; سنڌي شخصيتون: رحيمداد خان مولائي شيدائي - ياسر عبدالغني خاصخيلي

12 February, 2012

رحيمداد خان مولائي شيدائي - ياسر عبدالغني خاصخيلي

رحيمداد خان مولائي شيدائي
سنڌ جي تاريخ جو سيلاني
ياسر عبدالغني خاصخيلي
سنڌ سونهاري هر  دور ۾ سدائين ناليوارا مڻيادار عظيم انسان پيدا ڪندي رهي آهي. انهن انسانن ۾ ڪي نامور، عالم، بزرگ ۽ صوفي پيدا ٿيا آهن ته ڪي وري شاعر، اديب، سگهڙ ۽ سهڻي ۽ سُريلي آواز وارا فنڪار به پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن هن ڌرتيءَ جو نانءُ پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ هن خطي جي سونهن ۽ سڳنڌ کي پڻ معطر ڪيو آهي. اهڙن مهان انسانن جا جڏهن نالا کڻبا ته اسان کي سنڌ جي انهن ناليوارن تاريخدانن ۽ محققن جا نالا به سامهون ايندا، جن پنهنجي سڄي ڄمار علم ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پنهنجو وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. اهڙن قدردانن ۽ عظيم انسانن کي سنڌ جي ڌرتي جنم ڏيندي هميشه فخر محسوس ڪندي رهي آهي. جيڪڏهن انهن شخصيتن جي زندگيءَ تي قلم کڻي لکڻ ويهجي ته هوند ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مضمون لکي سگهجن ٿا. اڄ مان سنڌ جي اُن ناليواري تاريخدان ۽ محقق جو ذڪر ڪندم، جنهن کي اسان کان وڇڙندي 34 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي.


سکر شهر سان تعلق رکندڙ ان نامور تاريخدان ۽ محقق جو نالو رحيمداد خان مولائي شيدائي آهي. جنهن پنهنجي نوجوانيءَ جا حسين ڏينهن ۽ راتيون، علم ۽ ادب جي نانءُ ڪيون ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪيترا ئي تاريخي ڪتاب لکيا. رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ کي تاريخدان ۽ محقق کان علاوه جيڪڏهن اديب، شاعر، سگهڙ چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. تاريخ جي هن انمول تاريخدان، سال ۱۸۹۴ع ۾ شير محمد خان شهواڻي بروهيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جي وڏڙن جو تعلق، بلوچستان جي علائقي مستونگ سان هو.
مولائي شيدائي بنيادي تعليم سکر جي غريب آباد محلا ۾، مولانا خدا بخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مولائي صاحب، جڏهن چوٿين درجي ۾ انگريزي پڙهندو هو ته سندس استاد ڄيٺانند هميراجاڻي سندس ذهني قابليت کي ڏسي ڪري، مٿس خاص شفقت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجي گهر ۾ تاريخ جا ڪتاب پڙهائيندو هو. اهڙيءَ طرح ڊرائينگ جو فن پڻ هڪ ٻئي استاد جهامنداس ڀاٽيه سيکاريو هوس. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ ئي، اسڪول کي ڇڏي ڏنو هئائون. تنهن بعد پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي، مولانا عبدالغفور همايوني جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. مولانا صاحب کيس دعا ڪئي ته تنهنجي طبيعت ۾ وڏيون خوبيون سمايل آهن. چيو وڃي ٿو ته پوءِ مولائي صاحب کي جلد ئي ريلوي ۾ ڪلينر جي نوڪري ملي وئي ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيون. ان وقت سندس پگهار ماهوار ست روپيا هوندي هئي. تنهن بعد ۱۹۱۴ع ۾ سندس پگهار چاليهه روپيا مقرر ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محنت ۽ قابليت سان گارڊ جي عهدي تي پهتو ۽ پاڻ ۲۰ سالن جو عرصو ريلوي ۾ نوڪري ڪيائون ۽ ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي مان رٽائرمينٽ ورتائون. مولائي شيدائي پنهنجي سرڪاري ذميواري نڀائڻ سان گڏوگڏ ريل گاڏيءَ ۾ به قلم ۽ ڪاغذ کڻي، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي لکندو رهندو هو. رٽائرمينٽ جو اصل سبب اهو هو ته سندس خواهش هوندي هئي ته مان پنهنجي رهيل زندگي تحقيق لاءِ وقف ڪريان.
رحيمداد خان مولائي شيدائي معلومات جو هڪ وڏو خزانو هوندو هو. بقول نامياري اديب ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ته مولائي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جو شيدائي هو. هن عظيم محقق جي روح ۽ دل ۾ روحانيت جو  وڏو اثر هو. ايتري قدر جو روحانيت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هوندي هئي. چون ٿا ته روهڙي اسٽيشن ماسٽر جيڪو انگريز هوندو هو ۽ پليٽ فارم تي سنڌي ملازمن کي بيعزتو ڪري مار-ڪٽ به ڪندو هو، اها ڳالهه مولائي صاحب جي برداشت کان ٻاهر هوندي هئي، سو هڪ ڏينهن پاڻ روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ لڪي لڪي ٽڪيٽ وٺي ڪراچي ڏانهن وڃڻ واري گاڏي ۾ ويهي رهيو. جڏهن گاڏي راڻيپور اسٽيشن تي پهتي ته دل ۾ خيال آيس ته ڇو نه پير صالح شاهه جي زيارت ڪريان. اهو خيال ڪري ريلوي اسٽيشن تي لهي پيو. پاڻ پير صاحب جي حاضريءَ ۾ حاضر ٿيو. پير صاحب کيس ڏسندي چيو؛ تنهنجا پيءُ ماءُ ڏاڍا پريشان آهن، تنهن ڪري تون واپس سکر هليو وڃ ۽ وڃي ڊيوٽي ڪر. پاڻ پير صاحب جو حڪم مڃيندي، روهڙي اسٽيشن تي موٽي آيو ته انگريز اسٽيشن ماستر ساڻس پيار مان ڳالهائڻ لڳو.
مولائي شيدائي انوکي ۽ سنجيده طبيعت جو مالڪ هوندو هو. هو دوستن جي تمام گهڻي خاطر تواضع ڪرڻ ۾ دلي طور خوشي محسوس ڪندو هو ۽ دوستن جو تمام گهڻو احترام پڻ ڪندو هو. مولائي صاحب جو، علامه مرحوم عمر بن محمد دائودپوٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي، مرحوم لطف الله بدوي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙن عالمن ۽ فاضلن سان دوستي جو ناتو هوندو هو. مولائي شيدائي صاحب، شروع ۾ هندستان جي تاريخ تي جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته پير علي محمد شاهه راشدي کيس چيو ته؛ هن وقت سنڌ جي تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري توهان کي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ گهرجي. تنهن بعد ئي مولائي صاحب، سنڌ جي تاريخ تي لکڻ شروع ڪئي. سندس سنڌ جي تاريخ تي پهريون ناياب ڪتاب (جنت السنڌ) آهي. ان کان علاوه؛ تاريخ تمدن سنڌ، تاريخ سکر، تاريخ مختصر بلوچستان، سنڌ جا بلوچ قبيلا، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تاريخ خاصخيلي، سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، موسوين جي تاريخ، تاريخ بکر، تاريخ ٽالپر، تاريخ قلات، تاريخ اسلام، سنڌ جا پراڻا شهر، تاريخ ترڪستان، انسائيڪلو پيڊيا آف بلوچستان (سنڌي ۾) وغيره جهڙا ٻيا تاريخ ساز ڪتاب سر فهرست آهن. تنھن کان سواءِ، ان دور جي ڪيترن ئي مختلف سنڌي، اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لاتعداد تاريخي مضمون پڻ شايع ٿيندا رهيا.
مولائي صاحب کي، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي تمام گهڻو عبور هوندو هو ۽ پاڻ ان وقت جي ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪيل تحقيق مان غلطيون ڪڍي، سندن درستگي پڻ ڪندو هو. مولائي صاحب، روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. بحيثيت صحافي جي سنڌي اخبارن ۾ پڻ نين روايتن کي جنم ڏنائين. اهڙيءَ طرح اخبارن ۾، ڪارٽونن جي شروعات پڻ مولائي صاحب ڪئي هئي. رحيمداد خان کي، مولائي جو خطاب پير حسام الدين شاهه راشدي ڏنو جڏهن ته شيدائي جو خطاب پير علي محمد شاهه راشدي ڏنو.
چيو وڃي ٿو ته مولائي صاحب، راشدي برادران جي مشوري سان تاريخ جي شعبن ۾ ڪيترا ئي ڪارناما سر انجام ڏنا. سکر ۽ شڪارپور ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جي صدارت، اڪثر ڪري مولائي صاحب کان ڪرائي ويندي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته هيءُ عظيم انسان، مولائيءَ سان گڏوگڏ علم تاريخ جو شيدائي پڻ هوندو هو.
سنڌ جو هي محسن تاريخدان، اسان کان 12 فيبروري 1978ع تي جُدا ٿي ويو ۽ کيس آدم شاهه ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. 


سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا کي اپيل

خالده خانم بروهي (نياڻي رحيمداد خان مولائي شيدائي)

سنڌ جي مختلف اديبن، محققن ۽ ليکڪن جهڙي طرح پنهنجي ذاتي شوق، دلچسپي ۽ جستجو سان بغير ڪنهن لالچ جي تاريخ جي حوالي سان اڻ پورين سهولتن واري جنهن دور ۾ قلم کنيو، ان دور ۾ انهن اديبن جي لاءِ تحقيق جي مرحلن مان گذرڻ ڏاڍو ڏکيو سمجهيو ويندو هو. وسيلن جي پڻ کوٽ هوندي هئي، پوءِ به انهن مانائتن ۽ ناليوارن اديبن جهڙي طرح پنهنجي ثقافت ۽ تاريخ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ روشناس ڪرايو، اهو سندن هن ڌرتيءَ سان محبت جو لازوال مثال تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن علمي حوالي سان جاکوڙيندڙ ڪردار محسوس ڪيو وڃي ٿو. منهنجي والد صاحب رحيمداد خان مولائي شيدائي پڻ انهن مانائتن ۽ ناليوارن محققن مان هڪ هو، جنهن پڻ پنهنجي محدود آمدني ۽ مصروف وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ خطي جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن، شخصيتن کان علاوه سماجي پهلوئن تي جهڙي طرح تحقيق ڪئي، اُها سندن پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت جو وڏو مثال تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان کي بابا سائينءَ جي ڪيل علمي پورهئي تي هميشه ناز رهندو، جيڪو پنهنجي شخصيت کي هروڀرو اُڀارڻ نه پر هن خطي جي تاريخ کي عام ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. مان سنڌي ادبي بورڊ انتظاميا جو توجهه ان طرف ڇڪائڻ ٿي چاهيان ته اسان بابا سائينءَ جا ٻه عدد ناياب ڪتاب شايع ڪرائڻ جي لاءِ ڏنا هئا، ته اهي جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد شايع ڪري پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندا وڃن ته جيئن نوجوان نسل انهن تاريخي ڪتابن ۽ ان دور جي اديبن جي لکڻين جي انداز کي سمجهي پاڻ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ذوق پيدا ڪن، پر هن ذميوار اداري جي ڪارڪردگيءَ تي به افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. نهايت ئي ڏک مان لکڻو ٿو پوي ته ڪتاب ”ميخانهء شيدائي“، جنهن ۾ سنڌ توڙي هند جي ناليوارن اديبن جا اُهي خط، جيڪي بابا سائينءَ ڏانهن لکيا ويا هئا، جن ۾ نهايت ئي مفيد ۽ ڪارائتيون ڳالهيون شامل هيون، ان ڪتاب جو مسودو اڄ کان 25 سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي انتظاميا ورتو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين شايع ناهي ڪيو ويو. ان کان علاوه ٻيو ڪتاب ”بلوچ قبيلن تي هڪ نظر“ جو مسودو اڄ کان ۶ سال اڳ ورتو ويو، جنهن جو پڻ ڪو پتو ڪونهي ته اهو مسودو اداري وٽ محفوظ به آهي يا ڪنهن جي هٿ چڙهي ويو آهي، ڇو ته ڪجهه عرصو اڳ اهڙي قسم جا ٽيليفون پڻ اسان کي آيا هئا ته مولائي شيدائي جي انهن ڪتابن مان ڪجهه مواد ڪڍيو ويو آهي. اسان کي بورڊ جي انتظاميا طرفان هميشه اهو چيو ويو ته ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ آهن، پر هن وقت تائين انهن ڪتابن بابت بورڊ انتظاميا طرفان اهو ظاهر نٿو ڪيو وڃي ته ڪتابن جا مسودا محفوظ به آهن يا نه!؟ مان سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميا کي پُر زور اپيل ٿي ڪريان ته خدارا منهنجي بابا (رحيمداد خان مولائي شيدائي) جي علمي پورهئي جو قدر ڪيو وڃي ۽ انهن تاريخي ڪتابن کي شايع ڪيو وڃي، يا ٻي صورت ۾ اُهي مسودا اسان کي واپس ڪيا وڃن.




مولائي شيدائي
نامور تاريخدان ۽ محقق رحيمداد خان
فاروق سومرو/سکر
سنڌ ڌرتي هزارين سال تاريخي حيثيت جي مالڪ آهي. جنهن تي ڪيترن ئي تاريخ نويسن بهترين انداز ۾ لکيو آهي پر انهن مان رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن جو نالو پاڪستان توڙي پوري دنيا  جي ادبي توڙي علمي حوالي سان مشهور شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن تاريخ جهڙي مشڪل ۽ سنجيده موضوع تي اڻ ڌريو ٿي لکيو ۽ پاڻ کي بهتر اديب، دانشور، محقق ۽ باوقار تجزيه نگار طور مڃرايو آهي. رحيمداد مولائي شيدائيءَ ۴۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾”تاريخ جنت السنڌ“، ”تاريخ تمدن سنڌ“، ”تاريخ بلوچستان“، ”سنڌ جي سياست“، ”مهدوي تحريڪ“، ”سنڌ جا تاريخي پراڻا شهر“، ”تاريخ سکر“ ۽ ٻيا شامل آهن.
ثقافت کاتي سنڌ ۲۰۱۰ع ۾ مرحوم تاريخدان مولائي شيدائيءَ جي ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي ڪتابن جي شڪل ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا واعدا ۽ اعلان ڪيا ۽ سمورو مواد وٺڻ بعد هر سال ٻه ڪتاب شايع ڪرائڻ جو يقين ڏياريو پر ۳ سال گذري وڃڻ باوجود ڪو به ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو.
مولائي شيدائيءَ جي ويجهن دوستن ۾ سنڌ جي ناليوارن ڏاهن، دانشورن مخدوم طالب الموليٰ، علامه آءِ آءِ قاضي، شيخ اياز، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، برڪت علي حداد سميت ٻين جو شمار ٿيندو هو.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي تاريخدان مولائي شيدائيءَ جي پونئيرن جي مالي مدد ۽ کين سهارو ڏيڻ جي لاءِ ته ڪي به جوڳا قدم نه کنيا پر سندس آخري آرام گاهه کي بچائڻ جي لاءِ به ڪو تحرڪ نه ورتو. ثقافت کاتي، سکر انتظاميه ۽ سکر جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ بيحسيءَ سبب سکر جي اڪثر قبرستانن ۾ قبضا مافيا گٽرن جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان گڏ قبرن جي بيحرمتي ڪندي اُتي گند ڪچرو اُڇلايو پيو وڃي. اڄ برک تاريخدان، محقق ۽ دانشور مولائي شيدائيءَ جي ۳۶ هين ورسي آهي.

رحميداد مولائي شيدائي هڪ بهترين تاريخدان هجڻ سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ هو، جنهن کي وسارڻ تاريخ  کي وسارڻ جي برابر آهي ۽ جيڪا به مهذب قوم پنهنجي تاريخ مان سبق حاصل نه ڪندي آهي، اُها ڪڏهن به ترقيءَ طرف گامزن نه ٿيندي آهي. جنهن لاءِ حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي، سکر جي چونڊيل نمائندن، ڪمشنر ۽ ڊي سي سکر کي گهرجي ته، تاريخدان رحيمداد مولائي شيدائيءَ جي آخري آرام گاهه کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ سکر سميت پوري سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي قبرستان جي حفاظت جي لاءِ دعوائن ۽ اعلانن واري عمل کان نڪري ڪو عملي قدم کڻڻ.




رحيمداد خان مولائي شيدائي
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي
خالد ٻانڀڻ 
سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. سنڌ جي هن شهر ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن انهن مان سنڌ جي هڪ ماياناز علمي ادبي شخصيت مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائي پڻ هڪ هئي.
سنڌ جي مايا ناز تاريخدان رحيم داد خان جنهن جو لقب مولائي شيدائي آهي. سنڌ جي ٻن تاريخ سان ڀائر شصيت پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي رحيم داد جا علمي ادبي دوست هئا. هن ماڻهو جي فقير طبيعت ڏسي هڪ ڀاءُ کيس مولائي لقب ڏنو. ٻئي شيدائي ڏنو ڳالهه فرد ۾ اچي وئي آخر مولانا دين محمد وفائي فيصلو ڪري کيس ”مولائي شيدائي“ جو لقب ڏنو ۽هي پوري سنڌ ۾ مولائي شيدائي جي نالي سان مشهور ٿيو. مولائي نه رڳو تاريخ تي پر صحافت ۾ به پاڻ مڃرايو. هن 1941ع ۾ خان بهادر الله سومرو ان وقت جي سنڌ جي سي ايم جي نگراني ۾ نڪرندڙ روزاني اخبار آزاد جو سب ايڊيٽر رهيو. هن جا تاريخ ادب تي مضمون ستاره سنڌ، توحيد، المنار، اولحيد ۽ سنڌو ۾ شايع ٿيا ۽ ڏاڍو مقبول ٿيا. هن نه رڳو سنڌ پر بلوچستان جي تاريخ سان به انبت ان جي ڪري رکي ته جو سندس وڏڙن جو تعلق بلوچستان سان هو ان جي ڪري 1941ع ۾ ڪتاب ”مختصر تاريخ بلوچستان“ کليو، جنهن بلوچ وقمن جا شجرا ۽ ٻي اتفصيل ڏنا هئا. 1894ع ۾ سکر ۾ ريلوي جي ملازمن شير محمد بروهي جي گهر ۾ جنم ورتو،

گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد وانگر 1919ع ۾ ريلوي انجڻ شيڊ روهڙي ۾ ڪلينر جي نوڪري ڪئي بعد ۾ گارڊ جي عهدي تي پهتو پر هن کي علم ادب صحافت سان جيڪو چاهه هو ان اڃ نيٺ 1939ع ۾ ريلوي جي نوڪري تان استيفعيٰ ڏياريس جنهن بعد مولائي 12 کان 14 ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس پهريون شاهڪار ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت جنت السنڌ  اٿس ان کان علاوه سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ سنڌ ۾ رهندڙ بلو قبيلا، تاريخ تمندن سنڌ، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، سنڌ جا پراڻا شهر، پيغام نور، ٽالپرن جي مختصر تاريخ، اقالي اسلام، سرزمين بلوچ، اردوم تاريخ قلات زارڍو ۾ ڪتاب لکيا جڏهن ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪتاب تاريخ سکر اڄ به سکر تي ڪم ڪندڙ صحافين، اديبن، شاعرن لاءِ رهبر بڻيل آهي. جنهن مطالعي کان سواءِ سکر تي لکڻ اڌورو هوندو. مولائي 1945ع هلال پاڪستان جو پڻ ايڊيٽر رهيو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جو پهريون صحافي هو جنهن اخبارن ۾ ڪارٽون جو سلسلو شروع ڪيو. شيدائي 1950ع ۽ 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو رهيو. هن مڙس مولائي اڄ به ڪيترا ئي ڪتاب اڻ ڇپيل سندس پوٽن وٽ پيل آهن. جن ڪتابن ۾ اقالين اسلام جيڪو ٽن جلدن تي ٻڌل آهي. تاريخ اسلام، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ شامل آهن نه رڳو حيرت جهڙي پر پريشان ڪندڙ حقيقت اها آهي ته انهن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب ڇپائي جي مختلف ادارن وٽ سالن کان پيل آهن پر شايد اهو اڻ ڇپيل آهي ۽ ٻن جلدن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ چون ٿا هن ڏانهن جن اديبن شاعرن، عالمن، تاريخ دانن جا خط ايندا هئا انهن کي سهيڙيو اٿس، مطلب ته مولائي شيدائي سنڌي ٻولي تاريخ ادب جي حوالي سان جيڪا محنت ۽ خدمت ڪئي آهي ان جو کيس ذري جيترو به سلو نه مليو، هن پنهنجا 53 ورهيه سنڌي علم ادب کي ڏنا، 11 فيبروري 1978ع ۾ وفات ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا