; سنڌي شخصيتون: نسيم کرل - شير مهراني

16 July, 2017

نسيم کرل - شير مهراني

نسيم کرل
ٻوليءَ جو بادشاھ
شير مهراني
نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ کان ويندي مضمونن  تائين ۽ مضمونن کان ويندي خطن تائين جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي اها نرالي ۽ دل ۾ گهر ڪري ويندڙ آهي. هو پنهنجي تحريرن ۾ ٻوليءَ جو اهڙو لهجو متعارف ڪرائي ويو آهي، جيڪو سڌو سنئون پڙهندڙ جي مڙني حواسن کان ٿيندو دل تي اثر ڪري ٿو. سندس ڪهاڻيون توڙي ٻيو نثر پڙهندي ڪٿي به اهو گمان نٿو ٿئي ته هيءَ ڪا تحرير آهي بلڪ ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻ نسيم کرل  پنهنجي بنگلي جي گلن ۽ ڇٻر سان ڀريل  وسيع آڳنڌ ۾ لڙي شام جو سامهون ڪانن جي موڙي تي ٽنگ  ٽنگ تي رکي گولڊ ليف جا ڪش هڻندو ڳالهائيندو، ڪچهريون ڪندو، ڊاڙا هڻندو، وڏا ٽهڪ ڏيندو ۽ تاڙا ملائيندو ٿو هلي. جيئن اڄ جا آڙيڪاپ، ڪاٽڪو، مٿير ۽ پريا مڙس ڳوٺن ۾ ڪچهرين جا مور ڪچهريون ڪندا آهن، نسيم کرل بلڪل انهن وانگر ٿو لڳي. سندس ڪهاڻيون هجن يا مضمون توڙي خط (توڙي جو نسيم کرل ڪي ٿورڙا مضمون لکيا ۽ خط به گهٽ تعداد ۾ ملن ٿا)  پر انهن جي ٻولي ۽ لهجا حيران ڪري ڇڏين ٿا. هو جڏهن به ڪنهن ڪردار کي کڻي ٿو ان سان ايڏو سچو ۽ ويجهو ٿي وڃي ٿو جو ايئن ٿو ڀانئجي ڄڻ اهو نسيم کرل پاڻ آهي. کڻ“چوٽيهون در” ته لڳي ٿو هو گيج ريڊر به پاڻ آهي ته پوليس وارو به پاڻ. کڻ “پهرين مراد” ته لڳي ٿو ته عنايت به پاڻ آهي ته ماڻڪ به پاڻ آهي، کڻ “گذريل واردات” ته لڳي ٿو سرائي رازق ڏنو به پاڻ آهي ته انسپيڪٽر غوث بخش شاھ به پاڻ آهي. کڻ “اٽالو پڊنگ ” ته لڳي ٿو ان ڪهاڻيءَ جو مکيو ڪردار گهر جو مالڪ پاڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا گهر جي نفاست ۽ ڪراڪري کان ويندي ٻين شين جي چونڊ ان ڪهاڻيءَ ۾ ٻڌائي وئي آهي اها بلڪل اهڙي آهي، جيڪا نسيم کرل کي پاڻ کي پسند هئي. ساڳيا صوفا، ساڳيو بيڊ، ساڳيا ٿانو، ساڳيو ميٽرس ۽ ساڳي صادقين جي پينٽنگ جيڪا نسيم کرل کي وڻندي هئي، سندس ڪهڙي به ڪهاڻي کڻو، جن ۾ مجاور، شبنم شبنم ڪنول ڪنول، پارٽنر، ڪافر، ڪچو رنگ، گٽس، زر ۽ زور شامل آهن. انهن ڪهاڻين ۾ ڪٿي نه ڪٿي پڙهندڙ جي ملاقات نسيم کرل سان ٿي وڃي ٿي. ايئن به ناهي ته هو ڪو ايڏو ڳجهو آهي. هن لاءِ ڪنهن لکيو آهي ته، “نسيم بصر نه آهي، جنهن جي هڪ کل لاهه تي ٻئي کل هوندي، ٻي کل لاهبي ته ٽئين ايندي. مطلب ته مڙس کلون ئي کلون هوندو. کل هيٺيان کل ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو. نسيم ته بلڪل بيضو آهي. هڪڙي ٺونگي ساڻ منجهانئس سفيدي ۽ پيلاڻ نڪري ايندي.”


نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي “چوٽيهون در” مان ڪجهه ڊائلاگ آهن،
“سپاھيءَ سلوٽ ھڻي صوبيدار کي چيو: “سائين، ھي فريادي آيو آ.”
صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنھنجي سپاھيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس پڇيائين: “اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منھنجي آمد آھي جو مون ڏي وٺي آئينس!”
“سائين، مان ته ھن کي ٻڌايو ته صاحب گناھ نمبر 224 جي جاچ ۾ مصروف آھي، پر ھن جو ڳوري ڳالھه ٻڌائي ته لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ به سرڪاري ملازم آ.”
صوبيدار کائنس پڇيو: “ميان، تون ڪھڙي کاتي ۾ آھين؟”
“سائين مان گيج ريڊر آھيان سکر بئراج تي.”
“ھا، حقيقت ڪر.”
“سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي تھ ھڪ لاش ڏٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو ھو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل آھي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل آ.“
”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟”
“عورت جو.”
“لاش پڪ مڇيون کائي ويون ھونديون ۽ شناخت کان زور ھوندو.”
“نه سائين، اڃا سلامت آ.”
صوبيدار کائنس آڏي پڇا ڪري ٿو،
“تون پاڻ ڪٿي رھندو آھين؟”
“سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.”
“اڪيلو رھندو آھين يا ٻارين ٻچين؟”
“سائين اڪيلو.”
“ھا ميان، اڪيلو ڇو نه رھندا، مڙس به شوقين ٿو ڏسجين!”
“شوقين ڪيئن سائين؟”
“ميان لبِ مھراڻ تي روز ھڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو به ھڪ کن ته تاڙي ھوندي.”
“نه سائين، مان انھن ڳالھين کان پري آھيان.”
“انھن ڳالھين کان پري ھجين ھا ته خون ڇو ٿئي ھا، لاش ڇو لڀي ھا!”
“چڱو لاش جو حليو ته ٻڌاءِ.”
“سائين، مان ھيٺ لھي ته ڪونه ڏٺو جو ھراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ رنگ جي ڀوري، ڊگھن ڪارن وارن سان، ڳاڙھو گھگھو ڀرت سان... ... ”
“وئي، وئي!” صوبيدار ڳوٺ ڀڳي.
“ڪيئن وئي سائين؟”
“پڪ ڪنھن گھگھيلي ڪاري ماري، پنھنجو منھن ڌوتو.”
گيج ريڊر اڃا اھو گفتو نه سمجھيو، سو صوبيدار کان پڇيائين: “سائين، ڪنھن منھن ڌوتو؟”
“ميان، تون ڄٽ ماڻھو، توکي انھن ڳالھين جي ڪھڙي خبر؟ اھي غيرتون گھگھيلن کي، جو ڪو مھڻو ڏئين ته ان تي ئي آءُ ڪن.”
گيج ريڊر ھينئر اھا ڳالھھ سمجھي ويو، سو صوبيدار کي چيائين: “سائين، اھي ڪھڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آھن؟”
“ٻروچ ھن قانون کي ڇا ٿا سمجھن، اھڙا خون ته ھنن لاءِ جائز آھن.”
“پر سائين، قانون ۾ تھ ڏوھي آھن.”
“ھا ميان، قانون ۾ ته سڌو سنئون 302 آھي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ جو ڀاءُ ۽ پيءُ به جوڻي نه کڻندا. ٻيا مائٽ ته پري ٻڌ.”
“پر سائين، اوھان اکيون وجھو ته اھي ڏوھ ڪيئن ٿا لڪي سگھن؟”
“ھا، جي ڊگھي جاچ ڪبي ته اٽي مان وار به ڪڍي ڇڏبو. مون کي ته اھڙو آزمودو آھي، جو ڪو خونيءَ کي کڻي گلاب جي عرق ۾ وھنجاري سؤ ماڻھن سان گڏ بيھاري، ته به مان ھڪ پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاھر ڪڍندوسانس ته پٽ ماءُ جا، ھتي ٿي بيھه!”
“واهه سائين واهه، اھو وري ڪيئن؟”
“خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟”
“پوءِ ته سائين وارو ڪيو.”
“ميان، ھن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنھن کي پڪڙي ڪنھن کي پڪڙيان؟ جنھن ٻروچ ۾ ھٿ پوندو تنھن مان خون جي ڌپ ايندي!”
هتي هڪ ڳالهه پڌري ڪندو هلان ته پوين ڏينهن ۾ ڪجهه بلوچ استاد ۽ شاگرد اسان وٽ سنڌي شعبي ۾ آيا ۽ چيائون ته توهان جي شعبي جي نصاب ۾ هڪ ڪهاڻي “چوٽيهون در” پڙهائي پئي وڃي ان ۾ بلوچن جي خلاف ڊائلاگ آهن اسان کي ان تي اعتراض آهي. جنهن تي مون کين چيو ته نسيم کرل تمام وڏو ڪهاڻيڪار هو هن اها ڪهاڻي اڄ کان لڳ ڀڳ 45 سال اڳ لکي هئي، سنڌ ۾ بلوچن جي صورتحال ته اڄ به ساڳي آهي. توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت باقي ڪهاڻي تمام وڏي آهي ان ڪري ان کي آرٽ پيس سمجهي ڪري ئي کڻي پڙهو.
ڪهاڻي جو اڳيون ڊائلاگ به انتهائي خوبصورت آهي،
“بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آھن. پھريون لاش ڪڍائڻ تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽوگرافر، جيپن جا ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا آفيسرن جا سھما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻه ڏوڪڙ سندن منھن ۾ نه ھڻبا. ميان، در کولي، لاش لوڙھي ڇو نه پئي ڇڏيئي؟”
هن هڪ ئي ڪهاڻيءَ ۾ نسيم کرل پوليس جي سموري نظام جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن. پوليس جي مخصوص نفسيات کان ويندي انهن جي جاچ جوچ جي اسٽائيل، ڪيس اينگهائڻ ۽ ٽال مٽول واري روش تان پردا کڻي ڇڏيا آهن.
ڪهاڻين ۾ واقعن جي تهه ۽ نتيجن  تائين پهچڻ نسيم کرل جي سڃاڻ آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هو جنهن به ڪردار جي ڳالهه ڪري ٿو تُز ان ڪردار جي ئي ٻولي ڳالهائي ٿو.
عبدالقادر جوڻيجي سندس خوبصورت ٻوليءَ بابت لکيو آهي، “نسيم وٽ ٺلھو سچ نه آھي، پر جامع به ڏاڍو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ کي پني وانگر ويڙھي وٺندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو پاڻ جيتوڻيڪ سنڌ جي سيرانديءَ کان ويٺو آھي ۽ آءٌ پيراندين وٽ، پر سندس ڪھاڻين “پھرين مراد”، “ڪافر” ، “چوٽيھون در” ۽ “گذريل واردات” جا ڪردار، انهن جو اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ واقعن جي اڻت وغيرھ اھڙيون آھن، جو اھي ڪھاڻيون مون کي پنهنجي تر جون ڪھاڻيون لڳنديون آھن. ائين محسوس ٿيندو اٿم ته اھي ڪھاڻيون نسيم نه، پر مامي رمونءَ لکيون آھن، جيڪو ھن تر جي عام زندگيءَ جي نس نس کان واقف آھي، رڳو “مان” ڪڍي“ آءٌ” ھڻڻ جي دير آھي.”
ڪهاڻيون ته ڪهاڻيون پر سندس ٻيو نثر به ايڏو ئي خوبصورت آهي، ميرن بابت لکيل هڪ مضمون “ڇيڙيون ۽ نبيريون” ۾ نسيم کرل ميرن جي درٻار جون ڳالهيون لکيون آهن، جتي ڪيئي ڏوهي آندا پئي ويا، ڪن کي ڪوٽ چاڙهڻ جون سزائون پئي مليون ته  ڪن تي ڏنڊ ڏوهه پئي مڙهيا ويا ته ڪي وري پيرن فقيرن جون سفارشون کڻي جان آجي پئي ڪرائي ويا. نسيم کرل لکيو آهي ته ميرن وٽ هڪ پيرن فقيرن جي  ۽ ٻيو گلم جي توبچين جي هلندي هئي، “انهن پيرن فقيرن مان لونگ فقير لوڙهي وارو به مير علي مراد خان لاءِ پڙي هيو. سوالي ايندو ته خالي نه موٽندو هو.” لونگ فقير ڪيئي ماڻهو ڇڏايا پر هڪ ڀيري مير صاحب ڪنهن ٻي برج ۾ هو سو فقير کي چيائين هاڻي ڪم نه ٿيندو. نيٺ فقير واسطا وجهي ڏاڙهي ڏئي اهو ڪم ڪرايو ته وري نه ايندس. مهيني کن کان پوءِ فقير وري ڪا سفارش کڻي آيو، جنهن تي مير چيس، “فقير اڳين ڀيري ڏاڙهي ڏئي وئين پوءِ به نه مڙئين.” جنهن تي فقير چيو، “ غريب پرور مور نه اچان ها، پر سواليءَ کڻي الله جو نالو ميڙ وڌو. پوءِ تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ کڻي پنهنجي ڏاڙهي وڌم ته ٻي پڙ ۾ الله جو نالو وڌم. ڏٺم ته مون واري ڏاڙهي ڪنهن پتي پوريءَ ۾ به ڪا نه آئي.”
ميرن جي درٻار جو هڪ ٻيو واقعو به نسيم کرل پنهنجي ان مضمون ۾ لکيو آهي ته، “هڪ زائفان کي جو کٽيءَ کنيو سو ڳوهه جيان پاڻهي اچي شڪاريءَ جو گهر ڳولهي لڌائين. ۽ مير علي مراد خان کي هٿ ٻڌي عرض گذاريائين ته کيس مڙس کان شراع جا ٽي ڀتر ڏياريا وڃن. سائينءَ جي ٻروچڪي رڳ کي چوچڙي وٺي وئي، ۽ کيس هڪل ڏئي چيائين، “نڪر... ” بادشاھ جي اک ڦريل ڏسي رن جا ڪارڙا ئي مري ويا. هن ڀڙڪو کائي پوئتي موٽڻ واري ڪئي. پر تيستائين مير جي ولائتي برج لوڊ کيس ڪارڙي تتر جيان رومال ڪري ڇڏيو. درٻاري سڀ هيراسجي ويا پر مير سائين بندوق رکي کين دلجاءِ ڏيندي چيو، “هن ڪني رن کي طلاق ملي ها ته ٻيون کوڙ لوٺيون به ريس تي ڀڳيون بيٺيون هجن ها. سمورو ڏينهن پيا اهي ڪنا ڪيس هلايون ها. تنهن کان ڪني آڱر وڍي ڀلي.” نسيم کرل صاحب واقعو ايئن لکيو آهي، ڄڻ پاڻ اتي موجود هو. اهائي سندس ٻولي ۽ لهجي جي خوبي آهي جو هو ڪهاڻي توڙي مضمون ۾ ڳالهه اهڙي ته بيباڪ ۽ کليل انداز ساڻ ڪري ٿو ڄڻ هو لکي نه بلڪه ڳالهائي رهيو آهي.
نسيم کرل ڪاليج واري زماني ۾ ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به هو، جنهن ۾ شاگردن جون ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇاپيندو هو. انهن ڏينهن ۾ امر جليل اڃا نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو سو ڪنهن دوست جي معرفت امر جليل اچي ساڻس مليو ته جيئن هو سندس ڪهاڻيون ڇاپي. امر جليل تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ نسيم کرل امر جليل سان پهرين ملاقات بابت لکيو آهي ته، “مان هن ڏانهن ڏٺو، رنگ جو سانورو، بت جو جانٺو، نڪ بينو جهڙو جاپاني، کيس بي دليءَ سان ٻه آڱريون ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر هن منهنجي هٿ کي ٻنهي هٿن سان اهڙو ته جهليو ڄڻ ڪو بال جهپيندو هجي مان ذهن ئي ذهن ۾ پاڻ گهڻيئي ٿڦوليو مگر ڪنهن به رسالي ۾ هن جي ڪا ڪهاڻي ڇپيل ياد نه آئي، انهن ڏينهن ۾ سندس نالو رسالي تي ته ڇا پورو وٽي تي به نه هو. مون کانئس پڇيو، گهڻيون ڪهاڻيون لکيون اٿئي؟ “ٻه ٽي لکيون اٿم پر ڇپي ڪا ڪانهي”
“نئين زندگيءَ ۾ ڇو نٿو ڇپائين؟”
“نئين زندگي!” ذري گهٽ هن کان ٿڌو ساهه نڪري ويو. ڄڻ چوندو هجي اهڙي قسمت ڪٿي.
“پوءِ”
“توهان پنهنجي مئگزين ۾ ڇاپيو.”
“ مان ڪيئن ٿو ڇاپي سگهان، تون ته هتان جو اسٽوڊنٽ به ڪينهين.”
“نالي ٻالي تي مون کي اعتراض ڪو نه ٿيندو، جنهن نالي تي وڻيو ڇپي ڇڏيو.”
مونکان ڇرڪ نڪري ويو، سندس اکين ۾ بي وسي ۽ اداسي هئي، هو ايترو ته ڪڪ ٿي پيو هو جو هن کي هيئنر ڪو به اعتراض ڪو نه هو ته ڪهاڻي سندس نالي ۾ نه ڇپجي، ڀلي ڪاري ڪتي جي نالي ۾ ڇپجي پر ڇپجي ضرور.”
جنهن کان پوءِ نسيم کرل لکي ٿو ته مون امر جليل جون ٻه ٽي ڪهاڻيون ٻين نالن سان ڇاپيون جن ۾ هڪ ڇوڪري به شامل هئي.
بيشڪ نسيم کرل ٻوليءَ جو بادشاھ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي بي تڪلف ٻولي ۽ لهجو سڌو سنئون پڙهندڙ جي اندر ۾ لهي وڃي ٿو. بلڪل نيلسن منڊيلا جي ڳالهه وانگر ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪا به ڳالهه ڪنهن جي دماغ ۾ داخل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ساڻس ڪنهن به سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۽ لهجي ۾ ڳالهايو، پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي ڳالهه اڳئين ماڻهوءَ جي دل ۾ ويهي وڃي ته پوءِ ساڻس سندس ئي ٻولي ۽ لهجي ۾ ڳالهايو. نسيم کرل به اسان سان اسان جي ٻولي ۽ لهجي ۾ ڳالهائي ٿو شايد ان ڪري ئي سندس ڳالهيون توڙي ڪهاڻيون اسان جي دل ۾ لهي وڃن ٿيون.

No comments:

راءِ ڏيندا