Pages
17 June, 2013
طارق عالم - عزيز گوپانگ
15 June, 2013
اميران بيگم - نصير احمد چنا
سنڌي ماڻهو جهڙا قربائتا آهن، اهڙي ئي سنڌي ٻولي لوڪ
ادب ۾ مڪمل طور تي ڪارائتي ثابت ٿي آهي. شاهه رح سائين جي شاعري کان لوڪ گيتن تائين
جي تاريخ ۾ نظر وجهبي ته جنهن سيلقي سان ٺيٺ سنڌي ٻولي جا لفظ پر لطف نظر ايندا. ائين
شايد متان ڪنهن ٻي ٻولي جا لفظ نه نظر اچن. جڏهن لوڪ ادب جي ڳالهه نڪري اچي ٿي ته کوڙ
سارا نالا ذهن ۾ تري آيا آهن. جن پنهنج دل
سان هميشه لوڪ گيتن کي زندهه رکيو جن ۾ جيجي زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، زليخان، خديجا
توڙي زيب النساءِ ۽ وغيره مطلب ته هر هڪ فنڪار ان موضوع تي پنهنجي پنهنجي واري وڄائي
آهي پر انهن ۾ سنڌي لوڪ گيتن ۽ سهرن جون تمام گهڻيون ڪيسٽون جنهن ڏنيون آهن. اها ڄاتل
سڃاتل سنڌي سهرن جي راڻي محترمه اميران بيگم ئي آهي، جنهن جي زندگي ڄڻڪه لوڪ گيتن
۽ سهرن لاءِ ئي مقرر هئي. اسان ڏسون ٿا ته لوڪ گيتن/سهرن جون جيتريون نيون طرزون/ڌنون
اميران بيگم پيش ڪيون آهن. ايتريون طرزون/ڌنون ڪنهن به ٻئي فنڪاره نه ڏنيون آهن. اهو
به هڪ موسيقي جي دنيا ۾ ڪمال آهي. اميران بيگم کي سنڌي لوڪ گيتن سهرن تي عبور حاصل
هو.14 June, 2013
رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي
رئيس حاجي خير محمد ڀرڳڙي
نم جي ٿڌي ڇانوَ جهڙو ماڻهو
شاهنواز ڀٽي
سنڌ ڌرتي ڏاڍا پيارا، سلڇڻا، نيڪ
۽ سٻاجهڙا پٽ ڄڻيا آهن، جن جي شخصيت پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو
آهي. ڪي سياسي ڪردار، ڪي فنڪار، ڪي شاعر ته ڪي ليکڪ ۽ وري ڪي باغي سالار ته ڪي وري
ڏاها، سُگهڙ، سلڇڻا، قربائتا، مهمان نواز، زماني ساز ۽ بزرگ، جن جي موجودگي علائقن
اندر ڏور ڏور تائين هر وجود لاءِ هڪ آٿت جواحساس هوندي آهي، جڏهن به مسئلن جي تکي اُس
ڪنهن جي وجود کي ساڙي ته هو ڊوڙي وڃي ان بزرگ جي شفقت جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پناهه وٺي ته
سندس ڏک ڏور ٿي وڃن، اهي جيڪي مثال مون پيش ڪيا، اهي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچن ٿا. شهر جيمس
آباد جيڪو هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو، جنهن جي هڪ معزز هستي، بزرگ سياستدان ۽ علائقي
جي هڪ انتهائي قابل احترام ۽ شريف النفس انسان رئيس خير محمد ڀرڳڙي، خميس رات وڃي خالق
حقيقي سان مليو. جڏهن اها خبر علائقي ۾ پکڙي ته پاڻ سان گڏ ڏک ۽ افسوس جو سنيهو کڻي
آئي، جنهن به ماڻهو سندس لاڏاڻي جو ٻڌو، اهو هڪ لمحي لاءِ افسوس ۾ خاموش ٿي ويو.





