; سنڌي شخصيتون: پروانو ڀٽي - محمود مغل

04 December, 2016

پروانو ڀٽي - محمود مغل


پروانو ڀٽي

ايڪتا جو پروانو

محمود مغل

ايڪتا جي ڏينهن تي، هڪڙو پروانو کُٽي پيو آهي. ٻاهر رنگ آهن، جؤت آهي، خوشبو آهي، مُرڪن ۽ اتساهه جو ميڙو آهي ۽ ان هجوم جي سٿ ۾ بار بار ياد اچي ٿو ته سائين ميوو خان عرف ”پروانو ڀٽي“ ٽنڊي محمد خان ڀرسان، آسوده خاڪ ٿي چُڪو آهي. هڪ ڪتاب ”جُلد“ ٿي ويو. فنا کان بقا جي راهه جي ڪٻٽ ۾ محفوظ ٿي ويو. انا لله وانا اليه راجعون.


قبله سائين وقار حسين شاهه جن کي سجاده نشين جي پڳ ٻڌائي وئي هُئي ته تقريب مان موٽندي مان، تاج جويو ۽ سائين پروانو ڀٽي گڏجي واپس ٿيا هُئاسين. گاڏي، تاج ڀاءُ جي هُئي ۽ هن پهرين مون کي ڊراپ ڏيڻ پئي گهريو. سو ڪچهريءَ جي بهاني، سائين پروانو ڀٽي صاحب کي به ساڻ وٺيو آيو ته محمود کي گهر ڇڏي وري واپس حيدرآباد موٽون ٿا. گهر ڇڏڻ آيا ته غنيمت ڀانيم. اندر وٺي ويومانِ. جيڪا تڪڙي خدمت ٿي سگهي سا ڪيم. کين وڃڻ کان پهرين روايتي انداز ۾ اجرڪن جو تحفو پيش ڪيم. اڱڻ تي آيل هُئا. اسان جي عزت وڌي هُئي. اجرڪ پائڻ سان ئي پاڻ آبديده ٿي ويو هو. روايتي، قدردان مُڙس هو. ڀاڪر پائي رخصت ٿيو. پر ٻئي ڏينهن فون تي چيائين؛ ”ابا محمودَ، جيڪا تو ڪالهه روايت وڌائي. ان کي هاڻي گهٽ ماڻهو سلامت پيا رکن. شابس هُجئي، جس هُجئي، پنهنجو تڏو ملهايئي. پنهنجي راڄ رسم کي کڻي هلئين. ٻيلي اهو ڪندو رهج ۽ ڪڏهن نه وسارج.“ سندس آواز ۾ نمي هُئي ۽ ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ته ڄڻ ڇڄي پيو هو. اڳيان جيڪو به ڳالهايو هُئائين، اهي صرف ڳوڙها هُئا. ڄڻ سيني تي ڪري رهيا هُئا. هن روايتي رسمن ۽ خاص طور تي سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جو ذڪر ڪيو پئي. جيڪي ٻُڌايائين، سو ڪمال هو. ”پروانو“ سڏائڻ هر ڪنهن جو وس ٿورو ئي هو. 16 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ پيارو آرائين ۾ گل محمد ڀٽيءَ جي گهر پيدا ٿيل ميوو خانَ، 1957ع ۾ تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيو. تپيدار ٿيو، پر کيس ڄڻ ان ڪم جي سمجهه نه آئي. 1958ع ۾ هن نوڪري ڇڏي ۽ صحافت جي جهان سان سلهاڙجي ويو. لطيف سرڪار تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ساڻ، ادبي قافلي جي سٿ ۾ شامل ٿيندي، پڙ ۾ پير ڌريائين. اخبار، اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم سندس حياتيءَ جو خاص محور رهيا. فلم ”محبوب مٺا“ ۾ ته ڪردار به ادا ڪيائين. ڪيترين ئي ادبي تنظيمن ۽ ادارن جو ميمبر رهيو. اٺونجاهه سال، لکڻ پڙهڻ ساڻ سندس ساٿ رهيو.

پروانو صاحب، هر نسل سان سندس سوچ مطابق هليو. هن تقريبن ٽن نسلن جي ذهني آبياريءَ ۾ ساٿ ڏنو. ريڊيو تي پروگرام ڪندي ڪا به چڱائي ٿيندي هُئي ته هڪدم سندس فون اچي ويندو هو. هُو ايڏي پاٻوهه مان تعريف ڪندو هو، جو سينو ويڪرو ٿي ويندو هو... قدرت کيس بي انتها حسين حافظو عنايت ڪيو هو. هُو يادگيرين جا واهڙ وهائيندو هو ته ٻُڌندڙ دنگ رهجي ويندا هُئا.

کيس پنهنجي دؤر بلڪ دؤرن جو هڪ هڪ واقعو ياد هو. تقريبن هر اهم شخصيت سان سندس نجي سلام دُعا هوندي هُئي ۽ اها هُو پاڻ تائين رکندو هو. پروانو صاحب، مُنهنجي خيال ۾ ته ڪڏهن به ڪنهن جي درَ تي ڪنهن ڪم سان نه ويو هوندو. هُو بيحد خوددار انسان هو. ڪنهن کان ڪُجهه گهرڻ، سندس سرشت ۾ نه هو. تنهنڪري ئي هُو سدائين سفيد پوش رهيو. وٽس ذاتي گهر نه هو، جنهن جو ڏک کيس سدائين رهيو. هاڻي جڏهن هن پنهنجو پلاٽ وسايو آهي ته اميد آهي ته سندس اهو ڏک ڏور ٿي ويو هوندو.

”ٽڙندڙ مُکڙيون“ ۽ ”سرهاڻ“ نالي ڪتابن جو ليکڪ، هڪ شاعر، هڪ پيشڪار، هڪ اداڪار، هڪ نثر نويس، پنهنجي ذات ۾ بي انتها گُڻ رکندڙ ۽ اُنهن سڀني گُڻن کي ايڪتا سان سلهاڙيندڙ پروانو ڀٽي صاحب، روايتن ۽ وضعداريءَ سان ايڪتا جو هڪ خوبصورت استعارو هو. اڄ هن ساٿَ، هن رنگَ، هن هجومِ ۾ اسين کيس ساريون ٿا. سرڪار لطيف جي هن فقير، آخر تائين ڀيرو نه ڀڳو. هن سال هُو نه وڃي سگهيو ته سائين وقار شاهه پاڻ کيس ملڻ آيا. معنيٰ سرڪار به هن سان تعلق کي برقرار رکيو. رمتو روانو ٿي ويو آهي ۽ پويان، ڄڻ اسان لاءِ ايڪتا جي ڏينهن تي هڪ مثال ڇڏي ويو آهي ته ”حُبَ ۽ سِڪَ جي ايڪتا هُجي ته محبوبَ به خيال رکڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن.“ پروردگار سندس پورهيو قبول ڪري ۽ کيس بهتر کان بهتر جاءِ سان نوازي. آمين

No comments:

راءِ ڏيندا