻهو مٽي ٿيڻو آهي، پر اهي ماڻهو جيڪي مٽيءَ جو مان رکندا آهن،
تن جي مرقدن مان به گلن جي خوشبو ايندي آهي، يقينن اڄُ سالن پڄاڻان مون کي اها پڪ
آهي ته حفيظ کوهاري جو روح سنڌ سان واڳيل ئي هوندو، هڪ نيئن صبح لاءِ آسروند
هوندو، اڄ ورهين وهامي وڃڻ باوجود، سندس اها آس هوندي ته سنڌ ۾ مصوري کي اهو شل
مقام ملي پوي، جيڪو اها لهڻي پئي. اهو ان لاءِ جو مصوري ورهين پڄاڻان اڄُ به نڌڻڪي
آهي، مصوري هاڻي ادارن ۾ ويٺل نااهلن جي انتظامي بحران سبب آخري پساهن ۾ آهي.
هڪ مصور ، صرف تصويرون ناهي ٺاهيندو، نه ئي تصويرون ٺاهڻ
سندس شوق هجي ٿو، دراصل مصور جي ان مصوريءَ پٺيان قومي هاڃا هوندا آهن، قوم جي
حالتِ زار تي لڪل لُڙڪ هوندا آهن، جيڪي هو عام آڏو وهائڻ ناهي گهرندو، مصور ته
پنهنجي فن ذريعي هر دور جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ چاهيندو آهي،هو ته انهن حادثن ۽
هاڃن کي غيرمعمولي فن ذريعي صدين تائين پنهنجن ٺاهيل پورٽريٽس ۾ سمائڻ گهرندو آهي،
هو چاهيندو آهي ته سندس فن تي آڌاريل اهڙا ته شاهوڪار پورٽريٽ جڙي پون، جنهن مان
ايندڙ نسل لاڀ پرائي سگهن، ڪڏهن ڪڏهن مصور ئي مهذب تهذيبن جا مُهندار بڻبا آهن،
جيئن مهين جي دڙي مان لڌل اهي شاهڪار مجسما اڄُ به پوري دنيا جي حيرت جي آخري حسرت
بڻيل آهن، مُهين جي دڙي مان لڌل ساريون مورتيون يقينن حفيظ کوهاري جهڙي يگاني مصور
جون ئي ٺاهيل هونديون، جيڪي صدين پُڄاڻان به اهو ٻڌائڻ پيون گهرن ته مصور معمولي
ناهن هوندا، مصور ته وقت جا بهترين منصف ٿيندا آهن، جيڪي برشن ۽ رنگن سان قومن جي
تاريخ سهيڙڻ کي اوليت ڏيندا آهن، اڄُ مهين جي ماڳ کان بوهي قُبن تائين، جهڪر جي
دڙي کان ڀانڊي قبن جي قديم آثارن مان لڌل شيون سرڪار نامدار کي شرمائين پيون، ته
هو پنهنجي قومي اثاثن کان لاتعلق ڇو بڻيا ويٺا آهن؟ مصور حفيظ کوهاري جا ٺاهيل
پورٽريٽ سندس محنتن جا اهي سرٽفيڪيٽس آهن، جن کي ڪنهن جڳاڙي
شيلڊ جي ضرورت ناهي، سندس ڪيل علمي توڙي ادبي خدمتون وسارڻ جهڙيون
ناهن، سندس ٺاهيل پورٽريٽس ئي سندس فن جو اعليٰ نمونو آهن، جن تي جڏهن نظر وجهبي
ته ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ اهي ڏسندڙ سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندا هجن، ڪجهه ٻڌائڻ
چاهيندا هجن، ته مصوريءَ سان مذاق ڪندڙ دنيا جوڪو به ماڻهو، سُک ۽ شانتي سان رهي
نه ٿو سگهي، اهڙين حقيتن کان عاري الائي ڪيترا ماڻهو، مُنهنجي محسن مصور ۽ ۾ مثالي
استاد حفيظ کوهاري جي ڪيل محنتن کي نيٺ ڪٿي رکڻ چاهن ٿا؟
حفيظ کوهاري آرٽ جي ميدان ۾ پير پائڻ سان گڏ بدلجندڙ دور
۾ پيش آيل چيلينجز کي پنهنجي اعليٰ ۽ پروفيشنل اسڪلز جي مدد سان منهن ڏنو، اهو ئي
سبب آهي جو هن وقت کي لغام ڏئي، ان تي شهسواري ڪئي، اڪثر مصورن سان هڪ شيءَ
ٽڪرائيندي آئي آهي، اها آهي مذهب، مذهبي عقيدي ۾ آيل الائي ڪيترا مصور پنهنجي منزل
کي اڌ ۾ ڇڏي، آرٽ کي الوداع چئي، مصلو ۽ مسجد وسائيندا آهن، مصور جو مذهب ضد آهي،
پر ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيندو آيو آهي ته مصور جي منزل ۾ جڏهن مٿس مذهب حاوي ٿي ويندو
آهي ته هو ٻڏتر جو شڪار ٿي، نه مصوري کي، نه ئي مذهب کي ڇڏي
سگهندو آهي، بس مصوريءَ کي پيٽ جي پورت جو ذريعو سمجهي، پيا زندگيءَ
جو گاڏو هلائيندا آهن.
حفيظ کوهارو
ناليواري مصور جي ياد ۾
- ۱۵ مارچ جنم ڏينهن جي حوالي سان
رضوان گل
مصور انساني جذبن کان وٺي فطرت
جي حسن تائين هر عڪس کي رنگن جي سهڻي ميلاپ سان سجائيندا آهن. اهي رنگ جيڪي مختلف ڪيفيتن
جا ترجمان ٿين ٿا، اهي رنگ جيڪي پنهنجي اندر هزارين معنائون رکن ٿا، اهي رنگ جن جو
جذبن سان گھرو سٻنڌ ٿئي ٿو. انهن رنگن کي جڏهن مصور پنهنجي برش جي مدد سان ڪئنواس
تي ڦيريندو آهي ته ڪيترائي خوبصورت منظر چٽجي نروار ٿي پوندا آهن. مصور پنهنجي فن
۾ صرف رنگ ئي نه پر پنهنجي رت به شامل ڪن ٿا تڏهن ئي وڃي ڪو سهڻو شاهڪار وجود ۾
اچي ٿو. جن آرٽسٽن پنهنجي سموري عمر فن کي ارپي آخر تائين ان سان ناتو نڀايو تن ۾
سنڌ جي سهڻي مصور حفيظ کوهارو جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي.
آرٽ جي دنيا ۾ جنهن تخليقڪار کي
حفيظ کوهاري جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو تنهن جو اصل نالو حفيظ الله کوهارو آهي
سندس جنم ۱۵ مارچ ۱۹۵۳ تي ڳوٺ سيڙا ڍورائي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم دڙي اسڪول
۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر جي امتحان بعد ماسٽر آف آرٽس
جي ڊگري پوري سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪيائين. پاڻ ماسٽرس پوليٽيڪل
سائنس ۾ ڪيائين.
مصوريءَ سان کيس ننڍي هوندي کان
ئي تمام گھرو لڳاءُ هوندو هو. سندس والد صاحب حامد الله پڻ پنهنجي دور جو ڀلوڙ آرٽسٽ
هو جنهن جو پڻ مصوريءَ جي شعبي ۾ ڪافي سٺو ڪم ٿيل آهي. حفيظ صاحب روزگار جي حوالي
سان درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس تقرري گھڻو وقت لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ
سيڪنڊري اسڪول ۾ رهي. جتان جو تاريخي ڊرائينگ هال اڄ به کوهاري صاحب جي ٺاهيل پينٽنگس
سان سجايل آهي ۽ اها گواهي ڏئي رهيو آهي ته هن پنهنجي نوڪريءَ دوران ان هال کي
پنهنجي جوانيءَ جا قيمتي سال ڏئي نهايت ئي محنت سان سنواريو ۽ سجايو.
حفيظ کوهاري جي ڪيل اڪثر ڪم جو
جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اهو Expressional ۽ Landscapes Paintings ۾ گھڻي قدر
ملي ٿو. پاڻ شاهه سائين جي اڪثر سرن ۽ ڪردارن جي حوالي سان پڻ يادگار ڪم ڪيائين
جنهن ۾ مختلف بيتن جي روشنيءَ ۾ انهن ڪردارن جي عڪاسي ۽ منظر نگاريءَ تي مشتمل پينٽنگس
جو هڪ سلسلو شروع ڪيائين ۽ اهو ڪم هن حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين جاري رکيو. سندس
پينٽنگس جون نمائشون ۱۹۷۳ ۾
حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج، ۱۹۸۲ ۾ پبلڪ
اسڪول سکر، ۲۰۰۰ ۾ اسڪائوٽ گرائونڊ ڪراچي ۽ ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۰۳ تي لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيون، جن
مان کيس تمام گھڻو اتساهه مليو ۽ سندس پينٽنگس عام ماڻهن تائين پهتيون جنهن جي
نتيجي ۾ سندس سڃاڻپ جو دائرو پڻ وسيع ٿي ويو.
مون لاڙڪاڻي جي مصورن تي ۲۰۰۴ ۾ هڪ مضمون لکيو هو جنهن جي سلسلي ۾ حفيظ صاحب سان هڪ تفصيلي انٽرويو پڻ ڪيو
هو. اهو مضمون بعد ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ ۾ ڇپيو جنهن کي احسان
دانش ترتيب ڏنو. انهيءَ انٽرويو دوران جڏهن مون کانئس سوال ڪيو ته آرٽ جي دنيا ۾
اوهان ڪنهن کان متاثر آهيو ته جواب ۾ وراڻيو هئائين ته ”آرٽ جي شعبي ۾ هونئن ته
مان ڪيترن ئي آرٽسٽن کان متاثر ٿيندو رهيو آهيان پر خاص طور تي گل سليم اعواڻ،
مائيڪل اينجلو ۽ موناليزا واري جڳ مشهور پينٽنگ جي خالق ليونارڊو کان تمام گھڻو
متاثر آهيان“
پائليٽ اسڪول ۾ ڊرائنگ جي استاد
طور هن ڪيترن ئي شاگردن کي لڪيرن ۽ رنگن جي علم جي حوالي سان آگاهي ڏني. انهن مان
اڳتي هلي ڪيترن فائن آرٽ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي، پر حفيظ کوهاري جي پڙهايل انهن
ابتدائي سبقن کي سندس شاگردن هميشه ياد رکيو ۽ پنهنجي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پنهنجي
استاد کوهاري صاحب جو پڻ ڀرپور ذڪر ڪيو ۽ اهو ڪريڊٽ پڻ ڏنو ته آرٽ جي شعبي ڏانهن
راغب ٿيڻ جو اتساهه به کين سندن استاد کان ئي مليو. کوهارو صاحب ذاتي حوالي سان به
ڪيترن ئي نوجوانن کي آرٽ جي فني تعليم ڏيندو رهيو.
حفيظ کوهاري ڪيترن ئي تاريخي
حيثيت رکندڙ ڪتابن جا ٽائيٽل پڻ ڊزائن ڪيا. مهين جي دڙي واري ٺاهيل سندس پينٽنگ جيڪا
پائليٽ اسڪول جي ڊرائنگ هال جي زينت بڻيل آهي سا ڪيترن ئي ڪتابن جي سرِورقن ۽ انٽرنيٽ
تي مختلف ويب سائيٽس تي پڻ موجود آهي. اهڙي ريت سندس ٺاهيل ٻين به ڪيترين ئي پينٽنگس
جو تفصيلي ذڪر ڪري سگھجي ٿو جن کي مڃتا ملي. پاڻ مختلف موضوعات تي خصوصي طور واٽر ڪلر
جي ذريعي پڻ ڪم ڪيائين. آئل ڪلرس ذريعي ٺاهيل Landscapes
Paintings جو تعداد پڻ چڱو خاصو ٿيندو.
جيڪي ايتريون منظر عام تي اچي ناهن سگھيون. ڇالاءِ ته هن پاڻ ئي ان ڳالهه جو اظهار
ڪيو هو ته: ”مون جيڪو آئل ڪلرس ۾ ڪم ڪيو آهي ان کي درست معنى ۾ پذيرائي ملي ئي
ناهي سگھي جنهن جو هڪ سبب اسان وٽ تصويري نمائشن جو تمام گھٽ منعقد ٿيڻ پڻ آهي“
حفيظ کوهارو نه صرف هڪ ڀلوڙ آرٽسٽ
هو پر پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ پڻ انتهائي کل مک ۽ يارن جو يار هو. هميشه سندس چهرو
پر رونق ۽ ٻهڪندڙ ڀاسندو هو. اڪثر استاد وٽس اچي چانهن جي چڪي پيئندا هئا ۽ سندس
مزاح واري انداز مان محظوظ ٿي ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل فريش ٿي ويندا هئا. سندس محفل
گلائن واري مشغلي کان ڪافي حد تائين پاڪ هوندي هئي. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. وٽس
محبتن جا اڻ ميا تحفا هيا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کي ارپيندو هو ۽ موڪلاڻيءَ وقت وڏو ٻک
وجھي مرڪن جا گلاب نڇاور ڪندو هو. لطيف سائين به اهڙن ئي انسان لاءِ چيو هو:
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا
تاريخ ۱۸ ڊسمبر ۲۰۱۱ع تي شام جو
جڏهن مان چانهه پيئندي فيس بڪ تي پنهنجو پيج کوليو ته حفيظ صاحب جو سهڻو مرڪندڙ فوٽو
سامهون اچي ويو جيڪو هڪ دوست پاران ٽيگ ڪيل هو ان جي ڪئپشن ۾ لکيل هو: ”سنڌ جو
ناليوارو آرٽسٽ ۽ استاد حفيظ کوهارو ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو“. اهي لفظ پڙهندي ئي
مان هڪ هنڌ ڄمي ويس. ذهن جي اسڪرين تي کوهاري صاحب سان ٿيل ڪيترين ئي ڪچهرين جا
حسين منظر هلڻ لڳا. اکين ۾ بيساخته پاڻي ڀرجي ويو. ڪجهه به سمجھ ۾ نه آيو ته ڪمينٽ
باڪس ۾ ڇا لکان. اعتبار ئي نه ٿي آيو! قاضي اختر صاحب کان ميسيج ڪري معلوم ڪيو
”سائين! حفيظ صاحب گذاري ويو؟“ جواب ۾ قاضي صاحب جو ميسيج آيو: ”ها رضوان! سائين
اسان کان وڇڙي ويو سندس تدفين...... “
حفيظ صاحب اڄ جسماني طور ته
اسان جي درميان نه آهي پر سندس خوبصورت يادون ۽ سندس پينٽنگس اسانوٽ اڄ به موجود
آهن جيڪي هميشه سندس هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون.
(فيسبڪ پوسٽ ۱۵ مارچ ۲۰۲۶ع تان
کنيل)

سائين سهتو صاحب! لک لائق
ReplyDelete