; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو - عطاء الله شاهه بخاري

18 May, 2011

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو - عطاء الله شاهه بخاري


ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ماٺيڻو محقق
عطاء الله شاهه بخاري
قدرت جا به پنهنجا ڪم آهن، ڪو زمانو هو جو ٺٽي ۽ لاڙ واري پٽيءَ کي عروج حاصل هو ۽ سنڌ جي مقدر جا فيصلا اُتي ٿيندا هئا. سڄي سينٽرل ايشيا جي واپار جو گذر اتان ٿيندو هو. ديبل، لاهري يا لاڙي بندر، اورنگا بندر، وڪر بندر، شاهه بندر، جاکي بندر، سنڊو بندر، ساکي بندر، ڌاراجا بندر توڙي ڪيٽي بندر ذريعي عرب، عجم، توڙي ڏکڻ ايشيا جا واپاري اتي اچي ترسندا هئا ۽ پنهنجي مطلب جون شيون خريد ۽ وڪرو ڪندا هئا. سنڌ سميت، اُچ، ملتان ويندي پنجاب جي مکيه شهرن تائين لٽو ڪپڙو، زر زيور اتان ويندا هئا. اُن وقت اُتر جا امير به اهو چوندا هئا ته ”بينسر بنل جي مان لاڙئون گهرايان.“ شادي مرادي توڙي ٺاٺ ٺانگر جو سمورو سامان ان زرخيز پٽيءَ مان ايندو هو.
اهڙي سرزمين، کي مختلف دورن ۾ دنيا جي نامور شخصيتن ايران، عراق، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن کان اچي اتي مسڪن بڻايو. ان جي سڳنڌ شاهه سائين کي به موهي وڌو ۽ ڪيئي ڀيرا سائينءَ اتان جي صوفين، جاکوڙين، صحبتين ۽ مانجهي مڙسن سان اچي ملاقاتون ڪيون. انهن جي وڇوڙي تي بيساخته چيو ”ٻري جن ٻاري آنءُ نه جيئندي ان ريءَ.“ اهڙي طرح سائين جو سرسامونڊي، سر سريراڳ، ڪاپائتي، پورب ۽ رامڪلي پڻ پڪي طرح ان سرزمين جي شادابي، ڀرپور ثقافتي قدرن توڙي اجاڙ وارين حالتن سان رچيل آهن.
ان سرزمين تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪيئي اَملهه موتي پيدا ڪيا آهن، جن جي هڪ وڏي فهرست آهي. هتي آئون صرف پنهنجي دور جي مڃيل محقق، استاد، شاعر، نقاد ۽ پنهنجي مٽيءَ سان پيار ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مختصر ذڪر ڪندس.
هونئن ته ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي شعبي ۾ مڃتا پوري سنڌ اندر آهي پر ملڪي سطح تي سندس نالو مانوارن محققن جي فهرست ۾ نمايان آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو موسيقيءَ ۾ پڻ وڏي مهارت رکي ٿو. اسان لاڙ وارن لاءِ ته ڊاڪٽر صاحب وڏي وٿ آهي. نوجوانن لاءِ ڇپر ڇانءَ، استادن اديبن لاءِ رهبر ۽ وڏي ڄمارَ وارن لاءِ مثالي انسان آهي. مون جڏهن سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو“ پڙهيو ته دنگ رهجي ويس. ان هڪ ڪتاب جي ترتيب لاءِ جوڻيجي صاحب سوين ڪتاب، مضمون ۽ مقالا پڙهيا ۽ مصنف سان روبرو ملي مستند ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ نئون لاڙو هو، ان کان اڳ اهڙي جامع ڪوشش ڪنهن ڪانه ڪئي هئي. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مڪمل سوانح، علمي پورهيو ۽ جستجو جي تفصيلي تاريخ سمايل آهي. ان ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪمن ۽ ڪارنامن کان بخوبي آگاهه ٿي سگهي ٿو. ان نئين ادبي روايت کي ڊاڪٽر صاحب اڃان به اڳتي وڌايو ۽ شيخ اياز: هڪ مطالعو، تنوير عباسي: هڪ مطالعو، ڊاڪٽر سنديلو: هڪ مطالعو، محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو، سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو لکي، ان روايت کي پڪو پختو ڪيو. ان جي تقليد ۾ پوءِ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ خاص طور ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي ساڳي انداز ۾ ڪتاب تيار ڪرايا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهم سرمايو ثابت ٿيا آهن.
ڊاڪٽر عبدالجبار ولد سلطان احمد جوڻيجو 26 نومبر 1935ع ۾ ڳوٺ پير فتح محمد شاهه ضلعي بدين جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو، پاڻ مشهور محقق، عالم، اديب ۽ شاعر آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي شروعاتي تعليم بدين، ٽنڊي باگي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم- اي جو امتحان اعزاز سان پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1966ع ۾ بيجنگ مان چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين، جنهن ۾ پڻ پهريون نمبر کڻي امتيازي سند حاصل ڪيائين. 1974ع ۾ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب جي رهبري هيٺ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعري جو اثر.“ موضوع مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي گهٽ ۾ گهٽ گذريل ڏيڍ سئو سالن جي سنڌي ۽ فارسي شاعري جو اڀياس ڪرڻو پيو هوندو. ان کان اڳ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 1927ع ۾ ”فارسي شاعري تي عربي جو اثر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکيو هو. ڀائنجي ٿو ته ڊاڪٽر جوڻيجو، جيڪو علامه دائود پوٽي کان ڪافي متاثر هو، اهو موضوع به ان حوالي سان چونڊ ڪيو هوندائين. لاشڪ ته اهي موضوع وڏي تحقيق طلب آهن. اڄ ڪلهه ته ڪنهن شخصيت تي مضمون/مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري آسانيءَ سان حاصل ڪئي وڃي ٿي. جوڻيجو صاحب 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي پاڻ شعبي جو چيئرمين رهي رٽائر ڪيائين. ان دور ۾ به ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪوششن سبب سنڌي شعبي جو مان مٿانهون ٿيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران ”بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي، جنهن جا تمام سٺا ۽ گهرا اثر ظاهر ٿيا. 9 مئي 1993ع تي کيس سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيو ويو. ادبي بورڊ ۾ به سندس خدمتون نمايان رهيون هن پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق ڪم ڪري ثابت ڪيو ته ادبي بورڊ سنڌ جي علمي ميراث آهي، ان کي ڪنهن لابيءَ جي ضرورت نه آهي. ڊاڪٽر صاحب نه ڪنهن جي فرمائش تي ڪتاب شايع ڪيا نه وري اشاعت کان روڪيا. جيئن عام طور بورڊ ۾ ٿيندو رهيو آهي. سندس دور ۾ علم ادب، توڙي تاريخ ۽ تحقيق تي نهايت اهم ڪتاب شايع ٿيا.
ڊاڪٽر صاحب لسانيات جو وڏو ماهر آهي، هن سلسلي ۾ پاڻ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ چيني ٻولين جو ماهر آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو. سندس تعلق جيئن ته لاڙ واري علائقي سان آهي، ان ڪري هن ”لاڙ جي لغات“ ترتيب ڏني آهي، جنهن ۾ نج لاڙ جا ڪيترائي لفظ شامل آهن، پر ڪيترائي لفظ اهڙابه شامل آهن، جيڪي اتر توڙي وچولي سنڌ ۾ پڻ رائج آهن. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ لکي آهي، جيڪو نهايت ڪارآمد ڪتاب آهي ۽ ادب جي شاگردن جي سٺي رهنمائي پڻ ڪري ٿو. علي نواز جتوئي مرحوم سان گڏجي ترتيب ڏنل سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”غزلن جو غنچو“ بي- اي جي ڪورس لاءِ منظور ٿيل آهي. ان کان علاوهه سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
”سوکڙي“ (بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو 1956ع). ”اباڻو گهر“ (ڪهاڻين جو مجموعو 1958ع)، ”دانش مندي“ (ايڊٽ ڪيل 1958ع)، ”ڪنز اللطيف“ (شاهه جي رسالي بابت 1961ع)، ”سوري آ سينگار“ (ناول 1963)، ”غزلن جو غنچو“ (ايڊٽ ڪيل 1963ع)، ”سنڌيون“ (مذهبي شعر بابت 1970ع)، ”سڄڻ نت سوجهرو“ (حضور صه بابت نظم جو ترجمو 1971ع)، ”سنڌي ٻيو ڪتاب“ (نصاب 1973ع) ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو 1973ع)، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽي ايڊيشن 93-83-1973ع)، ”اڪيلي“ (ناول ترجمو 1974ع)، ”لاڙ جي لغات“ (1975ع)، ”مرگهه ترشنا“ (شعرن جو مجموعو 1976ع)، ”لطيفيات“ (ببليوگرافي 1977ع)، ”لطيف ڪوئيز“ (شاهه لطيف بابت چٽاڀيٽيءَ جا سوال 1978ع)، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ (ٿيسز 1980ع)، ”نه ڪر هار سينگار سَکي “ (ڪهاڻين جو مجموعو 1981ع)، ”سچل نامو“ (ببليو گرافي 1981ع)، ”ديپڪ ملهار“ (آتم ڪهاڻي 1984ع)، ”سنڌي لوڪ گيت“ (1985ع)، ”سليس سنڌي“ (نصاب 1989ع)، ”سنڌي ڪوئيز“ (معلومات 1989ع)، ”ونڊ سر محل جو مسافر“ (سفرنامو 1989ع)، ”لاڙ جو مطالعو“ (مرتب ڪيل 1991ع)، ”ٿر جي ٻولي“ (هدايت پريم سان گڏ 1994ع)، ”مقالا“ (بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس لاءِ ترتيب ڏنل 1988ع)، ”نرتي تند نيازسين“ (مرتب 1988ع)، ”ڪٺمال“ (تنقيدي مضمون 2003ع)، ”سنڌي لوڪ گيت“، ”سليس سنڌي“، ”سرائيڪي شاعري: ايک مطالع“ ۽ ”ميرا عشق ڀي تو“
جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڊاڪٽر جبار جو اهم ڪم مختلف شخصيتن بابت مطالعا لکڻ آهي. اهڙي طرح ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به سندس لازوال ڪم آهي. ان ڏس ۾ پهريون قدم محمد صديق مسافر کنيو هو، هن ٻن جلدن ۾ ادبي تاريخ لکي، جنهن ۾ وڏو ڀاڱو انگريزن جي دور بابت آهي. ان کان پوءِ ٻين عالمن ۽ اديبن خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪم ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ اهم آهن، پر ڊاڪٽر عبدالجبار نهايت تحقيق ۽ باريڪ بينيءَ سان اهو ڪم ڪيو آهي. سندس پهريون ڇاپو زيب ادبي مرڪز پاران 1973ع ۾ شايع ٿيو، جيئن ته اهو ڪتاب نصاب تي رکيو ويو هو، ان ڪري جلد ناپيد ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو ساڳي اداري پاران 1983ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽ معيار کي ڏسندي، سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادب جي تاريخ تفصيل سان لکڻ لاءِ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. ڊاڪٽر صاحب ذڪر ڪيل ڪتاب نهايت تحقيق ۽ تفصيل سان تيار ڪري اٿارٽي کي ڏنو. جنهن جو پهريون جلد 2004ع ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ ان دور جو چيئرمين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پروفيسر آهي. جوڻيجي صاحب جي گهڻي مطالعي ڪندڙ ۽ ادبي تاريخ لکڻ جي ڏانءَ جي حوالي سان هڪ الڳ سڃاڻپ آهي. سندس هيءَ ادبي تاريخ يقيناً سنڌي ادب جي شاگردن، اديبن ۽ ليکڪن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي، جيتوڻيڪ هن ادبي تاريخ ۾ انگ اکر ۽ ٻيو ادبي مواد اڳ ڇپيل تاريخن جيان ساڳيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب ان کي نئين ترتيب ۽ تحرير سان پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ ۾ بي حد ڪامياب ويو آهي، جيڪا ڳالهه هن ادبي تاريخ کي منفرد بڻائي ٿي.“
ڊاڪٽر صاحب جي تنقيد ۽ تحقيق جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ قديم سنڌي شاعري جي ارتقا ۽ اوسر تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. خاص طور شاهه لطيف جي فن، فڪر ۽ سوانح تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿائين. جيڪي ”لطيفيات“ ۾ نهايت اهم جڳهه والارين ٿا. لطيفيات بابت ببليوگرافي جي ابتدا به هن ڪئي. اهڙي طرح سچل سرمست تي به سندن مطالعو گهرو ۽ وسيع آهي. شاعري جي مختلف صنفن جي هيئت ۽ اوسر تي به ڪيترائي مقالا لکيا اٿائون:
نثري صنفن جهڙوڪ افسانو، ناول ۽ سفرنامو، سوانح نگاري، ڊرامو، ادبي لاڙن تي به تنقيدي مضمون ۽ مقالا لکيا اٿائون. سوانحي تنقيد ۾ به سندن ڪو ثاني نه آهي. هونئن به ڊاڪٽر صاحب افسانه نگار، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ به اعلى حيثيت رکي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا