تيرٿ
بسنت
عالمي
سطح جو سنڌي اديب
قاسم
راڄپر
سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ تي صدين کان اهڙا املهه انسان پيدا
ٿيندا رهيا آهن، جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃايو آهي. انهن ۾ ڪجهه شخصيتون اهڙيون
به آهن، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عظيم هڏ ڏوکي تيرٿ
بسنت جو شمار به اهڙن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جنهن نه رڳو شاعري، نثر نويسي، ڊراما نگاري،
تحقيق ۾ پاڻ مڃايو، پر عالمي سياست بابت به سندس گهرو مطالعو هو. پر سنڌ هند جي هن
عظيم اديب بابت ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي آهي. تيرٿ بسنت (وسنت) ۷ سيپٽمبر ۱۹۰۹ع تي لقمان خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هو سوڍو راجپوت نک سان
واسطو رکندڙ هو. سندس والد جو نالو ويڙهو مل هو. سندس ننڍپڻ سکيو نه گذريو، گهرو معاملن
سبب سندس ابتدائي تعليم به متاثر ٿي. ۱۶
سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ
کانپوءِ هو فلمن ۾ اداڪاريءَ لاءِ ڪراچيءَ ڀڄي آيو. پوءِ هن زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد
۾ گذاريو. هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر به چونڊيو. کيس گهمڻ ڦرڻ جو وڏو شوق هوندو
هو، هو نوڪريءَ سانگي ايران ۽ عراق به گهمي آيو هو. جتي هن عربي ۽ فارسي به سکي.اُتي
هن جي ملاقات مها ڪوي گرو ديو ٽئگور سان به ٿي. ان سلسلي ۾ هن پاڻ لکيو آهي ته ”جڏهن
گرو ديو ٽئگور ايران جي دؤري تي آيو هو، تڏهن اُتي جي سرڪار جي حڪم موجب، هو ويهه کن
ڏينهن گرو ديو ٽئگور جي شيوا ۾ رهيو هو.“