; سنڌي شخصيتون: نسيم کرل - محمد سليمان وساڻ

16 July, 2017

نسيم کرل - محمد سليمان وساڻ

نسيم کرل
سنڌي ٻوليء جو امر ڪهاڻيڪار کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌي ادب جو هيءُ ناميارو افسانه نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو، سندس پيدائش 29 جون 1939ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل 14 جولاء 1978ع ۾ ٿيو.
سندس پهريون مجموعو ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ اداره ادب جي طرفان 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن.


چوٽيهون در جي مجموعي ۾ جيڪو 1977ع ۾ سهڻي پبليڪيشن وارن ڇپايو، ڪل 11 ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مڪسڊ گرل، پهريون پهر، آخري ڪرنٽ، اٽالو پڊنگ، اسلام عليڪم، دارالفلاح، چوٽيهون در، پهرين مراد وغيره شامل آهن.
افسانو پهريون پهر، ڊمي ۽ اٽالو پڊنگ Upper Class جي عورتن جي نمائندگي ڪن ٿا، هن ڪلاس جون عورتون فيشن ايبل ۽ هڪٻئي جي ريس ۾ Status جي نمائش ۾ پوريون آهن، جن جو مذهب ۽ مسلماني بقول کرل صاحب جي آهي”چلڪو“. اهي ڪهاڻيون ڪنهن خاص طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون، منجهس سماجي مسئلن جي گهرائي نه آهي. ”گٽس“ ڪهاڻي ۾ اڄڪلهه جي هڪ عام مسئلي جي نشاندهي آهي، جيڪو هر طبقي وٽ اهم مسئلو آهي، يعني سٺي رشتي جي ڳولها، هن ڪهاڻيءَ ۾ بيگم برنيءَ جو آخري ڊائيلاگ متاثر ڪن آهي.
”پر افسوس جو نيلي ڊارلنگ تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن“
شبنم شبنم ڪنول ڪنول عورت جي مجبوري ۽ مرد جي هوس جي لازوال داستان آهي، هڪ نرس جي ڪهاڻي جنهن مريض جي زندگي بچائڻ لاءِ فرض ۽ عزت جو سودو ڪيو.
ٻوليءَ ۽ ڪردار نگاريءَ کان سندس افسانا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
نسيم کرل جي لاءِ رسول بخش پليجو صاحب جن چون ٿا ته “ ”نسيم مذهبي رجعت خلاف لکيو”ڪافر“ ان جو بهترين مثال آهي“، پر وٽس سنڌي وڏيرو هيرو آهي، چوٽيهون در ۾ پوليس کي قابل نفرت جي بجاءِ صرف فرض کان لهرائيندڙ پيش ڪيو اٿن، سنڌي هارين جي ظلم خلاف ڪوبه آواز نه اٿاريو اٿن، بلڪه سنڌي هاري کيس چور جي روپ ۾ وڻي ٿو، پر ان سان گڏ هن سنڌي ادب کي عوامي ڳوٺاڻي ٻولي ۽ محاورا ۽ سنڌي زبان جو سهڻو استعمال ڏنو آهي. کيس بردباري ۽ قابليت سان ڳالهه ڪرڻ جو فن آهي، هو سنڌ جو برک فنڪار هوندي عوامي فنڪار نه آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان مري جيئي نٿو. ”ڪافر“ ڪهاڻي غير مسلم جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ واپس وري هندوئن وٽ موٽي وڃڻ تي آهي، هن ڪهاڻيءَ جو موضوع اڇوتو ۽ ڊائيلاگ ڇرڪائيندر آهن، محاورا ۽ پهاڪا سهڻا ۽ بروقت آهن، مثال طور ”ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري“، ”گڏهن کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته ڪو گهوڙا ڪو نه ٿي پوندا.“ يا مولوي اميد عليءَ جو ڊائيلاگ ”ابا سچ ٿا چئو؛ ڪافر نيٺ ڪافر“ تمام پر اثر آهن.
”چوٽيهون در“ ڪهاڻي هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري ڪهاڻي آهي. جڏهن انسپيڪٽر ٻڌائيندو آهي ته سکر بئراج جي 66 دروازن مان ڪجهه هڪڙي ٿاڻي سان لڳندا آهن ۽ ڪجهه ٻئي ٿاڻي سان ايئن لاش ڦاسندو ۽ رلندو آهي، آخر ۾ لاش کي دريا جي حوالي ڪرڻ مهل جو ڊائيلاگ تمام اثرائتو آهي.
”بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“ انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن، محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ ۾ فني خوبيون بي حساب آهن. سندس افسانن جي ٻولي لاجواب آهي. واقعاتي پلاٽ هئڻ جي ڪري افسانن ۾ تسلسل آهي. ڪردار نگاري سندس افسانن جو روح آهي.
حسين شاهه راشديءَ مطابق ته ”نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ڏني آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مجموعي طور نسيم افسانه نويسيءَ ۾ هڪ اهم ۽ فني لحاظ کان برک ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب جو نفيس ڪهاڻيڪار آهي“، بقول سندس ته (مان نفيس پين ۽ نفيس پني تي سهڻن اکرن سان لکندو آهيان) (سهڻي مئگزين ۾ ڇپيل انٽرويو) هن مهان افسانا نويس سنڌي ادب کي گرانقدر افسانوي ادب ڏنو. سندس اوچتي قتل جي ڪري سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو. مٿن سهڻي پبليڪيشن طرفان سهڻي خاص نمبر ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ ليکڪن جا تاثر ۽ رايا ۽ سندس انٽرويو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون آهن.




سنڌي ڪهاڻي ۽ نسيم کرل
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو سدا-حيات ڪهاڻيڪار نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻئي دور جو اهم ڪهاڻيڪار آهي. هن جي ڪهاڻي لکڻ تائين ۽ لکڻ بند ٿيڻ تائين، سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمر هڪ سؤ سال به نه هئي، ۽ اڄ تائين ايندي سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمر هڪ سؤ ٽي سال مس آهي. جيڪا عمر بنهه ٿوري آهي.
سنڌي امر ڪهاڻي ”حُر مکيءَ جا“ کي جيڪڏهن سچ پچ سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين تخليقي ڪهاڻي مڃجي ته 103 سالن ۾ سنڌي ڪهاڻي جي وچ وارو عرصو نسيم کرل جي ڪهاڻين جو آهي، جنهن عرصي ۾ هن سنڌي ادب کي نه وسرڻ جهڙيون ڪهاڻيون ڏنيون.
14 جولاءِ 1978ع تي سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي گولي لڳي هئي ۽ هو ڪيتريون ئي اڻ لکيل ڪهاڻيون پنهنجي اندر ۾ سانڍي هليو ويو هئو، اهي سڀ ڪهاڻيون جيڪي هو نه لکي سگهيو يا کيس لکڻ جو موقعو نه مليو. اهي ڪهاڻيون ان کان سواءِ ڪو ئي به ڪهاڻيڪار لکي سگهڻ وارو ڪو نه هئو ۽ سنڌي ادب انهن ڪهاڻين جي لاءِ اڄ تائين واجهائيندڙ رهيو.
اها ٻولي جيڪا نسيم پنهنجي ڪهاڻيءَ ”پهرين مراد“ ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ ڏني اها ٻولي اڄ چاليهه سال گذرڻ کان پوءِ به سنڌي ڪهاڻيءَ کي نه ملي سگهي آهي. اهو سچ آهي.
نسيم کرل نه رهيو اهو به سچ آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي؟ اهو سچ به آهي. هڪ احساس آهي.
نسيم کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جيڪو سفر ڪيو آهي اهو دنيا جي ان ڪهاڻيءَ سان برُ ميچي سگهي ٿو، جنهن ڪهاڻيءَ جي عمر جي تاريخ هڪ سئو ٽي سال آهي يا جنهن ڪهاڻيءَ سؤ، سوا سؤ سال پهرئين کان سفر شروع ڪيو هئو.
1939ع سال جي جون مهيني جي 29 تاريخ تي ڳوٺ کرل خيرپور ميرس ۾ جنم وٺندڙ نسيم کرل ٿوري عمر ۾ جيڪي ڪهاڻيون، سنڌي ادب کي ڏنيون آهن، انهن کيس سنڌي ادب ۾ هو، مخصوص جاءِ ڏني آهي ۽ اڄ تائين لڳاتار سنڌي ادب ۾ اها جاءِ سندس لاءِ محفوظ آهي، ائين جيئن سنڌي ڪهاڻي جي پهرئين دور ۾ جمال ابڙي صاحب جي جاءِ محفوظ آهي.
نسيم کرل جو پهريون ڪتاب ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ کيس شهرت جي انهن مٿانهين تي کڻي ويو جن جو ان وقت تصور ڪو نه هئو. سندس ٻيو ڪتاب ”چوٽيهون درُ“ هُئو، جنهن سندس ان شهرت کي مستقل طور اهم هجڻ جي مُهر هنئين.
سبب شايد اهو به هجي ته نسيم جنهن ڪلاس مان آيو هئو، اهڙو تصور به سنڌ وٽ اڳ موجود نه هئو، جيتوڻيڪ اهو ڪو معجزو ڪو نه هئو، دنيا جي ادب ۾ ان ڪلاس مان آيل ڪيترا ئي اديب موجود آهن، پر شايد سنڌ لاءِ اها نئين ڳالهه هئي ائين نسيم کرل تڪڙو آيو، تڪڙو لکيائين، تڪڙي مڃتا ماڻيائين ۽ تڪڙو ئي اڏاڻو هليو ويو ته وري واپس نه وريو. اهو سنڌي ادب لاءِ نهايت ئي ڏکوئيندڙ واقعو هُئو.
نسيم کرل جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ ٻولي سندس آس پاس جا هئا/آهن، انهن ۾ سندس زوردار مشاهدو ڏسڻ وٽان آهي، سندس ڪردار اسان جي آس پاس رهندڙ آهن ۽ اسان سان جيئندڙ آهن. جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون اسان سان رلي ملي ويون. ساڳئي وقت انهن، سنڌي پڙهندڙن جي هڪ وڏي حصي جي حافظي ۾، پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. انهن پڙهندڙن کي پوءِ ٻي ڪا به ڪهاڻي راس نه آئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڪهاڻيءَ اڄ تائين ايندي موضوعاتي حوالي ۾ پنهنجو سفر تيزيءَ سان ڪيو آهي. اڄ جي ڪهاڻيءَ جو پڙهندڙ شايد نسيم کرل جي ڪهاڻين کي آسانيءَ سان باءِ پاس ڪري سگهي. جيئن نسيم کرل جي پڙهندڙ پوءِ باقي بچي ويل ۽ نئين لکيل ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ کان پاسو ڪيو يا هُو پڙهي نه سگهيو آهي.
سچ پچ ته نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جو حصو، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ الڳ آهي، جيڪو نسيم کرل جي وڃڻ کانپوءِ رڪجي ويو آهي ۽ اڄ جي ڪهاڻيءَ جو حصو الڳ آهي. پر اهو مستقل هلندڙ آهي ۽ پوئين ڪهاڻيءَ کي گهڻو پوئتي ڇڏي آيو آهي.
نسيم کرل جي ڪهاڻي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو ماضي آهي. مستقبل اڳتي ۽ اڃا گهڻو اڳتي آهي.
سنڌي ڪهاڻي حال ۾ ڪيئن آهي، ان لاءِ هڪ سنجيده اڀياس جي گهرج آهي، ڪنهن اخباري بيان جي گهرج گهٽ آهي، ڇاڪاڻ اهڙا بيان ڪيترا ئي اچي چڪا آهن ۽ ايندا رهندا.
نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جي آبرو آهي. پر اها آبرو اڄ ڪيتري سلامت آهي، ڏسڻو اهو آهي.
اڄ سنڌي ڪهاڻي ڪٿي پهتي آهي؟ سندس ادبي سفر جي ڪٿ ڪرڻ جي گهرج آهي؟

هڪ ڳالهه ته ضرور آهي ته اڄ جي ڪهاڻي جيترو شخص جي آس پاس آهي اوترو ئي شخص جي آر پار به آهي. ائين ڪهاڻي اڄ به زندهه آهي ۽ تازي  تواني آهي، سندس سفر خوشگوار آهي. پر سفر اهو ئي آهي، جيڪو نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ وٽان شروع ٿئي ٿو. برابر اُن ڪهاڻيءَ جو سفر اتي پورو ٿيو. اڄ جي ڪهاڻيءَ جو نئون سفر جاري آهي، بس فقط ان سفر ۾ نسيم کرل نه رهيو آهي ۽ پڪ سان ڪنهن به اهم ليکڪ جي هليو وڃڻ سان اهو خال رهجي وڃي ٿو جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڀرجي ٿو. اهڙو خال شايد نسيم کرل جي هليو وڃڻ جو به آهي؟ جيڪو ڀرجي نه سگهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا