; سنڌي شخصيتون: محمد حسين ‘ڪاشف’ - سليم العارف ڪنڀار

25 September, 2011

محمد حسين ‘ڪاشف’ - سليم العارف ڪنڀار


محمد حسين ‘ڪاشف’ 
شخصيت ۽ ادبي خدمتون
سليم العارف ڪنڀار
ادب جي تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شمار دنيا جي قديم ٻولين ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي مهان ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق، “سنڌي ٻولي وادي سنڌ جي پيداوار ۽ هتان جي قديم سنڌي قوم جي زبان آهي. سنڌي ٻولي نه سنسڪرت جي ڄائي آهي ۽ نه ئي ان جي پراڪرتي خاندان مان آهي، ۽ نه ئي وري غير آريائي ٻولين آرامي، سرياني، عبراني، ڪلداني جيڪي سامي زبانن جي سٿ مان آهن، تن جي خاندان مان تصور ڪري سگهجي ٿي.” سنڌي ٻولي جو ادب هڪ وسيع سمونڊ آهي، جنهن جي تهه ۾ ڄاڻ جا اڻ ڳڻيا موتي موجود آهن. تاريخ جي هر دور ۾ سالڪ ۽ ساڃاهه وند ادب جي هن وسيع ۽ اونهي سمونڊ مان موتي ميڙي ڌرتيءَ تي سچ ۽ ساڃاهه جي روشني ڦهلائيندا رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته بتدريج تاريخ جي مختلف دورن مان سنڌي ادب گذري تحقيق جي آئيني ۾ اڄ جنهن شڪل ۾ موجود آهي انهيءَ لاءِ هر دور ۾ فطري، زميني ۽ سائنسي حقيقتن جي بنياد تي سالڪن ۽ ساڃاهه وندن جيڪي محنتون ڪيون ۽ ڪوششون ورتيون اهي نه فقط قابل تحسين آهن پر انهن سمورين حقيقتن جو هڪ جامع تسلسل ۽ ڳانڍاپو ماضي، حال ۽ مستقبل جي منزلن سان آهي، جيڪو سنڌي قوم جي وجود جو اصل ۽ مڪمل روح آهي جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي نه فقط تاريخ ۽ جاگرافي سان آهي پر ان جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تهذيب و تمدن، ثقافت و وراثت، وجود ۽ بقا سان پڻ آهي.

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جا اهي سالڪ ۽ ساڃاهه وند يقينن پنهنجي حياتيءَ ۾ طالب ئي رهيا هوندا ڇاڪاڻ ته ڳولا هڪ اهڙو فطري عمل آهي جنهن ۾ سواءِ طلب جي ٻيو ڪو به جذبو حاوي نه ٿو ٿي سگهي. ڄاڻ (علم) جي جستجو هر طالب کي ماضي جو مطالعو، حال جو مشاهدو ۽ مستقبل جو تعين ضرور ڪرايو هوندو اهو ئي سبب آهي جو تحقيق جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي ڪائنات ۾ نت نوان راز ۽ رمزون متعارف ڪرائيندو رهيو آهي. هر طالب ڄاڻ جي جستجو ۾ پنهنجي عقل ۽ علم پٽاندڙ مطالعي جي بنيادن تي مشاهدو ماڻيو آهي ۽ نت نوان ماڻ، معيار ۽ معنائون، سخن، سبق ۽ سرا، تشريح، ترويج ۽ تفسير خلق اڳيان سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ مهيا ڪيا آهن جيئن ڪائنات ۾ رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ ۽ زندگي کي لاڀائتو بنائڻ ۾ خلقِ عام کي ڪا ڏکيائي درپيش نه اچي. يقينن ڄاڻ جي راهن تي روشني ڦهلائڻ وارا انسان هر دور ۾ مَهَان سڏبا رهيا آهن، انهن انسانن ۾ هڪ نانءُ  محمد حسين “ڪاشف” جو به شامل آهي. جنهن هڪ طالب جي حيثيت سان، سڄي ڄمار علم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. ادبي ۽ علمي خدمتن جي بنياد تي سنڌي ادب ۾ کيس هڪ مانائتو مقام حاصل رهيو. جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ ۾ سندس پنج ادبي ۽ علمي ڪتاب ۽ ٻه نصابي ڪتاب شايع ٿيا، جيڪو مقدار سندس لکيل مواد جي حساب سان بنهه گهٽ آهي. ليڪن معيار جي نسبت سان فڪري اهڃاڻن جي مقام تي پهتل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾ ئي کيس ٻين اعزازن ۽ ايوارڊن سان گڏو گڏ ٽن قومي ادبي ايوارڊن سان نوازيو ويو ۽ وفات کانپوءِ به ثقافت کاتي سنڌ سندس هڪ وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايو ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ شاهه عبداللطيف ايوارڊ 2011ع پڻ کيس ڀيٽا ڪيو.
بنيادي طرح سان محمد حسين “ڪاشف” هڪ محنت ڪش گهراڻي جو ڄائو هو. 03 فيبروري 1930ع بروز سومر هڪ انتهائي ايماندار ديندار ۽ محنت ڪش انسان حافظ محمد عمر ڪنڀار جي گهر ۾ جنم ورتو. محمد حسين “ڪاشف” جو والدِ حافظ محمد عمر ڪنڀار هئڻ جي ناتي هڪ تخليقڪار هو. مٽيءَ جا ٿانو ٺاهي پچائي آهتين کي پهچائيندو هو ۽ پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. ان سان گڏو گڏ هو بادشاهن جون ڳالهيون/ حقايتون پڻ تخليق ڪندو هو ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول جي ڪچهرين ۾ نه فقط سبق آموز انداز ۾ ٻڌائيندو هو پر ان جا مثبت ۽ منفي پهلو پڻ مختلف مثال ڏئي بيان ڪندو هو، جيڪي سماج جي سڌارڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سندس ڏاهپ ڀريا نقطا ماڻهن لاءِ مشڪل حالتن ۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا. جنهنڪري ماڻهو انتهائي پيچيده مسئلن تي کانئس رهنمائي پڻ حاصل ڪندا هئا. حافظ محمد عمر پنهنجي اولاد جي پرورش انتهائي سادي نموني سان ڪئي ۽ تربيت انتهائي بهتر انداز ۾ ڪئي. محمد حسين “ڪاشف” ٻاروتڻ ۾ نه فقط ڪم ۾ پنهنجي والدِ محترم جو هٿ ونڊايو پر ڪنڀارڪو هنر مڪمل طريقي سان پڻ سکيو. هن فائينل تائين نصابي تعليم پنهنجي ڳوٺ چمبڙ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي.
محمد حسين “ڪاشف” 1944ع ۾ فائينل پاس ڪئي ۽ 1946ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. اهو تقريبن ٻن سالن جو وچ وارو عرصو هڪ ته ميرپور خاص ۾ پنهنجي مامي محمد شريف وٽ درزڪو ڪم سکڻ ۾ گذاريائين، ۽ باقي وقت رازڪي ڪم جي سکڻ ۾ گذاريائين. پاڻ هڪ بهترين درزي ۽ رازو پڻ هو. 1951ع ۾ ايس-وي جي سکيا خاطر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ زيرِ تربيت رهيو. جتي ٻين قابل استادن سان گڏ حضرت مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن سندن مربي استاد رهيا جن سندن نه فقط تعليمي تربيت ڪئي بلڪ مولانا گرامي صاحب ان وقت کان وٺي مرڻ گهڙي تائين محمد حسين “ڪاشف” جي علمي، ادبي ۽ قلبي تربيت تي متوجه رهيا. محمد حسين کي “ڪاشف” جو لقب پڻ غلام محمد گرامي صاحب جن جو عطا ڪيل آهي.
مٿي ذڪر ڪيل مختصر احوال جو مقصد فقط ايترو آهي ته محمد حسين “ڪاشف” جي تعليمي، اخلاقي، علمي، ادبي ۽ ذهني پرورش انتهائي معتبر ۽ مانائتين شخصيتن جي هٿن ۾ ٿي ۽ پاڻ به انهيءَ جو درست درس حاصل ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي، مرڻ گهڙي تائين سندس تعلق علم، قلم ۽ ادب سان رهيو ۽ پاڻ سڄي حياتي سنڌ جي علم ۽ ادب جي تحقيق ۽ تحرڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هيسيتائين سندس ڇهه ڪتاب سنڌ جي نالي وارن علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن طرفان شايع ٿيا آهن. ان کان علاوه لڳ ڀڳ 150 تحقيقي ۽ علمي مضمون ۽ مقالا پڻ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد، سندس لائبريري ۾ موجود ڪتابن، سندس ڪيل مختلف تقريرن ۽ ذاتي زندگيءَ جو مٿاڇرو اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، سندس علمي ۽ ادبي رجحان جو لاڙو تحقيق جي ڪم ڏانهن نسبتن وڌيڪ هو. سندس لکيل مواد  ۾ تحقيق جي عنوان سان تمام گهڻا مضمون ۽ مقالا لکيل آهن، جن ۾ خاص ڪري دنيا جي عظيم شنهشاهه شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه ۽ تصوف جي عنوان هيٺ انتهائي مستند ۽ معياري مواد لکيل آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن، سنڌ جي معتبر محققن ۽ اديبن ۽ انهن جي تحريرن بابت پڻ تحقيقي مواد تحرير ڪيل آهي.
محمد حسين “ڪاشف” پنهنجي ادبي اوائلي دور ۾ هڪ ناول پڻ لکيو آهي، جنهن جي مرڪزي ڪردار جو نانءُ “سلميٰ” آهي. هي ناول سندس ذاتي زندگيءَ سان وابسته آهي ۽ زندگيءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ شاعري پڻ ڪئي اٿس. سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي روح تصوف جي جهلڪ نمايان نظر اچي ٿي. سندس تحرير جي ٻولي نهايت ئي پختي ۽ ٺيٺ آهي، سنڌي ٻولي جي گرامر ۽ مقالي يا مضمون لکڻ جي قاعدن جي ضابطي جي گرفت سندس هر ننڍي توڙي وڏي تحرير تي حاوي نظر اچي ٿي. سندس تحريرن ۾ فارسي لفظن جو استعمال پڻ ٿيل آهي، جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هن فارسي اديبن ۽ محققن جو پڻ گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو هوندو.
سندس تحقيق جو سڄو ڪم حقيقي تاريخي حوالن ۽ زميني ثبوتن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن هن ڪٿي تنقيد لاءِ قلم کنيو به آهي ته اها تعميري ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ موضوع جي معيار جي بلندي ۽ بهتري تي مبني آهي. شاهه سائين جي ڪلام جي مختلف مرتب ڪيل ڇاپن جو اڀياس لکندي تمام مضبوط وضاحتون ۽ شرحون پيش ڪيون آهن ۽ لطيف سائين جي قلمي نسخن جو اڀياس پڻ باريڪ بيني سان ڪيو آهي. هن شاهه سائين جي تقريبن سڀني سرن تي تحقيقي مضمون به لکيا آهن ۽ “شاهه جي رسالي جي سڄاڻي” جي عنوان هيٺ ٻن جلدن ۾ شاهه سائين جي نون(9) سُرن جي بيتن جي سمجهاڻي ۽ لفظن جي معنيٰ پڻ لکي آهي. ان کان علاوه شاهه سائين جي سوانح جا اسم، ماڳ ۽ آثار، شاهه سائين جون سنڌ جي عالمن ۽ عارفن سان ملاقاتون، شاهه سائين جي فقيرن ۽ انهن جي حوالي ڪمن تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
محمد حسين “ڪاشف” نه فقط شاهه سائين جي پيغام مان لاڀ پرايو بلڪ هن سچل سائين، سامي فقير، خليفي نبي بخش قاسم، گرهوڙي فقير، مخدوم محمد زمان لنواري واري، مخدوم معين الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ۽ مخدوم نوح سان گڏوگڏ حضرت لعل شهباز قلندر، حضرت شاهه آغا جان سرهندي جي سخنن ۽ سلوڪن مان پڻ پنهنجي طلب جي اُڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن جي فڪر ۽ نظرئي جو اڀياس ڪري ناياب ماڻڪ ۽ موتين جا جهول ڀري، حق جي طالبن ۾ ورهايا آهن. سندس سموري حياتي ڳولا ۽ جستجو ۾ گذري آهي. هُن سڄي ڄمار اها ڪوشش ڪئي آهي ته فڪر جي روح تائين پهچجي ۽ وڌ کان وڌ چٽو ۽ خوبصورت ڪري سمجهجي ۽ پيش ڪجي، جيئن ان تي عمل ۾ ڪا ڪمي يا پيشي نه ٿئي. جنهن لاءِ هن علامه مشرقي، ابن العربي، منصور حلاج، بايزيد بسطامي، علامه سعد الدين، شاهه ولي الله، مولوي غلام محمد خانزئي ۽ ٻين انهي پايي جي محققن ۽ مصنفن کي پڻ پڙهيو ۽ لاڀ حاصل ڪيو.
سندس ڪتب خاني ۾ تصوف جي موضوع تي تمام گهڻن مستند ۽ معياري ڪتابن جي موجودگي ۽ سندس تحريرن ۽ تقر يرن ۾ تصوف ۽ صوفي ازم تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته سندس سوچ ۽ خيال جو مرڪز تصوف جي تاريخ ۽ فڪر رهيو آهي. جنهن کي هن پنهنجي ذهني ۽ قلبي صلاحيتن سان سمجهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪو پروڙيو آهي ان کي پڌرو پڻ ڪيو آهي.
جيئن ته محمد حسين “ڪاشف “ هڪ پرائمري استاد هو، هن زندگيءَ جا 45 سال بحيثيت هڪ محنتي استاد جي ٻارن کي پرائمري تعليم پڙهائي، جنهن عمل زندگيءَ  ۾ کيس تمام گهڻي سکيا ڏني. مختلف قوميتن، مختلف مزاجن ۽ مختلف طبقن جي ٻارن سان سلهاڙيل انهن جي روين، انهن جي ذهني قوت ۽ رجحان محمد حسين “ڪاشف” کي گهڻائي سبق پڙهڻ، سکڻ ۽ انهن مان عملي طرح لاڀ حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا. مطلب ته هن سکڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ هڪ قابل استاد ڪوٺيو وڃي ٿو.
سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ به سندس خدمتون ڪتب آيل آهن. محمد حسين “ڪاشف” سنڌ ايجوڪيشن ڪائونسل حڪومت سنڌ جو ميمبر رهيو. ضلعي ايجوڪيشنل ڪائونسل ضلعي حيدرآباد جو ميمبر رهيو. بيرو آف ڪرڪيوليم سنڌ جو ميمبر رهيو. سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۾ درسي ڪتابن جي جاچنا ڪميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي صلاحڪار رهيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ بطور ليکڪ پڻ رهيو. هو درسي ڪتابن ۾ سنڌي ٻيو ڪتاب ۽ سماجي اڀياس ڪلاس ٽيون سنڌي ۽ اردو جو ليکڪ آهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته محمد حسين “ڪاشف” سڄي عمر علم پرايوآهي ۽ علم ورهايو آهي. هن ڄاڻ جي راهن تي ڪيئي ڏيئا ٻاريا آهن. يقينًا باک ڦٽڻ تائين جي ان سچيت سفر ۾ سندس ساٿ سڦل ثابت ٿيندو. ميدان ِعلم ۽ ادب ۾ سندس محنتي طالب جو مقام مانائتو ۽ لاڀائتو رهندو.
سنڌ جو ھيءُ مانائتو شخص، زندگيءَ جا ستر سال پورا ڪري، 25 سيپٽمبر ۲۰۱۰ع تي دارالبقا ڏانھن راھي ٿي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا