; سنڌي شخصيتون: دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

21 December, 2016

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

تعارف

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم 20 ڊسمبر 1917ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن:


1.     نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻي توجهه ڏيو ۽ کين ڪڏهن به بوجهه نه سمجهو، عورت جي عزتِ نفس کي مٿانهون رکو.

2.     پنهنجي ماءُ، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي سدا اهميت ۽ عزت ڏيو، اهي ٽيئي توهان جون مائرون آهن.

3.     دان ڏيو، مالَ جو، علم جو ۽ جان جو ۽ هر هڪ جي ڪم اچو.

4.     سنڌ جي تعليمي معيار ڪرڻ جو اهم سبب اڄ استاد، استاد نه رهيو آهي ۽ شاگرد، شاگرد نه رهيو آهي. استاد غير ذميوار ۽ شاگرد لاپرواهه هئڻ سبب تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ جڏهن ڪنهن قوم ۾ علم ۽ ادب نه رهندو، تڏهن انهيءَ قوم جي هستي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي. ٻوليءَ ۽ قوم کي جيئارڻ لاءِ اڳيان وڌو. قوم جي ڀلي لاءِ سچو جذبو ۽ سچي دل کپي ۽ سنڌي سماج تڏهن ترقي ڪندو، جڏهن قوم تعليم يافته ٿي هن ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي.

5.     عورت جي آزاديءَ جي حق ۾ مان بلڪل آهيان، پر ان لاءِ هڪ دائرو هجي ۽ ان دائري ۾ رهي ڪم ڪجي. پنهنجي حيثيت، عزت ۽ علميت کي وڌائڻ عورتن لاءِ اُتم آهي.

6.     شاهه صاحب جي ڪلام کي پرکيو، پروڙيو، عمل ڪريو ۽ عام ڪريو.

داديءَ جو سنڌي نثر ۾ ڪم مضمون نويسيءَ ۾ آهي. تعليم جي موضوع تي تمام گهڻا مضمون لکيا اٿن. انهيءَ کانسواءِ کين شاعريءَ جو شوق آهي. داديءَ سنڌي عورتن جي لاءِ هيءُ پيغام ڏنو:

اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي،

تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي،

تون ته ناز و ادا کان نياري،

تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي.

...........

اي سنڌوءَ جي سگهڙ سجاڳ ٿي،

هيءُ وقت اٿئي هوشيار ٿي.

هيل تائين ڪيڏو نه تون سٺو آهه،

هاڻي جهالت جي جن کي تو ڀڄايو آهه.




دادي ليلا اڄ سؤ سالن جي ٿي وئي

نصير مرزا



سنڌ اڄ شادمانا ملهائي. اسان ۽ توهان جي دادي، هير آباد حيدرآباد واسي، تعليمدان، دادي ليلا خيرن سان اڄ سئو سالن جي ٿي چڪي. هيپي برٿ ڊي ٽو يُو دادي صاحبه ۽ ڇا ته خوش نصيب شهر هي حيدرآباد، جنهن ۾ رهندڙ محمد ابراهيم جويي صاحب کانپوءِ، علم ادب ۽ تعليم جي دنيا جي، هي ٻي اهم ترين هستي دادي ليلا، جنهن اڄ حياتيءَ جا سئو سال پورا ڪري ورتا آهن، اي ڪاش! هن ڪالم جي اشاعت بعد، سنڌ جا علمي ادبي ۽ تعليمي ادارا، گلن، گلدستن ۽ سوکڙين پاکڙين جا انبار کڻي، ميرن جي قبن سامهون، هيرآباد جي ان پِيلي محل جي دروازي تي وڃي رکي اچن، جتي اندر هڪ آرامده پلنگ تي، سنڌ جي نياڻين کي تعليم يافته ڪندڙ هيءَ ملڪه اڄڪلهه خاموش زندگي گذاري رهي آهي. جتي سندس اڪيلو فرزند ڊاڪٽر پرديپ، ننهن ۽ ڪي نرسون، ڏينهن رات سندس ديک ريک ۾ مصروف آهن. بيشڪ، سئو ساله دادي ليلا صاحبه سفيد اڇي پهراڻ ۽ لينگي ۾ هن وقت ڄڻ ته مقدس سرسوتي ديويءَ جو روپ آهي، پر هڏڙين جي مُٺ، نحيف ۽ ڪمزور هوندي به ۽ هن ڄمار ۾ به طرح طرح جا راڳ، ڀڄن، ٻاڻيون ۽ بزرگن جا صوفياڻا ڪلام کيس ازبر آهن. ها! سندس ازبر به حافظو ٿورو ٿورو جواب ضرور ڏئي ويو آهي ۽ قوت سماعت پڻ گهڻي گهڻي مجروح ٿي وئي اٿس پر ٿورو وڏ سري آواز ۾ پڇيومانس ته، دادي! اوهان جي ولادت ڀلا ڪٿي ٿي؟ ته ٻڌايائين: ”سئو سال اڳي حيدرآباد جي ڇوڏڪي گهٽيءَ، پوليس اسٽيشن واري چاڙهيءَ ڀرسان ماڙيءَ واري هڪ گهر ۾ ڄائي هيس. پتا جو نالو، هوتچند واڌواڻي هو، هڪڙي ڀيڻ ديوي ڪماري، ڇهه ڀائر..... جن منجهان سهجرام واڌواڻي، اُهو ته مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ مشهور موسيقارن سي ارجن ۽ بلوسي رائيءَ جو پڳ مٽ يار هو. ٻيو ايڊووڪيٽ تيرٿ داس..ماهر قانوندان، شاهه لطيف شناس، جنهن تصوف تي ڪيترائي انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا. 1926ع ڌاري، پتا جو سارو پريوار، هن موجوده هنڌ هيرآباد عامل ڪالوني لڳ اچي رهيو. الاس!! هڪ هڪ ٿي سڀني جون ارٿيون هاڻي ته چتا تي چڙهي ويون آهن، رهي نانءُ رب جو.“ پوءِ دادي ٻڌائڻ لڳي: ”اسان جو سارو پريوار پڙهيل هو، پر منهنجي ماتا به ايتري ته اکر شناس هئي جو ڪم ڪار ۽ رسوئي جي وندر مان واندي ٿي، گهر ۾ ايندڙ روزاني اخبار کولي ويٺي پڙهندي هئي. هاڻي پرديپ ٻڌائيم ٿو ممي، شروع کان ئي چُست ڦڙت، گهٽ خوراڪ، ويشنو، گوشت ماس کان نهايت پري ۽ ابتدا کان ئي اورچ هئي ۽ جيتوڻيڪ گهر ۾ نوڪر چاڪر ۽ سک آرام به موجود هو پر رسوئي ۾ بيهي ڦلڪا پچائڻ، ٻوڙ رڌڻ هن جي روز مرهه جي ڪرت ۾ شامل هوندو هئو. وٽس جيڪو به ان وقت ملڻ جلڻ لاءِ ايندو هو ته ان کي ضرور چوندي هئي ته نياڻين کي ضرور پڙهايو، ائين هُو چالاڪ ۽ مڪار مردن هٿان ٺڳجڻ کان بچي وينديون.“ پوءِ دادي خود ٻڌائڻ لڳي، ”اسان هندن ۾ هر نياڻيءَ کي ٻيو ڪجهه سيکارجي يا نه، پاپڙ ويلڻ، پاپڙ ترڻ ۽ پاپڙ ٺاهڻ جي تربيت هر حالت ۾ ڏني ويندي آهي ۽ ڪنهن کي اِهو فن نٿو اچي ته اهو هن جي عيب ۾ شمار ڪبو هو.“ پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”جن جن نياڻين، مون کان پاپڙ ٺاهڻ سکيا، انهن ساهراڻي گهر تي راڄ ڪيو، حڪم هلايا ۽ پنهنجي گهوٽن جون اُهي دل گهريون ڪنوارون ثابت ٿيون.“

پرديپ هرچنداڻي مون کي آگاهه ڪيو: ”ممي پرائمري تعليم گُلي ٻائي اسڪول مان حاصل ڪئي، جيڪو حيدرآباد واري تلڪ چاڙهيءَ لڳ هوندو هو. پوءِ هو جامع عربيه ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به ميٽرڪ تائين پڙهي، جتي ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي.“ ان تي دادي ٻڌائڻ لڳي، ”منهنجا هڪ جيڏا هندو مسلمان ڇوڪرا محض ان ڪري به دل لڳائي پڙهندا هئا، جيئن استادن آڏو ۽ ڇوڪرين جي سامهون، بي عزت ٿيڻ کان بچيا رهن.“ پرديپ ٻڌايو: ”هائير ايجوڪيشن دادي صاحبه گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان حاصل ڪئي، جنهن کي پڻ ايندڙ سال 2017ع ۾ سئو سال پورا ٿيندا.“ انسائيڪلوپيڊيا ۾ مون دادي ليلا صاحبه جي پروفائيل ۾ جهاتي پاتي.. لکيل هو: ”هُوءَ ننڍپڻ کان ئي خوش گُلو هئي، تيز فهم ۽ هوشيار، ۽ ٻالڪپڻ کان ئي شديد ميوزڪ پسند. ان ڏس ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي جي آشرم مان به هُن گهڻو ئي پرايو. سوين ڀچن ڀاو ياد ڪيا. ان دور جي ميوزڪ ۽ باجي ماستر مسٽر جوشيءَ کان هن هارمونيم وڄائڻ سکيو. پوءِ 1940ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج فار مئن ۾ ميوزڪ ٽيچر جي آساميءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ وئي، ته سائين جي ايم سيد ۽ سائين ميران محمد شاهه، هڪ تعليم يافته سنڌي نياڻيءَ کي اهڙو زبردست هار مونيم وڄائيندي ۽ شاهه، سچل جا صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻڌو ته دنگ رهجي ويا.“ دادي پاڻ مون کي ٻڌائڻ لڳي: ”بابا، تنهنجي پدر بزرگوار قليچ بيگ کي اٺن ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس غزل ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“ اسڪول فنڪشن ۾ ڳائي ٻڌايو ته، دعا ڏنائين؛ ”اي ننڍڙي نينگري راڳ وديا ۾ تنهنجو وڏو نالو ٿيندو“

مون هڪ ڀيرو ٻيهر داديءَ جي جيون ۾ جهاتي پاتي، لکيل مليو: دادي ليلا صاحبه 1951ع ۾ بي ٽي ڪئي، 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. 1958ع ڌاري پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪول مقرر ٿي، گڏ ميران هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس پڻ ۽ ان کان اڳ ميرپور خاص جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1958ع ۾ ئي بلبل مهراڻ روبينه صاحبه کي ريڊيو حيدرآباد تي پنهنجي شاگردياڻيءَ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايائين. بعد ۾ دادي صاحبه، انسپيڪٽريس آف اسڪولس جو عهدو ماڻيو. 1972ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿي. 35 ورهين جي پخته ڄمار ۾، دادي صاحبه جي شادي سينٽرل جيل حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي سان ٿي ۽ ان بعد دادي ليلا سڏجڻ لڳي، ”ليلا وتي هرچنداڻي“... اولاد ۾ داديءَ بس هڪ ئي پُٽ ڄڻيو، پرديپ ڪمار... جيڪو هاڻي پنهنجي ئي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ”دادي ڪلينڪ“ هلائيندو آهي. 1952ع کان دادي صاحبه ريڊيو ڪراچي تان ڳائڻ جا به ڪي پروگرام ڪيا. 1975ع ڌاري ريٽائرمينٽ بعد ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه سان گڏجي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جتي نياڻين جي تعليم ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪئين دلچسپ پروگرام ترتيب ڏنا. 1985ع تائين اقليت جي حوالي سان پنهنجي ڪميونٽيءَ جي نمائنده طور به هن ڪم ڪيو. سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، شاهه جو شارح غلام محمد شهواڻي، پروفيسر دادا منگها رام ملڪاڻي کي دادي صاحبه اکين سان ڏٺو. محفلن ۾ انهن سان گڏ اُٿي ويٺي ۽ کين پنهنجا راڳ ٻڌايا ۽ وندرايو.

سندس گهر ۾ مون چوطرف نگاهه ڦيرائي هر طرف ايوارڊ ۽ شيلڊون سينگاريل نظر آيم ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو ”تمغه امتياز حڪومت پاڪستان“. تڏهن ان وقت اٿڻ کان اڳ مون کيس وينتي ڪئي ته دادي! پنهنجي حياتيءَ جون ڪي يادگار ۽ سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌايو. چوڻ لڳي: ”اري بابا، اڳي اسان جي سانڀر ۾ حيدرآباد ۾ هر گهٽيءَ جو هڪڙو نالو هوندو هو. ان ڪري هر ماڻهوءَ کي خط پٽ سولائي سان اچي ملندو هو، هاڻي ته گهٽين جي سوڙهه ايڏي آهي جو، ڏسندي ئي ساهه ٻوساٽجڻ ٿو لڳي“. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، ”ٽيهارو کن سال اڳ ڀارت ياترا تي آئون ويئي هئس. هڪڙي ڏينهن ميزبانن مون کي هڪ اهڙي رنگا رنگ تقريب ۾ پهچايو، جتي سنڌي نياڻين اڃان جهومي جهومي ڳايو مس ته ”راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا“...ته بس محفل ۾ اوچتو وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پوليس جو ڊنبلو اسٽيج تي چڙهي آيو...بابا خير...بابا خير... چيائون اري ظلم ڙي ظلم.. هي ته خانداني منصوبي بندي وارن جو پبلسٽي پروگرام آهي، جن جو مول متو ئي آهي ته ”ٿورا ٻار، پيار ئي پيار“ ...۽ هي مايون وري اسان جي پروگرام کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڳائين پيون .....  راڻا تو مان راڄ ٿيندا، راڻا تو مان لک ٿيندا....“ پوءِ ان ڏينهن دادي هي به ته ٻڌائڻ لڳي هئم: ”ان وقت ڀارت ۾ رهندي اڃان ڪي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا هوندا، جو ناچاڪ ٿي پيس، تڏهن لڳم...بس چل چلاءَ قريب آهي، سو وٺي گهوڙا گهوڙا ڪئم. چيم...ڀائي! مون کي جلد از جلد پنهنجي جنم ڀومي، ماتر ڀومي سنڌ پهچايو.. ڇا جي لاءِ، جو هتي منهنجو ديهانت ٿي ويو، ته هي ته منهنجي رک کي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيندا. سو چاهيان ٿي ته پويان پساهه به پنهنجي سنڌ ۾ ئي وڃي کڻان، جيئن منهنجون هاٺيون سنڌوءَ جي امر جل ۾ سماپت ڪيون وڃن.“ اهڙي پراڻي ساروڻي ٻڌائيندي ٻڌائيندي داديءَ تي اوچتو هڪ زبردست ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ جيئن نه ڪا ماءُ لاڏلي پُٽ جي ڪاڄ ۾ ٻانهون مٿي کڻِ جهمريون هڻندي آهي، دادي ليلا به جهومي جهومي اسان کي ٻڌائڻ لڳي، ”اري بابا، هاڻي موت جو فرشتو مون کي وٺڻ ايندو، ته آئون ائين ئي نچندي ڪڏندي ان سان گڏ هلي وينديس! سدائين سدائين جي لاءِ....“





دادي ليلان سؤ ورهين جي ڄمار ۾ داخل





حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان 100 ورهين جي ڄمار ۾ داخل. سالگرهه جي تقريب. اديبن پاران دادي ليلان کي گلدستا پيش. سنڌ حڪومت کان حيدرآباد ۾ دادي ليلان جي نالي سان ميوزيڪل اسڪول قائم ڪري، سندس نالي سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو.


تفصيل موجب ننڍي کنڊ جي نامياري تعليمي ماهر دادي ليلان 100 هين سال جي ڄمار ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڪالهه حيدرآباد جي علائقي هيرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي سندس سالگرهه ملهائي وئي. سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي اديبن؛ نصير مرزا، گل ڪونڌر، قاضي خادم، موهن مدهوش ۽ ٻين رهائشگاهه تي پهچي دادي ليلان کي گلدستا پيش ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اديبن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دادي ليلان کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ، ان جي نالي سان حيدرآباد ۾ ميوزيڪل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان کي دادي ليلان جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. سالگرهه جي تقريب ۾ دادي ليلان جي پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار پڻ موجود هو.



(روزاني عبرت ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تان کنيل)








دادي ليلان
سندس خدمتون
غلام حسين خاصخيلي
سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد جي ٿڌين هوائن واري علائقي هيرآباد ۾ جنم وٺندڙ دادي ليلان تعليم جي دنيا ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي آهي. نياڻين جي اسڪولن کولرائڻ ۽ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد تي حيدرآباد سميت پوري دنيا جا ماڻهو کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. اهڙين شخصيتن کي هر ماڻهو سلام ڪندو آهي. دادي ليلان نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي پاڻ به اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏيندي هئي. اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم سان گڏوگڏ هنر جي سکيا ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ باقاعدي سان ڪلاس هلايا ويندا هئا. موجوده وقت ۾ به دادي ليلان وانگر تعليم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان تعليمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار به ڪرايا، انهن سيمينارن ۾ تعليم جي اهميت بابت والدين کي سمجهايو ويندو هو. تعليم بنا انسان اڻپورو آهي، نياڻين لاءِ تعليم تمام ضروري آهي نياڻين کي پنهنجو گهر وسائڻو هوندو آهي. پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ تعليمي شعور کي اڳتي وڌائي ٿي، دادي ليلان جو چوڻ آهي ته علم حاصل ڪرڻ سان انسان وٽ تمام وڏي طاقت تمام وڏو هٿيار آهي. جنهن وٽ علم جو هٿيار موجود آهي. اهو گهر وڌيڪ مضبوط طاقتور آهي. نياڻين کي تعليم ڏياريو. نياڻين کي پڙهائڻ سان معاشري ۾ علم جا ڏيئا وڌيڪ روشن ٿين ٿا، علم جي ڏئي ٻرڻ سان دنيا جي گهرن ۾ وڌيڪ روشني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي روشني ۾ طاقت هوندي آهي. علم جي روشني جيتري طاقت ور هوندي، معاشرو اوترو وڌيڪ طاقت ور هوندو آهي. داديي ليلان جي اهڙي جدوجهد کي سلام ڪندي اسان کيس ڀيٽا ڏئي رهيا آهيون. اهڙين شخصيتن جو نالو هميشه روشن هوندو آهي. دادي ليلان هينئر به علم ادب جي لاءِ جدوجهد واسطي هر ماڻهوءَ کي سبق ڏيندي رهندي آهي، دادي ليلان هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پهرين جملي ۾ اهو پڇندي آهي ته ڇا توهان پنهنجي نياڻين کي پڙهايو ٿا. هر ماڻهوءَ کي اهو چوي ٿي، بابا پنهنجي نياڻين کي پڙهايو. نياڻين کي پڙهائڻ سندن والدين جي اولين ذميواري آهي. جنهن گهر ۾ نياڻي اڻ پڙهيل آهي. اهو گهر پريشانيءَ واري حالت ۾ هوندو آهي. اهڙي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ نياڻين کي علم ڏياريو. دادي ليلان پنهنجي وقت ۾ اسڪولن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ هنر جي سيکا به ڏياريندي هئي. نياڻين کي ڀرت ڀرڻ، گهر جو ماحول بهتر رکڻ جهڙن مسئلن تي نياڻين کي سکيا ڏيارڻ لاءِ پريڊ هلايا ويندا هئا. هنر ۽ علم جي لاٽ ٻرندي رهندي هئي. دادي ليلان تعليم جي اهڙي بهتر ماحول سبب سندس جدوجهد کي هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ڏني پئي وڃي. اهڙين شخصيتن وانگر هر ماڻهو جدوجهد ڪري ته هر گهر تائين تعليم  پهچي سگهي ٿي. اهڙي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واسطي دادي ليلان جي ٻاريل ڏيئن کي وڌيڪ روشن رکڻ لاءِ اسان سڀني کي دادي ليلان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي سڏ ۾ سڏ ملائي هرهنڌ علم جا ڏيئا روشن ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي راهه کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي جدوجهد ڪاميابي جي منزل ڏانهن قدم آهي. اسان سڀ قدم کي قدم سان ملائي هلڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان ته اڄ به اهو چوي ٿي ته سنڌ بزرگن اوليائن جي ڌرتي آهي. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي ڪيترائي اهڙا هيرا پيدا ٿيا آهن. جن جدوجهد ڪندي علم جي ڏيئن کي روشن ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي علم جي حوالي سان پوري ۾ دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙي سهڻي ثقافت رکڻ واري ڌرتي تي هاڻ اسڪولن جي بند پيل هئڻ جون ڳالهيون ٻڌي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. اسان سڀني کي گڏجي علم جي ڏيئن کي روشن ڪرڻو پوندو اهڙي علم جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد ڪرڻ واسطي پنهنجي گهر، محلي، علائقي، شهر، يوسي، تعلقي، ضلعي، صوبي ۽ ملڪ ۾ علم جي ڏيئي کي روشن رکڻ واسطي سچائي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. دادي ليلان جي اهڙي تعليمي جدوجهد کي روزاني عبرت طرفان شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي ملهايل هفتي جي حوالي سان ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهيون. دادي ليلان مهان شخصيت آهي. کيس سلام پيش ڪريو ٿا ۽ دعا آهي ته سندس جدوجهد تعليم لاءِ اڃان سگهاري بڻجي وڃي.




دادي ليلان
ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي به ديهانت ڪري وئي
گل مورو
دادي ليلان سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري ڪرڻ لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ، ڏاند گاڏين، گڏهه گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن، وسوسن ۽ ڀرمن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي.
انهيءَ علمي سوچ جي آبياري لاءِ دادي ليلان ديس جي دردوندن، بکايلن، ستايلن ۽ انگ اگهاڙن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي بڻجي ڏاهي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون ۽ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطني، سسئي جي جدوجهد ۽ نوري جي محبت جون علامتون اڄ به موجود آهن.
هيءَ ڏيهه جي ڏاهي ڏاڏي دادي ليلان ئي هئي جنهن تعليم کاتي ۾ 58 سالن تائين پنهنجي فرض شناسي سان نڀايو انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني، هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو کين چاهه ۽ چاهت جون چميون ڏئي اهو درس ڏنو ته “علم پرايو، نياڻيون پڙهايو”.
دادي ليلان جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن، جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو الزام ئي نه لڳو، ڪيترين بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون.
هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي ڌرتي جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دان ۽ مان ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبي وئي. هيءَ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي ڇو ته هن پنجن سالن جي معصوم عمر ۾ ڀڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهليءَ ۾ 14 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر 20 ورهين جي هئي، دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀڄن ڳايو هو.
ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي ري
دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ حاصل ڪيو ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن 1940 ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙي مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري لاءِ موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب بڻي.
نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين.
هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي به هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءَ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون.
اڄ ڏاڏيءَ جي ديهانت تي نه رڳي هيرآباد جون ٿڌڙيون هوائون گهٽجي گهٽجي ساهه کڻي ٿڌا شوڪارا ڀريندي ڄامشوري جي چنچل هوائن جي ڳلڙن تان ڳوڙها اُگهي رهيون آهن پر هند توڙي سنڌ ۾ اگني سنسار جي سڳنڌ جو واس وٺي هر ڏيهه ڌڻي اهو چئي ۽ روئي رهيو آهي ته ديس جي دادي به ديهانت ڪري وئي.



دادي ليلاوتي هرچنداڻي
سندس وڇوڙو
تاج جويو
سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، 20 ڊسمبر 1916ع تي جنم ورتو. داديءَ جو والد حيدرآباد جو هڪ معزز شخص هو، جيڪو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو ائڊوائيزر به رهي چڪو هو. داديءَ وارا پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ۽ ڇهه ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائر داديءَ کان وڏا هئا. داديءَ جو سڀ کان وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ’بولچند هوتچند واڌواڻي‘ بصري (بغداد) ۾ پرئڪٽس ڪندو هو، جتي هُو 20 سال رهيو ۽ 1950ع ۾ وفات ڪيائين. داديءَ جو ٻيو ڀاءُ تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، 4 جون 1906ع ۾ ڄائو، بي.اي، ايل.ايل.بي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پهرين مختيارڪار ۽ بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪيائين ۽ سندس شمار ڪرمنل ڪيسن جي حوالي سان، سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. تيرٿداس صوفي منش هو، شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. هن شاهه لطيف جي زندگيءَ پيغام ۽ شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا.
داديءَ جو ٽيون ڀاءُ سهجرام واڌواڻي پڻ وڪيل هو، گڏوگڏ هُو حيدرآباد شهر جو مشهور ’ميوزڪ ڊائريڪٽر‘ هو. شهر جي اڪثر دَرسگاهن ۽ مکيه فنڪشنن ۾ موسيقيءَ جا اسم سندس نگرانيءَ ۽ هدايتن هيٺ ترتيب ڏنا ويندا هئا. سندس چوٿون ڀاءُ لالچند واڌواڻي، پهريون سنڌي هو، جيڪو 1935ع ۾، آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ، والده جي وفات جي صدمي هيٺ، انجنيئرنگ جي چوٿين سال جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران 1937ع ۾ اُتي ئي گذاري ويو. داديءَ جي ٻن ننڍن ڀائرن مان هڪڙو ڀيرومل واڌواڻي واپاري هو ۽ ٻيو دولترام واڌواڻي، ڪالٽيڪس (Caltex) ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هو. سندس والد 1953ع ۾ وفات ڪئي.
دادي ليلاوتيءَ جو خاندان سُکيو ستابو ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو هو. اُن زماني ۾ کين پنهنجي موٽرڪار ۽ هيرآباد ۾ ٽي جايون هيون، جيڪي داديءَ کي ماءُ، 1937ع ۾ حوالي ڪيون. سندس والده عامل خاندان مان هئي، هن مختصر تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اخبار پڙهي ويندي هئي. دادي ليلا جي خاندان کي راڳ ڳائڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي. سندس اَمڙ مٺي آواز ۾ شبد ۽ لوليون ڳائيندي هئي. سندس والد جو آواز به ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اُتـي ڳائيندو به هو.
دادي ليلا، گُلي ٻائي پرائمري اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇهه درجا پڙهيا ۽ ساڳئي ئي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل ڏنائين. 1935ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (جيڪو هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول سڏجي ٿو) مان مئٽرڪ ڪيائين. هن 1940ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي.
دادي لـيلاوتي، 1940ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مـوسيقيءَ جي استاد مقرر ٿي. هن پوسٽ لاءِ داديءَ کان جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ٻين ستن عالمن لاڳيتو ست ڏينهن ڌار ڌار انٽرويو ورتو. دادي ليلا، 35 روپيا ماهوار پگهار تي ’ميوزڪ ٽيچر‘ مقرر ٿي. هوءَ نياڻين کي دلي لڳاءَ، پيارَ، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان راڳ سيکاريندي هئي. داديءَ کي راڳ جي سکيا لاءِ هڪ پاسيرو ڪلاس ڏنو ويو هو، باوجود اُن جي ڪيتريون ڇوڪريون پاڻيءَ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن بهاني سان نٽائي، اچي سندس ’راڳ جي ڪلاس‘ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هن نياڻين کي وطن دوستيءَ، تعليم ۽ هُنر جي اهميت وارا ڪيترا گيت ۽ نظم سيکاريا. اُن زماني ۾ حيدرآباد کي تعليمي لحاظ کان ڪراچيءَ کان به وڌيڪ اهميت حاصل هئي. ممبئيءَ جي گورنر مسٽر موڊيءَ جي بيگم، جڏهن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هڪ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ داديءَ ۽ سندس تيار ڪيل شاگردياڻين کان راڳ ٻڌائين ته ايڏو ته خوش ٿي، جو ڪاليج جي ’وزيٽرس بُڪ‘ تي داديءَ جي ساراهه ۾ هڪ ڀرپور نوٽ لکيائين.
دادي ليلا ’ميوزڪ ٽيچر‘ طور وڏي عزت ۽ مانُ ماڻيو. داديءَ جو ڀاءُ سهجرام ميوزڪ ڊائريڪٽر، ڪاليج جي پروگرامن ۾ سندس وڏي مدد ڪندو هو. ڪاليج ۾ ڊراما ٿيندا هئا، ان لاءِ به دادي راڳَ تيار ڪرائيندي هئي ۽ سڄي شهر جا ناميارا شهري هنن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. دادي 1947ع تائين حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزڪ ٽيچر واري ملازمت دوران يا ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هن سنڌي نياڻين کي شاهه، سچل سرمست، سامي، ٽي. ايل واسواڻي ’نوري‘، قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ، کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا.
دادي ليلاوتيءَ کي موسيقيءَ ۽ راڳ سان دلچسپي گهرَ کان ئي ورثي ۾ ملي. داديءَ چئن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ستن ورهين جي عمر ۾ پرائمري پهرئين درجي ۾ هارمونيم تي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پرارٿنا جا گيت ڳائيندي هئي. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ سندس واسطو سنڌ جي عظيم سنت، صوفي ۽ شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ سان پيو، جنهن کي سچو گُرو ۽ سنت ڪري مڃيندي هئي. ساڌو واسواڻيءَ سندس سِرَ تي شفقت جو هٿُ رکيو. کيس هندستان جي ’عظيم موسيقار‘ (King of Musicians) ’وشنو ڊگمبر‘ جي به آسيس حاصل رهي. دادي ليلا هر آچر تي ٿياسافيڪل لاج (بيسنت هال، حيدرآباد) ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ ويندي هئي. هن ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. جڏهن هوءَ انٽر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن 1936ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ’آل انڊيا ميوزڪ ڪامپيٽيشن‘ ٿي، جنهن ۾ سڄي هندستان جي 20 ورهيه ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هن مقابلي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي مختلف شهرن- بڙودا، بيڪانير، نينيتال، ڪلڪتي، دهليءَ وغيره مان 14 ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. داديءَ اُن موقعي تي ميران ٻائيءَ جو مشهور ڀڄن ’ميرا تو گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي وي‘، ڪلاسيڪي انداز ۽ رنگ ۾ ڳائي پهريون نمبر حاصل ڪيو.
برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرلس اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ اڪثر هندو سنڌي ماسترياڻيون، حالتن جو شڪار ٿي هندستان لڏي ويون، ته داديءَ کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکڻ سان گڏ ’ليڊي سپرنٽيڊنٽ‘ جي جاءِ ڏني وئي. هن وطن مان بي وطن ٿيڻ نه قبوليو ۽ سنڌ ۾ رهي، نياڻين جي تعليمي خدمت ڪئي. اُستاد بنجڻ کان پوءِ سندس ’ڪئريئر‘ (Career) ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهڻ وارا ئي نه رهيا هئا ۽ عام ماڻهن ڳائڻ کي عزت واري نگاهه سان نه ٿي ڏٺو.
داديءَ 1951ع ۾ ڪراچيءَ مان بي. ٽيءَ (B.T) جو امتحان ڏنو ۽ 1954ع ۾ سندس هيڊمسٽريس طور ترقي ٿي. هوءَ ساڍا ٽي سال گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هيڊماسترياڻي رهي ۽ هن گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص کي وڏي اوج تي رسايو. ميرپورخاص ۾ هر اُهو خاندانُ داديءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن خاندان جون نياڻيون سندس اسڪول ۾ تعليم پرائينديون هيون. هن تعليمَ سان گڏ نياڻين ۾ موسيقيءَ، ڊرامن، تقريري مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو وڏو چاهه پيدا ڪيو. جڏهن 1957ع ۾ داديءَ کي ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال بنايو ويو.
دادي ليلاوتيءَ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. 1958ع ۾ داديءَ جي امريڪا جي اسڪالرشپ منظور ٿي، کيس ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏو هو، ڪافي خرچ به ڪيائين، پر کيس آمريڪا جي ويزا نه ملي ۽ سندس اسڪالرشپ رد ٿي وئي، جنهن جو ڏک کيس آخري وقت تائين رهيو.
1958ع جي آخر ۾ داديءَ جي ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس طور ترقي ٿي ۽ سندس هٿ هيٺ پنج ضلعا: حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو، سانگهڙ ۽ ٺٽو ڏنا ويا. داديءَ کي 1964ع ۾ ڪلاس ون ۾ ترقي ڏئي انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس سنڌ بنايو ويو، جتي 1972ع تائين ان عهدي تي رهي. هن عورتن جي تعليم ۾ وڏا سڌارا آندا. 1972ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرس (D.E.Os) جون پوسٽون مقرر ٿيون ته ٻين سمورن ضلعن لاءِ هڪ هڪ D.E.O مقرر ڪيو ويو، پر داديءَ کي D.E.O مقرر ڪري، کيس ٽي ضلعا (حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين) ڏنا ويا، ان مان سندس انتظامي ۽ تعليمي صلاحيتن ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان عرصي دوران ائڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس جي چارج به وٽس رهي. هن هر پوسٽ کي چئلينج سمجهي نڀايو. ايمانداري، محنت ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو. داديءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ ۾ ٽَڪو به رشوت نه ورتي وئي. هن آفيس جي ڪلارڪن تي ڪرڙي نظر رکي، منجهن بچت جو مادو پيدا ڪيو، ايتريقدر جو ڪلارڪن جي زالن کي جڏهن مُڙسن جا پگهار پورا مليا ته داديءَ وٽ اچي کيس دعائون ڏنائون. داديءَ ماسترياڻين کي سهوليتن وارا اسڪول ۽ رعايتون ڏنيون. سرڪاري گرانٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ الاٽمينٽ دوران بچت ڪري ڪيتريون رٿائون مڪمل ڪرايون.  داديءَ تعليم کاتي مان جولاءِ 1975ع ۾، 58 سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو.
دادي ليلا پنهنجي زندگيءَ ۾ 1981ع کان 1991ع واري دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي ڪارگر ۽ مثالي دور سڏيندي هئي. رٽائرمينٽ کان پوءِ واري هن عرصي ۾ دادي ليلاوتيءَ، يونيسيف ۽ بيورو آف ڪريڪيولم، ڄام شوري جي سهڪار سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ’ڪميونٽي سينٽر‘ قائم ڪرايا، جن ۾ اڄ ڇوڪرين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن.
داديءَ، ٻهراڙي جي هن سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم ۽ هنر لا ءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. هن سچي ۽ اصلي سنڌ اُن دور ۾ ئي ڏٺي. هوءَ پنڌ، ڍڳي گاڏين، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهتي. هن هڪ سڌارڪ (Reformer) جو ڪردار ڪري عورتن کي سماجي حقن جي آگاهي ڏني، کين وهمن، ڀرمن، وسوسن ۽ سَنسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهن تعليم جي شعور سان گڏ هُنرن لاءِ دلچسپي ۽ گهرداريءَ جي ساڃاهه پيدا ڪئي. هوءَ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڳوٺن ۾ پهچـنـدي هـئي. عـورتـون، داديءَ کـي رحـمـت جـو فـرشـتو سمجهـنديون هـيـون.
هن انهي عرصي ۾ عورتن جي اهميت، تعليم ۽ هنرن بابت ڪيترا راڳ تيار ڪرايا، جيڪي کين ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ سندن همت وڌائيندي هئي. ’اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي‘ ۽ ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ جهڙا گيتَ داديءَ ته ان ئي عرصي ۾ لکيا ۽ ڳاتا.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اي سنڌوءَ جي سگهڙ نياڻي،
تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي،
تون ته ناز و ادا کان نياري،
تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي.
پهرين اپريل 1981ع تي سنڌ ۾ پهرين ’عورت ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ داديءَ پنهنجي ٽيم سان ان جو مُکيه گيت (Theme Song) تيار ڪري ڳايو، جنهن جا ٻول هئا:
’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘
دادي ليلاوتي اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا.
داديءَ کي هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، جنهن جو ڪوڏاڻو نالو ’چاند‘ آهي. سندس نُنهن ’ڊاڪٽر ڪُسم پرديپ‘ به ڊاڪٽر آهي ۽ کين ٻه ٻار آهن. تازو ڪجهه سال اڳ اسپتال ڀيڙي ٿي، جڏهن روڊ حادثي ۾ کيس ڌڪ لڳا هئا، نه ته جسماني بيماري، مٿي جي سور ۽ بخار ۾ به ڪڏهن مبتلا نه رهي، اُن جو سبب دادي جو صحت جي نيمن جو پالن ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ جو طور طريقو هو. دادي ليلاوتيءَ کي صدارتي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ مليا.
دادي ليلاونتي 13 سيپٽمبر جي رات جو لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس اعليٰ خدمتن تي کيس صدين تائين سنڌ ياد رکندي.



هڪڙي هئي هيرآباد جي دادي ليلان
امداد سومرو
ڏهاڪو کن سال اڳ هن وٽ ڪهي وڃڻ کانپوءِ سوچيم پئي ته هن وٽ ڪڏهن هيرآباد مان گذرندي طبع پرسيءَ لاءِ وڃان تان جو موت جو گهوڙو بنا رڪاب جي آيو ۽ هن کي کڻي ويو. هڪ صديءَ جي عمر رکندڙ دادي ليلان جو موت شخصيت کان وڌيڪ سنڌ جي هڪ صديءَ جو موت آهي. دادي ليلان جيڪڏهن واقعي به سنجيدگيءَ سان يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب لکي ها ته اهو سنڌ جي هڪ صديءَ جي تاريخ هجي ها جنهن ۾ ٻين ڪتابن جا حوالا نه پر پنهنجا اکين ڏٺا مشاهدا هجن ها. ننڍڙي سان فرانسيسڪو جهڙو شهر ڪيئن لٽيرن جي ور چڙهيو، اهو دادي ليلان کان وڌيڪ ڪير پئي ڄاڻي سگهيو.
حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ سنڌ جي ڪنهن دور جي ناليواري تعليمدان، ايجوڪيشن شعبي جي ڊائريڪٽر، صوفي شاعره ۽ ڪنهن وقت جي سرگرم خاتون پارليامينٽرين دادي ليلان جو گذريل رات ديهانت ٿي ويو. هوءَ عظيم صوفي دانشور ۽ شاعر ساڌو واسواڻي جي مريدياڻي ۽ شاگردياڻي هئي. شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ سان عشق هن کي ساڌو واسواڻي کان مليو. هوءَ عمر جي آخري گهڙي تائين ٽن شين کي وساري نه سگهي جن ۾ شاهه لطيف، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساڌو واسواڻي شامل آهن.
102 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪندڙ دادي ليلان ورهاڱي جي ڏک ۽ تڪليفن کي اکين سان ڏٺو. لڏپلاڻ دوران هنن ڪيترن ئي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن کي ڏٺو جيڪي هن جي ذهن تي نقش ٿي ويا پر ان باوجود هن ڌرتي ۽ پنهنجي هيرآباد کي نه ڇڏيو.
هيرآباد ۾ هن جو گهر به ساڌو واسواڻي جي گهر ڀرسان آهي. هيرآباد ۾ اهو پپر جو وڻ اڃا به موجود آهي جتي ساڌو واسواڻي جو گهر هو. شايد اڃا به هن جي گهر جي لڪڙيءَ جي بالڪوني جابجا موجود هجي. دادي ليلان جو گهر ساڌو واسواڻيءَ جي گهر ۽ ميران اسڪول ۽ ليڊيز ڪلب هيرآباد جي وچ تي آهي. وچ هيرآباد ۾ دادي ليلان جو گهر هو جتي هن جي پونئيرن گهر سان گڏ ڪلينڪ پڻ کولي هئي. وڏي ڳالهه ته ان هڪ صديءَ جي گهر ۾ ڪا به تعميراتي تبديلي نه ڪئي وئي هئي ۽ اهو گهر اڄ به ساڳي ريت جڙيل آهي ۽ موجود آهي.
مون کي 1998ع جي هڪ شام جو داديءَ ٻڌايو هو ته هن ليڊيز ڪلب هيرآباد ۾ راڳ رقص جي سکيا ورتي هئي جيڪو ان وقت اليٽ هندن جي عورتن جو ڪلب هوندو هو. ان ڪلب ۾ ڪلڪتي جا ڪٿڪ ڊانس ماسٽر ڇوڪرين کي ڪٿڪ سيکاريندا هئا ۽ ٻيو راڳ جي سکيا ڏيندا هئا. اهو ڪلب پوءِ بلڊر مافيا جي قبضي کان ذري گهٽ بچيو هو. اتي هاڻ هڪ اسڪول هلي ٿو بس. ان جي ئي ڀر ۾ ميران اسڪول آهي. شاندار ڳاڙهسري عمارت… پر جيئن ورهاڱي کانپوءِ هر شيءِ جا نالا مٽايا ويا ميران اسڪول جو نالو بدلائي ان کي مسلمان ڪيو ويو. جسم سان گڏ روح به بدلجي ويا. مون کي ڪي سال اڳ ان عمارت جي ورانڊي ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي تصوير نظر آئي هئي، پتو ناهي ته اڄ اها تصوير اتي موجود به آهي الائي نه.
دادي ليلان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهي ۽ ان وقت به جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڪرڻ جا ڪيئي طريقا آزمايا ويا. دادي ليلان جڏهن عزيزن وٽ ڀارت ويندي هئي ته اتي سنڌي هندن جي نئين نسل کي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا توڻي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪندي رهندي هئي. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڀلي ٻين ٻولين تي دسترس هجي پر منهنجي ماءُ ٻولي رڳو سنڌي آهي.
هوءَ صوفي مزاج اسڪالر هئي ۽ ڪنهن لاءِ به ڀيد ڀاو نه رکندڙ نسل جي نمائنده خاتون هئي. اها ٽهي هاڻ اسان وٽان تيزيءَ سان گم ٿي وئي آهي. دادي ليلان سنڌ سان گڏ پنهنجي شهر حيدرآباد جي عروج ۽ زوال جي پڻ اکين ڏٺي شاهد هئي ته ڪيئن هيءُ شهر اجاڙيو ويو. هوءَ هيرآباد جي جن گلاب ڌوتل رستن تي گهمي هئي اتي پوءِ لڏپلاڻ وقت فسادن دوران رت وهندي پڻ ڏٺو. ڪيئن سنڌي هندن جي گهرن تي راتين جو راتاها لڳندا هئا ۽ ڪيئن خوف شهر تي ڇانيل رهندو هو، هن اهي سڀ وارتائون پاڻ ڏٺيون هيون.
هوءَ سنڌي، هندي ۽ انگريزي شاعريءَ تي هڪ جيترو عبور رکندي هئي پر هن جو لاڙو گهڻو تڻو سنڌي شاعري طرف هو. هوءَ ساڌو واسواڻي جا ڀڄن به دل سان ڳائيندي هئي. جڏهن سندس طبعيت اڃا چڱي هئي تڏهن شام جو هن جي گهر مان رستي ويندڙن کي هارمونيم جي سرن تي ڀڄن ٻڌندي ملندا هئا. هوءَ شاهه لطيف جا تقريبن سر خاص ڪري سر مارئي ڏاڍي اڪير سان ڳائيندي هئي.
دادي ليلان وڏي تعليمدان هئي. ان دور ۾ جڏهن عورت تعليم جو ڪلچر بنهه نه هجڻ برابر هو تڏهن هن نه رڳو اعليٰ تعليم حاصل ڪئي پر پوءِ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪري خاص ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. دادي ليلان درسي ڪتاب پڻ لکيا ته شاعري جا پڻ ڪتاب لکيا.
ڪيئي سال اڳ مان هن جي گهر ڪهي ويو هوس ته هن منهنجي خاطر تواضع پاپڙن ۽ چانهه سان گڏ ساڌو واسواڻي جي انگريزيءَ ۾ لکيل شاعري، شاهه لطيف جي سر مارئي جي انگريزي ترجمي سان ڪئي هئي. هن ان شام جو لوڪ گيت به ته ڳاتا هئا ۽ هارمونيم پڻ. ڪي سال لنگهي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مان تڏهن وٽس لنگهي ويو هوس جڏهن هڪ ٽي وي چئنل لاءِ ميران اسڪول تي ڊاڪيومينٽري پئي ڪيم. هوءَ تڏهن به ساڳي اڪير سان ملي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به عظيم صوفي دانشور ساڌو واسواڻي ۽ شاهه لطيف کي ياد ڪري رني هئي. هن ان ڏينهن به هارمونيم کنيو ۽ ڪجهه ڳائڻ لڳي هئي. هوءَ ان ڏيهاڙي به رني هئي. (شايد آخر ۾ زندگيءَ جي ميڙي چونڊي پوءِ بس ڳوڙهن جي صورت ۾ بچي ٿي).
دادي ليلان رٽائرمينٽ کانپوءِ وارا زندگيءَ جا باقي 42 سال به ساڳي دل سان انهن ئي آدرشن سان جيئندي رهي جيڪي هن جي مرشد ۽ استاد ساڌو واسواڻي کيس امانت طور سونپيا هئا. هن وٽ ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ جون ڪيئي ڳالهيون، مشاهدا ۽ ساروڻيون هيون جيڪي هوءَ پاڻ سان گڏ کڻي قديمي مساڻ ڀيڙي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا هن جي سهري تي وڃي ٿي سا آهي ته هن پنهنجي جنم ڀومي، شهر ۽ پاڙي کي نه ڇڏيو. هن ويندي گهر ۾ مرمتي تبديلي به ڪرڻ نه ڏني ڇو ته ان ئي گهر ۾ هن ننڍپڻ گذاريو هو ته جواني ۽ پيرسني به. هن جو ديهانت سنڌ جي هڪ صديءَ جي جيئري جاڳندي تاريخ جو نقصان آهي.
هيرآباد ۾ جيڪي هاڻ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا قديم گهر بچيا آهن انهن ۾ دادي ليلان جو گهر سرفهرست آهي. ”مان ان وقت اسڪول ۾ پڙهندي هيس. سهميل هيس. رات جو گهرن ۾ لٽيرا اچي هندن کان گهر خالي ڪرائيندا هئا يا پئسو زيور ڦريندا هئا“، هن مون کي ٻڌايو هو:”مان هنن کان نه ڄندي هيس ۽ دروازو بند ڪري ويٺل هوندي هيس ته جي ڪو ڦورو آيو ته گهٽ نه ڪنديمانس“. اهو چئي هوءُ ٻارن وانگر پنهنجي کل روڪي نه سگهي هئي.

هوءَ ڄڻ گارشيا مارڪئيز جي ناولن جهڙي دادي هئي جنهن وٽ قصن ڪهاڻين جي املهه ميراث کانسوا پونئيرن لاءِ ڪو نه هو. اها املهه ميراث ئي ڪنهن به ماڻهو، ڪنهن به ڌرتيءَ ۽ نسل جي اصل ميراث هوندي هئي. ڪتابن ۾ ڪجهه به محفوظ هجي، پر اصل تاريخ سينا به سينا منتقل ٿيندي رهي ٿي. ٽيليڪميونيڪيشن جي هن ايج ۾ ان جي سارسنڀال ڪير ٿو لهي! ان ڪري دادي ليلان گهڻو تڻو اسان جي سماج ۾ اڻ ڳاتي رهجي وئي. ايئن ٿيڻ نه گهربو هو.






دادِي لِيلاوتي هرچنداڻي
حيدرآباد جي ھير
محمود مغل
دادِي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ جهانُ ڇڏيو. علم و ادب جو هڪ استعارو، موسيقي، سِکيا، جاڳرتا، ماڻهپي ۽ سوچ جو هڪ چوکو رنگُ، اجل جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو. دادي وڃي چڪي آهي. هڪ طويل ساٿُ رهيو داديءَ سان. ڊسمبر 1993ع ۾ ڪيل سندن ٽيليوزن انٽرويوءَ کان جو سلسلو شروع ٿيو، ته ڄڻ فقير گهرڀاتي بڻجي ويو ۽ 24 سال اها نسبت قائم رهي. جيتوڻيڪ ميل ملاقات جو جهانُ ڪو گهڻو آباد نه رهيو، پر بهرحال اهو ڏَڍُ ته ”دادي آهي“، هن پاڙي ۾ سندس خوشبو وسي ٿي، جِيءَ ۾ جايون جوڙيندڙ هو. هيرآباد، هيرآباد لڳندي هئي. دادي جو اتي رهندي هئي. اُن هيرآباد سان سندس جِيءُ جَڙيل هو. داديءَ سڄي عمر اُتي ڏني ۽ آخري پساهه به اتي پورا ڪيائين. کيس پنهنجي وچن کي نڀائڻ جو ڏانءُ هو. 20 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد شهر ۾ چيف اڪائونٽنٽ هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر هڪ نياڻيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو لِيلاوتي رکيو ويو. تعليمي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن نياڻيءَ بنهه ننڍپڻ کان ڪتابي علمَ ۽ علمِ موسيقيءَ سان ساهه سانڍيو. 8 سالن جي عمر کان هن هارمونيم وڄائڻ شروع ڪيو ۽ باقاعده راڳ جي سکيا به حاصل ڪيائين. سندس گهر ۾ خوش گُلُو فردن جو انگُ وڌيڪ هيو. هُوءَ پاڻ به ڳائيندي هئي ۽ ٻين سان موسيقيءَ جي حوالي سان شراڪت به ڄڻ سندس اندر جو حصو هو. 1940ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سُتت ئي کيس پنهنجي حياتيءَ جي پهرين سرڪاري نوڪري ملي هئي ۽ هُن ”ميوزڪ ٽيچر“ جي حيثيت سان پنهنجي عملي حياتيءَ جو آغاز ڪيو.
”منهنجو آواز ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو سٺو هو.“ ڊسمبر 1993ع ۾، پاڪستان ٽيليوزن جي پروگرام ’اڄ جو مهمان‘ ۾ هن فقير کي انٽرويو ڏيندي هُن ٻُڌايو هو، ”پر پوءِ مون کي سُتت ئي لڳو ته ماڻهو ڳائڻ کي سُٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڳائڻو يا ڳائڻي ٿا سڏين. مون کي ٿيڻو هو استاد...هاڻي چوڻ ته اها ڳائڻي استاد آهي...سو اها ڳالهه مون کي نه وڻي، پر پوءِ مون ڳائڻ وري به ڪونه ڇڏيو. نجي محفلن ۾ ڳائيندي هئس. جنهن زماني ۾ بِي ٽِي ڪندي هئس، تنهن زماني ۾، ريڊيو تي منهنجا مهيني ۾ 4 پروگرام هوندا هئا ۽ تنهن کان سواءِ ”هِز ماسٽرس وائيس ڪمپنيءَ“ منهنجا چار لانگ پلي رڪارڊز به ٺاهيا هئا.“ اسڪرين تي سندس مُشڪ ۽ نيڻن جي جرڪَ موهيندڙ آهي. مان انٽرويوءَ کي ٽرانسڪرائب ڪندي، سندس وجود جي مهڪ محسوس ڪيان ٿو. ”مون اسڪولن ۾ ته انگلش ۽ مئٿاميٽڪس تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين ۾ انهن سبجيڪٽن کي سمجهڻ جي ڏاڍي ڪمزوري هئي ۽ انسپيڪٽريس آف اسڪولس جي حيثيت سان سڄيءَ سنڌ جا دورا ڪيم ۽ انهن سبجيڪٽن تي زور ڏنم. مان ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس، اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر به رهيس. مٿان وري مون تعليمِ بالغان تي به وڏو زور رکيو.“
ڀيروي، مالڪوس، آساوري ۽ ڀيم پلاسي پسند ڪندڙ دادي، اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ دعا ۽ تراني ڳائڻ ۾ هارمونيم پاڻ وڄائيندي هئي. هُوءَ ڪهاڻيڪاره، شاعره، نثر نگار ۽ اعليٰ درجي جي منتظم هئي. کيس عورتن بابت بيحد ڳڻتي هوندي هئي ۽ اهڙو اظهار، سندس سِٽُن ۾ به واضح نظر اچي ٿو.
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري
تنهنجي رَڌَپچاءَ ۾ رَسُ آ، تنهنجي ڏوئيءَ ۾ ڪيڏو نه ڏسُ آ
تنهنجي چانوَرَ جي چِلڙَي ۾ چَسُ آ، تنهنجي پَلَي ۽ آنِيءَ جي آس آ
تنهنجي جَوئر جي ڍوڍَي ۾ جَسُ آ، تنهن هوندي به مُنهن ڇو لٿل آ
تنهنجي سَيبَي ۽ ٽوپَي ۾ سونهَن آ، تنهنجي ڀرتَ ۽ گجَ ۾ ڪشِش آ
تنهنجي سڳيُن ۽ سُوسيُن ۾ سهاڳُ آ، تنهنجي اجرڪَ ۽ ٽوپيءَ ۾ شان آ
اَي سنڌُ جي سُگهڙَ سياڻي، تون ته ڏاڍي آهين مون کي پياري
دادي لِيلان، پنهنجي زماني جي هڪ سخت منتظم ليکي ويندي هئي. اهو زمانو هو جڏهن تعليم جي ميدان ۾ دادي لِيلان، آپا شمس عباسي، محترمه حميده حيدر جهڙين خواتين جا نالا، سروس بورڊس تي چمڪندا هئا ۽ ملاقاتين جو جهڙو ساهُه سُڪي ويندو هو. ”هئس سخت...بلڪل هئس“ هُوءَ مرڪي ٿي، ”ٿيڻو پوي ٿو دادا...نياڻين جو معاملو آ...ڳوٺن ۾ آرڊر ڏيڻ کان پهرين، ڇوڪريءَ جي ماءُ کان پڇندي هئس، ته تون ويندينئس گڏ؟...اتي رهندينءَ؟ پوءِ ان کان پڪ ڪري ٻنهي کي گڏ موڪليندي هئس. ڪانٽيجنسيءَ مان اهڙو ڪو انتظام ڪندي هئس، جو تقريبن هڪ پٽيواليءَ جيترو پگهار ارينج ٿي سگهي. ان جو بندوبست ماءُ لاءِ ڪندي هئس، پر ٻُڌائيندي نه هئس. متان هُوءَ پاڻ کي انفيرئر سمجهي ته ڌيءَ ماسترياڻي، مان پٽيوالي...پر اک سڀني تي ڪَرڙِي رکندي هئس.“ دادِي، 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر رهي ۽ اتي به سندس آواز سدائين جيان بلند رهيو. ”مون جيڪِي به مدد ڪئي، جيڪا به نوڪري ڏنم، اهو حال سارُو ڪيم. جنهن جو حال اڀرو رهيو، مون ان جو هٿُ ڪڏهن نه ڇڏيو.“
”توهان جي خيال ۾ دادِي اسان جي تعليم ترقي ڪئي آهي يا تنزل جو شڪار آهي؟“ منهنجي سوال تي، هيل تائين ڪڙڪي سان ڳالهائيندڙ دادِيءَ جو ڪنڌ جُهڪي ٿو، سندس چهري تي عجيب لڄ اچي ٿي. شرمساري واضح طور پڙهي سگهجي ٿي. هُوءَ جهيڻي آواز ۾ وراڻي ٿي، ”دادا...ترقي نه ڪئي آ...“ تعليم کي پنهنجي حياتيءَ جي اڌ صدي ارپيندڙ مهربان وجود تقريبن 24 سال اڳ به اها ورندي ڏئي ٿو ۽ شايد اها ئي سوچ هئي، جو انٽرويوءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پيغام ڏيندي هُن چيو هو، ”مالڪ شل مهربان ٿئي...بس سڀ پاڻ سان سچا ٿين...بس، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم سان سچا ٿين.“ سندس لهجي جي اُڪير، دعا جي طلب ۽ ايندڙ وقت ۾ آسرو صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خميس 14 سيپٽمبر 2017ع تي حيدرآباد شهر سان بيپناهه محبت ڪندڙ دادي لِيلاوتي هرچنداڻيءَ کي هتي ئي اگني سنسڪار جو موقعو مليو. هن سڄي عمر هن شهر سان والهانه محبت ڪئي هئي ۽ جنهن گهر ۾ پرڻجي آئي هئي، اُتان ئي سدائين لاءِ رخصت ٿي.

دادِي، اهو ڊاڪٽر چاند هجي...اوهان جو رَتَ ڄائو يا ڀاڀي ڪُسم، اوهان جي نُنهن...اوهان جا پوٽا پوٽيون هجن يا اسين سڀ...اوهان جي محبت، عنايت، سِڪَ ۽ اُڪيرَ ۽ اسان سڀني لاءِ علم، حلم، سٺي حياتي گذارڻ ۽ سٺي ڪردار لاءِ سوچڻ تي اوهان جا ٿورا ادا ڪيون ٿا. ذاتي حوالي سان هڪ ڀيرو ڪچهري ڪندي هُن چيو هو، ”هيرآباد ۾ منهنجو رڳو بُت ناهي، ساهُه به آهي. اهي رڳو لفظَ ناهن ڇوڪرا، منهنجي اندر ۾ هيرآباد جي هِيرَ هُري ٿي. مان نه هونديَس ته اها پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي.“ هاڻي جڏهن هُوءَ پنهنجي سفر تي رواني ٿي وئي آهي ته هيرآباد جي هيرَ، ڪنهن کان به ڪجهه پُڇڻ نٿي چاهي. کيس خبر آهي ته جوابَ قدردانن وٽان ئي ملندا آهن ۽ دادِي لِيلان جهڙو قدردان هرڪو ناهي هوندو.


جهالت جو جِنُ ۽ ليلاوتي
وسعت الله خان
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ شهر جي وصف اها هئي ته ايترا خيراتي شفاخانا ۽ تعليمي ادارا هجن جو ڪنهن کي مايوس ٿي نه موٽڻو پئي. ان ڪم لاءِ سرڪار جو انتظار نه ڪيو وڃي پر جنهن وٽ به درد رکندڙ دل ۽ پئسا هجن، اڳتي اچي ته جيئن ٻيا به ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن.
ان وصف تي ٽي چار شهر ئي پورو لهندا هئا. شڪارپور جتي راءِ بهادر اڌاداس تاراچند اسپتال سڀني لاءِ هئي. عاجزيءَ جي حد اها هئي جو راءِ بهادر اسپتال جي ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو اهڙي نموني لکرايو ته جيئن ان تي پير ڏيڻ بنا اسپتال ۾ داخل ٿي نه سگهجي. عورتن لاءِ هيرانند گنگا ٻائي ليڊيز اسپتال الڳ هئي، سنڌ ۾ ڇوڪرين لاءِ پهريون ايشوريا گرلز هاءِ اسڪول، قاضي محلا (نادر وارو) بوائز اسڪول ۽ پهريون ڪاليج چيلا سنگهه سيتل داس جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم ٿيو.
سٺ سيڪڙو شڪارپوري مسلمانن ۽ چاليهه سيڪڙو هندن لاءِ، هي سڀئي فلاحي ادارا، ڀائي بند واپاري هندن ان دور ۾ قائم ڪيا. جڏهن شڪارپورين سوشل ريسپانسبلٽي جو اصطلاح اڃا ايجاد ئي نه ٿيو هو.
اهو حال ڪراچيءَ جو به هو، جتي هندو ۽ پارسي سرنديءَ وارن، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون، ان جذبي سان قائم ڪيون. حيدرآباد ۾ اهو ئي ڪم عامل هندو ڪميونٽيءَ ڪيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان اڪثريت ۾ هئا پر فلاحي ڪمن ۾ غيرمسلم اڳتي هئا. اهم ڪارڻ هي هئا ته اڪثر مسلمان آبادي، ٻهراڙي ۽ غيرمسلم آبادي شهري هئي. واپاري شهري ملازمتن جي حوالي سان پئسو ۽ خواندگيءَ جي وڌيڪ شرح هئڻ سبب، مسئلن ۽ انهن جي حل تي سندن وڌيڪ ڌيان هو. فضول خرچي ۽ ڏيکاءَ کان بچندي ڪميونٽيءَ جا وڏا، پنهنجي ٻارڙن جي تربيت به اجتماعي بهتريءَ واري سوچ سان ڪندا هئا. سو مستقبل ۽ ترقيءَ جي حوالي سان سندن سوچ ۽ نگاهه وڌيڪ عميق هئي.
جيتري تائين مسلمانن جو معاملو آهي ته بعضي بعضي ڪنهن رقم لاءِ، عددي اڪثريت مان حاصل ٿيندڙ تحفظ جو احساس به پنهنجن يا ٻين لاءِ پري ڊگهي سوچ واري رفتار به سست ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جي وري سياسي طاقت به پاڻ وٽ هئڻ جو احساس هجي ته حساسيت ويتر گهٽ ٿيو وڃي ٿي. ڪجهه ڪسر وري اهي ملا حضرات به پوري ڪندا رهيا آهن، جيڪي حالتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ بنا، مسلمانن کي ٻڌائيندا رهيا ته تعليم بس ايتري ئي ڪافي آهي جو قرآن پاڪ پڙهي سگهجي ۽ دنيا ته بس عارضي آهي، اصل سيڙپ ته آخرت لاءِ آهي. تعليم خاص ڪري عورتن لاءِ نظريو هي هو ته جي ڇوڪرين کي اسڪول موڪليندا ته انهن ۾ اخلاقي خرابيون پيدا ٿينديون. پر اهي شايد اهو ٻڌائڻ وساري ويٺا ته اسلام ۾ انسانيت جي فلاح، صحت ۽ صفائي گهٽ حيثيت ۽ مستحقن جو خيال رکڻ تي ڪيترو نه زور ڀريو ويو آهي. ڇو جو دنيا سنوارڻ بنا عاقبت نه ٿي سڌري سگهي.
سو جن مسلمانن کي انسانيت جي فلاح جو پيغام سمجهه ۾ آيو تن ان جو ثبوت به ڏنو، مثال طور ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر جو گرلس اسڪول، ويم گهر ۽ دائي تربيتي مرڪز، حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، خان بهادر محمد صديق جو مدرسة النبات هاءِ اسڪول، سردار بهادر محمد بخش شيخ جو حمايئت الاسلام گرلز اسڪول، ويمن هيلٿ سينٽر، ميٽرنٽي هوم ۽ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام وغيره. ورهاڱي کان اڳ، سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن جي مجموعي سماجي تصوير هي هئي جو غير مسلم شهري برادرين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي هڪ جيترو زور هو ۽ مسلمان برادرين ۾ پراڻن جاگيرداراڻن ۾، قدرن مضبوط هئڻ ڪري، ڇوڪرين جي تعليم تي گهڻو ڌيان نه هو. ڇوڪرين کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو عام طرح ته ڪو تصور ئي ڪين هو.
ان سڄي پس منظر ۾ دادي ليلاوتي واسواڻي سنڌ جو آخري تهذيبي ڪردار آهي، جيڪا چار ڏينهن اڳ هڪ سئو ٻه ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وئي. ليلاوتي ويهه ڊسمبر اڻويهه سئو سورنهن ۾ حيدرآباد جي هڪ آسودي عامل خاندان ديوان هوت چند تيرٿ داس واڌواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪندن مل اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، رواج موجب ڀڄن گائيڪي جي تعليم چئن سالن جي عمر ۾ ئي استاد جوشيءَ کان حاصل ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڇوڪرين لاءِ سرڪاري هاءِ اسڪول جي سهولت ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۽ ميٽرڪ کان مٿي پڙهائي ۽ امتحان جي سهولت صرف ڪراچيءَ ۾ ميسر هئي.
اڻويهه سئو چاليهه ۾ جنهن سليڪشن بورڊ ليلاوتيءَ کي ٽريننگ اسڪول فار ويمن لاءِ موسيقي جي استاد طور چونڊيو، ان ۾ وزير تعليم جي ايم سيد ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ميران محمد شاهه به شامل هئا. زندگي درست نموني هلي رهي هئي جو ستن سالن کان پوءِ ورهاڱي جو شور اٿيو ۽ آر پار لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. ليلاوتي جا ٻئي ڀائر ڀارت لڏي ويا پر ليلاوتي انڪار ڪري ڇڏيو، هن جي گرو ساڌو ٽي ايل واسواڻي سمجهيو ٿي ته نئين ملڪ کي اسان جي ضرورت آهي، هن کي محمد علي جناح جي قيادت تي مڪمل يقين هو. جناح صاحب لاڏاڻو ڪري ويو ته گرو جي ورت رکيو ۽ گيتا جي تلاوت ڪندو رهيو. ٿوري عرصي ۾ ئي حالتون اهڙيون تنگ ٿي ويون جو خود گرو کي به ڪوچُ ڪرڻو پيو. پر هو ليلاوتي کي نصيحت ڪري ويو ته پوري ڪوشش ڪجانءِ ته مٽيءَ سان ڳنڍيل رهين ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي رهين.
ليلاوتي اڻويهه سئو ٻاونجاهه ۾ ڪراچيءَ جي اين جي وي اسڪول مان بيچلر آف ٽيچنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران ريڊيو پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو گلوڪاري به ڪندي رهي. اڻويهه سئو چوونجاهه ۾ سول سرجن تلسي داس هرچنداڻي سان شادي ٿيس، هڪڙو پٽ پرديپ ڪمار اٿس.
جنهن ليلاوتي کي باقي سنڌ ”دادي ليلان“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي تنهن جو آدرشي سفر ميرپور خاص کان شروع ٿيو، جڏهن هوءِ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ٿي. هن ڏٺو ته اسڪول ۾ گهڻو ڪري هندو ڇوڪريون آهن. ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمان خاندانن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏيارين. بقول ليلاوتيءَ جي؛ انهن خاندانن کي سڀ کان وڏو خوف، جنهن تي مان کلندي هيس، هي هو ته جي انهن ڇوڪرين لکڻ پڙهڻ سکي ورتو ته پوءِ اهي لڪي لڪي ڇوڪرن کي پيار جا پتر لکنديون ۽ اڻ پڙهيل والدين کي خبر ئي نه پوندي. پر جنهن جنهن خاندان جو اهو وهم ليلاوتي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، تنهن ليلاوتيءَ جي بي لوثيءَ تي اعتبار ڪندي، پنهنجي ڌيئن کي اسڪول موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن ليلاوتيءَ جي بدلي ٿي ته ان وقت تائين هاءِ اسڪول ۾ پنج سؤ مسلمان ڇوڪريون داخل ٿي چڪيون هيون.
نامياري صحافي ليکڪ ۽ شاعر حسن مجتبيٰ جي هڪ مضمون مطابق هڪ ڳوٺ ۾ جڏهن ليلاوتي وئي ۽ ڪو هوائي جهاز مٿان گذريو، ڪجهه عورتون ڊڄي ويون، جن آيو جن آيو جو شور شروع ٿي ويو. ليلاوتي هڪ نظم لکيو، جنهن جو نچوڙ هي هو ته؛ اي سنڌ جون ڌيئرون! اوهان ايتريون بي جند ۽ نا خواندي ڇو آهيو؟ تعليم حاصل ڪري جهالت جو جن ڇو نه ٿيون ڀڄايو.
هڪ ڀيرو ليلاوتي ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن تي، ريل جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ اڻ پڙهيل عورت، کيس ٽڪيٽ ڏيکاريندي چيو ته ان تي قيمت ڪيتري لکيل آهي؟ ليلاوتي کي خبر پئي ته بڪنگ ڪلارڪ ان عورت کان وڌيڪ پئسا ورتا آهن. سو هن ڪلارڪ کي پوليس جي ڌمڪي ڏني، اضافي پئسا واپس ڪرايا ۽ عورت کي چيو ته جي تون پڙهي سگهين ها ته ائين نه ٿئي ها. پنهنجين نياڻين کي اسڪول موڪل ته جيئن انهن سان ائين نه ٿئي. ليلاوتي ان عورت جي ڳوٺ وئي ۽ هن جي نياڻين کي اسڪول آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ليلاوتي ويمن ٽريننگ ڪاليج جي پرنسيپال رهي. جڏهن انسپيڪٽر آف گرلز اسڪولز جي عهدي تي هئي ته بقول سندس هڪ ڏينهن ميهڙ جو هڪ وڏيرو ڪجهه هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري سندس آفيس ۾ گهڙي آيو ۽ ڌمڪي ڏني ته جي هن سندس علائقي ۾ اسڪول کوليو ته چڱي نه ٿيندئي. مان انهن سڀني کي چيو ته اوهان ايڏو ڊگهو سفر ڪري آيا آهيو، ويهو ٿڌو پاڻي پيئو. ان کان پوءِ مان کين سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ته اهي صرف توهان جون نه هن قوم جون به نياڻيون آهن ۽ اسان کي اڻ پڙهيل ڌيئن جي بار جي نه پر تعليم سان مالامال نسل جي ضروت آهي، جيڪي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري سگهن.
اڻويهه سئو ڇاهٺ ۾ ليلاوتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ٿي وئي، پر واندي ويهڻ واري ڪاٿي هئي. گرلز گائيڊ جي ڊپٽي ڪمشنر طور ڊگهي عرصي تائين تحريڪ جي رهنمائي ڪندي رهي. ڪميونٽي سينٽري ويمن انڊسٽريل هوم هلائيندي رهي. سماجي ڪارڪن طور به همت نه هاريائين. عورتن جي تنظيم ”ناري سڀا“ جاري رکيائين.
هيرآباد ۾ چتربائي جوت سنگهه طرفان عطيي طور ڏنل خانداني زمين تي قائم ليڊيز پارڪ جي زمين هڪ بلڊر طرفان ڦٻائڻ جي ڪوششن خلاف تحريڪ کي منظم ڪيو. اڻويهه سئو پنجاسي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻي. مٿس واحد الزام اسيمبليءَ ۾ اقليتي ميمبرن طرفان هي لڳو ته پنهنجي ڪوٽا جون اڪثر نوڪريون هندو نوجوانن بدران مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيون. ليلاوتي جو جواب هو مسلمانن ۾ بيروزگاري گهڻي آهي ۽ جڏهن عورتون پيرين اگهاڙي پنهنجي اولاد لاءِ نوڪريون گهرڻ اينديون ته مان ڪيئن انڪار ڪنديس.
پڇاڙڪن سالن ۾ يادداشت ڪمزور ٿي وئي هئس، پر هارمونيم تي گرو ٽي ايل واسواڻي ۽ ڀٽائيءَ جو ڪلام روزانو ڳائڻ نه وسريس. تعليم جي شعبي ۾ وڌندڙ ڪرپشن کيس ڏکي ڪري وڌو. چوندي هئي؛ مان ته اڄ تائين پنهنجي پيءَ جي گهر ۾ رهان ٿي پر تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ماسترن راتو رات ڪئين محل اڏي ڇڏيا ۽ تعليم جون عمارتون ويهنديون پيون وڃن.
بقول دادي ليلاوتي؛ ”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو“.



سٻاجهي نياڻيءَ کان محروم ٿي ويل سنڌ!
گل مورو
دادي سنڌوءَ جي اها سگهڙ سياڻي نوري نماڻي هئي جنهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي تعيلمي آبياري لاءِ پنهنجي سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ پنڌ ڪيا ۽ ديس جي دردوندن جي درن تي وڃي حقيقي سماج واد بڻجي عورتن کي حقن جي آگاهي ڏني، کين شعور ڏنو ۽ فرسوده سماج جي انڌيري مان ڪڍڻ لاءِ وهمن ۽ وسوسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تعليم جي شعور سان گڏ هنرن جي به تربيت ڏني ته جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون معاشي طور تي پاڻ ڀريون ٿي سگهن، پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀري سگهن ۽ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين ۽ کين شعوري تعليم ڏيڻ جو به اهو ئي مقصد هو ته نه رڳي پاڻ جهالت واري زندگيءَ کان جان آجي ڪن پر پنهنجي ايندڙ نسل معصوم نينگرن توڙي نينگرين کي علم جي ذريعي پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي جي فڪري سوچ ڏئي سگهن ته جيئن سماج مان جاهلياڻين رسمن جو خاتمو اچي سگهي. انهيءَ علمي سوچ جي آبياريءَ لاءِ دادي ديس جي دردوندن، بکايلن ۽ ستايلن معصوم ٻارڙن جي جهڳين ۾ وڃي ڏاڏي وارو فرض نڀائيندي علمي آکاڻيون ٻڌايون، روح جون رهاڻيون رچايون. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي وستين، واهڻن ۾ جڏهن پهچندي هئي ته سنڌ جون سٻاجهون نياڻيون دادي کي رحمت جو فرشتو سمجهنديون هيون. هن عورتن جي اهميت تعليم ۽ هنر بابت ڪيتريون ئي راڳڻيون ۽ لوريون تيار ڪرايون جنهن ۾ مارئي جي حب الوطن، سسئي جي جدوجهد ۽ نوريءَ جي نوڙت جون علامتون اڄ به موجود آهن.
هيءَ ڏيهه جي ڏاهي دادي ليلان ئي هئي، جنهن تعليم کاتي ۾ 58 سالن تائين پنهنجي فرض شناسيءَ سان نڀايو. انهيءَ عرصي دوران به تعليمي جاڳرتا لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ مينڌري جي مومل بڻجي رڃ ۽ اڃ ۾ به راڻو راڻو ڪندي رهي. هن ڪڏهن به مذهبي متڀيد کي اهميت نه ڏني. هن جو هڪڙو ئي منشور ۽ دستور هو ته سنڌ جي اٻوجهه نياڻي علمي اڀياس حاصل ڪري، تڏهن ئي سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. حقيقت ۾ ته هن اصلي سنڌ جو درشن ڏيهه جي ڏوٿيئڙن وٽ وڃي ڪيو.
دادي جهالت جي خاتمي لاءِ يونيسيف جي تعاون سان سنڌ جي سوين ٻهراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪرايا، جتي اڄ به نياڻين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن. جڏهن دادي ٽن ضلعن حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين جي ڊي اي او هوندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئي ته ان عرصي دوران به هن مٿان ڪڏهن به ڪو ڪرپشن جو نشان ئي نه لڳو ڪيترن بيواهن مسڪين عورتن کي تعليم ڏياري روزگار ڏياريو، جيڪي آفيس توڙي سندس گهر اچي دعائون ڏينديون هيون.
هيءَ اها دادي هئي جنهن ديس جي محبت ۾ ورهاڱي دوران اڪثر سنڌي هندن کي ڪڍيو پئي ويو ته هن وطن مان بي وطن ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ سنڌ ۾ ئي رهي. ڌرتيءَ جي نياڻين جي نيڻن مان نه رڳي نير اگهيو پر تعليمي شعور لاءِ عملي قدم کڻي سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا کي دانُ ۽ مانُ ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري پئي ۽ جهانسي راڻي جيان عملي جهاد ۾ جنبجي وئي. هي راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهندي هئي. ڇو ته هن پنج سالن جي معصوم عمر ۾ ڀُڄن ڳائڻ شروع ڪيا هئا. هي اها دادي راڳ جي راڻي هئي جنهن گڏيل هندوستان واري وقت ۾ دهلي ۾ 14 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ڳائڻ واري مقابلي ۾ حصو ورتو هو، انهيءَ راڳ واري مقابلي ۾ سندس عمر 20 ورهين جي هئي. هن دادي ليلان ان وقت هي ميران ٻائي جو مشهور ڀُڄن ڳايو هو.
ميرا تو گر ڌر گوپال دوسرا نه ڪوئي وي

دادي اهو ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي سڀني کي ميدان ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو هو. دادي جي جيون تي حقيقت ۾ شاهه لطيف ۽ سنڌ توڙي هند جي سنت صوفين جي فڪر جو گهرو اثر هو. حالانڪه هن پنجن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ سکيو، ستن ورهين جي عمر ۾ پراٿنا جا گيت ڳائيندي رهي پر جڏهن سندس سنڌ جي عظيم صوفي شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي ايل واسواڻي سان سٻنڌ ٿيو ته ان ڏينهن کان سندس مٿان شفقت ڀريو هٿ اهڙو ته ڪرشمو بڻجي پيو جو هن جو نصيب نيارو ٿي ويو. هن سنڌي نياڻين کي تعليمي خدمتن دوران شاهه، سچل، سامي، ٽي ايل واسواڻي، نوري، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻي جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا ۽ نياڻين کي وطن دوستي، علم ۽ هنر جي اهميت وارا گيت ۽ نظم سيکاريا ۽ جڏهن 1940 ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جيڪو ديوان ڪوڙل مل چندن مل جي برصغير ۾ وڏي ۾ وڏي نياڻين جي يونيورسٽي ليکي ويندي هئي ته دادي کان نوڪري موسيقي جي استاد ٿيڻ لاءِ سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ٻين عالمن ستن ڏينهن تائين انٽرويو ورتو هو ۽ ان ۾ ڪامياب بڻي. نه رڳي اهو پر جڏهن هن ئي ٽريننگ ڪاليج ۾ ان وقت جي ممبئي جي گورنر مودي جي گهرواري سنڌ ياترا ڪرڻ آئي هئي ته خطاب ڪندي چيو هيائين ته دادي نه رڳي سنڌ جي پر پوري برصغير جي دادي آهي ۽ جيڪڏهن هي هند هلي اهو ئي علمي درس ڏئي ته اسين کيس سڄي هند ۾ سندس علمي درسگاهون کولي ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين پر ڏٺو وڃي ته هتي تعليم جي فقدان هوندي به علمي اڀياس لاءِ جيڪي هن کان حاصل ڪرڻو هو، اهو نه رياست حاصل ڪري سگهي نه وري اسين ۽ نه وري ان جي واٽ وٺي سگهياسين. هونئن به ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڏات هوندي آهي پر دادي جي خاندان ۾ نه رڳي راڳ جي ڏات ۽ ڏانءُ هو پر علمي ۽ فڪري سوچ جي پختگي هئي جو سندس امڙ لال هندوري ۾ به لوريون ڏيندي هئي ۽ سندس پيءُ اسٽيج ڊرامن ۾ ڀڳتن جا ڀڄن پيش ڪري ديس جي دردوندن جون ڪهاڻيون سڻائيندو هو ۽ دادي انهيءَ روايت کي برقرار رکندي روح رهاڻيون رچايون. تڏهن سنڌ جون نوريون نماڻيون جهومي پونديون هيون.

1 comment:

  1. قرض! قرض !! قرض !!!
    ڇا توهان هڪ قابل معزز ۽ قابل قبول نجي قرض ڪمپني جي ڳولها آهي جنهن کي زندگي گذارڻ جي موقعي لاء قرض مهيا ڪري ٿي. اسان سڀني قسمن جي قرضن کي تمام تيز ۽ آسان رستو ۾، ذاتي قرض، ڪار قرض، گروي قرض، طالب علم قرضن، ڪاروبار قرض، سيڙپڪاري قرض، قرض جي استحڪام ۽ گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيو. ڇا توهان بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن طرفان رد ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي هڪ گهربل قرض يا گروي رکڻ جي ضرورت آهي؟ وڌيڪ نه ڏسڻ ۾ ايندي آهي جيئن اسان هتي آهيون توهان جي سڀني مالي مسئلن کي ماضي جي ڪا شيء ٺاهڻ لاء. اسان انهن ماڻهن ۽ ڪمپنين جي فنڊ کي قرض ڏيو جيڪي 2 سيڪڙو جي شرح تي مالي مدد گهرجي. ڪوبه سماجي سيڪيورٽي نمبر گهربل آهي ۽ ڪو ڪريڊٽ جي چيڪ گهري، 100٪ ضمانت. آئون توهان کي انهي وچ ۾ استعمال ڪرڻ لاء انهي کي استعمال ڪرڻ چاهيندا آهيون ته اسان کي اعتماد ۽ حمايت واري مدد مهيا ڪنداسين ۽ اسان توهان کي قرض پيش ڪرڻ جي خوشي ٿي ويندي.
    پوء اسان کي هڪ اي ميل موڪليو: (amandaafredoloan42@gmail.com) قرض لاء درخواست ڏيڻ.

    ReplyDelete