; سنڌي شخصيتون: جلال چانڊيو - حميد ڀٽو

11 January, 2016

جلال چانڊيو - حميد ڀٽو

جلال چانڊيو
جلالي انداز جو راڳي
حميد ڀٽو
1947 کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي ڌڪ رسائڻ لاءِ پنجابي ڪلچر کي سنڌ اندر وڌائڻ جي
سازش سٽي وئي، سڄي سنڌ ۾ چانهه جي هوٽلن ۽ ميلن ملاکڙن توڙي جهرجهنگ ۾ پنجابي ڪلامن جا واڄٽ پيا وڄندا هئا. هزارين پنجابي فنڪارن جا ڪلام رڪارڊ ڪرائي سنڌي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو لٽيو پئي ويو ته 1970 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ننڍڙي شهر مورو سان تعلق رکندڙ فنڪار جلال چانڊيو ٽوپي نرڙ تي رکي هٿ ۾ چپڙي يڪتارو کڻي نروار ٿي ويو، جنهن پنهنجي سادي سودي شاعري سان سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ڇڏيو، جهر جهنگ ٽريڪٽر ٽرالين، هوٽلن، ميخانن، توڙي گهرن کان حويلين تائين جلال چانڊيو جا گيت گونجڻ لڳا. جلال چانڊيو پنهنجي جلالي انداز ۾ سنڌ اندر سنگيت جي دنيا ۾ نوان لاڙا ڏيندي پنجابي ۽ ٻين غير سنڌي فنڪارن کي پنهَنجي سنگيت وسيلي ڊوڙائي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلال چانڊيو جو نالو روشن ٿي ويو پر هي سنڌ جو انوکوَ ڪردار رکندڙ جلال چانڊيو جي زندگي ڏانهن ڏسبو ته به سندس زندگي جا انوکا پاسا نروار ٿين ٿا.


جلال چانڊيو 10 آگسٽ 1944 ڌاري تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر پيدا ٿيو. جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊيو جو درزڪو ڪم ۾ دل نه لڳو، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس دهيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مار-ڪٽ سبب، اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کئي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به دل نه لڳي جنهن سبب کسي پيادڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس کي سنگيت سان عشق ٿي ويو هو، سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس گائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڳڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ گائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ گائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970 ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت مائي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چيڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام ڄام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ عير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جو بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيو ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. 1985 ڌاري جلال چانڊيو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلال ته اڳ ئي حسن پرست ۽ سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، ميهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪوئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو 2 شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻي شادي پنهنجي پسند سان ڪئي.
فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين انتهائي مقبول فنڪار رهيو.
سنڌ جي هن عوامي فنڪار جي حياتي جا ڏينهن ڏهين جنوري 2001 تي رات جو ساڍين ڏهين وڳي پورا ٿي ويا. هميشه جيان روزانو صبح ۽ رات جو سندس طبعيت پچڻ لاءِ روزانو اسپتال وڃي عيادت ڪندو هيم. اتفاق سان جنهن وقت سندس وفات ٿي ته SIUT وارڊ جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ ڊاڪٽر منظور ملاح سان گڏجي مان موجود هيم ڊاڪٽر منظور ملاح ٻڌايو ته جلال چانڊيو لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر الله جي جيڪا مرضي. انهيءَ وقت اسپتال جي بستري تي ننڊ ستل جلال چانڊيو جي مک تي هڪ حسين مرڪ هئي. انهي حسين مرڪ دوران هڪ هڏڪي ڏيندي جلال چانڊيو پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 5 وڳي صبح جو جلال چانڊيو جو مڙهه سندس مائٽن حوالي ڪيو ويو. جلال چانڊيو جي وچوڙي جي ڏينهن سنڌ جي هزارين گهرن ۾ تڏا وڇايا ويا، جنهنجو مثال سنڌ جي ٻئين ڪنهن وڏي فنڪار جي وڇوڙي تي نٿو ملي.

اڄوڪي تاريخ 10 جنوري تي هن عوامي فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ 15 سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙ سارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويو. جلال چانڊيو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا