; سنڌي شخصيتون: نسيم کرل - حبدار جاگيراڻي

19 July, 2015

نسيم کرل - حبدار جاگيراڻي

نسيم کرل
سنڌي ڪهاڻيءِ کي حقيقت نگاريءَ جو لاڙو ڏيندڙ ڪهاڻيڪار
حبدار جاگيراڻي
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ته موئن جي دڙي جي تهذيب جي شروعات سان جوڙي وڃي ٿي ۽ اهڙيون شاهديون به ملن ٿيون ته سنڌي نثر منظوم صورت ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ لکجڻ شروع ٿيو. پر اڄ مان جنهن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو سا آهي سنڌي ماڻهن جي ڳالهه کڻڻ جي فَنَ جي ــ جنهن کي آکاڻي به چيو وڃي ٿو ته افسانو به، پر هن تي جيڪو نالو هاڻ ڄمي/ٺهڪي بيٺو آهي، سو آهي ڪهاڻي.. دنيا ۾ ته ڪهاڻي جي شروعات ايسپ تائين پهچي ٿي پر اسان جي ڪهاڻي شروعات 20صديءَ جي پهرين ڏهاڪن ۾ ٿئي ٿي. پر اها ڪهاڻي پنهنجي اندر ۾ هڪ طلسماتي دنيا سمايو ويٺي هئي. جنهن ۾ نه سنڌي ماحول هو ۽ نه ئي وري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن کي هتي ڪو سڃاڻي پيو ۽ نه ڪو ئي وري سنڌي ٻوليءَ جي محاوراتي خوشبو... اهڙي ڪهاڻيءَ جي اندر سنڌ جي درد جي ڪا به ڪوڪ به هئي، سنڌ ته ڇا پر اها ڪهاڻي انساني دنيا کان به ڪٽيل هُئي. بس رُڳو آسماني سير هُئا ۽ هر آفت کان بچي نڪرڻ جي پَڪَ هُئي. اهڙي ڪهاڻي پڙهندڙ ماڻهوءَ ۾ انڌي اطمنان واري ڪيفيت ۽ جذبي پيدا ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ سماج ۾ لاچار ماڻهن ۽ مجبور ۽ مدد جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي هڪ لوڌ پيدا ڪئي.. سنڌي ڪهاڻي پنهنجي پاند اهڙي طلسماتي ڪهاڻيءَ مان 1932 ۾ تڏهن آجو ڪرائي ٿي جڏهن امر لعل هنڱوراڻيءَ شڪارپور مان بولچند راجپال جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي سنڏوءِ ۾ پنهنجي پهرين ڪهاڻي “ادو عبدالرحمان“ شايع ڪرائي .جنهن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ماحول ۽ ڪردارن کي آندو ،جنهن سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج ۽ ماڻهن سان ڳنڌجي وئي. هن ڪهاڻيءَ کي سنڌيءَ جي پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي سڏيو وڃي ٿو. اهڙي جديد ڪهاڻيءَ جي عمارت سازيءَ ۾ اياز قادريءَ، جمال ابڙي، غلام رباني آگري جون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جن پنهنجي سگھاري قلم سان سنڌي ڪهاڻيءَ کي ابدي حياتي بخشي.. جن جي محنتن کي هر ادبي تذڪرو واکاڻي ٿو. پر سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام يا سرتاج جنهن ڪهاڻيڪار کي سڏيو وڃي ٿو سو آهي نسيم کرل ـــــ جي بلڪل جنهنجون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون ليکيون وڃن ٿيون، جنهن جي ڪا به ڪهاڻي اهڙي نه آهي جيڪا فَنِي ۽ فڪري حوالي سان بين الاقوامي ادب ۾ پيش ڪرڻ لائق نه هجي..


سنڌي ٻوليءَ جو هي سيبتو ڪهاڻيڪار ميراڻي خيرپور جي گمبٽ تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ کرل آباد ۾ ڄائو. عبدالڪريم کرل جي ٻن ڌيئن ۽ پنجن پٽن مان سڀ کان وڏو هو. 29 جون 1939 ۾ پيدا ٿيندڙ نسيم کرل 1944 کي ۾ پنهنجي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ويهاريو ويو، 1948ع ۾ اتان فارغ ٿي جڳ مشهور اسڪول ناز هاءِ اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺو. جتان بعد ۾ ڪاليجي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1955 ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ويو. جتان 1969 ۾ گريجوئيشن پاس ڪيائين. انهيءَ سال هڪ ڊرامائي انداز ۾ شاديءَ واري ڏينهن هڪ ڪلاڪ جي وٿيءَ سان سندس والد وفات ڪئي ته خوشي ۽ غمي گڏجي ويا. سموري راڄ ڀاڳ جو بار سنڌي ڪهاڻي جي هن امام شهيد نسيم کرل جي ڪشادن ڪلهن تي پيو جيڪو هن خوب نڀايو. کرل آباد جون پنهنجون اباڻيون زمينون آباد ڪرڻ دوران ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين. ائين هن البيلي ڪهاڻيڪار جي رسمي تعليم مڪمل ٿئي ٿي. سنڌي ٻولي جي حقيقت نگار ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ذهني آبياري ڪئي، انهن ۾ ڳوٺ جا استاد هئا رضا محمد شيخ ۽ حضور بخش کهڙو جڏهن ته ناز هاءِ اسڪول ۾ کيس استاد حاجي محمد حداد (جنهن تازو وفات ڪئي ۽ حج تي ڪتاب به لکيائين) مسٽر رسول بخش مهيسر (جنهن ناز هاءِ اسڪول کي تعليمي اوج ڏنو) کان علمي فيض ورتو ــ ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پروفيسر غلام مصطفى شاه، اويس احمد اديب، اياز قادري، احسان بدوي، پروفيسر ڪوهاٽي، مسز مايا جميل، مس سعده اسحاق جهڙن قابل استادن هن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو شغف پيدا ڪيو..
نسيم کرل هڪ متحرڪ اديب هو، هن جو سنڌي ادبي سگت ۾ پڻ سرگرم ڪردار رهيو. خيرپور جي ادبي سنگت ۾ ڪهاڻيون پڙهڻ سان گڏ سچل يادگار ڪاميٽي جي بنيادي جوڙ جڪ ڪرڻ وارن اديبن منجھان هو. تنوير عباسيءَ سان دوستيءَ جا ناتا، جيڪي سندس مائٽ هادي بخش لاڙڪ معرفت ٺهيا، سي هن تمام سهڻي نموني سان نڀايا. جڏهن هن کي ڊي پي آر ڪيو ويو تڏهن هو حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جي هڪ سيبتي ڪهاڻيڪارھ مهتاب محبوب جي گھر ۾ ڪجھه عرصو مهمان ٿي رهيو. جو مهتاب جو گهر وارو سندس دوست هو، مهتاب جي گھر ۾ ڪجھه مهينا رهڻ سبب هو ان گھر جو ڀاتي بڻجي ويو. نسيم جي شخصيت تي جن اديبن خاڪا لکيا آهن. تن ۾ هن کي دهماني هڏ ڪاٺ ۽ گھڻ ڳالهائڻ واري روپ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. پر مهتاب محبوب ”جيءَ جھروڪا“ ۾ هن جي اندر جي معصوم نسيم کرل کي پڻ پيش ڪيو آهي. سموري سنڌ جا اديب جيتوڻيڪ نسيم کرل کي سندس شروعاتي دور ۾ هڪ عورت تصور ڪندا هئا. جيئن ڪيترا ماڻهو نورالهدى شاه کي مرد تصور ڪندا هئا يا آهن. سو جڏهن نسيم کرل اديبن تي روح رهاڻ ۾ جڏهن لطيفا لکيا تڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن برڙ باڪاس جو مرد جي سڃاڻپ ۾ تعارف ٿيو نه ته عبدالقادر جوڻيجو ته تصورن ۾ ساڻس لائنون به لهي چڪو هو. هونئن ته نسيم کرل، سهڻيءَ جي طارق اشرف جو پڻ حجائتو يار هو. سنڌ جا گھڻا ئي اديب تاج بلوچ، غلام نبي مغل، شمشير الحيدري، حميد سنڌي ۽ ان دور جي مڙني سرگم اديبن خاص طور تي نثر نگارن سان سٺا مراسم هئا. بقول مهتاب محبوب جي ته جڏهن به نسيم کرل حيدرآباد ايندو هو ته حيدرآباد جي اديبن مٿان طاري ٿيل جمود ٽٽي پوندو هو. پنهنجي چاچي عبدالرحيم کرل سان، پير حسام الدين راشدي سان پڻ ادبي تعلق جڙيس جو کرل صاحب ۽ پير صاحب پراڻا دوست هئا. هن ادبي ناتي نسيم ۾ ادبي شوق کي وڌايو. پير علي محمد شاھ راشدي جي پٽ حسين شاه راشدي (جيڪو سندس ڪلاس فيلو پڻ هو) سان پڻ ادبي دوستاڻو هئس. پير حسام الدين راشدي کي جڏهن آپريشن لاءِ کڻي پئي ويا تڏهن نسيم کرل جيڪو ديو قامت جسامت رکندڙ هو، سو ٻارڙن جيان هسپتال جي ڪاريڊور ۾ روئندو رهيو. پير جي ڪامياب آپريشن بعد ئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هن امام ماٺ ڪئي. سهڻي رسالي جي نسيم کرل نمبر ۾ سرفراز راڄڙ اهي ڏک ڪڍيا ته نسيم، طارق جي آفيس ۾ هن کان اٿي بيهي نه موڪلايو هو ۽ اهڙي عمل کي هن نسيم جي اخلاقي ڪمزوري قرار ڏنو هو. جنهن جي جواب ۾ نسيم، مهتاب محبوب کي چوي ٿو ته سرفراز ڪڏهن پنهنجي تَرَ جي ڊپٽي ڪمشنر جي دانهن ته ڪو نه ڪئي آهي، جنهن هن سان ڪيترا ڀيرا ٻن آڱرين جو هٿ ڏنو هوندو. باقي منهنجي ويهي هٿ ڏيڻ جو ڏوراپو ڏئي ٿو. مان هيڏو ديو ماڻهو ڪيترن ماڻهن کي اٿي اٿي هٿ ڏيان. ان حوالي سان ڏسجي ته نسيم کرل جي تَرَ جا ماڻهو جن منجھان ڪو به اهڙو نه مليو آهي جيڪو هن جي وڏائيءَ واري جذبي لاءِ ڏوراپا ڏيندو هجي سواءِ سرفراز راڄڙ جي ـــ راڄ جا ماڻهو خاص طور تي سندس ڪمي ڪاسبي نسيم جي روين جي اڄ به تعريفون ڪندي نه ٿا ڍاپن. نسيم جنهن پنهنجي تَرَ ۾ نياڻين جي شادين لاءِ ڏاج ڏيڻ کان سواءِ هر ممڪن مالي مدد ۽ انهن جي ڪاڄن ۾ شرڪت ڪرڻ ضروري ۽ اهم ڪمن ۾ شامل رکندو هو سندس پويان خاص طور نعيم کرل پڻ ساڳي وهنوار کي جاري رکندو پيو اچي. پر تَرَ جا ماڻهو اڄ به نسيم کي وڌيڪ فوقيت ڏين ٿا ۽ چون ٿا؛ ابا انبن جو سڪون انبڙيون ڪٿي ٿيون لاهي سگھن.
نيسم کرل جنهنجي ڪهاڻين تي ادبي حلقن ۾ ۽ مختلف رسالن ۾ جيڪو بحث عام ٿيندو آهي سا آهي نيسم جي ڪهاڻين جي ٻولي ــ جنهن تي سنڌي اسب جي نام ڪٺين ڪهاڻيڪارن اها راءِ پئي ڪئي آهي ته نسيم کرل جي ڪهاڻين جي با محاورا ٻولي سندس ڪهاڻين جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ جان آهي. ڪيترن ته ايئن به چيو آهي ته سندس ڪهاڻين مان جيڪڏهن ڪا سٽ ڪٽي ڇڏجي ته هوند ڪهاڻي پنهجو ساڳيو رس چس برقرار نه رکي سگهي. مشهور نقاد رسول بخش پليجو لکي ٿو ته؛ ”سنڌي ادب ۾ اهڙا ماڻهو آڱرين تي مس ڳڻي سگھبا، جيڪي سنڌي عوام جي محاوري جا ڪجهه نه ڪجهه واقف آهن ۽ ان کي ادب ۾ استعمال ڪري ڄاڻن ٿا. انهن ۾ عبدالقادر جوڻيجو (جيڪو هاڻ اهو ترڪ ڪري ماڊرن پيو ٿئي) سو، مهتاب محبوب ۽ ٻه چار ٻيا اديب هوندا. نسيم انهن مان هڪ آهي هو نه ڪو ڪافي سنڌي محاورا ڄاڻي ۽ استعمال ڪري ٿو، پر پنهنجين ڪهاڻين جي پيشڪش ۾ انهن کي بنيادي حيثيت ڏئي ٿو. ثانوي نه، جئن ٻيا ڪن ٿا.“ هن راءِ بعد اهو بي ڌڙڪ چئي سگھجي ٿو ته؛ نسيم کرل جي زبان دانيءَ سان سنڌي ڪهاڻي کيتر جو ڪو به ڪلاونت بر ميچي نه ٿو سگهي. سندس هڪ ڪهاڻي ”پهرين مراد کي ئي ڏسجي ته هر مڪالمي ۾ ڪو نه ڪو ٺهڪندڙ محاورو ايئن سيٽ ٿيل ملندو، ڄڻ اهو محاورو يا چوڻي نسيم جي هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار پاڻ تخليق ڪيو آهي. نسيم جي ڪهاڻين جي ٻوليءَ جا محاورا ۽ چوڻيون چونڊجن ته جيڪر هڪ لغت تيار ٿي وڃي. سندس ٻولي ڪردارن جي نفسياتي لاڙي ۽ ڪرت کي ڀرپور طريقي سان نروار ڪري ٿي. هڪ هڪ ڪهاڻيءَ ۾ بيشمار محاورا، پنهنجي نرالي معنى سان ملن ٿا. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته نسيم جي ڪهاڻين جي محاورن جي معنى رواجي معنى کان گھڻي مختلف هوندي آهي. نسيم کرل جون ڪهاڻيون، گھڻي ڀاڱي راويءَ واري بيانيه انداز ۾ لکيل آهن. جنهن ۾ عمومًا اهو ڏٺو وڃي ٿو ته ڪهاڻيڪار پنهنجي اندر جي درد کي بيان نه ٿو ڪري سگھي. جڏهن ته خود ڪلاميءَ واري انداز بيان ۾ ليکڪ پاڻ به ڪهاڻيءَ ۾ شامل هجڻ ڪري پنهنجو نظريو ۽ مسئلي جي حل لاءِ گفت وشنيد ڪندو رهي ٿو. جنهن ڪري شايد نسيم جي ڪهاڻين تي رسول بخش پليجي صاحب راءِ ذني ڪندي چيو ته؛ ”نسيم اهي مسئلا اهڙي بنياد تان، اهڙيءَ سطح تي، اهڙي انداز سان کڻي ٿو، ڄڻ ڪو ٽياڪڙ ماڻهو، ڪو تماشو پيو ڏِسي. هو ايئن جلي پچي نٿو، جيئن ڪو گھر جو ڌڻي جلي پچي. وٽس اونهو سماجي فڪر، سوچ ۽ تڙپ ڪانهي، وٽس عظيم بنيادي مقصد ۽ منزل ڪانهي. وٽس اٿاهه جذبا ۽ احساس ڪونهن، بي انت پيار، نفرتون يا غصا ڪونهن. سندس هر ڳالهه ۾ مٿاڇرائي آهي. هو اڄوڪي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ڏانهن اک کڻي نهاري به نٿو، جن کي کڻي ٿو، انهن کي به پري کان، احتياط سان ڇهي ٿو. هو ٽانڊن ۾ پنهنجا هٿ نٿو ساڙي. هو ڌڻي نه ٿي، پر پاڙي وارو ٿي مٿاڇريون ڳالهيون کڻي ۽ ٻڌائي ٿو. هو پنهنجن ڪردارن سان گڏ مري جيئي نٿو. هُو ٻيا آهن ۽ هي ٻيو آهي. ان ڪري هو جمال ۽ جليل جھڙن مستن ۽ مجذوبن وانگر، دل ۽ دماغ جي دنيائن ۾ زلزلا نٿو وجھي. آغا سليم وانگر ماڪ ڀنل گلزارن جا سير نٿو ڪرائي. عبدالقادر جوڻيجي وانگر وڍ نٿو وجھي. علي بابا وانگر عجيب غريب دنيا ڏانهن وٺي نٿو هلي. سواءِ ’ڪافر جي، سندس ٻيو ڪو به افسانو اهڙو ڪونهي، جو ماڻهوءَ کي هن سماج بابت ڪنهن گھري ۽ اٿاهه سوچ ۾ وجھي ڇڏي.“ رسول بخش پليجي صاحب جي راءِ در اصل نسيم جي ادبي نظريي سان مطابقت نه پئي رکي. نسيم چوي ٿو ته؛ اديب جو ڪم آهي حقيت جيئن آهي تيئن ايمانداريءَ سان پيش ڪري ـ ڪهاڻيءَ ۾ ويهي ليکڪ تقريرون ڪري يا مبلغ بڻجي وڃي ته اهو ادب جو مقصد ناهي. هڪ مقصدي ادبي تخليق ۾ ڪٿي ٿي ضرورت محسوس ٿئي ته ويهي پنهنجي ڳالهه جون تشريحون ڪجن ۽ ماڻهن تي پنهنجا ذهني فتور هارجن. اديب، صرف حقيقتن تان پردو کڻندو رهي، پر هن جو مقصد وري به انسان جي ڪردار جي تعمير هجي. هن کي براين جي تبليغ ڪرڻ کان بهتر آهي ته هو برن ڪرادرن کان ڪرڀ کارائي، مثبت ڪردران سان انسيت ڏياري. جيڪو ڊگھين تقريرن بجاءِ آرٽ سان پيدا ڪري سگھجي ٿو.
نسيم جي ڪهاڻين جا ڪردار افسانوي نه بلڪ حقيقت جي تمام گھڻو ويجھو آهن. هو گھٽيءَ ۾ ٿيندڙ شور ۽ چؤٻول جو حصو ٿيڻ بجاءِ، ان شور ۽ چؤٻول کي ڪهاڻين ذريعي سموري سنڌ ۾ پهچائي ٿو. وري ٻڌائي به اهڙي انداز سان ٿو جيڪو اَڻ-مٽ ۽ نه وسرندڙ ٿيو پوي. پڙهندڙ جي ذهن ۽ ضمير تي ٻوجھه ٿي بيهي رهي. اهو ٻوجھه، خود احتسابي ۽ ڪرداري تعمير کي جنم ڏئي ٿو. نسيم جون ڪهاڻيون، ڀلي کڻي پنهنجي دور جو دستاويز نه هجن پر اهي ڪاڻيون ان دور جي تاريخ لکڻ ۾ ضرور مددگار ثابت ٿينديون ۽ اهڙي لکيل تاريخ ڪڏهن به درٻاري تاريخ نه سمجھي ويندي. هو هر واقعي تي ڀوڳي ٿو ۽ ڀرپور احساساتي شدت سان محسوس ڪري ٿو جنهن ڪري اهڙو تخليقي محرڪ هن جي تخليقي جوهر جاڳائي ٿو. سندس چوڻ موجب هو ھڪ هڪ ڪهاڻيءَ تي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي مهينا لڳائي ڇڏي ٿو. اها مسلسل ڀوڳنا واري ڪيفيت، جيڪا هو ڪهاڻي لکڻ وقت محسوس ڪري ٿو، اها اوتري ئي اذيت ڀري آهي، جيتري ڪهاڻيءَ ۾ موجود ڪردار ڀوڳي ٿو. سندس قلم هميشه سماج ۾ موجود تضادن خلاف پنهنجي ڀرپور فنِ سان جهد ڪندي نظر اچي ٿو هن وٽ بامقصد ادب تخليق ڪرڻ واري نظريي هن جي ڪهاڻين کي فني معراج عطا ڪيو، جنهن جو سنڌي ادب ۾ ڪو مثل ڪو نه ٿو ملي. هو ڀلي پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن سان گڏ ڪهاني ۾ موجود ڪونه آهي پر هو پنهجي ڪهاڻين کان ڌار ڪهڙي جاءِ تي ٿئي ٿو؟ هو ڀوڳي ٿو، هو جاڳي ٿو، هو پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪردارن ذريعي سماج ۾ موجود تضادن خلاف جھيڙيندي نظر اچي ٿو، هن جي ڪهاڻين جا ڪردار وڙهن ٿا، زخمي ٿين ٿا مرن ٿا مارن، ٻڌجن ٿا سٽجن ٿا روئن ٿا کلن ٿا. هو نسيم جا تخليق ٿيل ڪردار آهن هن سان همِيشه گڏ آهن اڄ به ڪو ڳولهي جيڪر جيئرا ملي پون. سو ايئن چوڻ هرگز مناسب ڪو نه آهي ته هو پنهنجن ڪردارن سان گڏ مري جيئي نه ٿو.
نسيم جون ڪهاڻيون پنهنجي ڪردارن سان گڏ هلي هڪ سهڻي مطابقت پيدا ڪندي عروج واري نقطي ڏانهن سفر ڪن ٿيون اهڙي سفر ۾ نسيم ڪٿي به ڪا دخل اندازي نه ٿو ڪري هو ڪهاڻِيءَ کي اهو انجام ڏئي ٿو جيڪو ڪرادرن جي فطري لاڙي ۾ هوندو آهي. هو ڪردارن کي پاڻ ماري ۽ جيئاري نه ٿو بلڪه هو اهو ڪجهه ڪردارن کان چوائي ٿو جيڪي فطرت ۽ حقيقت جي ويجھو محسوس ڪري ٿو.
نسيم کرل هڪ گھڻ-پڙهيو، کرو ۽ سچو ڪهاڻيڪار هو. پنهنجي ٽهيءَ جي اديبن ۾ سڀ کان ڳالهائو ته هئو ئي پر سندس مطالعو پڻ گھرو ۽ وقتائتو هو. تمام ٿورا اديب اهڙا هجن ٿا جن کي اها سُڌِ هجي ٿي ته انهن کي ڇا پڙهڻ گھرجي ۽ ڇا لکڻ گھرجي ۽ آرٽ ڇا آهي ان جو استعمال ڪيئن ڪجي. هو ڪهاڻيءَ جي جزئيات کان چڱيءَ ريت واقف هو. پنهنجي مطالعي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته؛ ”مون ڪلاسڪس ۾ گھڻو ڪجھ پڙهيو آهي. گوگول جا ڪي ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهيون آهن. او هينري کي پڙهيو آهي. چيخوف ۽ مائيڪل شولوخوف ۽ ڊي ايڇ لارينس جو ڪي قدر مطالعو ڪيو آهي. پر جنهن ڪهاڻيڪار کي مون باقاعدگيءَ ۽ چاهه سان پڙهيو آهي، سو موپاسان آهي. جنهن کان مان ان حد تائين متاثر به ٿيو آهيان ته جيڪي خوبيون مان پنهنجي فَنَ ۾ ڏسڻ پسند ڪيان ٿو، سي ان ۾ آهن. هُنَ ۾ اجائي لفاظي ۽ ڀرتي جا اکَرَ ناهن. هو حقيقت-نگار ۽ وڏو فنڪار هو. اردوءَ ۾ هن منٽو، قرت العين حيدر، بيدي، ديوان سنگھه مفتون، زيڊ اي بخاري ۽ ملان واحديءَ کي ڏاڍو پڙهيو.“ نسيم جي آئيڊل ڪهاڻڪار نثر نويس ناول نگار، هينري ريني گائي ڊي موپاسان کي مختصرًا بيان ڪجي ۽ نسيم ۽ موپاسان ۾ اهي ڳالهيون ڳولهجن جتان سنڌي ڪهاڻيءَ جو هي امام متاثر ٿئي ٿو. موپاسان جيڪو 1850 ۾ فرانس ۾ جنم وٺِي ٿو. سندس ماءُ جيڪا ڪلاسيڪل ادب جي خاص طور شيڪسپيئر جي سٺي ڄاڻو هئي، مڙس کان ڌار ٿيندي، هن پنهنجي ٻن پٽن جي پاڻ پالنا ڪئي. موپاسان تي ماءُ جي شخصيت جو گھرو اثر هو. اسان جي نسيم کرل تي سندس چاچي عبدالرحيم کرل ۽ هادي بخش لاڙڪ جي شخصيتن جو گھرو اثر هو، جن ادبي دنيا سان هن کي ڳنڍيو. موپاسان پڻ ايل ايل بي ڪئي پر فرانڪو پرشن جنگ سبب پوري نه ڪري سگھيو. نسيم کرل پڻ ايل بي ڪئي پر ٻئي پيشور وڪيل نه هئو. بالزاڪ لکي ٿو ته؛ ”موپاسان اعلى حقيقت پسندي ۽ تصوراتي رجحانن ۾ آرام سان لکيو. نسيم کرل پڻ نج حقيقت پسندي جي لاڙي سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي جھولي ڀري. جڳ مشهور ليکڪن، سمرسيٽ ماھام ۽ او هينري تمام عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا ۽ برملا چوندا هئا ته؛ ”مختصر ڪهاڻين ۾موپاسان پيءُ ڏاڏي جي حيثيت رکي ٿو.“ سندس ڪهاڻين جا پلاٽ او هينري ۽ سمرسيٽ ماڊل طور ڪم آڻيندا هئا. اڄ سنڌ جا ڪيترا ئي نوجوان نسيم جي ڪهاڻي ٽيڪنڪ ۽ پلاٽ کان متاثر آهن ۽ ان جو اثر انهن جي ڪهاڻين ۾ نظر اچي ٿو. موپاسان مختصر ڪهاڻيءَ ۾حقيقت نگاريءَ واري لاڙي جو بنياد وجھندڙ آهي. اتي نسيم کرل پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ واري عنصر جو عروج ڏنو، جنهن سان ڪهاڻي زندگيءَ سان رلمل ٿي ڳنڍجي پئي. هي ٻئي ليکڪ، ادبي تخليق جي معاوضي جا سختيءَ سان قائل هئا. موپاسان جو ته ادب ئي معاشي ذريعو هو هن 300 ڪهاڻيون 6 ناول، هڪ شعري مجموعي کان سواءِ 3 سفرناما پڻ لکيائين جيڪي هن پنهنجي ٻيڙي بيل امي (جيڪو نالو هن بعد ۾ پنهنجي جڳ مشهور ناول تي رکيو) تي چڙهي الجزائر، اٽلي، انگلينڊ ۽ سسلي جو سفر ڪري لکيا. نسيم کرل جيئن ته معاشي طور سگهاري فيملي سان جڙيل هو، تنهنڪري پنهنجي ٻني ٻاري جي سنڀال ۾ مصروف رهيو. باقي ادبي تخليق جي معاوضي لاءِ، طارق اشرف سان ۽ تاج بلوچ سان جھيڙا عام هوندا هئا. هڪ ڀيري طارق اشرف کان زبردستي 50 رپيا ڪهاڻيءَ جا وٺي ڏئي ٿو. نسيم کرل جي ڪهاڻين جا پڻ ڪيترا ئي ايڊيشن شايع ٿيندا رهن ٿا. نسيم، مضمون لکيا جن جي مٺي ٻوليءَ جا اڄ به ڳڻ ڳايا وڃن ٿا. هن هڪ ناول به لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو هڪ باب پڻ شايع ٿيو، جيڪو سندس اڻ مدائتي موت سبب اڌ ۾ رهجي ويو. ڪالم پڻ لکيا، جيڪي پنهنجي انداز ۾ نرالا هئا. هن جي ڪهاڻين جو تعداد جيتوڻيڪ ايترو ڪو نه آهي جيترو هن جي آئيڊل موپاسان جو آهي، پر ڪجهه ٻيون شيون جيڪي هنن ٻنهي ۾ مشترڪ آهن سي ته هي مهان ڪهاڻيڪار غير طبعي موت مرن ٿا. نسيم کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ موپاسان چريائپ جي دوري سبب، پنهنجو ڳلو ڪپي وجھي ٿو، جنهن جي 6 مهينن اندر هو مري وڃي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي لاڙي کان، نسيم کرل موپاسان وٽان ايئن ئي متاثر هو جيئن او هينري ۽ سمرسيٽ ھيا، جيڪي پڻ جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا. نسيم به انهن جيان موپاسان جي شاگردي قبول ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ زماني حقيقتن جا رنگ ڀري ٿو ماڻهن کي افسانوي حياتي مان ڪڍي سچي ۽ همت ڀري زندگي جيئڻ جا درس ڏئي ٿو.
نسيم جي نظر ۾؛ ”ادب انسان جي زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو. سياست معاشري ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ فردن جي حڪومت هلائڻ چئجي ٿو. انساني زندگيءَ ۾ ٿيندڙ حادثا، واقعا يا ٻيون ڳالهيون، تن لاءِ ڪهاڻي وڌيڪ مناسب آهي. باقي ڪهاڻيءَ ۾ سياست مناسب ڪانهي. سياست لاءِ الڳ پليٽ فارم آهن، انهيءَ لاءِ جلسا ڪري سگھجن ٿا، تقريرون ڪري سگھجن ٿيون، پر ڪهاڻي يا شعر لاءِ سياست مناسب نٿي لڳي.“ انهيءَ سبب، نسيم جي ڪهاڻين ۾ نعري بازيءَ وارو عنصر بنهه نه ٿو ملي. هن وٽ جيڪو به تعميري مقصد پوشيده هجي ٿو، سو ڪهاڻين جي ڪردارن کان عملي طور تي ڪرايو ڇڏي ۽ انهن کي منطقي سزا جزا پڻ ڏياري ٿو وٺي. هو چوي ٿو ته؛ ”ادب ۾ نعري بازي سان وقتي تاثر ته قائم ڪري سگھجي ٿو پر فرد ۾ دائمي تبديلي تڏهن ايندي جڏهن هن وٽ شين جا حقيقي روپ نروار ڪيا ويندا. هو ادب ۾ حقيقت نگاري جو قائل هو. تنهنڪري نسيم کرل جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جو نج عڪس پيش ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻيون، داخلي ناسور نه بلڪ خارجي ناسور بڻجي پيش ٿين ٿيون. جن تي پردھ پوشي ڪرڻ نسيم سڀ کان وڏو ادبي گناهه سمجھي ٿو. زماني جي اهڙن مڪروھ روين کي نسيم وڏيءَ بيباڪيءَ سان سگھاري ٻوليءَ سان اگھاڙو ڪيو آهي. نسيم جي هڪ وڏي خوبي، جيڪا کيس سنڌ جي مڙني ڪهاڻيڪارن کان ممتاز ڪري ٿي سا آهي، پختو مشاهدو ـــ هونئن ته سنڌ جي گھڻي ڀاڱي سمورن ئي ڪهاڻيڪارن سنڌ جي ڳوٺاڻي توڙي شهري حياتيءَ ۽ سماج جا عڪس پنهنجين ڪهاڻين ۾ پيش ڪيا آهن پر اهي ڪهاڻيڪار ٻوليءَ جي حوالي سان ڪسا ٿي پوندا آهن. جيڪي ڪهاڻيڪار ڳوٺن سان وابسته هجن ٿا، سي ڳوٺاڻي ماحول جون ڪهاڻيون ته پختي انداز ۾ لکن ٿا، پر شهري ماحول وارين ڪهاڻين ۾ افسانويت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ساڳئي وقت، شهري سماج سان وابسته ڪهاڻيڪار ڳوٺاڻي حياتيءَ جا عڪس پيش ڪندي، ٻوليءَ ۾ ڇسا ٿي پون ٿا. نسيم هڪ واحد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جون ڪهاڻيون، پوءِ اهي ڳوٺاڻي سماج جون عڪاس هجن يا شهري ماحول جو پيش خيمو هجن، ٻنهي ۾ پنهنجي ماحول جي خوشبوءِ پري کان پڌري. ان کان سواءِ نسيم جيڪڏهن سنڌ جي مختلف ڪلاس جي مسئلن تي لکيو آهي ته اتي به خوب لکيو آهي. مٿئين طبقي جا مسئلا ۽ انهن ڪردارن جي نفسيات جو ماهر پارکو نظر اچي ٿو ۽ اهڙين ڪهاڻين ۾ نسيم ڪٿي به اوپرو محسوس نه پيو ٿي.
جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ناول-نگار آغا سليم جن لکن ٿا ته؛ ”نسيم، زندگيءَ جي ٻاهرئين رخ ۽ انسان جي ٻاهرئين تَههَ يعني هڏائين پڃري تي چڙهيل کَلَ جو ليکڪ آهي. زندگيءَ جو ظاهري روپ جيئن هن کي نظر اچي ٿو. تيئَن هو ان کي چٽي ٿو ڇڏي. هو زندگيءَ کي انٽرپريٽ نه ٿو ڪري، ڪو خواب، ڪو آدرش، آئيندي جي ڪا آس نه ٿو ڏي. ساڳيءَ طرح هو ڪردارن جي اندر ليئو پائي هنن جي اندر جو ايذاءُ نٿو ڏيکاري، پر سندن خارجي عمل ٿو پيش ڪري. اهو عيب نه آهي، پر انداز آهي ۽ ان انداز جي سڀني ليکڪن کان نسيم وڏو ۽ سٺو ليکڪ آهي.“
آغا سليم جي راءِ عجيب غريب لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي رهجي وئي آهي. جنهن جي امداد حسيني پڻ پوئواري ڪئي آهي. هن راءِ تي سوچجي ته پوءِ ماڻهن جون عادتون، ماڻهن جو درد، عشق، بک، ايمانداري، بي ايماني، لالچ، هوڏ، ڪاوڙ، انا، اجايو ڀرم اهي شيون نيٺ ڪيئن انسان جو ٻاهر آهن. اهي سڀ شيون جيتوڻيڪ انسان جي اندر جي ڪيمياگريءَ جي انت جو نتيجو ئي ته آهن. ماڻهن جون مڪاريون جنهن بي باڪيءَ سان نسيم اگھاڙيون ڪيون آهن، سي ٻئي ڪنهن اهڙي انداز ۾ ڪٿي ڪيون آهن.؟؟ نسيم پنهنجي ڪردارن جي ظاهر ۽ باطن کي جنهن سگھه سان ظاهر ڪيو آهي، جو سندس ڪردار پنهنجي منطقي ۽ فطري انجام کان بچي نه ٿا سگهن. نسيم جون ڪهاڻيون انسان جي اندر جون بيمثل عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪو هن کان اڳ سنڌي ڪهاڻي ۾ اڻ لڀ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا